ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

15

8-12-1963ع ڪجهہ وقت کان هڪڙو نئون ڇوڪرو نرمل نالي اسان وٽ ايندو آهي. سندس چوڻ تي سام ٿورا مھينا اڳ کيس ڪو اتاري جو ڪم ڏنو هو مگر هو چڱيءَ طرح ڪري نہ سگهيو. سام چيو: ”هن جي دل ڪم سان نٿي لڳي. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ هو ڪن گهرو حالتن ڪري خوش نہ رهندو آهي. ڪالھہ جڏهين وري اسان وٽ آيو تڏهين سندس اُتاري جي ڪم جو ذڪر نڪتو. سام چيو: ”کيس ڪم ڪجهہ ڪونہ ڏبو ڇا لاءِ جو هن جي دل انھيءَ ڪم ۾ ڪانہ آهي ۽ ڏانهس منھن ڪري چيائين. ”توکي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جنھن ۾ سچ پچ تنھنجي دل لڳي؛ پر شارٿ ضروري آهي پر هر ڪنھن انسان کي پنھنجي ڪم جو دائره پاڻ چونڊڻو آهي. هر آتما ڪو نئون ارادو يا اڇا ڌاري هت اچي ٿي ۽ ان کي ڪو نہ ڪو ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي. اسان کي ائين پيو لڳي ڄڻ تون ننڊ ۾ گهمي رهيو آهين ۽ جيوت ۾ پورو اتساھہ ڪو نہ ٿو رکين! حياتيءَ جو مطلب کائڻ پيئڻ يا وقت گذارڻ ۾ نہ آهي مگر ڪنھن ڪم ڪري ڏيکارڻ ۾ آهي.“
سوال اٿيو تہ نرمل ڪھڙو ڪم ڪري، تڏهن سام هڪ فقير جي ڳالھہ ٻڌائي جو پنھنجي مرشد وٽ ويو ۽ چيائين تہ ذڪر فڪر جيڪو ڏسيو سي ڪياسين، پر ﷲ تہ اسان کي ڏسڻ ۾ ڪو نہ آيو! هاڻي اهڙو ڪو ڏس ڏيو جو ﷲ جو پاڻ ۾ ديدار حاصل ٿئي. مرشد سندس ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ کائنس پڇيائين تہ جھان ۾ توکي سڀ کان وڌيڪ ڇا وڻندو آهي؟ فقير وراڻيو مون کي سڀ کان وڌيڪ ڏاند وڻندا آهن. تڏهين مرشد کيس چيو: ”پوءِ تہ ڳالھہ سھنجي آهي. ڇا لاءِ جو ﷲ جي صورت بہ سچ پچ ڏاند وانگر آهي. تون وڃي ڏاند جي صورت تي ڌيان ڪر ۽ انھيءَ سان وڃي هيڪڙائي حاصل ڪر.“ فقير چاليھہ ڏينھن وڃي هڪ سوڙهيءَ گفا ۾ ويٺو ۽ ڏاند جي صورت ۾ ﷲ جو ڌيان ڪرڻ لڳو. ڪجهہ ڏينھن بعد سندس مرشد کيس ٻاهر سڏ ڪيو، اهو خيال ڪري تہ ڏسان تہ هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. فقير سڏ تي ٻاهر نڪري آيو. مرشد وڌيڪ پڇا ڳاڇا کان سواءِ کيس چيو: ”اڃا پورو تصور ڪونہ پچايو اٿئي. وري ڌيان وڃي ڪر.“ ڪجهہ ڏينھن بعد جڏهين کيس ساڳيءَ گفا مان سڏ ڪيائين تہ فقير چوڻ لڳو ”مان ٻاهر ڪيئن اچان؟ منھنجا سڱ هن سوڙهي در مان نڪري ڪونہ سگهندا.“ مطلب تہ هن ﷲ جي اهڙي صورت من ۾ ويھاري جو پاڻ کي گويا ڏاند جي صورت ۾ ڏسڻ لڳو. هو ذڪر فڪر ڪجهہ ڪونہ ٿي ڪري سگهيو پر هن اتي پنھنجي عشق واري شيءِ مان اُن سان هيڪڙائي حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح هي دنيا جون شيون سڀ بھانا آهن. انھن جي معرفت بہ اها هڪ شيءِ حاصل ٿي سگهي ٿي جنھن جي اسان جي آتما کي لوڙ آهي. هاڻي نرمل کي بہ پاڻ کان سوال پڇڻو آهي تہ ڪھڙيءَ شيءِ يا ڪھڙو ڪم کيس سڀ کان پيارو لڳي ٿو. پوءِ اُن کي چھٽي وڃي ۽ اُن مان پنهجي آتما جو مقصد حاصل ڪري!
***
12-3-1964ع ٻہ ٽي ڏينھن ٿيا تہ اسين ڪراچيءَ کان موٽي رهيا هئاسون. سام، مان ۽ هڪ اسان جو ڇوڪرو گڏ هواسين؛ ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ ڪوٽڙيءَ کان گرامي صاحب اچي ويٺو. اڳ هڪ ٻئي سان ڏيٺ ڪانہ ٿي هئي جيتوڻيڪ هڪ ٻئي جي ادبي ڪم مان ڪجهہ قدر واقف هئاسين. گرامي صاحب سنڌ جي مشهور رسالي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر آهي اسان کي هرو ڀرو اها اميد ڪانہ هئي تہ هو ايتري قدر اسان جي ڪم مان واقف هوندو! پر هن صاحب اسان کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو جو نہ فقط سام جي غزلن جو بيان ڪرڻ لڳو مگر منھنجي ڊائريءَ ۾ ڪيتريون ڳالھيون بيان ڪيل چٽيءَ طرح ياد هيس. چيائين تہ مون پنھنجي آفيس واري پٽيوالي کي چئي ڇڏيو آهي تہ ٻي ڪابہ شيءِ ميز تان هيڏي هوڏي ٿي وڃي تہ حرڪت نہ آهي پر ڪنھن بہ صورت ۾ ”رهاڻ“ رسالو جنھن ۾ اسان جي ڊائري ۽ ”ديوان سام“ شايع ٿيندا آهن، هميشہ ميز تي منھنجي سامھون رهي.“
حال احوال پڇندي جڏهن معلوم ڪيائين تہ اسين ڪراچيءَ زمين جي ڪم سان ويل هئاسون تڏهين هو تعجب ۾ اچي چوڻ لڳو ”توهين سام صاحب کي زماني جا ڪم ڏسي وڏو جرم ڪريو ٿا. هن کي ڇڏي ڏيو تہ ويٺو اسان لاءِ غزل لکي وندر پيدا ڪري ۽ دعائون گهري. زماني جي ڪمن کان کيس بلڪل فارغ ڪري ڇڏيو!“ مون کي سندس اکر ٻڌي بيحد خوشي ٿي، خاص ان ڪري جو ڏٺم تہ اسان جو ڇوڪرو جيڪو اسان سان هيو ۽ جنھن جو من آشرم جي مشغولين سان پوريءَ طرح ڪين لڳندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڃان، وڃان پيو ڪندو آهي، سوبہ صدق ۾ اچي ويو. اُن ڳالھہ ۾ فخر وٺڻ لڳو تہ اسان جي دادا سائينءَ جو ٻاهر ڪيترو قدر آهي. سچ چيو اٿن تہ گهر جو پير چلھہ جو مارنگ. جيتري قدر منھنجو واسطو آهي، مون تہ گويا پنھنجا ئي خيال گرامي صاحب جي واتان ٻڌا!
***


13-4-1964ع گذريل رات هڪ هندو فقير سيوهڻ جو سام سائينءَ سان ملڻ آيو. ساڻس ڳالھائيندي جهوڪ جي مشهور فقير نصير جو ذڪر نڪتو. سام چيو: ”فقير نصير وڏو گياني هو. اڻپڙهيل هو مگر اهڙو سندس اکرن ۾ تاثير هو جو وڏا پروفيسر ۽ پرنسيپال، ڪامورا ڪراچيءَ ۾ اچي سندس اڳيان ويھندا هئا ۽ سندس گيان جا نڪتا ٻڌندا هئا.“
ان هندو فقير ٻڌايو تہ هينئر سندس مقبره تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ سام کان پڇيائين تہ اوهان ڪڏهن جهوڪ شريف جي ميلي تي آيا آهيو؟
سام چيو: ”اسين گهڻو ڪري ميلن تي ڪونہ ويندا آهيون، نہ درگاهن ڏسڻ جو خاص شوق آهي، جيتوڻيڪ اُتي بہ صوفيءَ جو سئر آهي. ڪڏهن موج پئي تہ سئر تي نڪربو آهي. درحقيقت سئر سڄو سال پاڻ ۾ سمايل آهي ۽ پنھنجي صورت ئي ٿا هر جاءِ پسون. جيئن آرسيءَ ۾ منھن ڏسڻ سان پاڻ کي خوشي ٿيندي آهي، تيئن وحدانيت وارو بہ ڪثرت جي آرسيءَ ۾ پنھنجو ئي منھن ڏسي خوش ٿئي ٿو. هيءَ هڪ ئي ليلا آهي؛ ڪڏهن سيوهڻ شريف ڪڏهن ڪنڊڙي شريف ڪڏهن درازين ڪڏهن گنگا ۽ ڪاشي تہ ڪڏهن مڪي مديني وڃي ٿو پاڻ پسي؛ اها سندس خوشي آهي. ورنہ ضرورت ڪجهہ ڪانہ اٿس جو ڪيڏانھن وڃي؛ پنھنجي سيني ۾ سڀ ڪجهہ سمايل آهي.“
***


11-5-1964ع گذريل رات اسان جي گهر جي اڳيان اڳواٽ ئي محرم جو ماتم ٿي رهيو هو. سام اوڏانھن ڌيان ڇڪائي چيو: ”هي بہ عبادت جو نمونو اٿوَ. اهڙيءَ طرح ٻين مذهبن ۾ بہ اهڙا نمونا عبادت جا آهن جن ۾ هٿ پير هلائڻا پون ۽ جوش جنون هجي؛ مثال طور هندو فرقي ۾ نانگ جي پوڄا ڪندڙ مون ڏٺا آهن جي جوش مان هڪلون ڏيئي ۽ هٿن جا اشارا ڪري نانگ جي مورتيءَ کي گويا جاڳائيندا آهن! اهڙيءَ طرح يھودي جيرو سلم ۾ رودن واري ڀت Wailing Wall تي وڃي روئڻ جا مظاهرا ڪندا آهن پر جڏهن گيان جي درشٽيءَ وڌي ٿي هٿ پير هلائڻ يا عبادت ۾ ڪنڌ ڌوڻ ۽ جوش يا جنون جا مظاهرا ڪرڻ ضروري نہ ٿو سمجهجي؛ تنھن کان پوءِ آهن جپ تپ ذڪر وغيرہ. اڃا اڳ ڀرو هلي عابد ڏسي ٿو تہ ڪنھن زباني ذڪر يا چپ تپ وغيرہ جي پڻ ضرورت نہ آهي ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ اندر جو اندر ۾ خيال يا نقش جي ٽيڪ وٺي ’عبادت‘ ڪري ٿو. مگر اڃا بہ اڳتي هلي آخر تصور جي ٽيڪ بہ ڇڏي ٿو ڏي. ’اوهم‘ ’سوهم‘ يا ذڪر ذاتيءَ جا طريقا اختيار ڪري ٿو. آخر ائين ٿو سمجهجي تہ ﷲ سان ڪا بہ اٽڪل هلي ڪا نہ ٿي سگهي. محبت واري هيڪڙائيءَ مان اها وجداني حاصل ٿئي ٿي، جنھن ۾ اٿڻ ويھڻ، کائڻ، جا طريقا خود عبادت ٿي پون ٿا، يعني هرڪار ۽ هر خيال ۾ ﷲ کي اثبات ڪري ٿو. هن منزل جا ماڻھو بہ سڀني مذهبن ۾ ملن ٿا.“
***


28-5-1964ع ڪالھہ (؟) جواهري لعل جو مرتيو هندستاني وقت موجب 2 بجي ڌاري ٿيو، صبح جو چانھہ پيئڻ کان پوءِ سام پنھنجي ليکي گهر ۾ ۽ مان پنھنجي ليکي اسپتال ۾ ڪو اثر محسوس ڪري رهيا هئاسين، جيتوڻيڪ اهڙي خبر اڃا ڪونہ ملي هئي. گهڻي وقت کان پوءِ ريڊين تي خبر پئي تہ پنڊت نھرو بيمار آهي. هيمشہ ڪنھن جي بيماريءَ جو ٻڌي ايترو اثر ڪونہ ٿيندو آهي ڇا لاءِ جو بيماري پيئي انسان کي ٿئي پر هن ڀيري الاجي ڇو اندر ۾ اهو خيال هيو تہ ڪا ڳوري ڳالھہ آهي. 1 بجي ڌاري مٿي چڙهيس ۽ پاڻ بہ دعا گهريم ۽ سام کي بہ چيم تہ دعا ڪر تہ هي انساني آزاديءَ جو نيتا زنده رهي. پر سام جي واتان اکر دعا جو ڪونہ نڪتو. مون کيس چيو تہ هن ڀيري شايد حالت ڳري آهي جو توهان کان دعا جو اکر بہ ڪونہ ٿو نڪري. سام چيو برابر اهڙو ڪو اثر صبح کان وٺي دل من تي رهي ٿو. ڪجهہ دير بعد ريڊين تي سندس مرتيوءَ جي خبر آئي، مگر اسين تہ ڄڻ اڳ ۾ ئي اهو خيال ڪري رهيا هئاسين. سام چيو تہ وڏن آتمائن جي اچڻ وڃڻ جو اثر ڪڏهين ڪڏهين ائين پئجي ويندو آهي توڻي جو اسين انھن سان هم خيالي نہ هجون.
تنھن کان پوءِ ارٿيءَ سان جيڪو سرگس نڪتو ان جي ڪارروائيءَ جو احوال ريڊين تي ٻڌوسين. هوڏانھن دکدائڪ مرتيو، هوڏانھن شاهاڻون شان شوڪت جو نظارو! ان جو ويچار ڪندي سام چيو: ”ڏسو هي موت ۽ حياتيءَ جي گويا پاڻ ۾ لڙائي آهي. موت ڌڪ هڻي هڪ وڏو ڪونڌر ڪيرائي وڌو پر حياتيءَ ان مان زندگيءَ ۽ روحانيت جو مصالح بڻايو! هي هڪ حياتيءَ جو عجيب نظارو چئجي يا موت جي مٿان فتح چئجي!“
مون چيو: ”اها ڳالھہ کولي ٻڌايو.“ سام چيو: هڪ پاسي جيئن ريڊئي تي ٻڌءِ، غم جا بادل ڇائنجي ويا آهن، پر ٻئي پاسي نظر ڪر تہ حياتي انھن مان پريم ۽ گيان جون بوندون برسائي رهي آهي؛ لکين ڪروڙين دليون پريم سان آباد ڪري رهي آهي! ماڻھو جيڪي ارٿيءَ سان گڏ وڃن ٿا انھن جي دلين ۾ سچ ۽ شيوا! جي آدرش لاءِ ڏس تہ اڄ ڪيڏي نہ محبت وڌيل آهي. ڪن ارادا ڪيا هوندا تہ اسين بہ جواهر بڻباسين، يا ان جي راھہ وٺنداسين. وري ٻي عجيب ڳالھہ ڏس تہ اسان جي پاڪستان گورنمنٽ ۽ ٻين ڪيترين مخالف راين پارٽين، ارادن، جمايتن ڪيڏي نہ فراخ دليءَ سان همدردي ظاهر ڪئي آهي! هوڏانھن وري ملڪ مٿان سندس خاڪ جي ڇٽڻ جو اعلان يعني ان جو ذرو ذرو پنھنجي ملڪ ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم اچي سو بہ ڏيکاري ٿو تہ نہ فقط جيئري انسان ذات جي خدمت بعد پر مئي پڄاڻان خود ان جي مٽيءَ سان موت روحانيت جو اتساه جاڳائي سگهي ٿو.“
***


29-8-1964ع اڄ ٿڌڙي آهي. پھريون خيال ڪرشن جي جنم جو ئي من ۾ اچي ٿو. سام جي اڄوڪي هڪ متر ڏانھن لکيل خط مان هيٺيون ٻہ ٽي سٽون ترجمو ڪريان ٿي: ”سچ پچ هن زندگيءَ جو مزو پوري ريت تڏهن حاصل ٿئي ٿو جڏهن حياتي ايشور جي هڪ ليلا سمجهي انھيءَ ۾ پنھنجو پارٽ پوريءَ طرح ادا ڪجي ٿو. ڪرشن اسان جي دلين ۾ وري وري نئين سر جنم وٺي ٿو، جتي سندس مرلي اڃان ڀي پريم ڀريون لاتيون سڻائي ٿي؛ چوي ٿي اي انسان اُٿ! سندس پريم جي آلاپ ٻڌ! منجهس ئي سارو مٺاس جيون جو سمايل آهي.“
اڄوڪي ڏينھن مون بہ وري نئون ارادو ڪيو آهي تہ مان بہ ان ليلا ۾ پنھنجو پارٽ دلو جان سان ادا ڪندس. پنھنجي ٻين آدرشن ۾ هي بہ هڪ ڪم مون پاڻ تي هموار ڪيو آهي تہ هن ”جيتامڙي جيَ ڊائريءَ“ وسيلي سام جو ۽ هن صوفي ست سنگ جو سنيھو جيترو ٿي سگهندو دور دور پھچائيندي رهندس. ٽي مھينا سڄا سارا هن ڊائريءَ کي ڇڏي ٿي ويا جو ڏيکاري ٿو تہ مان ڪيتري قدر وري وري سست ٿي پوان ٿي؛ پر انھن ٽن مھينن مان ڏيڍ مھينو تہ سام خود ٻاهر رهيو هو. انھيءَ موقع بنسبت بہ ٿورو احوال هت ڏيڻ واجب نظر اچي ٿو. وڃڻ کان اڳ سام چيو هو تہ تون پئسي ڪمائڻ يا ٻئي ڪنھن ڳالھہ جو خيال نہ ڪر؛ جيڪڏهن توکي بہ پنھنجن مائٽن وٽ هندستان هلڻوآهي تہ ڪجهہ ڏينھن لاءِ هل. مون سان گڏجي مسافري ڪر، جو اڪيلائيءَ ۾ ٻنھي ڌرين کي گهڻيون دشواريون پيش اچن ٿيون؛ حالتن ڦرندي ويرم ئي ڪانہ ٿي ٿئي؛ وري وري ڏٺو اٿئون تہ ڄڻ وچ ۾ درياھہ وهي ٿا وڃن؛ ڪڏهين ڪٿي پوسٽل اسٽرائيڪ آهي تہ ڪڏهين خطن جي اچ وڃ ئي بند آهي؛ ڪڏهن ليٽون ٿيون نڪرن ۽ ڪڏهن ٻيا سبب ٿا بڻن. جنھن ڪري هڪ ٻئي جو احوال ڪو نہ ٿو ملي. نہ وري هڪ ٻئي کي اهنجي سھنجيءَ ۾ جيڪر پھچي سگهجي. مون کي هي انديشا سام جا هروڀرو اهڙا نظر نہ آيا جو انھن جي ڪري تڪڙي تياري ڪري ساڻس گڏ گهمڻ هلان؛ مگر جلد ئي حالتون اهڙيون بڻيون جو ڪراچيءَ ۾ پوسٽل اسٽرائيڪ (Strike) ٿيو، هوڏانھن سام کي بمبيءَ ۾ ٽپال ملڻ جي پوري سھولت ڪانہ هئي جنھن ڪري ٻنھي طرفان ڪيتري انتظاري پيدا ٿي وئي. منھنجو لکيل خط ٻارنھن يا تيرهن ڏينھن بعد مس پيو سام کي پھچي. نہ مان هن جي پروگرام مان واقف، نہ هن کي خاطري پيئي ٿئي تہ دل چوي پئي اجايو ٿو دهليءَ وڃين؛ اول سرلا پھچي وڃي تہ پوءِ هتان نڪرجي. پر ٽڪيٽ جو ريزرويشن اٺ ڏينھن اڳ ۾ ڪرڻو ٿي پيو. چاليھن ڏينھن جي ڪوشش بعد مس مس دهليءَ جو ويزا وٺي هو منھنجي پروگرام واري ڏينھن دهليءَ پھتو. اتي پھچڻ کان اڳ، سندس چوڻ موجب، کي سهڪڙو درشيہ ڏسڻ ۾ آيو جنھن ۾ ڏٺائين تہ گاڏي دهليءَ پھتي ۽ دهليءَ ۾ گول چڪر هڻي وري اڳتي رواني ٿي ويئي! هتي نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھہ هيءَ آهي تہ جنھن گاڏيءَ ۾ سام پھتو اهائي ساڳي گاڏي دليءَ مان نئين سر امر تسر کان لاهور ايندي آهي. مون کي لاهور کان پوليس ۽ پاسپورٽ وارن واپس ڪري ڇڏيو هو جو نئون قانون نڪتل هو تہ پاڪستان مان No Objection جو سرٽيفڪيٽ وٺي پوءِ نڪرڻ گهرجي. اُهي ٻٽي ڏينھن مان هن طرف پريشانيءَ ۾ تہ سام هن طرف انتظاريءَ ۾ هيو. ڄڻ تہ سچ پچ سندس خيال وارو درياھہ اسان جي وچ مان وهي ويو. آخر تارون ٽيليفون Trunk Call وغيرہ ڪري هڪ ٻئي سان ڳالھايوسين ۽ سام انھيءَ گاڏيءَ ۾ Reservation وٺي ٻئي ڏينھن لاهور طرف کان موٽيو. پوءِ سندس ڏٺل درشيہ جي کيس ياد آئي جو دهليءَ ۾ پھچڻ کان اڳ ڏٺو هئائين؛ هيڏانھن مون کي سندس اڳ چيل لفظن جي ياد آئي. ان ڪري مون ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ اڳتي اهڙي چوڪ ڪانہ ڪندس ۽ پنھنجي عقل تي نہ ڀاڙيندس!
***


30-8-1964ع اڄ ڪالھہ چون ٿا تہ کوجنا هلي رهي آهي تہ انترگيان Telepathy جي زريعي ڪنھن دور ديس ڪيئن يقيني طور سنيھا پھچائجن. اهو سوال بہ ويچار ۾ آهي تہ چنڊ تي چڙهڻ کان پوءِ انترگيان جي شڪتي (Telepathy) ڪارگر ٿيندي يا نہ.ا هڙن سنيھن پھچائڻ لاءِ اڳي مون هن ڊائريءَ ۾ سر آليور لاج جي آزمودن جو ذڪر ڪيو آهي. سام ان بابت هينئن چيو: ”ٽيليپٿي Telepathy ۽ ڪليئر واينس Clairvoyance جون طاقتون روحاني طاقتون آهن جن جو علم ۽ عقل سان ڪو واسطو ڪونہ آهي. ائين بہ هروڀرو نہ آهي تہ ڪو آهي پرماتما سان پھتل شخصن کي ئي حاصل ٿي سگهن ٿيون؛ مگر ائين ضرور آهي تہ جن ۾ ستوگڻ وڌيڪ رهي ٿو انھن ۾ اهي طاقتون سھنجائيءَ سان ظاهر ٿين ٿيون. خيال جو گهوڙو (اڄڪلھہ ان کي خيال جي بجلي چوڻ گهرجي) سڀ کان تيز آهي. اِنسان ان طرف توجهہ گهٽ ڏئي ٿو ورنہ ستي گڻ وارا اڳ ۾ گهڻو ڏسي پسي سگهن ٿا. ستي گڻ وارن جي هڪ نشاني اها آهي جو هو دک سک کي هڪ ڪري سمجهن ٿا ۽ ڪنھن بہ حالت ۾ پنھنجي خيال کان ٿڙن نہ ٿا.“
انھن جي آزمودن ٻڌندي مون کي بہ تازا مثال ياد آيا جي مون سام کي ٻڌايا ۽ انھن بابت وڌيڪ سمجهاڻي کانئس طلب ڪيم.
سام چيو: ”جڏهن توجهہ ڪنھن خاص ڳالھہ ڏانھن گهڻو ٿيندو آهي تڏهن گويا هي وجود سارو خيال ۽ احساس سميت، سوچ ويچار جي صورت وٺي انھيءَ شيءِ جي ڳولھا ۾ ڄڻڪ پاڻ کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ۽ انھيءَ کِن ۾ ائين سمجهندو آهي تہ اهي شيون ئي فقط ضروري آهن جنھن ڪري ٻين حقيقتن کان پري ٿي وڃي ٿو. خيال ان وقت گهٻرايل رهي ٿو، پر جڏهن من وري شانت ٿئي ٿو تڏهن اُهي سڀ شيون پوري انداز ۾ نظر اچن ٿيون ۽ خاص طلب واري ڳالھہ پڻ سچي روپ ۾ اکين اڳيان اڀري اچي ٿي.“
اڄ ڇا ٿيو جو سام جي ٻن جوڙن چمپلن مان هڪ جوڙو ٽٽي پيو. ٻئي جوڙي جي ڳولھا ڪئي وئي پر ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. اسان جي پٽيوالي جنھن جي هٿان اها گم ٿي، ان بہ ڳولا ڪئي. مگر جلد ئي سام ڳولھا بند ڪئي ۽ ان پٽيوالي کي بہ چيائين تہ مان سمجهان ٿو اها شيءِ هت ڪانہ آهي؛ تو ڪنھن موچيءَ کي تہ ڪا نہ ڏني آهي؟ وڃي پڇا ڪر! پٽيوالو چوڻ لڳو تہ مون کي ڪونہ ٿو سجهي تہ ڪنھن موچيءَ کي ڏني اٿم. اهو موچي اسان جي رستي تي ويٺو هو جتان هر روز اهو پٽيوالو گهڻائي ڀيرا ڏينھن ۾ ايندو ويندو آهي. سام جڏهن کيس گهر مان ان موچيءَ ڏانھن روانو ڪيو تڏهن موچيءَ بہ پري کان هن ڏانھن ڏٺو ۽ چيائين تہ چمپل اڃا نہ کڻندين ڇا؟ هاڻي انھيءَ ڳالھہ تي ويچار ڪريو تہ ڇو اوچتو انھيءَ موچي پٽيوالي کي سڏ ڪري چمپل لاءِ چيو، عين انھيءَ وقت جڏهن هو پاڻ چمپل جي پڇا ڪرڻ ٿي ويو؟ سام چيو: ”ان مان انومان ڪجي ٿو تہ اسان جي خيال وڃي ان موچيءَ جي خيال کي جاڳايو، نہ تہ ان جي بي ايماني هجي يا ويسر هجي تہ اُها حالت بلڪل ساڳيءَ گهڙيءَ ايڏيءَ مدت کان پوءِ ڪيئن ٿي اوچتو ختم ٿئي!“
ٻيو مثال ڪجهہ عرصو اڳ جو آهي جڏهن هڪ نوڪرياڻي سام جي رلھي ٺاهيندي، ڪي ڪپڙي جا ٽڪر گم ڪيا هئا. مون ضد گهڻو ڪيو تہ اُهي ٽڪرا انھيءَ رلھيءَ ۾ وڌل هوندا ۽ ان نوڪرياڻيءَ پڻ يقين ڏياريو تہ سندس ڌي ئي اهو ڪم ڪندي آهي؛ ڪنھن ڪجهہ تڳايو ڪو نہ آهي. انھيءَ نوڪرياڻيءَ جي جاءِ جي سام يا مون کي ڪا خبر ڪانہ هئي. پر سام جو خيال سنجها جي پريئر کان پوءِ وري اوچتو انھيءَ ڳالھہ ڏي وريو ۽ ان نوڪرياڻيءَ کي چيائين تہ مائي تون ڪوڙ ٿي ڳالھائين! تنھنجي گهر ۾ اوڀر واري ڀت کان جيڪو جارو آهي انھيءَ لڳ قرآن شريف جي هيٺان ئي هيٺان اُهي ٽڪرا پيا آهن جي ڌيڻي ٻارن لاءِ ڪڍي رکيا آهن!
انھيءَ مائي کي گويا ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ وڃي ڪپڙي جا ٽڪر کڻي آئي. تصديق ڏنائين تہ برابر ساڳيءَ جاءِ تي رکيل هئا. سام نہ جارو اڳ ڏٺو هو، نہ وري اسين ان جاءِ ۾ اندر ڪڏهين ويا هئاسين.
انھيءَ واقعي جي سام سمجهاڻي ڏيندي چيو: ”ان وقت عقل ويچار يا دليل بازي ڪم ڪونہ ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪو خيال ڪنھن شيءِ ۾ وڃي اٽڪي ٿو تہ ان سان هڪ قسم جي وجودي هيڪڙائي پيدا ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ چئجي تہ پنھنجو وجود خود انھيءَ شيءِ ۾ يا ماڻھوءَ ۾ وڃي واسو ڪندو آهي ۽ اها شيءِ يا ماڻھو اکين آڏو ٿي بيھندو آهي. هي تجربا Clairvoyance ۽ Telepathy جي حد اندر اچن ٿا پر انھن جو آتمڪ اڀياس سان ڪو واسطو ڪونہ آهي.“
ڀلا هيءَ ڳالھہ جا مان هيٺ بيان ڪريان ٿي، سا يڪوجوديءَ منجهان پيدا ٿيندڙ ڪنھن طاقت جي هڪ ڪرامت چئجي يا انھيءَ يڪوجوديءَ واري احساس مان فقط اڳواٽ ايندڙ هڪ اعلان چئجي، سو فيصلو مان پڙهندڙن تي رکان ٿي.
ٿورا ڏينھن اڳ سخت گرميءَ سبب مون کي مونجهہ ٿيڻ لڳي؛ مان پريشان ٿي سام کي چوڻ لڳيس تہ هوا کول! هن چيو پنھنجي وقت تي پاڻھي کلندي. مگر منھنجي بيقراري وڌنڌي رهي ۽ مان سام کي ساڳيائي اکر چوندي رهيس: هوا کول نہ تہ بچڻ مشڪل آهي! ان وقت اسان جو دوست پير رانجهن ۽ پنھنجي ٽولي وارا فقير پڻ ويٺل هئا. پير رانجهن چيو اڄ هوا جو کلڻ مشڪل آهي جو آسمان ۾ ڪڪر آهن؛ ٻہ راتيون ۽ ٻہ ڏينھن سانده اها حالت رهي آهي، مگر هوا جو هڪ جهلڪو بہ ڪٿان ڪونہ ٿو اچي! هوڏانھن مڇر بہ خوب پٽڻ لڳا. مون بلڪل ٻاڏائي طلب ڪئي تہ هي رام! هوا کول نہ تہ ماڻھو مري ويندا! منھنجي پريشاني ڏسي سام جو سارو وجود جنبش ۾ اچي ويو؛ منھنجو هٿ وٺي چيائين: ”چڱو دلجاءِ ڪر؛ پريشان نہ ٿيءُ، هوا کلي ٿي! مان چپ رهيس. تڏهن ٻيو دفعو چيائين ڌيرج ڪر، هوا ضرور کلندي! انھيءِ ئي منٽ اندر وڻ چرڻ لڳا ۽ ٿڌي هير ذري گهٽ طوفاني صورت وٺي اچي ڏکڻ اوڀر کان لٿي. اسان سڀ ويسوري ۾ پئجي وياسون. سام چيو: ”سڀ تت آتما ۾ سمايل آهن ۽ آتما پرماتما ۾ سمايل آهي. درحقيقت ڪا شيءِ ڪنھن کان جدا نہ آهي؛ انسان جيڪڏهن يڪوجوديءَ سان طلب ڪري تہ اُها ضرور پوري ٿئي ٿي. مگر اها يڪوجودي خيال جي پنھنجي غرضن وارين طلبن ۾ پيدا ٿي ڪونہ ٿي سگهي؛ پر اُپڪار لاءِ يا پريم وچان جيڪڏهن اها يڪوجودي خيال جي پيدا ٿئي ٿي تہ ان جي اڳيان ڪا بہ رنڊڪ نہ ٿي اچي. هيءَ ڪا ڪرامت ڪانہ آهي مگر سمجهو تہ خيال خيال کي، چت چت کي وڃي جاڳايو، جنھن جي ’حڪم‘ ۾ سڀ عناصر رهن ٿا.“
مان بہ ڪي ڪرامتون هت بيان ڪري ڪونہ رهي آهيان، مگر اسان جو گهر هڪ خيال جي لئباريٽري آهي؛ اڄ ڪالھہ جڏهن وڏن سرڪارين جا جنگي کاتا بہ اهڙين کوجنائن ۾ لڳل آهن تڏهن هي ماجرائون بيان ڪيل ڪنھن وهم، پوڄا جي خيال يا انڌ شرڌا مان پيدا ٿيندڙ ڳالھيون ڪري سمجهڻ نہ گهرجن؛ پر صاف سچا واقعا انسان جي خيال جي طاقت جا ڪري سمجهڻ گهرجن. مون اُهي هت پيش ڪيا آهن ان لاءِ جو اهڙين ڳالھين کان اڄ ڪلھہ انسان جو خيال ڦريل آهي ۽ پيٽ جي پوڄا ۾ انسان پنھنجي سچين طاقتن کان وڇڙيل آهي. اڄ ڪالھہ اسين حرص جي حيرانيءَ ۾ اُهي طاقتون پنھنجون وڃائي ويٺا آهيون. هنن تازن مثالن پيش اچڻ ڪري ئي منھنجو خيال اُن ڳالھہ ڏانھن وڃي رهيو آهي تہ ڪجهہ وقت کان ڊائري ڇڏي ڏيڻ ڪري مان ڪيترا خزانا خيال جا وڃائي رهي آهيان!
***


سوامي رام ڪرشن پرمهنس جي حياتيءَ مان ٿوريون سٽون مون سام کي پڙهي ٻڌايون. سام چيو: ”سري رام ڪرشن جي ڪھڙي نہ سندر حياتي هئي! سڄو ڏينھن ايشور جي وارتا ۽ رام نام جي ڌن پيئي هلندي هئي. هن سنسار ۾ سڀ ڪجهہ موجود آهي؛ جيڪو جيڪا شيءِ دل سان چاهي ٿو سائي آخر ڳولھي لھي ٿو. ڪو پيٽ پالنا ڪو ڌنڌي جي انتظاري ۾ ڪو شعر و شاعريءَ ۾ تہ ڪو رام نام جي گيان ۾ وقت گذاري ٿو. پنھنجي هڪ ڳالھہ ياد ايندي آهي جا تو گرن جي ڪتابن مان پڙهي ٻڌائي هئي، تہ پرشاد جو ٿالھہ جڏهن کليو تڏهن صدق وارن کي پرشايد ٿي نظر آيو ۽ پا کنڊي جيڪي درٻار ۾ ويٺا هئا، انھن کي ساڳيوئي پرشاد اپوتر ماس ٿي نظر آيو. اهڙءَ طرح هي سنسنار ۽ جي جيوت سڄو ايشور جو پرشاد آهي؛ هر ڪو پنھنجي چاهنا جي موجن مان مٺاس ماڻي ٿو!“
ڪالھہ اسان جو پٽيوالو ڪجهہ اڍنگي نموني هلت ڪرڻو لڳو جنھن ڪري کيس ڪڍي ڇڏيوسين. هو سام کي پنھنجو ’مرشد سائين‘ ڪري سڏيندو آهي ۽ سام کيس چڱيون سمجهاڻيون ڏيندو آهي. گهر حالتن مان ناراض ٿي هڪ ڀيري سنبريو هو تہ يا پاڻ ماريندس، يا ڪو گهر جو ڀاتي ماريندس. کيس اولاد ڪانہ آهي؛ سام جي سمجهائڻ تي باز آيو ۽ انجام ڪيائين تہ فقيرن سان ورونھن ڪري پاڻ وندرائيندس ۽ وري اهڙا خون خواريءَ جھڙا خيال دل تي نہ آڻيندس. ڪالھہ کيس اڍنگي هلت ڪرڻ کان پوءِ وري پڇتاءُ ٿيو جنھن ڪري پاڻھي موٽي اچي سام کي ڀاڪر پائي سندس پيرن ۾ ڪري ڳچ دير تائين روئڻ لڳو.
سام کيس هيءَ سمجهاڻي ڏني: ”اهو ڀاؤ ۽ اهي خيال پڪا ڪر. جڏهن پارو باهن ۾ ساڙي پڪو ڪبو آهي تڏهن اُن سان ڪيميا ڪندا آهن ۽ پوءِ ئي دوا ۾ ڪم ايندو آهي. سٺا خيال گويا روح جي ڪيميا آهن. اسان جو من ڦرڻو گهرڻو آهي. وري وري ڌڏي لڏي ٿو وڃي ۽ دڳ مان ڪدڳ هليو ٿو وڃي. هر جرم جو داغ پڇتاءُ سان ڌوپي وڃي ٿو. مگر ائين چئي دل کي دلاسو ڏيئي ويھي رهڻ نہ گهرجي. ڪوشش ڪجي تہ اهو سٺو ڀاو هميشہ قائم رهي. اِتي ئي حياتيءَ جي جيت هار جو فيصلو آهي.“
***


3-10-1964ع سام جڏهن دهليءَ کان واپس آيو تڏهن دهليءَ ۾ پنھنجي ٻارن ۽ منھنجي ڀيڻ کي ائين چئي آيو تہ مان سمجهان ٿو ڪجهہ مڙيوئي لاڙڪاڻي ۾ ٿي رهيو آهي. جنھن ڪري مون کي ترت واپس وڃڻو آهي. ان وقت شايد سبب اسان جي هاڻوڪن تڪليفن جا جڙي رهيا هئا. هڪ طوفان آسمان ۾ ڄڻڪ وڌي رهيو هو، جو نظر کان اڃا لڪل هو. هڪ ضدي ۽ تعصب سان ڀريل ڪاموري جي اڳواٽ رٿيل برن ارادن جو اهو هڪ طوفان هيو. ڏسجي ٿو تہ اهو پنھنجي ساٿين سنگتين جي صلاح سان پڪو ارادو ڪري ويٺو هو تہ پنھنجي هڪ عزيز ڇوڪريءَ جا ڊاڪٽريءَ جو امتحان تازو پاس ڪري آئي آهي، سا ڪيئن بہ ڪري منھنجي جاءِ تي آڻي. ان لاءَ هن عجيب و غريب طريقن سان ويھي گهاٽ گهڙيا ۽ گهڻيون مشڪلاتون منھنجي راھہ ۾ وڌائين، جھڙوڪ مونسان وفادار ملازمن جي بدلي ڪرائڻ، ڪن کي نوڪريءَ مان ئي ڪڍائي ڇڏڻ ۽ انھن جي جاءِ تي ٻيا لچا ماڻھو رکائڻ جن کي ڏاھہ مليل هئي تہ منھنجي چوڻ ۾ ڪين هلن، مگر جاسوس ٿي رهن؛ ۽ گهر ۾ عام طور مڙدن جو اچڻ ان لاءِ بند ڪرڻ تہ جيئن خود سام جي اچ وڃ تي بندش پوي توڻي جو مڙدن لاءِ جدا لنگهہ ٻئي پاسي کان هيو. سندس مطلب اهو هوتہ اسين جاءِ خالي ڪري وڃون. انھن قدمن جو نتيجو اهو نڪتو جو پندرهن ڏينھن گرڌاري ۽ سام گهر ۾ ويھي رهيا ۽ ٻاهرين ماڻھن سان ملاقات گهڻو ڪري کڙڪين تان بيھي ڪندا هئاسين؛ ڀاڄي ڀتي ٽوڪريءَ ۾ وجهي رسي ٻڌي انھيءَ سان مٿي ڇڪي وٺندا هئاسون. اسان جو هڪ غريب ڪرستان ساٿي J. W. Stewart جو پنجويھن سالن کان سام جو مھمان ٿي رهيو آهي اُهو بيماريءَ وقت پڻ بنا علاج جي بند رهيو. آخر جڏهن در کولڻ جي بدران زوريءَ هن کي گهر مان ڪڍائي سول اسپتال ۾ موڪليو ويو، تڏهن ويچارو ٻن ٽن ٽينھن اندر ئي اُتي مري ويو. پر برائي سندن انھيءَ تائين محدود ڪونہ هئي؛ هنن جون اهي بہ رٿون هيون تہ اسان جو سامان سڙو اوچتو جاءِ مان ڪڍرايو وڃي. ٻيون پڻ اهڙيون غنڊاگرديءَ جون خبرون پيو ملن. مان انھيءَ وقت ٻن سببن جي ڪري گهٻرايل هيس:
پھريون خيال اهو هيم تہ سام جي صحت تي متان ڪو اثر پوي. جيتوڻيڪ هن ائين ٿي چيو تہ هي سٺو موقعو مليو آهي جو اسين ’چاليھو‘ رکنداسين، يعني چاليھہ 40 ڏينھن گوشي نشين ٿي رهنداسين! سام ائين بہ چيو تہ هن وقت پاڻ کي ٻاهر نڪرڻ جو خيال بہ ڪو نہ ٿو رهي، ڇا لاءِ جو هن نموني دل جي تار پنھنجي سائينءَ سان ڳنڍي رهي ٿي؛ ڪشٽ ۾ سندس پريم جو نرالو مزو ملي ٿو. ٻيو مون کي اهو خيال هيو تہ اسين هت ٿورائيءَ ۾ آهيون؛ هو ضدي ماڻھو ڪنھن بہ حد تائين وڃي سگهي ٿو. سندس ملازم جڏهين مسٽر اسٽوئرٽ کي زوريءَ کڻڻ آيا تڏهن سندن رخ سٺو نظر نہ آيو. پر سام جي خيال کي ڪو بہ لوڏو ڪونہ هو؛ چيائين تہ نوڪريءَ جي پرواھہ نہ آهي، پر هن نموني بز دل ٿي ڀڄي وڃڻ ٺيڪ نہ آهي! اڃا تائين اهو طوفان هلي رهيو آهي ۽ دوست ۽ دشمن جي پريکشيا ٿي رهي آهي. جن ملازمن ۽ ٻين کي اسان سان گڏ تڪليف آئي آهي سي بہ ائين پيا چون تہ هي ﷲ جي آزمائش نہ آهي مگر اسان جي صدق جي آزمائش آهي؛ هو پنھنجي ڀڳتن کي يعني سچ جي راھہ وارن کي ضرور مدد ڪندو آهي، ۽ ضرور ڪا واھہ کوليندو، پر اسان جي صدق جي اڄ پريکشيا آهي تہ آپدا جي وقت اسين منجس ڪيترو اعتقاد رکون ٿا.
اسان جو ڇوڪرو جيڪو گهڻو ڪري پئسي يا کاڌي پيتي جي ڳالھہ تان پيو رنج ٿيندو آهي، تنھن هي سڄو مھينو گهڻي ڀاڱي صبر ۾ گذاريو آهي، نہ فقط ايترو پر ڪم اڳي کان ٻيڻو اچي مٿس پرٽيو آهي، جو هو خوشيءَ سان پيو ڪري. اسان جي ملازمن جي بدلين ڪري ۽ نئين ڪنھن ماڻھوءَ نہ ملڻ ڪري ۽ موهن جي پنھنجي ڌنڌي لاءِ تياريءَ ۾ مشغول رهڻ سبب ٻئي ڇوڪري کي گهر ۽ باغ جي ڪمن وغيرہ ۾ ڪوبہ مدد ڪري نہ سگهيو آهي. هڪ ڀيرو شاديءَ نہ ڪرائڻ جي ڳالھہ تي بہ رنج ظاهر ڪيائين پر اُن وقت سام چيو: ”هن آزمائش جي وقت اهي ڳالھيون ڪيتريون نہ هلڪيون ۽ بي سود پيون لڳن!
ائين ان ڳالھہ جو گفتگو ئي بند ٿي ويو. سام چيو: ”ڏسو دک ڪيڏو نہ حسين آهي، جو ڪچا خيال سڀني کان ڀلائي ٿو ڇڏي. هي ڇوڪرا نہ فقط پر اسين سڀ پنھنجي اصلي روپ ۾ آيا آهيون؛ ۽ هن ڪاموري جي سختيءَ ڪري پئدا ٿيل ڪشٽ ۾ سچي ايڪتا حاصل ڪري پريم جو نرالو مزو ماڻي رهيا آهيون.“
***


25-10-1964ع گذريل مھيني کن جي تڪليفن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيل آهي. انھيءَ عرصي ۾ سام بہ پسند نہ ڪندو هو تہ ٻاهر نڪران جيتوڻيڪ مون کي سندس صحت جي انتظاري رهندي هئي ۽ کيس چوندي هيس تہ هن نوڪريءَ کان استيفا کڻي ڏجي؛ ائين توهان جي صحت متان خراب ٿي پوي؛ ٻاهر نڪرڻ ضروري آهي! مگر سام چوندو هيو تہ هن ڪشٽ واري وقت هڪ جاءِ ويھڻ سان نرالي يڪوجوديءَ حاصل ٿئي ٿي. آتما جي تار گويا پرماتما سان ڳنڍيل رهي ٿي؛ ٻاهر نڪرڻ ۾ پاڻ کي بہ مزو ڪونہ ٿو اچي. انھيءَ وقت ۾ اسان جو جهونو دوست ڊپٽي صاحب جنھن جو ذڪر اڳ هن ڊائريءَ ۾ آيل آهي، سو خاص موڪل وٺي اسان وٽ اچڻ وڃڻ لڳو. هڪ ڀيري مون کي چيائين تہ هيءَ توهان جي پريکشيا آهي؛ جي سچ تي آهيو تہ ڪڪر پاڻھي هٽي ويندا. سام چيو تہ اها ڳالھہ بلڪل سچي آهي.
***


25-11-1964ع اڄ اهي طوفان گهڻي ڀاڱي دور ٿي ويا آهن. اسان جي پريکشيا پوري ٿي، مگر اهو ساڳيو ڪامورو اڃا اتي آهي. ٻڌجي ٿو تہ کائنس پنھنجي هلت بنسبت ڪا پڇا ڳاڇا ٿي رهي آهي ۽ حال في الحال تہ پنھنجي ابتن ارادن ۾ فتحيابيءَ جي اميد ڪانہ اٿس. بند ڪرايل در وغيرہ وزير جي تار تي کولايا ويا ۽ هينئر اسان جي اچ وڃ تي ڪا روڪ ڪانھي. تڪليف ٿي، مگر ٻيو اسان جو ڪجهہ بہ ڪين ويو. گهر ۾ ايڪتا جو ڀاو وڌيل آهي ۽ دوستن واقفڪارن ۾ يا عام ماڻھن ۾ جيڪو ذڪر اسان جي باري ۾ هلي پيو تنھن مان ظاهر آهي تہ هنن جي همدردي اسان سان آهي. اهو ڪافي فائدو آهي! شل هي آزمودا اسان سڀني جو سچ جي راھہ ۾ اعتماد وڌائن!
***


5-12-1964ع سام هندستان جي پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏني آهي؛ انھيءَ ۾ ڪي مشڪلاتون ٿي پيون آهن. گرڌاريءَ سام جو اُن ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڇڪايو ۽ چيائين شايد اوهان کي پاسپورٽ جو ملڻ اهنجو ٿي پوي ۽ فلاڻي ديوان وانگر آخر هي ملڪ ڇڏڻو پويو.
سام چيو: ”ائين ڇو ٿيندو؟ اسان ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي؟“
گرڌاريءَ چيو: ”ڏوھہ ثواب جو تہ سوال ئي ڪون آهي، پر ڪا دشمني ٿي سگهي ٿي.“
سام کلي چيو: ”اسان جو ڪو بہ دشمن ڪونہ آهي. پر جي اهڙو ناحق ڪنھن ڪيو تہ ضرور حق جي ذات کي غصو ايندو. ان ريت فقير کي بند ڪرڻ ۾ ڪنھن کي بہ چڱائي ڪانہ رسندي. زمانا ڦري وڃن، نظام ڦري وڃن پر حق جا قانون هميشہ اڻ ٽر آهن. فقير بند ٿيندا آهن تہ ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ، ورنہ انھن کي ڪير بہ بند ڪري نہ سگهندو آهي.“
گرڌاريءَ پنھنجي ڪنڌ ڌوڻ سان گويا شڪ ظاهر ڪيو، ڄڻ تہ هن جو اعتقاد اهڙيءَ ڳالھہ ۾ ٻجهي نہ سگهيو تہ هڪ حق پرست ماڻھوءَ جي ڪري ڪو قدرت جوش ۾ اچي سگهي ٿي تڏهين سام کيس بادشاه غلام محمد ڪلھوڙي جي آکاڻي ٻڌائي جا هيئن آهي: چون ٿا تہ سندس پڙوسي دوست هڪ راجا جي ملڪ ۾ هميشہ ڏڪر رهندو هيو، توڙي جو ان راجا جي ملڪ ۾ پاڻي گهڻو هوندو هو، راجا هڪ درويش کي قاصد ڪري موڪليو تہ تون منھنجي دوست کان هن ڳالھہ جو سبب پڇي اچ تہ توهان جي ملڪ ۾ هميشہ سڪر آهي ۽ اسان وٽ هميشہ ڏڪر آهي، ان جو راز ڪھڙو آهي؟ بادشاھہ غلام محمد نياپو ٻڌندي ئي حڪم ڏنو تہ هن گستاخي فقير کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. چون ٿا تہ ان فقير جي رنج يا ڪمھريءَ ڪري ان باغ جو اهو وڻ سڪي ويو؛ جڏهن اها خبر بادشاھہ کي پھتي، تڏهن هن فقير کي گهرايو ۽ کيس چيائين تہ راجا صاحب کي وڃي چؤ تہ هڪ انسان جي بد دعا ۽ رنج ڪري سائو وڻ سڪي سگهي ٿو تہ لکين ڪروڙين آدم جي آه وزاريءَ ۽ فريادن ڪرڻ جو اثر ڪھڙو ٿي سگهندو؟
سام چيو: هيءَ ڳالھہ هڪ ڏند ڪٿا سمجهي وڃي پر اُن ڳالھہ ۾ ذرو بہ شڪ ڪونہ آهي تہ ناحق ڏسي ذات حق جنبش ۾ اچي ٿي، خاص ڪري اهو ناحق جڏهن ڪنھن حق پرست سان ٿئي ٿو. اسان کي اميد آهي تہ اهڙو ناحق هرگز ڪين ڪيو ويندو.“
پاسپورٽ آخر ۾ سام کي ملي ويئي. اها ڳالھہ مون کي ٻڌائيندي هن چيو تہ گرڌاريءَ جو ﷲ ۾ اعتقاد اڃا ڪونہ آهي. جڏهن اسان روسي پٽنڪ جي ڏسڻ جي چاهنا رکي هئي ۽ ويٺي ويٺي اها سڌ ڪئي هئيسين تہ سائين اسان کي بہ اهو لقاءُ ڏيکار، پوءِ سوير عصر جو پٽنڪ اکين سان ويجهو لنگهندو ڏٺوسين؛ تڏهن بہ گرڌاريءَ انھيءَ ڳالھہ تي کليو هو ۽ اعتقاد ڪونہ ٿي ٻڌس تہ ڪو اسان جي پرارٿنا ايشور ٻڌي هوندي؛ اڄ بہ هن کي اعتبار ئي ڪونہ پيو اچي جڏهن مون کيس چيو تہ فقيرن کي بند ڏسي حق جي ذات جوش ۾ ايندي آهي؛ ان ڳالھہ تي هو ڪنڌ ڌوڻ پيو ڪري.“

گرڌاريءَ مون کي چيو: ”ممي، منھنجو دادا جي ڳالھين ۾ اعتبار گهٽ آهي؟“
سام کيس چيو: ”تو اسان کي گرو ڪوٺيو هو مگر سچو گرو شرڌا آهي. هي وچن. هي ڳالھيون هن صوفياڻي صحبت جون، جي دل سان هنڊائين تہ امولڪ لعل آهن ورنہ اعتقاد جي بناهي ڪجهہ بہ نہ آهن. هڪ درويش جي ڳالھہ آهي تہ هڪ اڻ ڄاڻ وٽ وڃي مھمان ٿيو؛ ان ماڻھوءَ سندس ڏاڍي خدمت ڪئي؛ درويش راضي ٿي وٽس هڪ لعل جي ڳوٿري ڇڏي ويو. هن غريب کي اها خبر نہ هئي تہ لعل ڇا ٿيندو آهن. هن اهي چلڪڻا گليلا سمجهي جهار هلڪيندي پکين کي هڻي ڇڏيا؛ جڏهن آخر هڪ لعل وٽس وڃي بچيو ۽ اهو پنھنجي کانڀاڻيءَ ۾ وڌائين تہ هڪ لانگهائو جواهريءَ ڏسي ورتو ۽ چيائينس تہ اهو مون کي ڏي تہ تو کي آءٌ جهجهي دنيا ڏيندس. اُن غريب ڪڙمي پڇيو تہ ڇا ڏيندين؟ تڏهن هن جواهريءَ وراڻيو تہ صبح کان وٺي شام تائين جيڪا دنيا ڍوئي سگهين سا تنھنجي آهي! ارمان آهي جو آءٌ توکي ڪجهہ وڌيڪ ڏيئي نہ ٿو سگهان! پوءِ غريب ڏاڍا هٿ هنيا تہ هيءَ ڳوٿري لعلن جي لٽي ڇڏيم؛ باقي وڃي هڪڙو بچايم!
”فقيراڻي صحبت بہ انھيءَ لعل جي ڳوٿريءَ مثل آهي. هيءَ عمر وڃي ٿي گذرندي. جيڪو انھن اعلانن ۽ گيان جي نڪتن جو قدر ڄاڻي ٿو. تنھن جي لاءِ اُهي لعل ثابت ٿين ٿا ورنہ اهي مٽيءَ جا ڳوڙها ئي آهن ۽ تو وانگر انھن تي هسي ڪرڻ ئي جوڳ آهي.“
***


18-12-1964ع هت ڪن ماڻھن کان اسان مھمانن وغيرہ لاءِ جاءِ مسواڙ تي ورتي هئي. اڄ اوچتو ٻڌوسين تہ اسان جي ڪلف جي مٿان هو ٻيو پنھنجو ڪلف هڻي ويا آهن ۽ اها مراد اٿن تہ جاءِ پاڻ والاريون، جيتوڻيڪ اسان سان شرط ٻيءَ طرح اٿن. هنن ڪجهہ اسان جي ماڻھوءَ کي گهٽ وڌ پڻ ڳالھايو. هيءَ ڦڏي جي ڳالھہ ٻڌي منھنجي دل ڪجهہ خراب ٿي پيئي ۽ چيم تہ الاجي ڪڏهن هن سنسار کان آجو ٿبو! جلد ئي سام پوءِ سنڌيا جي وقت پنھنجي ڌيان ۾ وڃي ويٺو، کيس انھيءَ وقت پنھنجي زندگيءَ جي هلندڙ سوالن وغيرہ جو ڪڏهن پنھنجو پاڻ مان جواب ملندو آهي. سنڌيا کان پوءِ منھنجي پڇڻ تي انھيءَ بنسبت هيٺينءَ طرح احوال ٻڌايائين: ”پھريائين ڌيان ۾ ويھڻ وقت، ڀاوَ پيدا ٿيڻ اڳ روزاني زندگيءَ جا ڪم ڪاريون وغيرہ ٻيا ويچار درشٽيءَ جي اڳيان گذرندو آهن. اڄ تنھن جي (مٿي ذڪر ڪيل) لفظن جو ويچار ٿي ڪيم؛ پوءِ وري هڪ آدرشي زندگي هڪ وڻ مثل نظر آئي. اشارو مليو تہ انھيءَ کي لوڙهو ڏيو! تڪڙو ئي خيال آيو تہ لوڙهو اُهو صدق سچائيءَ پريم جو ٿي سگهي ٿو. تڏهن سمجهيم تہ جيئن پنھنجي باغ ۾ جهار جهرڪين ۽ نوريئڙن کان سلن جي حفاظت ڪريون ٿا، تيئن آتمڪ کيت ۾ پڻ خفن ۽ خطرن جي وچ ۾ رهي ڪري پنھنجي پوک جي حفاظت ڪري آهي.
”جتي انسان جو پير، اُتي دوئي ۽ وير ڀاوُ ضرور رهڻو آهي. جيترو سچ ۽ پريم جو پسارو آهي اوتروئي زندگيءَ ۾ ڪوڙ ۽ ڪپت جو واڌارو پڻ آهي. رشي وشوامتر بہ آشرم ۾ چين سان رهي ڪونہ سگهيو هو ۽ راجا دشرت کان رام جي ٻانھن اچي گهريائين تہ هلي دئيتن کي ناس ڪري. ڪٿي بہ رهبو، پھاڙن تي، درياھہ جي ڪناري تي يا ڪنھن بر ۾ تہ نيٺ ماڻھن سان ورتاءُ ضرور ڪرڻو پوندو؛ آشرم بہ ٿيندي تہ انسان جي شيوا جي لاءِ؛ اُتي بہ آشرم جي رهواسين جا پاڻ ۾ ڪي تڪرار پيا ٿيندا. مطلب تہ ڪھڙي بہ گفا ۾ گهڙي وڃو تہ سنسار جي هوا کان ڪين بچندؤ. تنھن ڪري آتمڪ انتيءَ لاءِ هڪڙو ئي اُپاءُ آهي تہ جتي رهجي ساوڌان ٿي رهجي؛ سچ ۾ ويساھہ رکجي ۽ پريم جو ورتاءَ هر حالت ۾ قائم رکجي؛ پوءِ بہ جيڪڏهن ڪو مسئلو پيدا ٿئي تہ انھيءَ جو همت سان حل ڳولجي؛ نہ ڊڄجي، نہ نراس ٿجي. اها ئي سنسار سان پڄڻ جي هڪڙي ريت آهي.“
***


12-5-1965ع اڄ عاشوري جو ڏينھن آهي. سام چيو تہ اڄ ريڊئي تي امامن جا مرثيہ ۽ قصيدا هلندا هوندا، اُهي ٻڌبا. ائين چئي سام ڌيان سان ٻڌڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ويھي رهيو. ڪجهہ وقت اسين سڀيئي ماٺ ۾ ٻڌندا رهياسين، جنھن بعد سام چيو: ”ڪھڙي نہ سٺي ڳالھہ ٿئي جيڪڏهن سڀني قومن جا اهڙا دل اُڀاريندڙ واقعا غم ۽ خوشيءَ جا ساڳيءَ عزت ۽ ڀڳتيءَ ڀاوَ سان سڀني جاتين جا ماڻھو ٻڌن ۽ انھن ما لاڀ پرائن! سمجهؤ مسلمان ڪرشن ليلا ٻڌن يا ڪرائيسٽ جا واکياڻ ۽ جبل تي ڏنل وعظ ٺھي ٻڌن ۽ ڪرستان واقعن مان مزو وٺن، تہ دنيا جيڪر جهنگ جي ميدان بجاءِ هڪ گلستان بڻجي پوي. سچ پچ اسين اهڙن روحاني خزانن کان پاڻ کي ناحق محروم رکون ٿا.“
***
18-5-1965ع موهن ڳالھہ ڪئي تہ هڪڙي ڇوڪري رائيس ڪئنال جي دروازن وٽ جت پاڻيءَ جو گهڻو زور هوندو آهي، ٽپو ڏنو؛ شايد پنھنجي بھادري ٿي ڏيکاريائين؛ پر اُتھان نڪري نہ سگهيو ۽ ٻڏي مري ويو، سام ڏانھن منھن ڪري پڇيائين تہ دادا هي سندس قصور چئجي يا سندس قسمت جو قصور؟
سام وراڻيو: ”قسمت ڇا آهي؟ اول اهو سمجهڻ گهرجي تہ قسمت ڪا ٻئي ڪنھن جي تحرير لکيل ڪا نہ آهي، مگر پنھنجي ڪرمن جي هڪ اُڇل ڪري سمجهڻ گهرجي؛ هوڏانھن اسان کي پنھنجي فيصلي ڪرڻ جي شڪتي آهي. جيترو گذريل وقت جي ڪرمن جي اُڇل يا زور ڇڪي ڪو ڪم ڪرائي ٿو، اوترو پنھنجي مرضيءَ موجب ان کان لاڙو بہ ڪري سگهجي ٿو. تنھن ڪري سڀ ڪرمن جو ڦل ئي ڪري سمجهڻ کپي، اگرچ جيئن اسان اڳي سمجهايو آهي تہ اهو ڦل يا اثر لاڳيتو هر ڪم مان پيدا ٿيندو رهي ٿو، جنھن ۾ ڪڏهن ڪنھن قسم جي وٿي نہ ٿي رهي. هن حالت ۾ ائين سمجهڻ گهرجي تہ سندس گذريل ڪرمن جي اُڇل، جنھن مان سندس ڀاو يا Nature جڙيو ۽ ان وقت جو غلط ارادو سي ٻيئي گڏ هلي ڇوڪري جي موت جو ڪارڻ ٿيا. هي واقعو دکدائڪ آهي پر ڪو ڳوڙهو مسئلو خيال جو منجهائس پيدا ڪونہ ٿو ٿئي، جو توهان جو خاص خيال اوڏانھن ڇڪجي وڃي.“
اتي ٻيو ڇوڪرو نرمل نالي ويٺو هو جنھن چيو تہ ”انسان جي حياتي سمجهہ ۾ ئي نہ ٿي اچي تہ ڇا آهي!“
سام چيو: ”اهو سمجهڻ ئي حياتيءَ جو مقصد آهي ۽ ان جي لاءِ سڄي عمر لڳاتار کوجنا جي ضرورت آهي. اُها کوجنا هر ڪنھن کي پاڻ ڪرڻي آهي؛ پنھنجي حياتيءَ جو مقصد سمجهي ان پٽاندر قدم کڻڻو آهي. هر ڪنھن جيوَ آتما کي پنھنجي ڀاو ۽ پنھنجي شڪتي آهر ڪونہ ڪو خاص ڪم ڪرڻو آهي.“
اُتي سام ٿورو وقت خيال ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ پنھنجو پاڻ چيائين تہ اسان جي عمر بہ گهڻي گذري ويئي آهي. افسوس جو ڪوبہ ڪم سر انجام ٿي نہ سگهيو آهي.
ڇوڪرن ڪجهہ تعجب مان ڏٺو تنھن ڪري سام پاڻھي کين ٻڌايو: ”اسان جي حياتيءَ جو خاص ڪم آهي ايڪتا جو سنيھو پھچائڻ ۽ پريم جو مارگ بنائڻ، ايڪتا ڌرمن، جاتين ۽ قومن جي وچ ۾، جدا جدا انسانن (Individuals)، سماج ۽ فرقن جي وچ ۾؛ اهو ڪم ايڪتا جا اوتار، نانڪ، ڪبير، اڪبر بادشاھہ ۽ ٻيا سنت ۽ سياست جا رهبر ڪندا آيا آهن. اسان بہ انھن جي قدمن تي هلي ڪري هي آواز ننڍي کان اٿاريو آهي. ’اڪبر آشرم‘ اُن آدرش جو هڪ روپ ڪري سمجهڻ گهرجي. اهو ساڳيوئي ڪم انھن شعرن، ادبي مشغولين ۽ ست سنگ سان نماڻي نموني ڪريون ٿا. نتيجو ايشور جي وس آهي؛ انھيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ اسان جو فرض آهي، مگر جيئن مالڪ کي وڻي ائين ئي ٿيندو، ان ڪم جي نتيجي جو حرص پاڻ کي رکڻو ناهي ۽ هي سمجڻ گهرجي تہ ايشور کي ڪا هروڀرو اسان جي شيوا جي يا مدد جي ضرورت ڪانہ آهي؛ اهو فقط اسان کي پنھنجي جيون سڦلي ڪرڻ لاءِ آهي. نہ وري پاڻ کي ڪو نوڙ وجهي زور سان مڃائڻو آهي، مگر جو ڪجهہ ڪرڻو آهي سو شوق سان ڪرڻو آهي. فرض سچو اُهو آهي جو شوق مان اتپن ٿئي ٿو. سچي فرض ۽ سچي ڪرم يا ڌرم جي وچ ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي. التب اهنجايون سڀ ڪنھن کي برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. پر شوق ۾ اهي بہ مشڪل نظر نہ ٿيو اچن. پنھنجي حالت ۾ اهو ڏسون ٿا تہ اهو شوق لڳاتار ننڍي کان گذريل 45 سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ قائم رهيو آهي. وڌيڪ ڄاڻ ايشور کي آهي تہ نتيجو نڪتو آهي، نڪرڻو آهي يا اصل نہ. اسان جو وس وکون کڻڻ، ملڻ وس انھيءَ جي!“
***


31-5-1965ع نرمل ڊائريءَ جو اُتارو ڪري رهيو هو. هو ڪرسيءَ تي ڪجهہ آهلي ڪتاب اصلوڪن نوٽن جو پنھنجن گوڏن تي کولي رکي ويٺو هو ۽ هٿ ۾ ڪاغذ کڻي اُتارو ٿي ڪيائين. سام کي هي نمونو ڪتاب جهلڻ جو نہ وڻيو جنھن ڪري کيس هدايت ڪيائين: ادب ايمان جو منڍ اٿوَ. انھن ڳالھين ۾ ايمان تڏهن ٻجهندو ۽ گيان تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن انھن لاءِ ادب ڌاربو؛ توهان ڪتابن جو ادب رکو تہ ڪتاب بہ توهان کي سچيون ڳالھيون سيکاريندا؛ ورنہ اُهي سچو راز پنھنجو ڪونہ سليندا!
***


4-6-1965ع ڪالھہ سام سائينءَ جو جنم دن ملھايوسين. سندس اهو شرط هيو تہ هريجن ڀائرن کي ضرور گهرايو وڃي. ڪجهہ وقت لاءِ اسين انھن لاءِ واجهائيندا رهياسين ۽ منھنجي دل ۾ شڪ جاڳيو تہ هو شايد اچن ئي نہ. مان هميشہ هنن کي ستل خيال جا ڪري سمجهندي آهيان، تنھن هوندي بہ سام جو منجهن گهڻو وشواس رهندو آهي. ٿوريءَ دير ۾ هو سڀ نچندا ٽپندا اسان جي گهر مٿي چڙهي آيا. پنھنجون ماتائون ڀينرون ۽ پٽ بہ ساڻ وٺي آيا. اسان سڀني کي اها ڳالھہ بيحد وڻي. هريجن ڀڄينڪ بہ اڄ وڏي موج ۾ اچي ويا. محفل ۾ آنند ڦهلجي ويو. اسان جا ڇوڪرا بہ شيوا جي ڪم ۾ خوشيءَ سان لڳي ويا. محفل پوري ٿيڻ بعد مون ويھي نرمل کي اڳيون ڳالھيون ٻڌايون ڇا لاءِ جو هو اسان وٽ نئين سر اچڻ لڳو آهي. کيس ٻڌايم تہ ڪيئن سام مون کان هنن هريجن ڀائرن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪپڙا سبرائيندو هو ۽ ٻيا ڪم وٺندو هو جھڙوڪ کين شنان ڪرائي تيل ڦڻيون ڏيڻ، پڙهائڻ وغيرہ. آخر ۾ کيس چيم ڀائي توهان جي دادا سائينءَ مون کان ڪي ٿورا ڪم ڪونہ ورتا آهن!
سام چيو: ”انھن سڀني هارن، شڪستن ۽ ڪشالن مان تہ جيوت جي سچي جيت حاصل ڪئي اٿئي. اهي سڀ ڪشالا تنھنجا ثاب پيا آهن.“
***


5-6-1965ع اسان جو هڪ نئون متر جنھن سام جا انگريزي ڪتاب ڇپائڻ پاڻ تي هموار ڪيو آهي سو پھريائين تہ وڏي شوق ۾ حيدرآباد کان هت سام سان ملڻ آيو؛ تنھن بعد وڃي ڪتابن ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ اتھان ڪي پروف وغيرہ موڪليائين. انھن ۾ ڪجهہ تبديليون ٿيل هيون ۽ سندس لکيت ۾ ڪي چُڪون سام کي نظر آيون. سام اُهي سڌاري کيس موڪليون، ان لاءِ تہ هي پھريون ڪتاب بنا چڪ جي پڌرو ٿئي. مگر اُن ڳالھہ تي هن کي ذرا چڙ لڳي ۽ ان کان پوءِ ڪؤڙا، ڪسارا خط سندس اچڻ لڳا. آخر انھيءِ حد تي ڳالھہ وڃي پھتي آهي جو هو خطن ۾ منھنجي هلت کي گهڻو ساراهي پيو ۽ سام جي هلت مان ويڪون پيو ڪڍي! اها ڳالھہ هن ڪري نوٽ ڪريان ٿي جو مٿي بيان ڪيل ڪالھوڪا لفظ سام جا ياد اچن ٿا تہ انھن شڪستن مان ئي حياتيءَ جي تو جيت حاصل ڪئي آهي؛ يعني پاڻ مارڻ جي طريقي سان! سام اهي نئين ڍنگ ۾ لکيل خط هن متر جا پڙهي چيو: ”مون کي خوشي ٿئي ٿي تہ توکي گهٽ ۾ گهٽ هن چڱيءَ طرح سڃاتو آهي ۽ جنھن صورت ۾ توکي خود مان پنھنجي چيز يا پنھنجي هڪ اڏاوت ڪري سمجهان ٿو تہ مون کي اُن ڳالھہ جو فخر رهي ٿو. تنھن جي وڏائي سچ پچ منھنجي وڏائي آهي. ان ڪري هو پنھنجي ارادي ۾ ناڪامياب ويو آهي. هن کي شايد اها اميد هئي تہ تنھنجي ساراھہ ۽ منھنجي گلا مون کي ڏکوئيندا، مگر حقيقت ۾ تنھنجي ساراھہ ڪرڻ سان هن منھنجي گلا کي ئي خود بي جا ثابت ڪيو آهي.“
***


20-6-1965ع سام جي طبيعت ڪجهہ ڏينھن کان ٺيڪ نہ آهي. مون پنھنجي سنگ وارن ڇوڪرن کي چيو: آسيس ڪريو تہ سام خوش ٿئي؛ توهان کي مٺائي کارائيندس. اڄ وري صبح جو خيال آيو تہ انھن ڇوڪرن کي ۽ ملازمن کي خرچي بہ ڏيان. کين ڪجهہ پئسا ورهائي ڏنم. ٿوري دير بعد سام چيو تون تہ پئسا ئي پاڻ وٽ ڪونہ رکندي آهين؛ ايترا روپيه ڪٿان آندءِ؟ مون جواب ڏنو تہ اهي پيسا مون توهان جي پاڪيٽ مان ڪڍيا!
سام چيو: ”پوءِ باقي تو دان ڪھڙو ڪيو؟ منھنجا ئي پئسا مون ليءِ دان ڪرايئيِ!“
مون چيو: ”درياھہ جا ٻڪ درياھہ ۾.“
ان تي، ٿوري دير بعد سام چيو: ”هيءَ مايا سڄي ايشور جي آهي. اسين جي اهو راز سمجهون ۽ سڀ ڪجهہ انھيءَ جو ئي سمجهي ڪتب آڻيون تہ پاڻ بہ آنند گهڻو پرايون ۽ ايشور کي بہ راضي ڪري سگهون. درياھہ ۾ بيھي پوڄاري سج کي ڇنڊا هڻي پوڄا ڪندا آهن. ڇنڊا اهي درياھہ ۾ ئي ڪري پوندا آهن پر شرڌا جو ڦل ضرور کين ملي ٿو. تيئن سڀ شيءِ حقيقت ۾ انھي مالڪ جي آهي؛ اسان کي انھيءَ مان فقط پوڄا جو لاڀ حاصل ڪرڻو آهي. توهي هڪڙو عجيب ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. پنھنجا پئسا مون کي ڏيئي وري دان ڪريءِ! گويا ٻٽو دان ٿيو، منھنجو بہ تنھنجو به! هوڏانھن ايشور کي بہ لبي ڇڏيءِ، يعني هڪ شيءِ مان ٽي ڪارج ڪري ڇڏيءِ!“
***


21-6-1965ع اسان جي ڪتي ”روزي“ نہ فقط سٻاجھڙي ۽ سياڻي آهي پر ٻيون بہ ڪيتريون عجيب ۽ وندرائيندڙ ڳالھيون منجهس آهن، جنھن ڪري اسان سڀني کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي؛ ايتري قدر جو سام تہ ڪڏهن ڪڏهن کائنس دعا بہ وٺندو آهي ۽ مان چوندي آهيان تہ روزي جڏهن چاهيندي تڏهين اسان جو ٻاهر نڪرڻ ٿيندو يا ٿي سگهندو، ڇا لاءِ جو اسان جي پرپٺ ٻڌندا آهيون تہ کائڻ پيئڻ گهڻو ڇڏي ڏيندي آهي. هينئر جڏهن ڪو مانيءَ جو ٽڪر يا ٻي شيءِ ڏيس تہ انھيءَ تي هڪدم پنھنجو قبضو ڪندي آهي پوءِ ڀل تہ ٽڪر ڏيندڙ خود ويجهي وڃڻ جي ڪري تہ انھيءَ کي بہ پيئي هڪلون ڏيندي. اڄ سام کيس هڪ سڪو ٽڪر لھي ڏنو ڇا لاءِ جو کيس سڪا ٽڪر خاص وڻندا آهن ۽ اُهي کڻي وڃي ڪنڊ ۾ هوريان هوريان کائيندي آهي؛ انھيءَ مھل خود سام جي هٿ لائڻ تي کيس ڊيڄارڻ لڳي! سام چيو: ”هيءُ ايشور جي ڏات جو ۽ اسان جي هلت جو هڪ مثال اٿوَ؛ هي پدارٿ سڀ انھيءَ جا آهن ۽ انھيءَ کان ئي مليل آهن پر انسان جي هٿ ۾ جڏهن اهي پدارٿ اچن ٿا تڏهين انھن تي پنھنجو قبضو ڄمائي ٿو ويھي ۽ خود ان مالڪ جي ڪم ۾ لڳائڻ کان پيو ڪرڪي؛ پنھنجي ڏاتار کي وساري سڀ شيون پنھنجون پيو سمجهي!“
***


26-6-1965ع ڪجهہ ڏينھن کان اسان جي حيدرآباد جي پبلشر کان وري ناراضپي جا خط پيا اچن، جن بنسبت اسان جو اهو خيال آهي تہ کيس چڙ لڳي آهي جو انگريزيءَ مان سام ٿوريون چڪون ڪڍي تار ڪيس تہ گهٽ وڌ اکر نہ ڪريو. تنھن کان پوءِ چوي ٿو 16 ڀيرا مون توهان جو هڪڙو ڪتاب پڙهيو! شايد اهو ارادو هيس تہ مان بہ سام جي انگريزيءَ مان ڪي چوڪون ڪڍان. وري وڃي ڪن اکرن بابت فيصلو هڪ حيدرآباد ڪاليج جي پروفيسر کان ڪرايائين ۽ لکيائين تہ هو انگريز آهي ۽ چوي ٿو تہ تنھنجي (يعني سندس) ڪا هروڀرو چوڪ ڪانہ آهي. آخر ڳالھہ اسان جي مڃيائين ۽ سڌارا بہ ڪيائين پر رنج کيس رهجي ويو. مون کيس لکيو تہ انگريز بہ بعضي بعضي چوڪون ڪندا آهن، جيئن اسان سنڌي بہ سنڌيءَ ۾ چوڪون ڪندا آهيون، تنھن ڪري ان ڳالھہ جو خيال نہ ڪريو. Fowler جي ’استعمال انگريزيءَ جا‘ خود ٽائيمس (لنڊن) جي اخبار جي ايڊيٽوريلس مان اهڙا مثال پيش ڪيا آهن؛ تنھن ڪري مون کيس لکيو تہ توهان نہ ڪن پروفيسرن جي ڳالھہ تي ڳنڍ ڏيو ۽ نہ ان ڳالھہ جو گهڻو ويچار ئي ڪريو، ڇا لاءِ جو آخر هيءَ ڌارين زبان آهي؛ توهان کان يا اسان کان چوڪون پئجي سگهن ٿيون؛ ان ۾ ڪھڙي وڏي ڳالھہ آهي؟ انھن کان پوءِ هڪڙي هٺيلي ڇوڪري (Naughty Boy) وانگر ويو ٻيون سڀ ويڪون ڪڍندو. اسان جي کاڌي مان ۽ رهڻي ڪھڻيءَ جي نموني وغيرہ مان. هاڻي تہ جيڪو هتان جو ماڻھو کيس گڏجي پيو تہ اسان بابت ان کان پڇا ڳاڇا ڪري وڌيڪ اسان جون ويڪون هٿ پيو ڪري؛ سندس سڀاءُ ٻٽو آهي. مان سمجهان ٿي تہ دلي مرضي اها اٿس تہ سام سائين خط و ڪتابت مون سان وري ٻيھر شروع ڪري؛ مگر سام جو چوڻ آهي تہ لکپڙه ۾ ڪو سٺو طريقو (Decorum) رکڻ جڳائي؛ پر هن دوست جي قلم جي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانھي ۽ ڪچا پڪا خيال امالڪ لکي ٿو ڇڏي. گهٽ ۾ گهٽ 30 يا 35 خط اهڙا آيا آهن جن ۾ ناراضپو ظاهر ڪيو اٿس. سام کيس پيار يا ايشور جي آسيس چوائي موڪليندو آهي ۽ نمرتا ڏيکارڻ لاءِ پاڻ ٻہ اکر اهڙا لکي موڪليندو آهي. پر جنھن ۾ من ۾ شانتي ڪانہ آهي انھيءَ کي سچ بہ نظر ڪونہ اچي سگهندو آهي.
ان بنسبت سام چيو: ”اشانت من جي اڳيان انڌاري رهندي آهي ۽ سوچ ويچار ان لاءِ ممڪن ئي نہ آهي. انساني عقل تہ اهڙو آهي جو جيڪي چاهيو سو جلد ثابت ڪري ڇڏي. گلئڊسٽن جي هڪ ڪھاڻي ٻڌايائين، جنھن ۾ چون ٿا تہ هن پنھنجي سيڪريٽريءَ کي چيو تہ پارليامنٽ ۾ مون کي هن وشيہ تي ڳالھائڻو آهي، تنھن ڪري ان بنسبت حقيقتون لکي ڏي. سيڪريٽريءَ پڇيو: سائين حقيقتون فائدي ۾ گهرجن يا خلافيءَ لاءِ؟ گلئڊسٽن البت وائڙو ٿي ويو، ڇا لاءِ جو حقيقتون آخر حقيقتون آهن؛ پر انساني عقل انھن کي هيڏانھن بہ هلائي سگهي ٿو ۽ هوڏانھن به. سام وڌيڪ چيو: ”خواهش عقل کي جيڏانھن وڻيس اوڏانھن پيئي ڦيرائي!“
ان ريت اُهو سام سائينءَ جو شايق جيڪو پھريائين منتظر هيو تہ ساڻس خط جو رستو رکان ۽ ڪھي پري کان هت ملڻ آيو هو سو ٿوريءَ ڳالھہ ڪري ڦري گويا برخلاف ٿي پيو آهي ۽ اڄ چڱايون بہ هن کي برايون پيون نظر اچن. مون کيس لکيو تہ مان آشرم جي ”ماتا“ آهيان؛ توهان غط اثر هيٺ آهيو؛ جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ وڏا آهيو، تڏهين بہ ”ماتا“ ٿي ڪري مان توهان کي هن ريت صلاح ڏيان ٿي وغيرہ. اُن تي کيس چڙ لڳي تہ مون ماتا پاڻ کي ڇو چيو. لکيائين تہ مان ڀلا اهڙو ڪو برو آهيان ڇا جو توهان مون کي هروڀرو ’ماتا‘ ٿي لکو؟ سندس هي ڳالھيون کل جھڙيون بہ آهن! سام چيو سڀ کان سٺي آهي فقيرن جي ماٺ. ڪڏهن ڪڏهن کيس ٻہ ٽي اکر پيار جا لکو مگر ڳالھين جو جواب نہ ڏيو تہ چڱو آهي.
***


انھيءَ وچ ۾ هن هڪ ٻي چال پڻ کيڏي هئي جو مون کي ساراهڻ لڳو ۽ سام کي نندڻ لڳو هو. مون کيس لکيو تہ مان جيڪي بہ حاصل ڪيو آهي سو سندس (سام جي) رهبريءَ هيٺ حاصل ڪيو آهي. مون ڪجهہ تہ ڏٺو هوندو جو 25 سالن جي عرصي کان سندس رهبري قبول ڪئي اٿم. تنھن کان پوءِ هو منھنجون بہ ويڪون ڪڍڻ لڳو!
اها ڳالھہ ڪجهہ ڏينھن کان گهر ۾ پئي هلي ۽ خوش مزاجيءَ ۾ سام ڪڏهن ڪڏهن چوي پيو تہ هاڻي توکي اڳ ۾ ڪنداسين ڇو جو مون ۾ ماڻھن کي گهڻيون غلطيون نظر اچن ٿيون. اهڙيءَ طرح وري منھنجي رهائي ۽ رسائيءَ جو ذڪر ڪري سام چيو: ”درحقيقت اسان جي سختيءَ واري انتظام جو، تنھنجي ديا ڀاو ۽ فراخ دليءَ واري هلت، جنھن کي ماڻھو ساراهن ٿا، سڪي (Coin) جو ٻيو پاسو آهي؛ يعني اسان جو سخت نمونو ۽ اصولن جي پڪائيءَ وارو رخ خود انسان جي شيوا لاءِ آهي ۽ تنھنجي ديا ڀاو جي اصول مان پيدا ٿيندڙ آهي. پاسيري نظر سان تنھنجي ڍرائي اصولن جي، ديا ڀاوَ جي خيال جيڪا ڪندي آهين، سا پڻ وڻندي اٿم ڇا لاءِ جو انصاف جو ٻيو پاسو رحم يعني ديا آهي؛ انصاف خود ڀلائيءَ جي واڌاري لاءِ آهي، جنھن لاءِ ديا ڀاءُ فقط هڪ پھريون قدم آهي. صاف ۽ سادن لفظن ۾ چئجي تہ اها تنھنجي سڀاءُ جي ساراھہ مون کي خود وڻندڙ آهي ۽ انھيءَ ۾ ئي منھنجي اصولن جي ڪاميابيءَ جي اميد آهي، ڇا لاءِ جو ٻئي کي نوڙي پوءِ مٿي چاڙهي سگهبو آهي. جي تون مونسان شامل نہ هجين ها تہ مونکي ضرور اُهو پارٽ بہ ادا ڪرڻو پوي ها جو تون ادا ڪري رهي آهين.“
***


30-6-1965ع ٿورن ڏينھن کان سام جي ۽ منھنجي صحت ٺيڪ نہ ٿي رهي. سام چيو ته: ”واجبي علاج ڀل ڪجي مگر جئين مشنريءَ کي اوور هال (Overhaul) ڪبو آهي تيئن ضروري آهي تہ رهڻ ڪھڻ جا نيم وري چڱيءَ طرح سنڀالجن ۽ کاڌي وغيرہ ڏانھن پڻ چڱيءَ طرح ڌيان ڏيڻ گهرجي. پر ان ۾ قدرت جي اوٽ وٺڻ گهرجي؛ فقط حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن جي صلاحن ۽ دوائن تي ڀاڙي ويھڻ نہ گهرجي.“
ان خيال کان اسين صبح جو سويل چانھہ پي پوءِ ڪنھن باغ جي طرف نڪري ويندا آهيون. اڄ صبح جو اڳئين گيان باغ (جنھن کي هينئر باغ ذوالفقارچون ٿا) جي وڻن هيٺان ويٺاهواسين تہ اسان جا ڇوڪرا ۽ انھن جو ٻيو هڪ شاگرد دوست پڻ اچي شامل ٿيا، اسان جي هڪڙي ڇوڪري ان نئين دوست کان پڇيو: ”توهين هندو آهيو؟“ سام انھيءَ سوال تي ڪجهہ مشڪيو ۽ چيائين جيڪي تون سمجهين سو ئي آهي! ٻي ڇوڪري پڇيو تہ سو وري ڪيئن؟ سام چيو: ”چيو ڪين اٿن تہ آهيان ڀي خيال لڀسان ڀي نال خيال دي!“ اهڙيءَ طرح اسپنوزا چيو آهي ”Cogito ergo sum“.
جنھن شيشي مان نِظر وجهبي اهڙي رنگ ۾ دنيا نظر ايندي ۽ جيڪا ڀاونا من ۾ بہ رکبي ان مطابق ئي مطلب حاصل ٿيندو. نئين شاگرد کي ان ڳالھہ ۾ چڱو چاھہ پئدا ٿيو ۽ هو سام جي ڪتابن بنسبت پڇڻ لڳو. نرمل کيس چيو، اهي ڳالھيون جيڪي ٻڌءِ چڱيءَ طرح دل سان هنڊاءِ ۽ خيال پنھن جي کي سجاڳ رک. اها ئي سچي سکيا ڪتاب جي آهي.“
سام چيو: پر خيال تي قابو پائڻ واري شيءِ عشق آهي. عشق ئي خيال کي موڙي يا سنواري سگهي ٿو پر عشق يا شوق پنھنجي وس ۾ نٿو رهي.“
نرمل چيو: ”چئبو تہ اهو بہ جنمن جي ڀاڳ جو نتيجو آهي؟ سام چيو: ”اڳي جنمن جو هجي يا هن جنم جو هجي مگر هر حالت ۾ صحبت يعني سنگ مان ئي گيان حاصل ٿئي ٿو. عشق وارن جو سنگ ڪيو! اهو ئي هڪ رستو آهي شوق ۽ خيال وڌائڻ جو.“
تنھن بعد ڪجهہ شاھہ جي رسالي مان ۽ ڪجهہ سام جي ”تون ۽ مان“ ڪتاب مان ويھي پڙهيوسين. نئون آيل ڇوڪرو جيئن سندس نالي مان معلوم ٿيو هڪ مسلمان هيو. اٿڻ وقت ڳچ پنڌ تائين اسان سان گڏ هليو چيائين تہ مان ضرور توهان وٽ ايندس ۽ اُتي اچي ڪري توها جي ڪتابن وغيرہ مان واقف ٿيندس!
***


1-7-1965ع مون کي سام ڪن ماڻھن ڏانھن خطن لکڻ لاءِ چيو. مون خط کلي کيس ڏيکاريا پر سام کي ڪونہ وڻيا جو اکر تڪڙ ۾ لکيل هئا. نرمل بہ سام جي ڪجهہ گفتگو مان نوٽ وٺي رهيوهو پر سندس لکيت مان موهن چڪون ڪڍيون. اهڙيءَ طرح موهن بہ هڪ ڪارڊ ڪنھن اخبار کي مٽا سٽا Exchange لاءِ لکيو هو جنھن جو طريقو سام کي ٺيڪ نہ لڳو. تڏهن سام شڪايت ڪئي تہ توهان ڪم ۾ پورو شوق نہ ٿا رکو. نرمل سام کان پڇيو: ”دل ۾ هڪڙو خيال ايندو آهي جي چئو تہ پڇان؟“
سام چيو: ”ڀلي پڇ!“
نرمل چيو: ”سوال هي آهي تہ توهين پاڻ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جا ماهر آهيو، هوڏانھن اسين گويا ڏڏ آهيون. اهڙا ڪچا ماڻھو قدرت جي طرفان توهان کي ڇو ٿا ملن؟“
سام کيس چيو: ”مان فقط پنج درجا انگريزي ۽ پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهيو هيس. اڳين دور ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪي ڇوڪرا اسان جي انگريزي رسالي New Age جي ڪم ۾ گڏ رهي تربيت وٺڻ ايندا هئا. پھريائين انھن کي بہ لکڻ ڪونہ ايندو هو، توڙي جو انھن مان هڪڙو تہ M.A پاس ڪري پوءِ اچي مون وٽ رهيو هو. آخر ۾ هو ڏاڍا هوشيار ٿي ويا. منھنجا ڀاڻيجا بہ انھن ۾ هئا جيڪي هينئر انگريزيءَ جا پاڻ ماهر آهن. اهڙيءَ طرح توهان بہ هڪ ڏينھن پنھنجي محنت سان هوشيار ٿي ويندا. اسان غريبن ڏانھن تہ اهي ڇڪجي اچن ٿا جن کي غريباڻي نموني ۾ مدد اسين ڪري سگهون ٿا. پر قدرت انھيءَ ۾ مون سان ڪا بي انصافي ڪا نہ ڪئي آهي. ڀلا تون پاڻ ڏانھن ڏس تہ تو جھڙو نھٺو، سٺو ڇوڪرو ملي تہ ان ۾ ڪھڙي ڪس آهي! هوڏانھن ڊاڪٽر توهان جي ماتا، سا تہ هڪ منھنجي زندگيءَ جو ٿنڀو آهي. سندس صداقت جو ويچار ڪر ۽ لڳاتار شيوا جو. اُن شيوا جو ڪيڏو نہ وڏو ملھہ آهي! ڪنھن بہ آشرم لاءِ اهڙو ڊاڪٽر ماڻھو وڌ ۾ وڌ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو، تنھن ڪري اسين قدرت جا شڪر گذار آهيون. اکرن جي يا علم جي گهٽتائي يا ٻيا عيب، سا ڪا وڏي ڳالھہ نہ آهي؛ جي توهان دل و جان سان ڪوشش ڪندءُ تہ اُهي سڀ دور ٿي ويندا. اسان بہ اسڪول کان وڌيڪ پنھنجي ڪوشش مان پرايو هو.“
***


6-11-1965ع ملڪ ۾ هنگامي حالتن جي ڪري ۽ ٻين ڪن ناگوار ڳالھين جي ڪري اسان جو هڪڙو ڇوڪرو ڪجهہ بي دليو ٿي ڏيکاريو ۽ باغ جي ڪم ۾ سام سان گڏ هميشہ وانگر مدد ڪرائڻ ۾ پوري دلچسپي ڪانہ ٿي رکيائين. اسان وٽ ٻيو ڇوڪرو جيڪو هاڻي ايندو آهي، تنھن کي بہ ڪي شنڪائون من ۾ هيون. سام بہ باغ ۾ انھن سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو جڏهين ڇوڪرن کي ٻڌايائين: ”روحل فقير جو هڪڙو ڪلام آهي جنھن جي پھرين تڪ آهي:
ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسين، رانجهو رمزن وارو يار.
پر جي ڪنڊڙي ۾ ڪلتار اُهي تہ هنن گلن، رابيلن وغيرہ ۾ بہ اُهو ئي آهي. هي شيوا جو ساڌن يا رياضت جيڪا ڪريون ٿا اها عبادت آهي؛ پوڄا جي ڀاوَ سان ڪريو. اهو خيال نہ رکڻ گهرجي تہ هيءَ پرائي جاءِ آهي ۽ هميشہ هتي اسين رهي ڪونہ سگهنداسين تنھن ڪري ايترا پورهيا ڇو ڪريون. انسان جو من ئي انسان کي شيطان بڻائي ٿو ورنہ سمجهہ جي سڌي بات اها آهي تہ هن رياضت مان نہ فقط بدن کي ورزش ۽ من کي يڪتائي جي موج ملي ٿي پر باغ جي سينگارڻ سان گهر جي عزت ۽ پنھنجي خوشي بہ وڌي ٿي؛ ايشور کي پڻ ان سان راضي ڪري سگهجي ٿو. ايشور لوڪن ۾ وسي ٿو ۽ جيڪي لوڪ هن ريت اسان کي بلڪل صدق و سچائيءَ سان پرائيءَ جاءِ کي سينگاريندو ۽ ٺاهيندو ڏسندا هوندا سي بہ ضرور اسان لاءِ چڱو خيال ئي دل ۾ رکندا هوندا. ٻيو نہ تہ بہ ائين چوندا هوندا تہ هي ڪي فقيري ٽولي جا ماڻھو آهن؛ ان ڪري هو شايد ڪو وير وروڌ پڻ گهٽ رکن. پر اهي سڀ ٻاهريون ڳالھيون آهن؛ پنھنجي سچائيءَ ۽ صدق جو ڀاڙو ايشور اسان کي من جي اندروني خوشيءِ ۾ ڏيئي ڇڏي ٿو؛ هو شاهن جو شاھہ آهي؛ ڪنھن جي پورهئي جو ملھہ ڦٻائي ڪونہ ٿو وڃي. البت جو ڪي ڪرڻو آهي سو نمرتا ڀاو سان ڪرڻو آهي. نہ وري ﷲ کي ڪن وڏن ڪمن ڪارين جي گهرج آهي. ان ڪري فقير چوندا آهن، اگهامي تہ پاءُ نہ تہ مڻ بہ موٽيا وڃن. وزير هجي، آفيسر هجي، زميندار هجي، يا هڪ مزدو هجي انھن سڀني جي ڪم جي تڪ طور صدق ۽ سچائيءَ جي تارازيءَ ۾ ئي ٿيڻي آهي. ايشور گهڻي پريم يا گهڻي ڏيک تي موهت ڪونہ ٿيندو آهي پر گهڻي پريم ۽ شرڌا تي. گرو ارجن ديو جي هڪ ڳالھہ آهي جنھن پنھنجي استريءَ کي اشارو ڏنو هو تہ تون اولاد گهرين ٿي تہ ڀائي ٻڍي ڏانھن وڃ. چون ٿا تہ ماتا گنگا سکيون سھيليون وٺي وڏن شان مان سان ٿالھہ مٺاين جا ڀري ڀائي ٻڍي ڏانھن ويئي هو ٻاهر هڪ ٻير جي هيٺان گوشي نشين ٿي رهندو هو. ڀائي ٻڍي ان جو اڊنمبر ڏسي سندس نرادر ڪري کيس موٽائي ڪڍيو، جنھن تي ماتا پنھنجي پتيءَ گرو ارجن ديو کي اچي دانھن ڏني. گرو جن سڄي ڳالھہ ٻڌي کيس چيو تہ اها تنھنجي چوڪ آهي، ڇا لاءِ جو فقيرن ڏانھن شان مان ۽ انڊنمبر سان نہ وڃبو آهي، مگر نمرتا ڀاو سان انھن وٽ پيش ٿبو آهي. تڏهن ٻئي دفعي ماتا گنگا نمرتا پورڪ سادو لباس ڌاري، بصر ۽ ڏهي پنھنجي هٿ ۾ کڻي وڃي ڀائي ٻڍي اڳيان پيش ٿي. سنت سندس نمرتا تي راضي ٿيا ۽ هوءَ پنھنجو مطلب پائي آئي. هيءَ هڪ سمجهاڻيءَ جي ڳالھہ آهي جنھن جو مطلب هي آهي تہ ايشور جي اڳيان نمرتا ڀاوَ سان پيش ٿيون تہ هو اسان جي شيوا قبول ڪندو، چاهي ڪيتري بہ ننڍڙي هجي.
***


9-4-1966ع اڄ منھنجو جنم دن آهي. اُن سان گڏ اسين يوم آشرم ملھائيندا آهيون. اڳي وانگر هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو ڪونہ ڪوٺائيندا آهيون؛ گذريل سال کان اسپتال جي واسطيدار آفيسرن جي روڪ وجهڻ سبب ماٺيڻي نموني هي ڏينھن ملھائيندا آهيون. اڳي وانگر وڏو ميلو ڪونہ لارائيندا آهيون، ڇا لاءِ جو هاڻي اسان جي بنگلي جي هيٺان زناني اسپتال ماڻھن سان ڀريل هوندي آهي. اڄ سام ننڊ مان اٿڻ سان مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين تہ هل تہ پنھنجي باغ کان ڪو سٺو گل چونڊي توکي سوکڙي ڏيان. پنھنجو Terrace Garden سارو گهمايائين مگر اوچتو ٿڌين پوڻ ڪري ڪو گلاب جو گل ڦٽل نظر ڪو نہ آيو. تڏهين هڪڙو موتئي جو گل سام مون کي پٽي ڏنو ۽ چيائين: ”هي سفيد نماڻو گل حياتيءَ جي سچي آدرش جي نشاني آهي. منجهس سڳنڌ آهي، جيتوڻيڪ رنگدار نہ آهي. اسان جي حياتيءَ جو آدرش بہ اهو ئي هئڻ کپي تہ ماٺيڻي، نمرتا جي نموني سان زندگي سڳندي ۽ سڦلي بنايون؛ ڀڀڪي ۽ گوڙ شور واري نموني کان هي طريقو زندگيءَ جو سچ پچ وڌيڪ ملھائتو آهي. اخبارن جي گوڙ شور ۽ وڏن پروگرامن سان فقط آدرش پورو حاصل ڪري نہ سگهبوآهي. سڀ کان اهم ڳالھہ سچائيءَ واري سڳنڌ آهي جا هر سچي آتما هن جھان ۾ ڦهلائي سگهي ٿي. شال تنھنجو جيون بہ هن ماٺيڻي گل وانگر مٺڙي سڳنڌ ڏئي جڳ کي معطر بڻائي!“
***

______________________
اصل ڪتاب تي صفحي 635 تي 14-4-1966ع واري احوال کان وٺي صفحي 687 واري تاريخ 10 مئي 1971ع تائين ڏنل مواد غائب آهي. جيڪو انٽرنيٽ تي نہ ڏنو ويو آهي.