ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

10

7-12-1954ع سام چيو: ”اسٽوئرٽ (هڪ بيمار ۽ بي گهر ڪرستان جيڪو اسان وٽ رهندو آهي) جيئن نئون گرم سوٽ پائي اڄ مٿي آيو، تيئن دل تي اهو خيال آيو تہ جيڪر تون بہ سندس سوٽ ڏسين؛ ڇا لاءِ جو تنھنجي ڪمائيءَ جي پئسن مان ئي اهو سوٽ ٺھرايل هو. وري دل جو دل ۾ ٻيو خيال آيو تہ توکان جيڪر پڇي پوءِ اهو سوٽ خريد ڪري ڏيانس ها. ترت مٿان ٽيون خيال آيو تہ تون ڪو اعتراض تہ ڪو نہ آڻيندي آهين؛ جنھن صورت ۾ مان ئي پيو ٿو گهر جو خرچ هلايان، تنھن صورت ۾ اهو بس آهي جي مون فقط ڏٺو. وڌيڪ پڇڻ يا چوڻ جي ڇا ضرورت آهي؟ تنھن بعد سنجها جي وقت جيئن ڌيان ۾ هيس تہ اوچتو هي خيال هڪ اعلاني صورت وٺي آيو، تہ ڪنھن بہ اڌين جو، ڀلو ڪرڻ يا ان جي پرداخت ڪرڻ، سا پنھنجي خاص جوابداري ڪري سمجهہ ۽ اُن تي ٻيو ڪا مھرباني ڪري، تہ اُها پاڻ تي مھرباني ٿيل سمجهہ، تنھن ڪري تون ٻين جا شڪرانا مڃ. ڇا لاءِ جو اهو هڪ توتي احسان ٿيل آهي.“ هي مان ان ڪري درج ڪريان ٿي جو سام جي لفظن ۾ سچو امنگ آنساني محبت جو سمايل آهي ۽ اهو بتايل آهي تہ شيوا جو آدرش ڪيڏو نہ اونچو آهي.
***


18-12-1954ع سنڌيا کان پوءِ جيئن مان نيم موجب سام ساڻ ملڻ ايندي آهيان ۽ دعا وٺڻ جي چاهنا رکندي آهيان، تيئن اڄ بہ ڪيم. سندس ڪمري جو در کولي جهاتي پاتم تہ ڏٺم اُن وقت هو پنھنجي خيال ۾ مگهن هو، مون کي ڏٺائين مگر پنھنجي آنند روپي تار شايد ٽوڙي نہ سگهيو ۽ مون سان ڪجهہ ڪونہ ڳالھايائين؛ تنھن کان پوءِ جڏهن ليئو پاتم تڏهين چيائين تہ تنھنجي موٽي وڃڻ کان پوءِ منھنجي دل هي خيال آيو: ”شل اڻ ڳولھيو پريتم ڪنھن کي نہ ملي. ڇا لاءِ جو اڻ ڳوليو ملندو تہ متان سڃاڻي نہ سگهونس! پوءِ متان رسي وڃي يا گهڻي دير گم ٿي وڃي! تنھن ڪري شل طلب سدس هميشہ قائم رهي!“
سام وڌيڪ چيو: ”اهو خيال ان ڪري آيو جو تو مون کي هڪ وقت چيو هو تہ سنڌيا جي ڌيان پوري ٿيڻ کان پوءِ مون کي سڏ ڪندو ڪر يا تاڙي وڄائيندو ڪر تہ مان هلي اچان؛ نہ تہ ٻہ ٽي ڀيرا ڏسڻو پوندو اٿم! اهو خيال بہ من تي آيو، پر چيم تہ ڀل هوءَ ڏسندي رهي ۽ ڳولھڻ سکي، جيڪا شيءِ اڻ گهري يا مند جي اچڻ کان اڳ ملي ٿي تنھن ۾ ميٺاج گهٽ رهي ٿو. تنھن ڪري اڳتي توکي سڏ ڪونہ ڪبو. تون پاڻ ان وقت جو انتظار رکندي ڪر. ان ريت مزو وڌيڪ ملندءِ!“
***


24-12-1954ع مون سام کي چيو: ”اڪبر آشرم جو تحرڪ ڪراچيءَ وارو هلائيندا اچو ها تہ جيڪر ڪيترو نہ سٺو ٿئي ها! اُن کي ڇڏي ڏيڻ ڪري هي ڪم پٺتي پئجي ويو آهي. هونئن جيڪر گهڻو ڪم ٿي سگهي ها.“
سام کلي چيو: ”اسان ڪجهہ بہ ڪونہ وڃايو آهي. زندگي پيئي ٿي هلي. جيتريقدر سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گهاريون ٿا، اوتري قدر ضرور اها ڦلدائڪ ٿيندي. ڪوبہ ڪرم چڱو چاهي برو نشڦل نٿو وڃي. جيڪڏهن ڪن گهرو يا پنگتي حالتن جي ڦيرن اچڻ ڪري اسان جي آشرم جو ڪم بند ٿي وڃي تہ ان ڪري اسان جي زندگي ۾ ڪو سچ پچ خيال پيدا ٿيڻ نہ گهرجي. بعضي بعضي پنھنجي ڪرمن ۽ ويچارن جو ڦل ڏسڻ ۾ ڪونہ ايندو آهي مگر اهو دير سان ڪٿي نہ ڪٿي ضرور وڃي ظاهر ٿيندو آهي. نہ رڳو ضروري فرض زندگيءَ جا هن عرصي ۾ ڪي پورا ڪري ورتاسين. پر سنساري زندگيءَ ۾ گهري پوڻ سان پنھنجي خيالن جي چڱي چڪاس ورتيسين. جيڪي خيال آزمائش ۾ نٿا اچن سي وائي آهن يعني انھن ۾ ست ڪونہ آهي. اها خوشيءَ جي ڳالھہ آهي جو هيترين مشڪلاتن ڏسندي بہ پنھنجي خيال کي چھٽيا پيا آهيون ۽ اها خيال جي دونھين بہ دکندي رهي ٿي. سچي شيوا جا ڦل لڪل پر مٺا ٿين ٿا مثال طور تنھنجي زندگي سڄي ۽ هي ڊائري تنھنجي سي ٻيئي هن عرصي ۾ گهڙجي راس ٿيون آهن. ائين نہ آهي تہ ڪو مان پاڻ کي خوش ڪري وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت کي ٽاري ٿو ڇڏيان مگر اهو منھنجو وشواس آهي تہ چڱن ڪمن جي شروعات هميشہ ماٺيڻي ۽ بنا ڏيک ويک جي ٿيندي آهي. چوڌاري وڏن وزيرن، ملڪ جي مدبرن يا جنگي جوڌن جا ڪارناما ڏسي ۽ ٻڌي شايد اهو توکي خيال ايندو هجي تہ اسين انھن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهيا آهيون؛ مگر اهو خيال سراسر غلط آهي. ائين برابر آهي تہ تنھنجي ۽ منھنجي زندگي غريباڻي لباس ۾ آهي. پر غريب ٿيڻ بہ چڱو آهي؛ نہ رڳو ايترو پر اهو لڪ خود خيال جي خوراڪ آهي. انھيءَ وقت ۾ پنھنجي خيال کي نپائي وڏو ۽ مضبوط بڻايو اٿئون. جيترو وڌيڪ عرصو ان جي پالنا ڪرڻ تي خرچ ڪيو اٿئون اوترو وڌيڪ سندس بالغپڻو جٽادار رهندو. اڄ ڪرائيسٽ جي جنم جي رات آهي؛ جنھن جو چوڻ هو تہ بھشت جي حڪومت غريبن ۽ مسڪينن لاءِ آهي. اچ تہ انھيءَ آدرش ۾ پنھنجو اعتقاد وڌايون ۽ دنيا جي هل هلاچي ۾ پنھنجي خيال کي بلڪل ٿڙڻ يا گم ٿيڻ نہ ڏيون ۽ ماٺ ميٺ ۾ سچي زندگي گهاريندا رهون. جيڪي سچائي ۽ صدق رکن ٿا انھن جي زندگي نشڦل هرگز نہ ٿي ٿئي. ايشور هر طرح انھن جو حامي ٿئي ٿو. لڪ انھنجي اندروني واڌاري لاءِ ضروري آهي. ڏس ڪرائيسٽ خود هڪ واڙيءَ ۾ ڄائو هو. ايڏي وڏي پريم جي تحريڪ جي شروعات اهڙي غريب ۽ ماٺيڻي نموني ۾ ٿي! نہ رڳو ايترو پر گهڻو ڪري دنيا جا وڏا مذهبي ۽ خيال اڳواڻ بندي خانن ۽ غريبي حال ۾ پيدا ٿيل ٻڌجن ٿا. جي ٻيءَ طرح ڄاوا ۽ نپنا، تن ڪجهہ وقت لاءِ غريبي اختيار ڪئي هئي. ڇا پوءِ بہ اسين هن ماٺيڻي ۽ گمنام طريقي زندگيءَ جي تي رنج رهي سگهون ٿا؟“
***


29-12-1954ع اڄ ڊپٽي صاحب گهڻن ڏينھن کان پوءِ اسان وٽ آيو، سندس خيال اسان جي گهر سامھون هڪ نئين ٺھيل گرجا ڏانھن ڇڪجي ويو. مون کان پڇيائين تہ توهين اتي ويندا آهيون؟ سام کيس چيو تہ ٽي آمريڪن فئمليون اتي ڪم ڪرڻ لاءِ آيل آهن؛ اهي اسان کي اچي ڪوٺ ڏئي ويا هئا، تڏهن اسين هڪ ڀيرو انھيءَ گرجا ۾ وياسين. هو سٺي سڀاءَ وارا نوجوان آهن، جن جي سنگت ۾ مزو پيو اچي، ورنہ تبليغ وارن مرڪزن کان اسين پاسو ڪندا آهيون.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تبليغ ۾ ڪھڙو اعتراض آهي؟ خاص ڪري ڪرستان مشنري تہ سٺي شيوا جو ڪم ڪري رهيا آهن.“
سام چيو: ”ڪنھن بہ ڪم جي چڱائي يا ڪسائي سندس ظاهري مشهور ڪيل مقصد تي نہ پر اندروني سچي مراد تي مدار رکي ٿي. ان جي سٺائيءَ جو اندازو ٻاهرين ڏيک ويک مان لڳائي نہ ٿو سگهجي. ڪي مشنري اها مراد رکندا آهن تہ ماڻھن کي ريبي پنھنجي مذهب ۾ آڻيون. ائين برابر آهي تہ اسين سڀئي پنھنجي پنھنجي خيالن جو پرچار ڪريون پيا ۽ چاهيون ٿا تہ اهي خيال ٻين کي بہ وڻن، پر خاص مقصد پنهجي مذهب وڌائڻ جو، سو دنيا ۾ جهڳڙي وڌائڻ جو باعث ٿي پوي ٿو. ان ڪري جن فرقن ۾ تبليغ ڪرڻ جو رواج آهي اسين عام طور انھن کان پري رهندا آهيون.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ڇا، جي ڪرستان ڪجهہ وڌي ويا تہ هت جهڳڙو پيدا ٿيندو؟“ سام چيو: ”جيڪڏهن ڪرستان هڪ پاسي ڇڪيندا، هندو ٻئي پاسي ڇڪيندا ۽ مسلمان ٽئين پاسي ڇڪيندا ۽ پنھنجي پنھنجي مطلب لاءِ هو ماڻھن کي لالچائڻ شروع ڪندا تہ ضرور جوش و خروش وڌندو ۽ بدامني پيدا ٿيندي گڏيل پئليسٽائين ۾ ڏسو ها تہ يھودي ڪرستان ۽ مسلمان چڱي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ اتي هن جي سرگرمين ڪري ايتري خيال جي گرمي وڌندي رهي جو صدين ۾ پئليسٽائين ڪڏهن اندروني صلح يا شانتي ڪانہ ماڻي. اهڙيءَ طرح جي ڪڏهن ٻين ملڪن ۾ بہ اهڙيون سرگرميون بنا روڪ ٽوڪ جاري رهنديون ۽ جيڪڏهن هاڻوڪي صورت ڦري ويئي يا ننڍن فرقن وارا وڏي تعداد ۾ اچي ويندا تہ بدامني پيدا ٿيندي. تنھن ڪري مان انھيءَ خيال جو آهيان تہ تبليغ وارن تي ڪي بندشون پوڻ گهرجن، جيئن تعليم ۽ دواخانن جي سھولت بنا ڪنھن مذهبي پرچار جي ميسر ڪن تہ ڀلي ڪن ورنہ اجازت اهڙن مرڪزن کولڻ لاءِ کين نہ ڏني وڃي. خيال جي سچي ڏي وٺ ۾ ڪو اعتراض ڪونہ آهي، مگر پنھنجي مذهب جي واڌاري لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون کولي[1] پرچار ڪرڻ سو هڪ ناجائز رستو آهي. جيئن سياسي چونڊن ۾ جيڪو اميدوار ووٽن لاءِ پئسا يا ڪا بہ لالچ ڏئي ٿو، يا حد کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿو تہ اهي ڏوهي ٺھرايو وڃي ٿو، تيئن مذهبي تبليغ ۾ پڻ پئسي ۽ ٻين سھولتن جو ڏيڻ يا ڪنھن جي غربت جو فائدو وٺڻ قانوني گناھہ ٺھرائڻ گهرجي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”انھيءَ ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪو گهرجائو هجي ۽ تبليغ وارا کيس پئسا لٽايا تعليم ڏئي سڌارن تہ پوءِ ڇو نہ هو پنھنجو مذهب مٽائي؟“
سام چيو: ”مون کي هڪڙو مثال ياد آيو آهي. هڪڙي ڇوڪري کي ڪراچيءَ جي هڪ ڪرستان اسڪول ۾ تعليم ڏني وئي. هن جي خيال تي گهڻو اثر ڪونہ پيو مگر ڏٺائين تہ جيڪڏهن ڪرستان ٿيندس تہ مون کي بمبئي جي ڪنھن وڏي ڪاليج ۾ ڪرستان پادري موڪلي ڏيندا. تنھن ڪري هن ٿوري وقت لاءِ پنھنجو ڌرم مٽايو. تعليم وٺي جڏهين پوري ڪيائين تڏهن وري هو هندو ٿي رهڻ لڳو، اهڙي هرکائڻ وارا مثال اڻ سڌيءَ طرح لالچ آڇڻ جا ٻيا بہ گهڻا ئي ملي سگهندا. انھن تي بندش پوڻ گهرجي جو اها سچي تبليغ نہ آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مون کي تہ انھيءَ ۾ ڪو اعتراٰض ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ جي ڪنھن کي پڙهائي ۽ وڌيڪ ڪرائتو ڪجي. پوءِ ڇاهي جي هو ڌرم مٽائي ڇڏي؟“
سام چيو: ”اهي ڳالھيون ٻن سببن ڪري اجوڳ نظر اچن ٿيون. هڪڙو تہ ڪو ماڻھو پنھنجو مذهب يا نيت ڪن شخصي فائدن لاءِ ڦيرائي ڇڏي تہ انھيءَ ۾ سندس چال (Character) جي گهٽتائي آهي. ٻيو هي سمجهڻ کپي تہ جن شين جو واسطو بدن سان آهي، انھن جي بدلي ۾ اسان کي ڪنھن جي عقيدن مٽائڻ جو حق ڪونہ آهي. انھن جي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان جيڪڏهن ڪو اسان جو ضمير ڦيرائڻ گهري ٿو تہ اهو هڪ قسم جي چوري ڪري ٿو. مذهب ڦيرائڻ لاءِ خيال جي تبديلي کپي ۽ نہ خيال کي گمراھہ ڪرڻ کپي. انھيءَ سچي تبديل لاءِ ڀلا ڇو ڪنھن کي ايترو انتظار ڪرڻ کپي جيترو تبليغ وارا ڏيکارن ٿا؟“ جيڪڏهين دنيا مان ڪرستان مت يا ٻيو ڌرم مان گم ٿيندو ڏسان تہ جيڪر مون کي بيحد دک پھچي. جيئن هڪ وڏي باغ مان هڪ سھڻو ٻارو گلن جو ٻوڏ هيٺ اچي گم ٿي وڃي تہ انھيءَ جو ارمان ٿي پوي. هي سڀ ڌرم ۽ فلسفا انسان جي خيال جي پئدائش آهن؛ دنيا جي باغ ۾ گلن مثل آهن. سڀ پنھن جي پنھنجي جاءِ والارين ٿا. جن کي جتي خالق خلقيو آهي، اتي انھن کي رهڻ ڏجي. انھن جي ڊاهڻ يا ڦيرائڻ جي ڪا بہ ڪوشش ڪرڻ نہ کپي. انھن جي ٺاهيندڙ کي ئي خبر آهي تہ اهي ڪيستائين ضروري آهن. پنھنجو پاڻھي علم و عقل جي آزمودن جي واڌاري سان اندروني طرح اسان جي ريتن ۽ متن ۾ تبديلي اچي ٿي. اها ڦير گهير ڪافي آهي. پر جيڪا ڪوشش ان باري ۾ تبليغ وارا ڪن ٿا انھيءَ ۾ مان ڪا چڱائي ڪانہ ٿو ڏسان. مان جيڪر انھن کي چوان تہ قدرت جي ڪم ۾ هڪ قسم جي اٻھرائي ڪري رهيا آهن. ڪنھن بہ صورت ۾ لالچ سان مذهب ڦيرڻ يا ڦيرائڻ سو هڪڙي نيچ ۾ نيچ اوزار کان ڪم وٺڻو آهي. هڪ پاسي تمام وڏي بندوبست يا ڌن وارا، زوردار ملڪن جي اڻ سڌيءَ مدد سان، سڄي دنيا اندر تبليغ ۾ مشغول هجن ۽ ٻئي پاسي نامنظم (Uoorganised) مجموع هجن سو انصاف جي خلاف آهي. ان ريت ننڍا گروه بي سمر ۽ بي سھاري، مگر سٺا سٺا خيال ۽ مت رکندڙ گم ٿيندا وڃن، ان ۾ مان انسان ذات جي هاڃيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ ڏسي نٿو سگهان. البت ائين برابر آهي تہ پنھنجي راءِ ظاهر ڪرڻ جو هر ڪنھن کي حق آهي.
”هي سڄي دنيا ۾ ڪن وڏن فرقن جو ڄار وڇايل اڻ سڌيءَ طرح گذريل وقت ۾ جنگين جو ڪارڻ بڻيو آهي. ڏاڍي ۽ هيڻي کي گڏ ميدان ۾ انھيءَ نموني ڇڏي ڏيڻ ٺيڪ نہ آهي. پر ايشور کي بہ شايد ڪو طوفان کڙو ڪرڻو آهي جنھن ۾ اهي ڏاڍا، هيڻا، ’سچا‘ ۽ ڪوڙا مذهب سڀ ٻهاري ٻاهر ڦٽي ڪرڻا اٿس!“
***


13-2-1955ع اڄ ڊپٽي صاحب، صوفي صاحب ۽ هڪ مسلمان انجنير دوست جنھن جو اڳي ذڪر ڪيل آهي، اسان وٽ آيا، ڊپٽي صاحب شندوگيه اُپنشد مان ڪجهہ پڙهيو. جڏهين بحث ڪرم ۽ ڪرم جي ڦل تي هليو تڏهين سام ان انجنير دوست کي سمجهائيندي چيو: ”منھنجي خيال موجب ڪرم ۽ ڪرم جي ڦل ۾ ڪا وٿي ڪال ۽ ديس جي ڪا نہ ٿي پوي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اسلام ائين نہ ٿو مڃي. اسلام موجب هتان جي ڪرمن جو ڦل قيامت ڏينھن ملڻو آهي. ان لاءِ توهان ڪھڙي ٿا سمجهاڻي ڏيو؟“
صوفي صاحب چيو: ”اها ڳالھہ هڪ بزرگ اسان کي هينئن سمجهائي هئي. سئنيما ۾ کيل ڏسجي ٿو؛ کيل وارن تہ اهي ڪم ڪي مھينا يا سال اڄ کان اڳي ڪري ڇڏيا هئا. مگر تنھن هوندي بہ پڙدي تي اهي ڪم اڄ اسين ڏسي سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح هن جسماني پتلي گم ٿيڻ تي اهي ڪم گم نٿا ٿين. روح جي پڙدي تي سئنيما جي پڙدي وانگر اهي چٽيل رهن ٿا ۽ وري ڏسڻ ۾ وقت يعني قيامت جي ڏينھن ظاهر نظر اچن ٿا.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ناٽڪ جي پڙديتي سزا طور تير ڪڇي هڻو تہ ڪنھن ائڪٽر کي سچ پچ سندس ڪيل گناھہ جي سزا ڪانہ ملي ويندي، ڇا لاءِ جو اهو سچو ائڪٽر نہ آهي. مگر روح کي قيامت جي ڏينھن سزا يا ثواب جو ڀاڱو ملڻو آهي. تنھن ڪري ناٽڪ جي پڙدي وارو مثال هت لاڳو نہ آهي.“
سام چيو: ”اسان کي ڪرم جي اصول يا (Theory) سمجهڻ لاءِ ڪنھن مذهب جي عقيدن ڏانھن نھارڻ نہ گهرجي. پنھنجي خيال ۽ آزمودي مان گهڻو اسين چئي سگهون ٿا. جيئن مون اڳي ڪيترا ڀيرا چيو آهي. هيڏي ساري وگيانڪ اصولن تي ٻڌل ۽ اڻ ٽر قانون سان هلندڙ سرشٽيءَ جو ڪاروبار، جو خود بخود هلندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو ڪيئن اهڙو سست يا پٺتي پيل ٿيندو جو ان ۾ ڪرم جو ڦل هن کان پوءِ ڪي سال يا صديون ملي؟ اها ڳالھہ مڃڻ ئي ٻاراڻيءَ ٻڌيءَ جي شاهدي ڏيندي. منھنجو خيال آهي تہ برائيءَ جو نتيجو برائي ڪرڻ سان ئي ملي وڃي ٿو ۽ ڀلائي جو نتيجو ڀلائي ڪرڻ سان ڳنڍيو آهي. سا پورڻ نہ چئبي جيڪڏهين ڪرم جي نتيجي ڏيڻ ۾ ايتري دير وجهي ٿي.“
نئين انجنيئر دوست چيو: ”مثال وٺو هڪ بلئڪ مارڪيٽ ڪندڙ ڏوهي ماڻھوءَ جو. هو پئسا هٿ ڪري پنھنجي حياتيءَ مزي ۾ گذاري ٿو. اسين چئون ٿا تہ هن کي برائيءَ جو نتيجو نيٺ ڪنھن وقت ملندو. پر جي توهان چئو ٿا تہ اتي جو اتي کيس نتيجو ملي ويو ۽ ٻڌايو هن کي ڪھڙو نتيجو مليو؟“
سام چيو: ”نتيجا ڪرم جا يا انعام ۽ سزائون اسان کي دنيوي عشق يا غريبيءَ ۾ هروڀرو ڪو نہ ٿيون ملن. گهڻو مال گڏ ٿيڻ خود هڪ سزا ٿي سگهي ٿي، ڇا لاءِ جو اهو چنتا ۽ بيقراري پيدا ڪري سگهي ٿو. گرو نانڪ جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ پنھنجي ٻن چيلن ٻالي ۽ مرداني سان گڏ وڃي هڪ سکر ماڻھوءَ وٽ مھمان ٿيو؛ هو پنھنجي ڌن دولت جي غرور ۾ هيو؛ هنن فقيرن جي ڪا بہ خدمت ڪا نہ ڪيائين. صبح جو موڪلائيندي کيس آسيس ڪيائون تہ بابا شل اڃان وڌندين ويجهندين! ٻئي هنڌ وري رات پين، جتي سندن گهڻي خدمت ڪئي وئي، اهو گهر وارو هڪ غريب ماڻھو هو ۽ ڀڳتيءَ جي مارگ تي هلندڙ هو. کيس هڪ ٻڪري هئي، جنھن جي چنتا سندس ڀڳتيءَ ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي. صبح جو موڪلائڻ وقت بابا نانڪ هن کي دعا ڪري چيو تہ شل ايھا ٻڪري بہ هلي ويندءِ! گرو نانڪ جي چيلن کائنس انھي ڳالھہ جي سمجهاڻي پڇي. تہ جنھن هيترو غرور ٿي رکيو تنھن کي جهجهيون دعائون ڏنو، ۽ غريب شيواڌاريءَ کي ٻڪريءَ جي کسجڻ جو پاراتو ڏنوَ. سو ڇو؟ گرو نانڪ اهو راز کولي ٻڌايو تہ هيءَ ٻڪري سندس ڀڳتيءَ ۾ ڀنگ پئي وجهي. هن مثال مان ائين سمجهڻ گهرجي تہ شايد ان مغرور دولت مند کي اڃا دک پسڻ جي ضرورت هئي، جنھنڪري سندس آتمڪ انتيءَ لاءِ دک جو باعث هيءَ دولت وڌڻ جي دعا کيس ملي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”چئبو تہ انھيءَ کي پٽيائين!“
سام چيو: ”اسان کي دک سک جو مسئلو ان ريت سمجهڻ نہ گهرجي تہ ڪو ايشور اسان جو دشمن آهي، يا هوڪو قهاري حاڪم آهي جو ساڙ کان انسان کي دک پيو پلئي وجهي. مگر دک ۽ سک ٻئي جيوت جي واڌاري لاءِ جيوت جا ضروري جزا سمجهڻ گهرجن. جيئن نيگيٽو ۽ پازيٽو جزا بجليءَ جا پاڻ ۾ ملي پرڪاش پيدا ڪن ٿا؛ جيئن رات ۽ ڏينھن هن ڌرتيءَ جي انتظام لاءِ فائدي مند ٿين ٿا، تيئن دک سک خود من جي جاڳرتا لاءِ ضروري ٿين ٿا. دک خود سچي سک جي چاهنا پيدا ڪري ٿو. مثال طور جيئن گهڻي ڊڪ ڊوڙ ۽ جانفشانيءَ کان پوءِ گهر هڪ بھشت ٿي نظر ايندو آهي، تيئن دکي انسان جو من سچي سرڳ جي چاهنا رکندو آهي. رواجي سک خود ان علاجي دک ڏانھن ڇڪجي وڃن ٿا. اُهو سچو سک يعني آنند هن سنساري دکن ۽ سکن کان مٿي آهي. دک ۽ سک حقيقت ڪري ڪجهہ ڪين آهن. اهي فقط اثر آهن جي پنھنجي ڀاونائن ۽ مرادن تي مدار رکن ٿا. تنھن ڪري انھن کي سزا يا انعام ڪري ڳڻڻ نہ گهرجي. جڏهين سچو آنند حاصل ٿيندو، تڏهين دک، سک، ڪرم، مرادون ۽ سڀ ڀاونائون گم ٿي وينديون. اهي سڀ نالي ماتر محسوس ڪيا ويندا.“
***


20-4-1955ع هتان جي هڪ نئين آفيسر سان اسان جي ڏيٺ ويٺ ٿي. سندس عورت جو رلڻو ملڻو سڀاءُ آهي. ان جي بيمار ٿي پوڻ ڪري هينئر خاص ڪري مون کي وٽس وڃڻو پوندو آهي. ساڻن ڪافي پنھنجائي ٿي وئي آهي. هڪ لڱا ان آفيسر پنھنجي پتا کي ياد ڪندي چيو تہ منھنجي ساڻس سڀ کان وڌيڪ محبت هئي ۽ هو مون کي سڀني ٻارن کان گهڻو پيار ڪندو هو. سام جنھن کي هن جوڙي جون گهڻيون ڳالھيون ٻاراڻي طور وندرائيندڙ لڳنديون آهن، تنھن کيس رد ڏيئي چيو تہ اها ڳالھہ پوري نہ آهي، ڇا لاءِ جو محبت ۾ ڪي فرق ڪونہ ٿيندا آهن.
اسان جي آفيسر دوست چيو: ”فرق ضرور ٿئي ٿو. محبت ڪنھن سان ٿوري ڪنھن سان گهڻي ڪجي ٿي.“
سام چيو: ”ائين کڻي چئجي تہ واهپو يا لاڳاپو ڪنھن سان گهٽ ڪنھن سان وڌ ٿئي ٿو؛ مگر محبت آتما جو انس آهي، ۽ جيئن آتما ۾ ڪو فرق ڪونہ آهي تيئن سچي محبت ۾ بہ ڪو فرق ڪونہ ٿو رهي. عام طرح محبت اکر اسين ڦلھڙي نموني ڪم آڻيون ٿا. مگر مان اشارو ان محبت ڏانھن ڪريان ٿو جا آتما مان آتما جي لاءِ پيدا ٿئي ٿي. ان جا ٻيا نالا انسانيت ڌرم يا فرض ادائي کڻي چئجن. ان ريت مان چئي سگهان ٿو تہ مون کي پنھنجي ٻارن لاءِ يا ٻين عزيزن لاءِ ۽ اوهان دوستن لاءِ جن سان دلي واهپو اٿم، ساڳي محبت آهي، توڙي جو انھن سان ٻاهران ناتا ساڳيا نہ ٿا رهن.“
اسان جي دوست ان ڳالھہ تي بحث ڪونہ ڪيو، مگر مون ۾ ذرا رنج پيدا ٿيو جو سام منھنجي بہ ٻين سا مشابھت ڪئي ۽ چيائين تہ ٻين کي بہ مان اوتروئي ڀانيان ٿو. مون ڪجهہ چرچي ۾ ۽ ڪجهہ ساڀيا ۾ کيس چيو: ”توهان جو پيار يا تہ اڇاتو هوندو يا تہ زمينداري نموني بٽئي ٿيل چئبو، جو منجهس سڀ هڪ جيترا حصيدار آهن!“
سام چيو: ”راڌا ڪنھن وقت ايترو تہ ڪرشن سان پاڻ کي هڪ سمجهندي هئي جو هر جاءِ سندس صورت پئي پسندي هئي. اهڙيءَ طرح اسان جو هڪ نثري نظم آهي جنھن ۾ راڌا چوي ٿي تہ مان پاڻيءَ جي ڇولين ۾ ڪرشن جي مورت ڏسان ٿي؛ وڻ جي پنن مٿان چٽيل ليڪن ۾ سندس پوتر نام جا اکر پڙهان ٿي؛ ڪڪرن جي قطارن ۾ ڪرشن جي گائين جون صورتون سڃاڻان ٿي؛ منجهن گرڪل جا چراگاھہ ۽ چارا ڏسان ٿي. هيءَ بہ ساڳي ڳالھہ ڪري سمجهہ. انسان آتم درشي ٿئي ٿو تہ ان کي هر جڳھہ ساڳيو سروپ نظر اچي ٿو.“
مون چيو: ”مگر راڌا ائين تہ ڪٿي ڪونہ چيو آهي تہ مان ڪرشن جيترو پيار ٻين کي ڪريان ٿي!“
سام وراڻيو: ”جڏهن ٻيو ڏسي ئي ڪونہ ٿي تہ پوءِ ٻين جي پيار جو سوال ئي ڪھڙو ٿو اٿي؟ جڏهن هوءَ ڪڪرن، پاڻيءَ ۾ هوائن ۾ خود ڪرشن ٿي ڏسي تہ پوءِ سندس پيار جو مقصد ضرور هڪڙو ئي چئبو. ان ريت تون سمجهہ تہ اسين هڪ ئي آتما انھن پيارين شين ۾ ڏسون ٿا، يعني پيار آتما ڪارڻ ڪريون ٿا. پيار ۾ ڪا حصيداري يا بٽئي پڻ ٿي ڪانہ ٿي سگهي؛ پيار آتما جي آتما ڏانھن ذاتي ڇڪ آهي. اپنشد جي رشين جي اها ڳالھہ اسان اڳ بہ دهرائي آهي تہ پٽ، زال، ڀاءُ وغيرہ پيارا آهن آتما ڪارڻ، باقي ناتا زماني جا جيڪي آهن تن ۾ ڏي وٺ ٿي سگهي ٿي پر انھن کي پيار جو نالو نٿو ڏئي سگهجي. جدا جدا ماڻھن سان انساني فرض ادائي جدا جدا نموني نڀائي وڃي ٿي؛ برابر اسين ڪمايون پنھنجي گهر ٻار لاءِ ٿا مگر پيار آتما ڪارڻ سڀني کي ڪري سگهون ٿا. خيال ۾ ڪو اهڙو موقعو آڻ جي ٻئي جو سونپيل ٻار (مثال طور ڀاءُ جو) ۽ پنھنجو ڄڻيل ٻار هڪ ....................... ۾ هجن. سمجهہ کڻي اهي توکي ئي سونپيل هجن. ان وقت ٻئي جي ڄڻيل ٻار کي پرائو سمجهي ڦٽو ڪري ڇڏڻ وڌ ۾ وڌ نيچتا جھڙو ڪم ٿيندو. بلڪ اهڙا گهڻا مثال زندگيءَ ۾ ٿيا آهن جو پنھنجي ڄڻيل اولاد کي وساري انسانن، ڪجهہ وقت لاءِ پاڻ کي بہ وساري ٻين سان فرض پاليو آهي. اهوئي آهي پيار آتما ڪارڻ. اها فرض ادائي يا سڀني جو ڀلو چاهڻ يعني انسانيت جو قائم رکڻ سڀ کان اتم ڌرم آهي. ان ۾ ڪو بہ فرق ٿي ڪونہ ٿو سگهي.“
تنھن کان پوءِ مورتي پوڄا جو ذڪر نڪتو. ان آفيسر چيو اسلام ۾ مورتي پوڄا هر حالت ۾ گناھہ آهي. ازانسواءِ هي سمجهڻ گهرجي تہ سچي تصوير ڪرشن جي يا ٻئي ڪنھن پيغمبر جي ملي ڪانہ سگهندي. تنھن ڪري مندر ۾ يا گهر ۾ اهڙين تصويرن رکڻ ۾ ڪو فائدو ڪونہ آهي. پنھنجي خيال مان ﷲ جون صورتون چٽڻ سو ناجائز آهي. ڇا ڪاڻ جو ﷲ بي چون، بيمثل آهي.“
سام چيو: ” تڏهين جھان ۾ هي صورتون سڀ ڇا جون ٿا ڏسون؟ انھن ۾ ڪير سمايل آهي؟“
اُن آفيسر چيو: ”اسلام جي ٿيالاجي (Theology) موجب ﷲ انھن جو پيدا ڪندڙ آهي؛ مگر اهي ﷲ جون صورتون نہ آهن.“
سام چيو: ”هو مذهب ۽ فلاسافيءَ جو هڪ جهونو سوال آهي. پڇي سگهجي ٿو تہ ﷲ ڇا مان اهي سڀ شيون پيدا ڪيون؟ صوفي ڪلمي جي منڍ جي اها معنيٰ ڪن ٿا تہ ﷲ کان سواءِ ٻيو ﷲ يعني ﷲ جو ضد ڪو ڪونہ آهي. پر جيڪڏهن اها ڳالھہ مڃجي تہ ﷲ هر جاءِ حاضر آهي ۽ هر شيءِ ۾ سمايل آهي يا فقط ايترو ئي کڻي مڃجي تہ سڀ جوڙ انھيءَ جي آهي تہ پوءِ انھيءَ جوڙ ۾ ضرور انھيءَ جا ڪي اُڪار، ڪي وصفون يا شاهديون سندس ذات جون خود موجود هونديون. ان نموني نہ رڳو پوڄا واري مورتي پر سڀ صورتن ۾ ﷲ جي شاهدي ملي ٿي. مان تہ پوڄا لاءِ ڪنھن مورتيءَ تائين بہ ڪو نہ ترسندو آهيان. ارادو ٿيندو تہ ڪنھن ڀت يا ميز جي سامھو کڻي مٿو ٽيڪيان! جيتوڻيڪ قبول ڪريان ٿو تہ مٿو ٽيڪڻ بہ هڪ ٻاهريون نمونو آهي جنھن ۾ اندر جو ڀاءُ ظاهر ٿئي ٿو. عبادت جا ٻيا بہ گهڻا نمونا آهن. ڪڏهين بنا مٿي ٽيڪڻ ۽ يا پريئر ڪرڻ جي. فقط خيال جي هيڪڙائي حاصل ڪرڻ سان، هن سرشٽيءَ جي سرجڻھار ساڻ وجودي هيڪڙائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان ريت اولھہ طرف منھن ڪري نماز پڙهڻ سو بہ مورتي پوڄا وانگر خيال جي هيڪڙائي آڻڻ جو هڪ ذريعو ڪري سمجهڻ گهرجي. حج ڪرڻ وقت ڀلا ڇو ٿو ڪاري پٿر کي چمجي يا ڪعبت ﷲ کي طواف ڪجي؟ ڇا ان ۾ خود اهو هيڪڙائي حاصل ڪرڻ وارو اصول يا ڀاو سمايل ڪين آهي؟
ان آفيسر چيو: ”اهو پٿر تاريخي آهي. حضرت ابراهيم جي وقت کان هليو پيو اچي. مگر ان جي پوڄا ڪانہ ٿيندي آهي. انھيءَ سان ڪي يادگيريون ڳنڍيل آهن؛ جن جو خيال ڪري دل خوش ٿئي ٿي.“
سام چيو: ”وري ڏسو! جڏهن حضرت ابراهيم جو خيال دل تي اچي ويو تہ ان جي چٽي صورت نہ ڄاڻندي بہ ڪي خيال سندس صورت بابت دل تي چڙهي اچن ٿا. مثل طور اتان جا پھاڙ رڍون، ڏاچيون وغيرہ ۽ ان وقت جا ڍنگ پوشاڪ وغيرہ جا، جن ۾ اسين ان جو تصور ڪري سگهون ٿا. خاص چٽي تصوير نہ پر ڪا مڙيوئي تصوير خيال ۾ ان وقت جي اچي ٿي. تنھن جي معنيٰ تہ تصوير سان خيال گڏيل آهي. تصوير خيال جي ٽيڪ آهي. حقيقت ڪري خيال روپ رهت يعني تصور کان آجو ڪڏهين بہ ڪونہ آهي. من جي ايڪا گر ٿيڻ وقت روپ گم ٿي وڃن ٿا، تہ خيال بہ ڀاو سان ملي پاڻ ان ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. پر هيءَ هڪ اندروني تجربي جي ڳالھہ آهي جا عام طور مشڪل سمجهي ويندي. جنھن وقت ڪو خيال ڪبو تہ جيتري قدر اهو چٽو هوندو اوتري قدر ڪي روپ يا ڪي ليڪا نشان، مڙيوئي ان جا ٺھي ايندا. مثال طور ڪاٺ جڏهن خيال ۾ آڻيون ٿا تہ ڪاٺ جو بنڊ يا وڻ يا ڏنڊو ڪرسي وغيرہ ٺھيل شيءِ ڪاٺ جي ڪانہ ڪا خيال ۾ ڏسون ٿا. هاڻي جيتوڻيڪ ڪاٺ، ڏنڊي، ڪرسيءَ ميز يا وڻ کان نيارو آهي، ڇا لاءِ جو اهي سندس لازمي طور مقرر صورتون نہ آهن، تڏهين بہ اسان کي انھن جي خيال ۾ آڻڻ سان ئي ڪاٺ جو خيال اچي سگهي ٿو. ان ريت ﷲ يا زندگي يا آتما يا روح هنن شين، تصويرن، ڪمن، ڪاروبارن کان ٻاهر چٽيءِ طرح يا صحيح طرح خيال ۾ آڻي نہ سگهبو. خالق جي صورت يا خيال ضرور مخلوقات جي پٺ ۾ يا ان جي ڀيٽ ۾ يا ان جي موجودگيءَ ۾ ئي من تي اچي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ پھرين درجي واري ساڌڪ لاءِ تصور ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ائين چوڻ تہ ڪنھن پيغمبر يا ڪنھن ديوتا جي تصوير سچي ملي ڪانہ ٿي سگهي سو تصور واري اصول جو ڪاف رد ٿي نہ ٿو سگهي. ڀلا تصوير کڻي ٿوري غلط هوندي يا هر ڪنھن جي خيال ۾ نياري هوندي تہ ان ۾ ڇا آهي! تڏهين بہ اها پنھنجو ڪم ڪري ٿي، يعني احساس کي ۽ سمجهہ کي مدد ڪري ٿي. جيئن حضرت ابراهيم جي تصوير اسان جي خيال ۾ جدا جدا نموني اچي ٿي، تنھن هوندي بہ اهي سڀ خيال ۽ تصور جي ان سان شامل آهن، سي حضرت ابراهيم جا ئي چئبا، جيتوڻيڪ حضرت ابراهيم انھن سان ٻڌل يا انھن اندر سمايل ڪين چئبو؛ تڏهين بہ ائين تہ مڃبو تہ اهي سڀ خيالي تصويرون سندس خيال کي ئي چٽو ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح ﷲ يا ايشور جون اڻ پوريون تصويرون پڻ ﷲ جو ڪونہ ڪو آڪار پيش ڪن ٿيون. مان سمجهان ٿو هن خيال جي تصوف ۽ ويدانت وارا ٻيئي پٺ ڀرائي ڪندا تہ حقيقت روپ جي وسيلي ئي ڌيائي سگهجي ٿي، جيتوڻيڪ ڪنھن خاص روپ تائين محدود نہ آهي.
***


22-4-1955ع اڳ هڪ آفيسر جو ذڪر ڪيل آهي، ان اڄ پنھنجي عقيدن جو ذڪر ڪيو ۽ چيائين تہ قرآن شريف ۾ سڀ ڪجهہ قطعي طور ﷲ جي خود لفظن ۾ صاف چيل آهي؛ ان کان وڌيڪ ٻيون معنائون ڪڍڻ سا اجائي اپٽار اهي. صوفي جيڪي اندروني معنائون ڪڍن ٿا، سي پنھنجي مغز مان ٿا ڪڍن. قرآن شريف ۾ جيڪي بہ چيل آهي سو صاف لفظن ۾ آهي. ان ۾ ڪا اندروني يا بيروني معنيٰ ڳولڻ نہ گهرجي.
سام چيو: ”مگر سو سڀ اسين پنھنجي پنھنجي سمجهہ سان سمجهي سگهون ٿا. اوهان جن اصولن تي هلو ٿا، انھن جي پاڻ بہ ڪا کوجنا ضرور ڪئي هوندو. علم هٿ ڪرڻ جا گهڻا طريقا آهن. هڪ اهو علم آهي جو ٻئي کان ٻڌي پرائجي ٿو ۽ ان تي اعتبار ڪجي ٿو. ٻيو گيان پرائڻ جو رستو آهي پنھنجي اندرين جي معرفت ڏسڻ، پسڻ، ڇھڻ سنگهڻ وغيرہ جو. ٽيون رستو علم پرائڻ جو آهي انو مان يعني ويچار جي ذريعي سمجهي پوءِ ان تي اعتقاد ٻڌڻ. مثلا ڪو ماڻھو مون کي دڙڪا ڏئي ٿو؛ ساڳيو ماڻھو وري ڪاتيون بہ تکيون ڪري ٿو، ان مان مان انو مان ڪڍان ٿو تہ هو مون سان وڙهندو. اهو آهي منطق جي اصولن موجب ڏنل حقيقتن ۽ آزمودن مان ويچار ڪري ٿيندڙ ڳالھين جو انو مان ڪڍڻ. مگر انھن ٽنھي علمن يعني ٻڌل؛ ۽ اندرين جي معرفت ڏٺل ۽ پروڙيل ۽ انو ماني ويچار سان هٿ ڪيل ۾ اسان جي سمجهہ جو ڪجهہ حصو ضرور آهي. تنھن ڪري ان کان وڌيڪ يقين ڏياريندڙ اهو علم آهي جو احساس جي رستي معلوم ڪجي ٿو. ان جي ڪماليت آخر انتر گيان ۾ آهي جتي اهو از خود پاڻ مان پيدا ٿيندڙ نظر اچي ٿو. ان کي صوفي معرفت جو درجو يا مڪان چون ٿا. اها ترنت ڀاسنا جي شڪتي حقيقت ۾ سڀ ڪنھن انسان جي اندر سمايل آهي. مگر اسين اڄ ڪلھہ ان کان ڪم ڪونہ ٿا وٺون. احساس جي واڌاريءَ لاءِ پھريائين قلب جي صفائي يعني شڌ ڀاونا کپي. ان طرح دل ۽ دماغ جي واڌاري ۾ جيڪي خواهشون ۽ خود مطلبيءَ جا خرا رڪاوٽون آهن، تن کي پھريائين دور ڪرڻو آهي؛ سچن سنتن ۽ صوفين جي گيان پرائڻ جو اهو رستو هو. هو نفس کي ماري منزل معرفت کي پھچندا هئا. اهو گيان يقين ڏياريندڙ آهي تنھن ڪري توهان انھن جي گيان کي مختصر طور بيوقوف ڪري نٿا سگهون، فقط ائين چوڻ سان تہ اهي خيال سندن مغز جي پيدائش آهن. اسان جي خيال موجب شريعت پڻ چڱو دڳ ڏسي ٿي. اسين ان جي برخلاف نہ آهيون. مگر جيئن شاعر چيو آهي،
ساري سک سبق، شريعت سندو سھڻي
طريقتان تکو وهي ٿو حقيقت جو حق
آ معرفت مرڪ اصل عاشقن کي
ان ’ساري سکڻ‘ جو مطلب ڇا آهي! مطلب ضرور اهو آهي اکري معني نہ ڳولھہ پر انھن جي پٺيان جيڪي ارادا يا مطلب آهن انھن جي جاچ رک. ٻين لفظن ۾ تہ اُهي اندروني معنائو آهن جيڪي سچيون آهن ۽ صوفي قرآن شريف جي اندرين معنيٰ جا ڳولائو آهن؟“
سام کيس مٿئين بيت جي معنيٰ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائي ۽ مٿيون گفتگو ڪجهہ اردوءَ ۾ ڪجهہ انگريزيءَ ۾ هليو هو.
***


27-4-1955ع سان جي اڳئين ڳالھہ تہ پيار هڪ آهي ۽ سڀني کي هڪ جيترو پيار ڪريان ٿو، تنھن منھنجي دل ۾ وڏي شنڪا پيدا ڪري ڇڏي. مون کي اها ڳالھہ هرگز سمجهہ ۾ نہ آئي تہ ڪيئن ماڻھو سڀني سان هڪ جهڙوناتو نٿو نڀائي سگهي. تنھنڪري چيم تہ يا ڪو منھنجي سمجهہ ۾ ڦيرو آهي، يا اهڙي دعوى رکڻ پاکنڊ آهي. مون ور ور ڪري سام کي ان ڳالھہ تي ٽوڪيو ٿي تہ مون جھڙو يا ٻارن جھڙو پيار تون ٻين کي بہ ڪرين ٿو! سام کلي ڳالھہ ٽاري ٿي ڇڏي يا ائين ٿي چيائين تہ ”انھيءَ ڀاو ۾ ڪابہ ڳالھہ سمجهي نہ سگهبي؛ گيان جي پراپتيءَ لاءِ يا خيال جي صفائيءَ لاءِ من جي ٿڌائي نہ رڳو پر تياڳ پنھنجي شخصيت جو بلڪل ضروري آهي؛ بحث مباحثي مان شخصيت يا پاڻ پنھنجو صفا ڪڍي ڇڏڻو آهي؛ اها ڳالھہ ڪري نہ مون توتي ڪو وار ڪيو ۽ نہ توکي ان ۾ ڪا پنھنجي گهٽتائي سمجهڻ گهرجي.“
آخر ڪالھہ وري جيئن مون ان ڳالھہ کي ڇيڙيو تہ سام چيو: ”چڱو تون ئي ٻڌاءِ تہ سمدرشي ڇا کي چئجي ۽ اهو آدرش سمدرشي ٿيڻ جو چڱو آهي يا برو؟“
مون چيو: ”ايترو تون بہ ضرور قبول ڪندينءَ تہ جيڪو ماڻھو هڪ دوست يا عزيز سان ڪوڙو ٿئي ٿو، سو ٻئي سان بہ ڪوڙو ٿي سگهي ٿو. يعني کوٽو هميشہ پاڻ سان کوٽ جو مادو کنيو ٿو اچي ۽ سچو هر جاءِ سچو آهي؛ ائين نہ تہ هڪ هنڌ ماڻھو چڱو تہ ٻئي هنڌ ماڻھو برو پنھنجي مرضيءَ تي ٿي ٿو سگهي.“
مون اها ڳالھہ قبولي مگر پڇيم تہ انھيءَ جو هڪ جھڙي پيار ڪرڻ سان ڪھڙو واسطو آهي؟
سام چيو: ”سچائي، سندرتا، پريم، آتمڪ شڪتي رکڻ يا گڻونت ٿيڻ سا هڪ ئي ڳالھہ آهي. اهي سڀ هڪ وستوءَ جا جدا جدا نالا آهن. جيترو پريم يا سچائي يا سندرتا مون ۾ هوندي اوتري ضرور مان زندگيءَ ۾ ظاهر ڪندو رهندس. جيڪڏهن هڪ هنڌ سچائي ڏيکاريم ۽ ٻئي هنڌ ڪوڙ ڪيم تہ چئبو تہ مون ۾ سچائيءَ جو ڳڻ حقيقت ۾ ڪونہ آهي ۽ اهو لباس فقط ملمعي طور اختيار ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح جيترو علم يا روشني مون ۾ هت آهي، اوترو ساڳين حالتن هيٺ ٻيءَ جاءِ ۽ ٻئي موقعي تي بہ مون ۾ پيو بکندو. ساڳيءَ طرح پريم جو مادہ يا طاقت جا مون ۾ هوندي سا هر هنڌ ۽ هر ناتي ۾ ظاهر ٿيندي. ۽ جيترو سچو پريم ما سڀڪنھن سان رکان ٿو اوتروئي ايشور کي مان اوڏو ٿيان ٿو. ٻين اکرن ۾ هينئن کڻي چئجي تہ جيڪو منھنجو سچو رنگ روپ آهي سوئي مان آئيني ۾ پيو ڏسندس، ايشور يا آتما اُهو آئينو آهي. جيڪي ڀاوَ، گڻ وغيرہ مان زندگيءَ ۾ پر گهٽ ڪريان ٿو اُهيئي پنھنجي آتما اندر پايان ٿو. جيڪي اهڙي هيڪڙائي خيال جي رکن ٿا ۽ زندگيءَ جا مقصد ان ريت هڪ سمجهن ٿا، سي دوئي ڀاوَ کان دور رهن ٿا. جيڪڏهن تون ۽ مان ان عقيدي کان ٻيءَ طرح عقيدو رکندڙ هجون تہ پوءِ چئبو تہ گويا پنھنجي فقيري يا آتمڪ اصول جي خلاف هلون ٿا ۽ خود ايشور کان انڪاري ٿيون ٿا. سمدرسِي ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بہ رستو آتمڪ انتيءَ جو ڪونہ آهي.“
مگر مان اڃان ان ڳالھہ مڃڻ لاءِ تيار ڪونہ ٿيس تہ پيار سڀ مان هڪ جھڙو ٿي سگهي ٿو. مان ائين سمجهان ٿي تہ اُهو جدا جدا ڊگرين ۾ جدا جدا ماڻھن سان ظاهر ٿئي ٿو.
***


29-4-1955ع مون کي سام جون ڳالھيون جيئن مون مٿي نوٽ ڪيون آهن اڃان پوريءِ طرح سمجهہ ۾ ڪونہ آيون ۽ سام کي وري ڪجهہ چرچي ۾ ڪجهہ ساڀيا ۾ چيم تہ مون کي بہ فقط ٻين وانگر هڪ ساٿي ڪري پيا سمجهو!
سام وراڻيو: ”تون اها ڳالھہ غلط سمجهي رهي آهين ڇا لاءِ جو پنھنجي شخصيت ۽ پنھنجو آپو دور ڪري اها ڳالھہ هڪ وديارٿيءَ جي نموني ڪانہ سوچي اٿئي، مگر هڪ وڪيل جي نموني ويچاري اٿيئي جو فقط ڪيس ۾ پنھنجو فائدو چاهي ٿو.“
مون ٻاراڻي نموني کيس چئي ڏنو: ” ’منلو‘ تہ سام جي جيءَ جو جزو ٿي ويو آهي؛ ٻين کي ايترو پيار اصل نہ ملندو آهي!“ تڏهين سام کلي چيو: ”ائين برابر آهي تہ تون ٻين کان پيار جو گهڻو حصو ڇڪي وڃين ٿي.“
تڏهين مون کيس اڳئين ڳالھہ ياد ڏياريندي چيو: ”تہ پوءِ اها ڳالھہ ڪيئن ٿي سچي ٿي سگهي تہ مان سڀني کي ساڳيو پيار ڪريان ٿو؟“
سام چيو: ”مان جيڪي ٻيئي ڳالھيون چوان ٿو سي هڪ ٻئي جي ورڌ نہ آهن. اها ڳالھہ هينئن ڪري سمجهہ تہ انسان جي دل هڪ درياھہ يا وڏي تڙاڳ مثل آهي. منھنجي پيار جي تلاءَ وٽ تو ويجهو اچي پنھنجو آکيرو ٺاهيو آهي. جنھن ڪري توکي ٻين کان گهڻا موقعا ان مان پاڻي پيئڻ جا ملن ٿا. پر ٻيو جيڪو اتفاقي اڏندڙ پکي پياس ڪري اچي ٿو، سو بہ ٻہ چهنبون ساڳيءَ پاڻيءَ پيار جي مان پي وڃي ٿو پاڻي ساڳيو آهي، دل جو تڙاڳ هڪ آهي. آتمڪ شڪتي پيار ڪرڻ جي يعني نفس قربان ڪرڻ جي سا ساڳي ئي آهي؛ فرق انھن شين ۾ ڪونہ آهي. پاڻيءَ ۾ ميل ۽ ميراڻ جو برابر دوئيءَ جو زهر آهي جنھن جي گڏجڻ سان تلاءُ جو سڄو پاڻي زهري ٿي وڃي ٿو. يقين ڪر تہ جيڪڏهن اها دوئي مان دل ۾ ڌاريان تہ توکي خود اُن تلاءُ جي پاڻيءَ مان مزو نہ ايندو. سچ جي راھہ تي هلندڙ کي ۽ ادويت برهم جي مڃيندڙ کي ڪو ڀيد ڀاو عزيز دوست يا ڌارئي جي وچ ۾ رکڻ نہ گهرجي. ان لاءِ توکي ساڙ جي بدران خوشي ٿيڻ گهرجي، تہ مان پنھنجي وت آهر انھيءَ ڪوشش ۾ آهيان تہ آتمڪ طور سڀ کي مھمان ڪري سمجهان جيئن پيار ۽ انساني همدرديءَ ۾ فرق نہ رکان ۽ جدا جدا جاين تي جيڪو منھنجو ڌرم آهي سو پالن ڪريان.“
مون کي اهو مثال ڪجهہ وڌيڪ سمجهہ ۾ آيو ۽ چيم ”تہ اها ڳالھہ آخر قبولڻي پيئي تہ ڪو ان ساڳئي پاڻيءَ مان ئي وڌيڪ ۽ ڪو گهٽ حصو پيئي ٿو!“
***


3-5-1955ع اڄ سام ڇوڪرن کي اسٽور روم صفا ڪرڻ لاءِ چيو؛ هنن جيئن سامان سمورو ٻاهر ڪڍيو تہ ان ۾ ڪجهہ خالي بوتلون سوڍا جون نظر آيون. مانيءَ واري ڇوڪري جيڪو اٽڪل ويھہ سال گڏ رهيو آهي، تنھن ٻہ بوتلون وڌيڪ ڏسي چيو تہ اهي ٻيئي منھنجون آهن. سام کي سندس ڪوڙ ۽ حرص جدا جدا شين رکڻ جو نہ وڻندو آهي؛ تنھن جوش ۾ اچي کيس چيو: ”اهي سڀ بوتلون تون کڻي وڃ! بوتلون نہ رڳو پر ٻي ڪا بہ شيءِ توکي گهرجي تہ ڀل اول تون کڻي پنھنجي پورت ڪر، پوءِ اسان لاءِ جيڪي بچي يا نہ بچي!“
ان ڇوڪري هيءَ ڳالھہ شايد هڪ چرچو ڪري سمجهي“ تنھنڪري سام وري کيس چيو: ”تون هي چرچو نہ سمجهہ؛ اڄ وارو مليو اٿيئي؛ مان خدا پاڪ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ جا شيءِ توکي وڻي، هنڌ، ٽوال، ٽپڙ يا ٻي ڪا بہ قيمتي شيءِ، زيور وغيرہ سرلا جا، هُڪ يا سڀيئي، تون کڻي سگهين ٿو.“ ائين چئي سيف کولي کيس درکان اندر ڪري پاڻ ٻاهران بيھي چيائين: ”مان سخن ٿو ڏيان تہ اُهي سڀ مان خوشيءَ سان توکي ڏيندس ۽ هميشہ لاءِ تنھنجون ٿينديون. توکي جيڪي وڻي سو بنا حجاب کڻ.“
ڇوڪري انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ مون کي فقط توهان جي دعا گهرجي تنھن بعد ڪجهہ دير رکي سام ٻاهر نڪري آيو ۽ وري کيس چيائين: ”عقل کان ڪم وٺ ۽ اهي سڀ شيون اڄ تون پنھنجون ڪري سگهين ٿو ۽ وري مون کي حيف آهي جي مان ڏيڻ کان ”ڏرمايان.“
ڇوڪري وري بہ ڪجهہ کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ جلدئي لھي مون وٽ هيٺ اسپتال ۾ آيو؛ خوشيءَ وچان مون کي مٿيون احوال ڏنائين ۽ چيائين تہ دادا وچن ڏنو تہ جيڪي وڻيئي سو کَڻُ پر مون فقط دعا گهُري. پوءِ دادا پاڻ چيو تہ ڪجهہ تہ هينئر توکي ملڻ گهرجي. تنھنڪري اڳيون قرض مون کي سڀ معاف ڪري ڇڏيائين!“
مان جڏهن گهر آيس تہ سام مون کي چيو: ”اڄ اهڙي آڇ تنھنجي ڇوڪري کي ڪئي هيم جو چاهي ها تہ سڀ سامان ۽ تنھنجو پڻ زر، زيور پنھنجي قبضي ڪري سگهي ها. ڇا لاءِ جو مان سخن ۾ ٻڌل هوس. پوءِ تون ڇا ڪرين ها؟ رنج ٿين ها ڇا؟“
مون کيس چيو: ”نہ! اسين جيڪر تارا ۽ هرشچند وانگر گهر کان پاڻ ٻاهر نڪري، خوشيءَ سان سڀ ڪجهہ ڏيئي ڇڏيون ها. تنھنجي ڪئيءَ تي رنج ڇو ٿيندس؟“
پوءِ وري دل ۾ خيال آيو تہ سام کي اهڙا امنگ وري وري پيا اچن؛ (مون اڳيئي ذڪر ڪيو آهي تہ هن ٻہ ڀيرا پنھنجا ڪپڙا لٽا سمورا ائين ڏئي ڇڏيا آهن)؛ تنھنڪري مون کيس چيو: ”هن ڇوڪري جي حالت ٻي آهي؛ ڇا لاءِ جو هو گڏ رهي پنھنجو ٿي ويو آهي. مگر ٻئي ڪنھن پنھنجي يا منھنجي مائٽ کي متان اهڙي آڇ ڪئي اَٿَو: اُهي سڀ ڪجهہ کڻي ويندوَ! مان تہ هر حال ۾ توهان جي ڪئيءَ تي خوش رهندس.“
سام چيو: ”سڀ ڪجهہ ڏئي بہ هڪ انسان جي دل کٽڻ سو وڏي فائدي جو ڪم آهي.“
مون ڇوڪري کان پڇيو: ”تو اهڙو وارو ڇو وڃايو؟ ڇا، اعتبار ڪين آئي ڇا تہ توکي سڀ ڪجهہ ڏئي ڇڏيندو.“
هن چيو: ”مون کي دادا جي سخن تي پورو وشواس رهندو آهي. هو وچن ڏئي ڪڏهن نہ ڦيريندو آهي. پر مون سوچيو تہ ڪجهہ وٺيءَ پوءِ اُن سان مان ڇا ڪريان! ڪجهہ سُجهي ڪونہ آيو؛ تنھنڪري ڪونہ گهريم.“
مون سام کي چيو تہ هي ڇوڪرو امتحان ۾ پاس ٿيو آهي؛ تڏهين سام چيو: ”هن ايترا سال اسان وٽ اجايا ڪونہ گذاريا آهن. مون کي پاڻ شرم ايندو آهي ۽ چوندو آهيان تہ مان ڪھڙي آشرم يا سنسٿا اڏي سگهندس، جي هن کي پاڻ سان ملائي نہ سگهيو آهيان ۽ هن مان دوئي ڀاوَ نہ ڪڍي سگهيو آهيان! پر اڄ هن گهڻا قدم اڳتي وڌي ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن هو ڪا بہ شيءِ يا سڀ شيون تنھنجي زيورن سميت کڻي وڃي ها تڏهن بہ مون کي جيڪر خوشي حاصل ٿئي ها. ڇا لاءِ جو عوض ۾ هن جي دل ضرور ملي ها، هينئن بہ فائدو آهي،. هونئن بہ فائدو ٿئي ها. مون کي ٻي خوشي اها ٿي تہ اڃان مون ۾ اڳئين جذبات موجود آهي، جو وقت تي ضروري قدم کڻي ڪنھن مرض جو عالج لھي سگهان ٿو. حقيقت ۾ هي حساب ڪتاب جا طريقا هڪ ٻئي سان عارضي آهن. انھن جو اسان جي پريم تي ڪو بہ اثر پوڻ نہ گهرجي، بلڪ ائين سمجهڻ گهرجي تہ هي آشرم جي ڀاتين جي وچ ۾ فقط ونڊ وراھہ جا طريقا آهن. هي سڀ دنيا جون شيون انساني پريم ۽ سچائيءَ جي اڳيان تما خسيس آهن. انھن کي وقت تي ترڪ ڪرڻ سان اسين پنھنجي پريم ۽ سچائيءَ جو ثبوت ڏئي سگهون ٿا.
***


4-5-1955ع مون ٿورو چنچل نموني هلت ٿي ڪئي، ان وقت سام هينئن چيو: ”من جو واهپو جن ڳالھين سان وڌيڪ رکبو انھن جو واسو نہ فقط من جي جاڳرت اوستا ۾ پر وڌيڪ اونھن تهن (Sub-conscious Self) ۾ پڻ ٿي وڃي ٿو. جيئن ڪو رستو روڪيل هوندو آهي تہ اُتان وهڪرو گهٽ ٿيندو آهي، تيئن چنچل من ۾ يا اجاين مشغولين جي حالت ۾ گيان جو واڌارو گهٽ ٿيندو آهي. شانتي اهو ماحول يا چئجي تہ مارڳ آهي جنھن مان اُتم ويچار اندر لنگهي پون ٿا. تنھنڪري جيترو اجاين ڳالھين ۾ پاڻ وندرائبو اوترو ڌيان ۽ گيان گهٽ پراپت ٿيندو. شانتيءَ جي کيت ۾ ئي گيان جا سھڻا ڦل ڦول اُپجي سگهن ٿا.“
***


14-5-1955ع مان سام سان گڏ گهوڙي گاڏيءَ تي ڪيڏانھن وڃي رهي هيس. رستي تي هڪ واقف دڪاندار تي نظر پيئي جو ميل سوا تي پنڌ ڪري ويجها آستان ڇڏي، خاص هڪ مندر ۾ پوڄا واسطي ايندو آهي. مون سام جو خيال ان ڏانھن ڇڪايو ۽ چيم: ”سائين تہ هر هنڌ وسي ٿو، پوءِ هي خبر نہ آهي ڇو خاص هن مندر ۾ سيڙجي اچي ٿو. پر وري بہ چڱو آهي جو ها اورچائي ڪنھن سُٺي ڪم لاءِ ڪري ٿو؛ توهان جي چوڻ موجب شايد جپ تَپ ۽ زهد وارن جا اهي ئي طريقا آهن.“
سام چيو: ”هي پنڌ ڪري اچي ٿو، تنھن ۾ خود انھيءَ جي ڀلائي آهي. هڪ تہ روزانو چڱي ورزش مليس ٿي، ٻيو تہ ان ريت پنڌ ڪري اچڻ سان هن جو خيال شايد وڌيڪ پڪو ٿئي ٿو، فقير رياضت يا ڪشالو پڻ ان ڪري ڏسيندا آهن جو ان ۾ طالب جو من وڌيڪ سولائيءَ سان اسٿر ٿئي ٿو ۽ خيال کُلي ٿو من جو جاڳائڻ بہ انجڻين جي مثل آهي. هڪڙي انجڻ ٿئي ٿي جنھن کي صبح جو گرم ڪجي، تڏهن چالو ڪري سگهجي ٻي انجڻ ٿئي ٿي، جا ڪولڊ اسٽارٽر (Cold Starter) چئجي ٿي يعني اها ٿڌي رهنديئي چالو ٿي سگهي ٿي. اُن کي فقط هنڊل هڻڻ يا ڦيرائڻ سان اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿو. ٽين انجڻ ٿئي ٿي جا فقط اليڪٽرڪ بٽڻ تي ٿوري زور ڏيڻ سان چالو ٿي وڃي ٿي. ان کي سيلف اسٽارٽر يعني خود بخود چالو ٿيندڙ چئبو آهي اهي ماڻھن جي ٽن درجن مثل آهن. هڪڙا اهي جيڪي من جي انجڻ کي رياضت ۽ ڪشالي سان ئي چالو ڪن؛ (مون ڪيترا طالب ڏٺا آهن، جي ڏينھن تتي ۾ مٽ ڀريندي يا لوڙها ڏيندي پاڻ کي ڏاڍو خوش سمجهندا آهن. ان طرح جسم کي مشغول رکي خيال کي هيڪاندو ڪندا آهن ۽ اهو رستو انھن لاءِ لاڀدائڪ آهي) ٻيا جگيا سو آهن، جي گيان جي نڪتي يا ڪنھن فلسفہ يا وديا رستي پنھنجي من کي روشن ڪن ٿا؛ انن جي ٻُڌي کليل ٿئي ٿي جنھن ڪري کين هرو ڀرو ڪشالي ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿي ٿئي. اُهي آهن ڪولڊ اسٽارٽر (Cold Starter) انجڻين وانگر ۽ انھن لاءِ گيان جي تيليءَ سان سندن من جي انجڻ چالو ٿئي ٿي. ٽيان اُهي آهن جن کي نہ آهي ضرورت ڪشالن جي ۽ نہ اٿن ڪي شڪ گمان دل ۾ جن جي دور ڪرڻ لاءِ وديا جي روشني ضروري ٿئي. ائين سمجهڻ گهرجي تہ گيان ۽ تپ سندن اڳين جنمن ۾ ئي ڪيل آهن اُهي آهن سيلف اسٽار ٽنگ انجڻين وانگر؛ سندن من هڪ پريم جي هوا ۽ سڪ سان پاڻھي وڃي ٿو ٺڪاڻي لڳي! هي ٽيئي رستا جدا جدا ڪرم، گيان ۽ ڀڳتيءَ جا رستا ڪري چئجن ۽ ائين سمجهڻ گهرجي تہ جيتري قدر جيڪو طالب انھن مان ڪنھن بہ رستي لاءِ چاھہ رکندڙ آهي، اوتري قدر اهو رستو اڃا اُن لاءِ ضروري آهي تنھنڪري ڪنھن کي غلط نہ سمجهون ۽ نہ ڪنھن تي ٽوڪ ڪرڻ گهرجي؛انھن رستن تان ڪنھن کي زوريءَ ٿيڙبو تہ ان جي خيال ۾ گهٻراهٽ پيدا ٿيندي. جيئن ڪچي ڦل مان رس ڪانہ نڪرندي آهي ۽ جي نڪرندي آهي تہ مٺي ڪانہ ٿيندي آهي، تيئن طالب کي ڪچي ئي هڪ رستي تان ٿيڙي ٻئي تي آڻبو تہ سندس من جي واڌاري ۾ وگهن پوندو ۽ مقصد حاصل ڪونہ ٿيندو.“
***


15-5-1955ع ڪالھہ صوفي صاحب چيو: ”بھتر ٿيندو تہ جنھن ڪتاب مان ٽڪرا ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيا ويا هئا؛ اُهو ڪتاب توهان جو آهستي آهستي ڪري اخبارن جي ذريعي شايع ڪجي، ڀيري ڀيري پنج يا ڇھہ ٽڪرا نثري نظم جا حيدرآباد جي ڪنھن مئگزن کي موڪلبا.“
سام کيس چيو: ”اڳي اهي ٽڪرا ’نيو ايج‘ اخبار ۾ ترجمو ڪري ڇپيندا هئاسين؛ پر اسين تہ فقط هڪ ٽڪرو واري تہ شايع ڪندا هئاسين. مون کي جيڪر گهڻا ٽڪر گڏ هڪ وقت هڪ ٻئي پٺيان ڪنھن رسالي ۾ ڏيڻ نہ وڻن. ان ۾ هڪ نفيس خيال رکيل آهي برابر، مضمون وڏا وڏا رسالن ۾ ڏئي سگهجن ٿا، پر هنن ٽڪرن لاءِ مان جيڪر ائين چاهيان تہ هڪ وقت هڪڙو فقط ڏنو وڃي.“
صوفي صاحب پڇيو: ”ائين ڇو؟“
اُن جو سبب سمجهائيندي سام چيو: ”جپان جي هڪ امير جي ڳالھہ آهي، جنھن وٽ شاهي گهراڻي جو شھزادو مھمان ٿي اچڻو هو. امير کي خبر هئي تہ شھزادي کي خاص طور اُهي گل وڻندا هئا. جيڪي سندس باغ ۾ تمام سُٺا ڦلاريا هئا. هن مند ۽ موقعو گلن جي ڦلارجڻ جو سٺو ڏسي، شھزادي کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڪئي هئي، پر جنھن ڏينھن شھزادو اچڻ وارو هو، اُن ڏينھن امير اهي گل سڀ لڻائي باغ مان ڪڍي ڇڏيا ۽ انھن مان فقط هڪڙو گل جو سڀني ۾ سٺو ۽ وڏي ۾ وڏو هو، چونڊي کڻي ميز تي گلدستي ۾ رکيائين جت شھزادو ويھڻو هو. ان بنسبت امير کان جڏهين سبب پڇيو ويو، تڏهين هن چيو تہ هن گل جي نزاڪت هيڪڙائيءَ ۾ چڱي ٿي ظاهر ٿئي؛ گهڻن گلن ۾ سندس خوبي ايتري ظاهر نہ ٿئي ها! اهو هڪ نفيس خيال آهي جو اديب ۽ فنڪار چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا.“
***


16-6-1955ع منھنجو ننڍو ڀاءُ اٽڪل اڍائي مھينن کان هت آيل آهي. سندس هندستان کان اچڻ لاءِ اسان ڪيترن ڏينھن کان انتظاري ٿي ڪئي. خاص ڪري گرڌاري تہ ڄڻ هن لاءِ تڙڦي رهيو هو. پھريائين جنھن وقت هو در تي گاڏيءَ ۾ اچي لٿو تہ ان وقت گاڏيءَ جو کڙڪو ٻُڌي گرڌاري خوشيءَ مان ٽپ ڏئي اٿيو. چيائين تہ ضرور اهو هوندو ۽ هو ڊُڪ پائي وڃي ساڻس گڏيو؛ تنھن کانپوءِ قريباً سمورو وقت هن سندس خوب شيوا ڪئي آهي. نہ فقط زور ڪري کارائڻ ۽ سڀڪا سھولت ميسر ڪرڻ، مگر وقت تي ڪيترا خرچ سندس گرڌاري پاڻ تي هموار ڪندو آهي. سام جيتوڻيڪ منھنجيءَ ڀاءُ جي اچڻ ٿيو، تڏهن بہ سندس اهو خيال هو تہ هو هلت چلت ۾ اُتامرو آهي، جنھنڪري کيس جدا ڪمرو ڏنو وڃي جيئن سندن گهڻي سنگت ۽ اُبتي اٿڻ ويھڻ ڪري سام کي پنھنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڪا ڦير گهير ڪرڻي نہ پوي.
منھنجي ڀاءُ جي ڪمري ۾ الماڙي وغيرہ ڪا نہ آهي. جنھن ڪري الماڙي گرڌاريءَ سان گڏ ڪتب آڻيندو آهي ۽ سامان سڙو پنھنجو حفاظت سان رکڻ جھڙو بہ اُتي رکندو آهي؛ وقت تي ڪپڙا لٽا بہ گرڌاريءَ جا ڪڍي پائيندو آهي ۽ پاڻ ڪپڙا جو هندستان کان ٿورا آند اٿائين تہ گرڌاري پنھنجا سٺا وڳا هن جي اڳيان حاضر ڪندو آهي. منھنجو ڀاءُ پنھنجا ڪپڙا ڇڏي بہ گرڌاريءَ جا پيو چوڙي، اها ڳالھہ مون کي بلڪل ڪين ٿي وڻي تہ گرڌاري پنھنجي پگهارن مان ايترو هن جي لاءِ خرچ ڪري ۽ ڪپڙن وغيرہ جي بہ مٿس چٽي پوي، تنھنڪري مون ڪي ڪپڙا گرڌاريءَ جا کڻي پاڻ وٽ لڪائي رکيا؛ پر گرڌاريءَ کي ايترو تہ چاھہ هو جو مونسان وڙھہ وڙھہ پيو ڪري تہ اهي ڪپڙا ڀاءُ لاءِ ڏي! واچ بہ گرڌاريءَ جي سٺي ڏسي هن کڻي پاتي، ڇا لاءِ جو پنھنجي دوستن اڳيا پراڻي واچ ڏيکارڻ نٿي چاهيائين. گرڌاري کيس هميشہ ڀاءُ ڀاءُ ڪري پيو سڏي. هو جو ننڍي کان گڏ رهيا هئا، تہ اها ڳالھہ بلڪل ٺيڪ ۽ سھائيندڙ ٿي لڳي، ويتر اسان جي زندگيءَ جي هاڻوڪي نموني ڀراتريءَ ڀاءُ واري موجب اهو ڀائپيءَ جو ناتو هنن جي وچ ۾ سھڻو ٿي لڳو. هندستان ۾ سنڌي لڏي ويلن جي وچ ۾ پڻ گهڻا فرق نڪري ويا آهن، ڇا لاءِ جوهنن مان ڪيترا غريب شاهوڪار ۽ شاهوڪار غريب ٿي ويا آهن. اڳي جو حيدرآبادي ’اتراڌين‘ کي پنھنجون ڇوڪريون ڪين ڏيندا هئا، سي بہ هينئر عام جام نہ رڳو اُتراڌين سنڌين سان پر هندستان جي ٻين جاتين سان پڻ شاديون پيا ڪن. منھنجو ڀاءُ بہ اتي ڪنھن پوزيشن کي ڪونہ پھتو آهي، بلڪ بي روزگار يعني ڪنھن خاص ڪم ڪار کانسواءِ پيو وقت گذاري. مون کي هُن ۽ گرڌاريءَ جي وچ ۾ هي نئون سنگت جو نمونو ڏسي گهڻي خوشي ٿي. مگر گرڌاريءَ جي چڱائيءَ جو هن کي پورو احساس ڪونہ آهي. اڄ منھنجي ڀاءُ شڪايت ڪئي تہ گرڌاري هڪ درزيءَ وٽ ۽ ٻين واقفڪارن جي اڳيان کيس ڀاءُ ڀاءُ ڪري پيو ڪوٺي! سان ڳالھہ کيس پسند نہ آئي! هو گرڌاريءَ سان گهڻو تنگ پيو ۽ ان ڳالھہ تي کيس گهٽ وڌ ڳالھايائين. گرڌاريءَ کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. منھنجي ڀاءُ کي اهو وڏائيءَ جو خيال اوچتو ان ڪري پيدا ٿيو جو سندس پراڻن دوستن مان گذريل ٿورن سالن ۾ ڪي چڱي پوزيشن کي وڃي پھتا آهن ۽ هو کيس کارائن پيارين ۽ دعوتون پيا ڏين؛ ان نموني هو پنھنجي دوستيءَ جو پارٽ ادا پيا ڪن. مگر وڏ ماڻهپ جي ماحول، شراب خوريءَ ۽ عيش سندس من ۾ ڪجهہ اڀمان پيدا ڪيو ٿو ڏسجي. جنھنڪري هن هڪ غريب جي ڀاءُ چوائڻ ۾ عيب سمجهيو. گهرڌاريءَ کي انھيءَ ڳالھہ جو گهڻو ڏک ٿيو. آخر ڪار اهڙا ڪي ڏک مان لفظ چيائين جو سام هن کي پاڻ وٽ سڏي چيو: ”توکي شايد ان ڳالھہ جو ڏک آهي تہ تون هڪ غريب نوڪر آهين، مگر تون هڪ اهڙي شئي حاصل ڪري سگهين ٿو، جو سڀني سان ڪنڌ کڻي هڪ جيڏو ٿي هلين. جي هن کي وڏن ماڻھن جي سنگت آهي تہ تون وري فقيرن جي سنگت ڪر! جنھن کي علم يا پئسو نہ هجي سو بہ فقيري پدوي پائي سگهي ٿو. فقيرن جي اڳيان خود شاھہ امير پيا نمن؛ تنھنڪري نا اميد نہ ٿيءُ ۽ نہ ان ڳالھہ جو غم ڪر. خيال کي جاڳائيءَ ۽ فقيري طريقو اختيار ڪر! آخر زماني وارن جو حال تہ اهو پاڻ ڏسين ٿو! تنھن ڪري انھن سان ريس ڪري پاڻ کي بہ انھن جھڙو ذليل نہ بڻائجي، مگر انھن کان بھتر ٿي ڏيکارجي. دل ۾ انھن تي پاڻ قياس ڪر تہ ويچارا ڪيترو نہ نيچ آهن!“
انھن لفظن گرڌاريءَ جي دل تي ڇنڊو وڌو ۽ مون کي پڻ خوشي ڏني جو گرڌاريءَ سان بي انصافي ٿيندڙ ڏسي مون کي رنج ٿيو.
***


15-6-1955ع اسان وٽ هڪڙو دوست ٻن ڏينھن کان شام جو ايندو آهي. هو نہ رڳو بنا ڪوٺ جي پيو اچي مگر ڏهين يا يارهين بجي رات تائين ويٺو رهي! ماني تہ اسين سندس ويٺي ساڻس ئي گڏ کائي اٿندا آهيون پر ننڊ پيئي اچي تڏهن بہ هن سان منھن ڏيڻو پوندو آهي ٻيا بہ ڪي دوست ٻن ڏينھن کان ايندا آهن. انھن مان هڪڙو منھنجي ڀاءُ جو سنگتي آهي جنھن جي گهڻي شراب پيئڻ ڪري سام خفي ٿيو پوي. ويتر مٿئين ماڻھوءَ، جنھنجو پھريائين ذڪر ڪيو آهي، ڇا ڪيو، جو سام جو سنان جو ٽوال کڻي ٻوڙ هاڻان هٿ اُنسان اگهي هليو ويو. سندن گهر ۾ ٻين ڪيترن گهرن وانگر اهڙوئي رواج آهي جو سڀ ڀاتي هڪ ٽوال سان هٿ منھن اگهن ڪنھن سمجهو ماڻھوءَ کي اهو بہ خيال ٿيڻ کپي تہ مان جو پنج فوٽ لنبو ٽوال هڪ نئپڪن وانگر ڪم آڻي خراب ڪري رهيو آهيان، سو ٺيڪ نہ آهي. سام مٿين دوستن ڏانھن اشارو ڪندي چيو: ”افسوس جو اسان جي ڪيترن ماڻھن کي اڃا رهڻ جو طريقو هٿ نہ آيو آهي. انسان جي ڀيٽ ۾ گهڻا جانور ۽ پکي، جيت وغيرہ زندگيءَ جي قانون تي وڌيڪ پختا آهن. گهڻو ڪري انھن جي آزمودن کين زندگيءَ جي قانون جي اهڙي واقفيت ڪرائي آحي جو سڀ اُن کي عمل ۾ پيا آڻين پر انسان اڃان اهو قانون نہ سمجهيو آهي اسان جا سڌريل ماڻھو بہ اڻ سڌريل، ايسڪيمو قوم جي ڀيٽ ۾ بہ ان ڏس ۾ وڌيڪ پٺتي پيل نظر اچن ٿا هڪ پاسي وحشاني هلت عيش ۽ شراب خوريءَ جي ڏسو تہ ٻئي پاسي هن سخت نمازيءَ ماڻھوءَ جو دير دير تائين وهي رهڻ ۽ اسان جو ڊگهو ٽوال ان ريت ڪم آڻڻ ڏيکاري ٿو تہ اسان جي ملڪ وارن اڃا اُهو قانون زندگيءَ جو پوري طرح ڪونہ سمجهيو آهي جيتوڻيڪ ظاهري طور مذهب جا پابند آهن. گهڻو ڪري زماني وارن جو اهڙو حال آهي جو هو فقط پنھنجي مطلب ۽ سھنج لاءِ پيا جيئن. جاڳرت انسان تہ ٻين جي خيالن جو احترام ڪندا آهن. سچو مذهب بہ ائين سکاري ٿو ۽ ڏسو تہ منع هوندي بہ پيا ماڻھو سئنيمائن ۽ ريلوي گاڏين ۾ ٻيڙيون ڇڪين! هو ٻين جي تڪليف جو ڪو خيال ڪونہ ڪن! جنھنکي رلڻ ملڻ چئجي ٿو، ان ۾ بہ ڪيتري اجائي وارتا پيئي هلي! ڪيترا ماڻھو اسان جي دوست وانگر سنگتين سان ويھي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڳالھائڻ پنھنجو فرض پيا سمجهن ۽ ٻيا وري ڪونہ ڪو جواب مڙيئي ڏين، توڙي جو هنن کي ڳالھائيندي دل بہ نہ ٿئي! شايد ائين بہ هجي تہ هي ماڻھو اسان وٽ ايترو ويھي ائين سمجهندو هجي تہ هو ڀلائيءَ جو ڀيرو ڪري رهيو آهي يا اسان تي احسان ڪري رهيو آهي. مگر حقيقت ۾ هو پنھنجو ۽ اسان جو وقت اجايو وڃائي رهيو آهي. اسين بہ دوستن کان ڪنڌ نہ ڪڍائي اهڙا ناتا قائم رکندا اچون ٿا، اها اسان جي گهٽتائي آهي. جانور ان باري ۾ وڌيڪ سمجهہ واري هلت ڪن ٿا جو جڏهن وڻين تڏهين ٻوٿ ڦيرايو هليا وڃن. حياتيءَ جي هر طبقي ۾ اهڙيون بي سود رسمون ڏسي فقير دنيا کان پري رهن ٿا. هو پنھنجي خيال جا بادشاه آهن. اڪيلائيءَ ان ڪري پسند ڪن ٿا تہ جيئن هو پنھنجي ريت قائم رکي سگهن ۽ ان طرح ٻين کي ڪجهہ سيکاري سگهن. اسين بي سمجهاڻيءَ ڪري ان کي ترڪ يا انسان ذات کاءِ نفرت سمجهون ٿا، مگر حقيقت ۾ اها سچي زندگي آهي، جنھن ۾ ڳالھائڻ دلئون ٿئي؛ اُٿڻ ويھڻ مرضيءَ سان ٿئي؛ کائڻ پيئڻ بک دور ڪرڻ بہ ضرورت وچان ٿئي ۽ نہ ڪنھن رسم ادا ڪرڻ لاءِ! زندگي جيڪا اسين پنھنجي خيال پٽاندر نہ ٿا گهاريون، جا سَوَن حجابن ۽ ڪوڙن لحاظن سان جڪڙيل آهي، سا زندگي نہ آهي مگر اسان جي قومي زواليت جي نشاني آهي. ڪيترو نہ ٽپي ٽپي تي پنھنجي خيال کي موڙڻ لاءِ تيار رهون ٿا! ورنہ هر ڪنھن انسان کي پنھنجي اندر ۾ اها روشني خيال جي موجود آهي، جنھنجي پٺيان سڌو سڌو هليو وڃي ۽ سچي خوشي حاصل ڪري سگهي. اسين پنھنجي خيال کي بار بار موڙي گويا مُڏو ڪري رهيا آهيون تان جو آخر ڪار اهو بيڪار ۽ بي طاقتو بڻجيو پوي ۽ رهبري زندگيءَ جي ڪري نہ سگهي. پوءِ ٻُڌين سُڌين ڳالھين يا رسمن رواجن تي فقط پيا هلون افسوس جو جيئن زندگي گهارڻ گهرجي تئين نٿا گهاريون!“
***


16-6-1955ع منھنجي ڀاءُ جي موڪلائڻ وقت سام جي اکين ۾ ٻہ ٽي ڀيرا پاڻي ڀرجي آيو. مون کي ذرا عجب لڳو، ڇا لاءِ جو جيترو وقت هو اتي هو اهو سمورو عرصو سام ۽ موهن جي وچ ۾ اڻبڻت هئي، منھنجي ڀاءُ جي اٿڻ ويھڻ جو طريقو نہ رڳو اتامرو هو، پر ڪيترا دفعا هن بي ادبيءَ جي نمونيءَ سام سان ڳالھايو. مون جڏهين سام کي چيو تہ مون کان اڳ ۾ ڳوڙها تنھنجي اکين ۾ پيا اچن، تڏهين هن چيو: ”هو آخر بہ تنھنجو ڀاءُ آهي! ٻيو تہ فقير کي ڪنھن سان ضد رکڻ نہ جڳائي؛ نہ فقط ايترو پر فقيريءَ جي اها تقاضا آهي تہ ٻئي جو دک يا غم پنھنجو ڪري سمجهجي ۽ اسان جو احساس دک ۽ غم جو نہ صرف پنھنجن عزيزن تائين محدود هجي، مگر جيءُ جنتر ۽ خود بيجان شين تائين پھتل هجي، ڇا لاءِ جو حقيقت ۾ ’بي جان‘ ڪا نہ چيز نہ آهي.“
پوءِ سام هڪ فقير جي ڳالھہ ٻڌائي ۽ چيائين: ”ڪن ماڻھن جو هڪ ويجهو عزيز گذارو ويو هو ويٺي ان لاءِ رُنا فقير جو اُتھان لانگهائو ٿيو، تنھنتي ايترو تہ اثر پيو جو هو بہ سُري وڃي ساڻن ويٺو ۽ اوڇنگارون ڏيئي رُنو، جڏهن ڀر وارن کائنس پڇيو تہ تون هن جو يعني مري ويل جو ڇا ٿئين، تڏهين چيائين تہ سور مڙيوئي سور آهي، مان بہ پنھنجي حال تي ٿي رُنس.
” هن جو مطلب هي آهي تہ فقير جي دل هڪ گل جي مثل نرم ٿئي ٿي، اُها هميشہ ڀڳل رهي ٿي. فقير پرائي پيڙا نہ فقط پنھنجي ڪري سمجهي ٿو، پَر اُن مان هن کي پنھنجون هيڻايو ياد اچن ٿيون. سندس احساس واري پڙدي تي ٻين کان چٽيرا پاڇا پون ٿا. هن جي غم ۽ خوشيءَ وچ ۾ تفاوت ڪو ٿورو ٿو رهي ۽ هن جي نہ ڪنھن سان سچ پچ ميتمري ۽ نہ ڪنھن سان دشمني آهي.“
***


25-8-1955ع اڄ اسان وٽ ڄڻڪ هڪ ننڍڙو کيل کيلجي ويو جنھن جا ڪي وندرائيندڙ پاسا هيٺ درج ڪريان ٿي:
ڪيترن مھينن کان اسان وٽ بادل نالي هڪ نوڪر بيٺل آهي جنھن کي سندس مائٽ اسان وٽ ڇڏي ويا آهن، ائين چئي تہ تنھنجي ٻچي وانگر هلائجوس، هو ننڍي ڄمار جو آهي، مگر کيس گهڻيون خراب عادتون پيل آهن هڪ تہ هو تمام عجيب قسم جا ڪوڙ مطلب سان يا بنا مطلب هر هر پيو ڳالھائي؛ ٻيو تہ نشو جھڙوڪ ڀنگ، چرس وغيرہ بہ استعمال ڪندو آهي، جنھن ڪري ڪم ۾ پورو ئي نہ پوندو آهي. اسين پنھنجي نوڪرن کي عام طور ٻين جي نوڪرن کان گهڻو وڌيڪ سٺو هلائيندا آهيون، تڏهين بہ سام چوندو آهي تہ هي نوڪرن وارو سرشتو بلڪل قدرتي قانون جي برخلاف ۽ اڄوڪي حالتن سان اڻ ٺھڪندڙ آهي، ڇا لاءِ جو اڄ ڪالھہ اثر سڀني تي اهڙا پون ٿا جو نوڪر مالڪ کي پتا يا وڏي سمان نٿو سمجهيءَ مالڪ وري عام طور نوڪر کي هڪ ڪم ڪندڙ مَشين ڪري سمجهي. هن ڪري ڪم جي وٺڻ ۽ ٻئي طرف پگهار جي ملڻ کانسواءِ ٻيو ڪو مطلب هن ناتي ۾ ٻنھي ڌرين کي ڪونہ ٿو نظر اچي. آشرم ۾ يا اسڪول ۾ يا گهر ۾، جتي اهي بہ مطلب رٿيا نہ وڃن. اُتي ڪنھن بہ ٻالڪ کي سولائي سان سڌاري، سنواري سگهجي ٿو. مگر نوڪر کي سڌارڻ ان غير انساني نالي جي پيدا ٿيڻ ڪري اهنجو ٿيو پوي.“
سام وڌيڪ چيو: ”سڌاري جي ڪم لاءِ پريم ۽ شرڌا جو هجڻ ضروري آهي پر اڄ ڪلھہ جي نوڪرن ۽ مالڪن ۾، هن نئين ساميوادي دور ۾، خاص طور اهي ٻہ شيون يعني پريم ۽ شرڌا، باقي نالي ڪاڻ وڃي رهيون آهن. ان ڪري جيتوڻيڪ مون ڪڏهين ڪنھن ٻار يا شاگرد کي پنھنجي عمر ۾ ڪونہ ماريو آهي ۽ ماسترن جي مارڪٽ تي هميشہ اعتراض اٿاريندو آهيان، تڏهين بہ ڪن نوڪرن کي ڪا سزا ڏيڻ ڪجهہ قدر ضرور سمجهي اٿم. جيڪڏهن ڪم جو لحاظ نہ هجي، نہ زماني جي ڀيڙ ۽ وقت جي تنگيءَ جو سوال پيدا ٿئي ۽ نوڪر فقط ڪنھن اڪيلي آستان تي پاڻ سان گڏ هجي، تہ جيڪر ان کي ڪنھن بہ سزا ڏيڻ جي ضرورت نہ پوي. مگر هنن حالتن ۾ يعني پاڻ کي زندگيءَ جي هڪ غلط رستي ۾ وجهي پوءِ آدرشي ريت انسان ۽ انسان وچ ۾ قائم ڪرڻ ذرا اهنجو ڪم آهي، جيتوڻيڪ ان لاءِ بہ هر وقت ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ هر حال ۾ انساني پري قائم رکڻ گهرجي؛ جا سزا ڏجي، سا پريم وچان ۽ سڌاري ڪارڻ ڏجي!“
اهو آهي سام جو عذر بادل کي وقتاً ٿوري جسماني سزا ڏيڻ لاءِ ۽ سمجهاڻي اڄوڪي، مٿي ذڪر ڪيل کيل جي، جنھن ۾ هو چوي ٿو تہ ان انسانيت جي سبق سکڻ لاءِ مون هي هڪ آزمودو ٿي ڪيو؛ سو آزمودو هي آهي:-
مان جيئن اسپتال کان گهر موٽيس تہ بادل جا هٿ پٽيءَ سان ٻڌل ڏٺم. کائنس پڇيم تہ هي ڇا آهي؟ سام ڪو ڌڪ تہ ڪونہ هنيو اٿئي؟ سام جو اتي ويٺو هو، تنھن مون کي پھريائين چئي ڏٺو تہ بادل کي اهو ڌڪ دروازو ڏيندي پنھنجو پاڻ لڳي ويو. مون بادل کي چيو تہ سچي ڳالھہ ڪر تہ ڌڪ ڪيئن لڳاءِ.؟ سام اُتي جو اتي ڏوهيءَ جو منھن بڻائي اهڙي نموني ڳالھيون ڪيون جو ڄڻڪ هن پاڻ اهو ڌڪ بادل کي هنيو هو ۽ فقط مون کان لڪائڻ لاءِ بادل کي سيکاري ڇڏيو هئائين تہ پاڻ تي قصور مڙھہ! بادل کي بہ اک جو اشارو ڏيئي ڇڏيائين جنھن ڪري هو بہ ائين چوڻ لڳو. پوءِ سام اهڙو ڏوهيءَ وانگر پيو هلي ۽ ڳالھائي جو سچ پچ مون ائين سمجهيو تہ نہ رڳو ڌڪ ڇوڪري کي هنيو اٿائين، پر مون کان ڊڄي اها ڳالھہ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين! ان خيال منھنجي دل کي گهڻو صدمو پھچايو جيتوڻيڪ هاڻي سمجهان ٿي تہ اهو سام جو نہ پر منھنجو امتحان هو. ڇا لاءِ جو هن مونسان ڪڏهين ڪوڙ ڪين ڳالھايو آهي. مون سام کي خوب ڇينڀيو ۽ چيم تہ ھھڙو لعل ڪڍي ماتا توکي ڏنو آهي، ان لاءِ تہ تون ان کي مارين يا ٻڌي ويھارين! مان اڄ ماني ڪونہ کائيندس ۽ گهرجي ائين تہ تون بہ ماني تہ کاءُ يا مون کي ۽ پاڻ کي ڪا ٻي سزا ڏي! سام موکي ڀلائڻ جا نمونا وٺڻ لڳو تہ ماني ٿيل آهي زيان ڪرڻ نہ گهرجي ڇوڪرو پاڻ ڏنگو آهي ۽ چپاٽ گسائڻ جيڪيائين تڏهي کيس ڌڪ ٻي جاءِ تي لڳي ويو، وغيرہ! ان وچ ۾ مون کان انجام پڻ ورتائين تہ اڳتي گهرو ڪمن کان کيس فارغ ڪريون جن مان هيءُ نتيجا نڪرن ٿا! مون هي سڄو قصو سچو سمجهي اهو انجام پڻ ڏنو ۽ سام قبول ڪيو تہ مان پاڻ کي سزا ڏيندس؛ چيائين، تون هاڻي اٿي ماني کاءُ! آخر ماني کائڻ وقت اها ڳالھہ پڌري ٿي تہ نہ رڳو سام ڪو بہ ڌڪ ڇوڪري کي ڪونہ هنيو هو مگر کيس اتفاقي ضرب اچڻ تي سندس ملم پٽي چڱيءَ طرح ڪئي هُئائين. سام چيو: ”مون کي مزو ٿي آيو جو پاڻ کي ڏوهيءَ جي صورت ۾ پيو ڏسان. اُن مان اهو احساس پيو پيدا ٿئي تہ ڪنھن ٻار يا نوڪر سان ظلم ڪرڻ ڪھڙو نہ خراب آهي! ٻيو وري تنھنجي ڪاوڙ ۽ جذبو حق جي طرف ڳالھائڻ ۽ مون کي بي ريا نموني نندڻ جو، سو بہ ڏاڍو ٿي وڻيو. اهو تو ۾ سوڀادايڪ ٿي لڳو. مگر اهو ارمان ٿيو تہ مون مان سچ ڳالھائڻ جي اميد ايتري جلد تو ڇو لاهي ڇڏي ۽ ڇو ائين نٿي سوچيءَ تہ سام ڪيئن مون کان ڪا ڳالھہ لڪائيندو!“
مون کي پڻ انھيءَ ڳالھہ تي ارمان ٿيو. پر تنھن بعد وري ماني کائيندي اسان کي گمراه ڪرڻ لاءِ سام اهڙي ڦرتي کاڌي جو ٻيو ڀيرو دل ۾ شڪ پيدا ٿيو تہ شايد سچ پچ بادل کي ماريو اٿس. ٻيا ڇوڪرا پڻ چوڻ لڳا تہ دادا جو ارمان آهي جو اسان کان ڳالھہ الي ويو. تڌهين سام اسان کي ٻيو ڀيرو شڪ ۾ وجهڻ بعد ڪرائيسٽ ۽ پيٽر جي ڳالھہ ٻڌائي تہ مقدمي هلڻ کان اڳ ۾ ڪرائيسٽ پنھنجي چيلي پيٽر کي چيو هو تہ ڪڪڙ ٽي دس ئي نہ هڻندا جو تون مون کان اڳ ۾ ٽي ڀيرا منافق ٿي ڦري ويندين! پيٽر کان ڀيري ڀيري اها ڳالھہ وسري ٿي ويئي ۽ جڏهين کائنس سرڪاري ماڻھو پڇن پيا، تون ڪير آهين؟ تڏهين هو ڇرڪ ڀري چوي پيو تہ منھنجو هن (ڪرائيسٽ) سان ڪو بہ واسطو ڪونھي! تڏهين ڪڪڙن جا دس ٻڌي وري کيس ڪرائيسٽ جي لفظن جي ياد اچي ٿي ويئي! مون بہ گويا پيٽر وارو ڪم ڪري ڏيکاريو: اُتيئي ٻہ ڀيرا سام جي لفظن ۾ شڪ آندم!
***


27-8-1955ع هيٺيان نوٽ ٿورا ڏينھن اڳ جا لکيل آهن: منھنجي جيون جو مطلب سام سان گڏيل آهي؛ ٻيو ڪو مطلب مراد زندگيءَ اندر نہ هوندي بہ خبر نہ آهي ڇو بعضي بعضي خود سام سان جهڳڙو ٿيو پوي! جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڇڄي رهيا آهيون! هي آخري جڳهڙو تہ خاص ڪري ان خيال کان بلڪل خطرناڪ هو؛ ايتري قدر جو رات جو سمھڻ وقت، مون کي اهو خيال ٿي بيٺو تہ سام متان بيزار ٿي يا غصي وچان راتو واھہ نڪري ڪيڏانھن هليو وڃي! سو درن کي چپ چپ ۾ وڃي قلف هنيم ۽ ننڊ بہ چنتا ۾ ڪانہ ڪيم. هر هر منھن ڪڍي ڏسان پئي تہ هو ڪٿي آهي. سڀاڻي تي سنڌيا جي ڌيان کان پوءِ مان وڃي سام جي اڳيان ويٺس. هن ٿورو هٿ گهمايو مگر اسان جي وچ ۾ اڃان ڄڻڪ حجاب جو پڙدو هو. مون جيئن ساڻس وڌيڪ ڳالھائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي تہ هو ڇرڪيو ٿي آخر اسپتال کان موٽي منجهند جو جڏهين ساڻس اچي ڳالھيم تہ چيائين: ”ٺاھہ ڪبو، پر ڪي ڳالھيون اڳ ۾ ڪبيون.“
مون سمجهيو تہ ڪي شرط هوندا جي هو وجهندو، سو کيس چيم تہ ڀل هينئر ئي اُهي چئي ڏيو.
سام چيو: ”منجهند جي ننڊ کان پوءِ اُهي ڳالھيون ڪبيون. ٿڪ ۾ ٺاھہ جون ڳالھيون ڪين ڪرڻ گهرجن. جسم آرام ۾ ۽ من سيتل رهي پوءِ ڳالھيون ڪجن.“
ننڊ کان پوءِ چيائين: ”هينئر اُهي ڳالھيون ٻڌين تہ ٻُڌ!“
مون چيو: ”ڀلا تيئي ٻڌايو.“
سام چيو: ”ٿڪ برابر هوندءِ؛ پورهيو ڪري اچين ٿي، مگر ان سان گڏ زندگيءَ ۾ چاھہ جي پڻ گهٽتائي آهي جا تو ۾ ٿڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. زندگي چاھہ بنا لاچار هلي رهي آهي ان ڪري ڪٽ پٽ پڻ وڌي آهي. گيان ۽ ويچار جيوت جا اُتم ڦل آهن سي تڌهين پيدا ٿيندا، جڏهين جيوت جا سڀ جزا پورا بيٺل هوندا. نہ رڳو سڀ جزا موجود هجن، پر ڪنھن انتظام هيٺ هجن. تنھن لاءِ ساڌن کپي اسان جي جلد جلد وڙهڻ جو ڪارڻ اهو آهي، جو انھيءَ جيوت جي انتظام ۾ ڪا مڙيوئي گهٽتائي آهي. ائين نہ آهي تہ هن اڄوڪي سمجهاڻيءَ کان پوءِ يا ٺاھہ ڪرڻ کان پوءِ وري ڪو اسان جي وچ ۾ تفاوت پيدا ئي ڪونہ ٿيندو، مگر وري ڪوشش ڪري انھن تفاوتن هوندي بہ ڪا هيڪڙائي حاصل ڪرڻي آهي، ڪيتريون ڳالھيون اسين الڳ الڳ نموني سمجهون ٿا. انھن سان گهڻيون وقت اندر پاڻھي صاف ٿي وڃن ٿيون، تنھنڪري جيڪي ڪنھن ڌُر کي سمجهہ ۾ نہ اچن، تن لاءِ ڪشاده دليءَ جو رخ اختيار ڪرڻ کپي. ٻہ ڄڻا ڪي بہ هڪ جھڙا نہ ٿيندا آهن، نہ تہ جيڪر الڳ ڇو پيدا ٿين؟ پر پريم يا شرڌا، اُها ڳنڍڻ واري لئي يا کؤنر آهي جا ٻن پٿرن کيپاڻ ۾ ملائي سگهي ٿي هڪ طرف ڪو پٿر دل انسان هجي ۽ ٻئي طرف نرم ۾ نرم دل وارو هجي، هڪ طرف ڪو گياني هجي ۽ ٻئي طرف مون جھڙو جَڙ ٻُڌي وارو انسان هجي، تہ بہ انھن کي پريم ملائي سگهي ٿو. اها ايڪتا جيڪا تفاوتن جو گم ٿيڻ گهري ٿي، سا ڪوڙي ۽ اڻ لڀ آهي. انھن تفاوتن جي هوندي بہ پيار قائم رکڻ سو زندگي جو سچو مقصد آهي. حقيقت ۾ پيار آتما ڪارڻ ئي آهي. ان ڳالھہ جو اپنشدن ۾ ورنن ڪيل آهن. اُها هن ملڪ جي رشين جي سمجهاڻي آهي تہ پٽ پيارو آهي آتما ڪارڻ؛ زال پياري آهي تہ بہ آتما ڪارڻ وغيرہ. اهو نہ رڳو خيالي آدرش آهي، مگر زندگيءَ جي هڪ حقيقت پڻ آهي. ڪئين مثال تو پاڻ ڏٺا ٻڌا آهن. جو پيءُ پٽ ۽ هڪ ٻئي جي آڏو ايندڙ آخر هڪ ٻئي مان بيزار ٿيو پون ۽ جدا ٿي وڃن. اها ڳالھہ تنھنجي ۽ منھنجي حالت ۾ اڃا بہ وڌيڪ لاڳو آهي. مون ننڍي کان پنھنجي دل اندر جيڪو جيون جو آدرش رکيو آهي ۽ جنھن جي حاصل ڪرڻ جي اڃا بہ آس گهڻي اٿم، ان جي آڏو هي گهرو ڪر ڪر اچي رهي آهي. تنھن ڪري جيتوڻيڪ هي خيال ڪندي بہ دل کي ايذاءُ پھچندو آهي، تڏهين بہ اها ڳالھہ ساسنڀو نہ آهي تہ ڪر ڪر اسان کي ٿوري وقت کاءِ ئي جدا ڪري وجهي.“
وڌيڪ اهڙيون ڳالھيون مان ٻڌڻ لاءِ تيار نہ هيس تنھن ڪري سام کي چيم: ”بس، اهو ڪافي آهي! وري جهڳڙو ڪو نہ ٿيندو.“
***


28-8-1955ع اڄ ويٺي ويٺي مون گرڌاريءَ کي چيو تہ تون سڀاڳو آهين جو ڪتاب (آتم باغ) جيڪو سام توکي ارپن ڪري ٿو، سا هڪ اُتم چيز آهي. ان وقت سام کان مون پڻ پڇيو تہ ٻيا ڪھڙا ڪھڙا ليک يا ڪتاب اسان وٽ ڇپائڻ لاءِ آهن. سام مشڪي چيو: ”جرمنيءَ جي هن گذريل لڙائيءَ وقت جڏهين جرمن قومن ڪجهہ شڪستون کائڻ شروع ڪيو، تڏهين هٽلر جي هڪ وزير ربن تروپ ائين چيو هو تہ مان جڏهين پنھنجا نوان ٺهندڙ اوزار ۽ هٿيار ڏسان ٿو، تہ منھنجي دل وڏي ٿئي ٿي ۽ مون کي پنھنجي آخرين سوڀ ۾ ڪو بہ شڪ ڪونہ ٿو نظر اچي. ان وقت وٽن ”وي ون“ (V.1)، ”وي ٽُو“ (V.2)، ۽ شايد ائٽم بم جو بہ ڪو نمونو تيار ٿي رهيو هو. پر تنھن هوندي بہ جرمنيءَ هار کاڌي؛ اهي اوزار ۽ انھن سان گڏ سائنس جي ترقي جيڪا جرمن قوم حاصل ڪئي هئي، سا هٽلر دنيا کي ورثو ڏيئي ويو. ساڳيءَ طرح هي ڪتاب اسان جا بہ آشرم جي مرڪز يا شيوا جي ڪنھن هلچل آڏڻ لاءِ هيٿار ٿي سگهن ٿا. مگر اها آشرم اڃا برپا ٿيندڙ نہ ٿي ڏسجي. اسان جي زندگيءَ جي هار ظاهر آهي. پَر تنھن هوندي بہ هي پريم جا آوزار ’آتم باغ‘ ۽ ٻيا سڀ ڪتاب دنيا کي نماڻي سوغات ورثو ڏيئي وينداسين.“
***

__________________
[1] ٿيو بہ ائين؛ ٿورن ڏينھن بعد ڪرستانن لائوڊ اسپيڪر هڻي ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪري ڪن غريب ڇوڪرن کي پاڻ وٽ آندو. ٻاهران ديول جي هڪ مولوي بہ اچي وعظ ڪرڻ بيٺو. ٿوري وقت لاءِ چڱو جوش پيدا ٿي ويو ۽ ان مان اسان ظاهر ڏٺو تہ اهڙين حالتون جهيڙو پيدا ڪري سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ جهيڙو هن حالت ۾ ٽري ويو جو ڪرستان تمام ٿورا هئا.
__________________