ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

2

20-6- 1951ع مون سام کان پڇيو: ”اها آشرم ڪھڙي آهي، جنھن جو بار بار توهين ذڪر ڪريو ٿا؟ انجي اڏاوت ڪھڙي ۽ ڪيئن ٿيندي؟“
سام جواب ڏنو: ”ڪابہ آشرم يا آدرشي آستان فقط سرن ۽ پٿرن يا ٿوڻين سان ٺھي نٿو سگهي. جئن انسان کي جسم ۽ روح آهي، تئن آشرم جي اڏاوت ظاهري ۽ پڻ آدرشي ٿيندي. نيم اهڙي آشرم جو روح يا آتما آهي. بيروني اڏاوت انجي سادي ۾ سادي هئڻ گهرجي. منھنجي خيال موجب آشرم ۾ رهندڙن جي واجبي گهرجن لاءِ هڪ گهر ۽ ان سان شامل هڪ کيت ضروري آهي.
اڳي هڪ سنسٿا ”اڪبر آشرم“ نالي جاري ڪئي هئي سين. ان جو خاص مطلب هو ’هندو مسلم ايڪتا‘ ۽ مذهبي اتحاد وڌائڻ اهو تحريڪ ان وقت لاءِ ضروري هو ۽ ان آشرم قوم جي اڳيان پنھنجو آدرش ڪتابن ۽ اخبارن دوارا رکڻ جي ڪوشش ڪئي. آشرم جيڪا هينئر اسانکي هن گرهست آشرم جي معياد کان پوءِ کپي تنھنجو مقصد وشو وڪاسي ۽ سمپورڻ يعني انساني جيوت جي هر پھلوءَ سان واسطو رکندڙ ٿيندو. انجا نيم اهڙا ٿيڻ گهرجن جو اُها ڪنھن خاص هلچل جو مرڪز (Centre) نہ پر سڀني سٺين سنسٿائن جو مغز (Brain) بڻجي پوي. منجهس رهندڙ ميمبرن ۾ اهڙو ميل ميلاپ هئڻ گهرجي جو رواجي گهر جي ڀاتين کان بہ وڌيڪ پريم ۽ مترتا جو سنٻنڌ منجهن رهي. ان ڪري شايد ڪي لکيل قانون هوندائي ڪونه. پريم ئي هڪ قانون سمجهڻ گهرجي ڇا لاءِ جو گهڻا قانون خود پريم کي پنگلو ٿا بڻائي ڇڏين. در حقيقت جئن اصول پريم آهي تيئن مقصد بہ پريم ئي سمجهڻ کپي. پر ڪرم جي کيتر ۾ آتما کي جسم جو سھارو وٺڻو آهي. تنھن ڪري.

1. جسم يعني شرير جو سڌارو
بہ ضروري آهي. هن سري هيٺ اسين اهڙا نيم ۽ ڪرم ويچار ۾ آڻي سگهون ٿا جن مان جسماني صحت سڌري ۽ اهڙو نتيجو نڪري جو آشرم جي ضروري خرچن لاءِ ڪافي پيداوار پڻ ٿئي. مثال طور کيت ۾ اَن ۽ باغات ۾ گل ميوات ۽ سبزيون پيدا ڪرڻ؛ آشرم جي روزاني ڪم جي ونڊ وراھہ ۽ جاين جي صفائي ۽ اڏاوت ۾ حصو وٺڻ؛ هنر ۽ گهرو ڪارخانا اسٿاپن ڪرڻ؛ آشرم واسين جي صحت لاءِ علاج گهر کولڻ ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن ۾ دوائون وغيرہ ڏيڻ؛ رانديون ۽ ٻيا وندر جا نمونا موجود رکڻ. جسماني ورزش ۽ رياضت جا ٻيا پڻ ڪيترا نمونا ويچاري سگهجن ٿا. اهڙي طرح

2. من جو انتظام ۽ واڌارو
بہ ضروري آهي. ڇا لاءِ جو من جي ذريعي آتما جسم کان وٺي ٿي. انسان فقط هڪ بت نہ آهي مگر جذباتي ۽ مانسڪ جيوُ آهي. سندس سکي جيوت لاءِ نہ رڳو شريرڪ صحت جي ضرورت آهي مگر من جي واڌاري ۽ سنوار جي به. من جي سنوار جي لاءِ هڪ قسم جي تعليمي پرٻنڌ هئڻ گهرجي؛ جو وڏن ۽ ننڍن لاءِ جدا جدا قسمن ۽ درجن ۾ ورهائي ٿو سگهجي. ننڍي اوستا وارن لاءِ تعليم جي نون اصولن موجب آزاد سڪولي وديا ضروري آهي ۽ وڏن جي لاءِ گفتگو، ويا کياڻ ۽ ٻيا پروگرام ڪن خاص موقعن تي رٿي سگهجن ٿا، جن ۾ سندن گيان جو واڌارو ٿئي.

3. آتمڪ شڪتيءَ جو واڌارو
انھن سڀني ڳالھين سان واسطو رکي ٿو. مگر اهو علائقو خاص ڌرم ۽ گيان جي ويچار جو آهي. زندگي جي ڌارمڪ نيم ۾ ئي انسان جي سچي خوشيءَ جو راز رکيل آهي. هر هڪ انسان جي اُها گهرج پنھنجي ڀاو پسنديءَ يا آتمڪ انتيءَ (Evolution) آهر پوري ڪرڻي آهي. ڪن کي اُهو اندروني آنند شيوا يعني پراپڪار جي ڪمن مان ملي سگهي ٿو، جنھن جا گهڻا قسم آهن؛ ڪن کي علم جي اڀياس سان وڌيڪ سھنجي طرح ملي ٿو، جنھن جا پڻ گهڻائي طريقا ٿي سگهن ٿا؛ ڪن کي وري ست سنگ، ڀڳتي ۽ پريم جي ماحول ۾ اُهو مقصد حاصل ٿئي ٿو، جنھن جا پڻ ڪي نيم ۽ نشان آهن.
”اهي ٽيئي رستا ڌارمڪ يعني روحاني هلچل جا اسانجي آشرم ۾ موجود هئڻ گهرجن: (1) شيوا يا رياضت (2) گيان يا علم جو واڌارو (3) صحبت يعني پريمين جو ست سنگ!
”هي وشيہ اهڙو آهي جو هن تي هڪ جدا ڪتان رچي سگهجي ٿو ۽ هڪ هڪ نيم جي فلاسافي جو جدا وستار ڪري سگهجي ٿو. هن وقت فقط زباني طور مختصر تصوير(Outline) تنھنجي سمجهاڻيءَ لاءِ ليڪي اٿم. ان جي اندر جزو جزو ويچار سان رٿي رکڻو آهي. وڌيڪ چوندس تہ جيڪي نيم ۽ اصول رکجن انھن مان سم درشٽيءَ جو آدرش ظاهر ٿيڻ گهرجي. نيم اهڙا وشو سنٻنڌي يا عالمگير (Universal) اصول تي رکڻا آهن جيڪي قدرت جي نيمن سان ٺھڪي اچن ۽ نہ ڪنھن خاص سنسٿا يا ڌرم جي پوئواري ڪن.“
***


آشرم جي مٿين رٿا سمجهائڻ بعد سام چيو: ”مونکي ڪڏهين ڪڏهين ائين خيال ۾ ايندو آهي تہ شايد اسان کان اهڙي اڏاوت يا جوڙ جڪ پڄي ئي ڪونہ؛ ڇا لاءِ جو هڪ قسم جي ماٺ تن ۽ من جي مٿان غالب ٿي وڃي، جيتوڻيڪ اها بي چسپي يا شوق گهٽتائي يا آلس نہ آهي. ائين نہ آهي تہ اتپتيءَ جي راند ڪا بيھجي سگهي ٿي. سرشٽيءَ ۾ ڀلائي يا برائي جي ڪمن جو انت ڪو ٿيڻو نہ آهي. مان تہ چوندو آهيان، هي پرڀو! هن سرشٽيءَ جو ڪرتا ڀرتا تون پاڻ آهين؛ تنھنجي لاءِ ڪا بہ سنسٿا يا سڌارو ضروري نہ آهي. هيءَ زندگي جي هلچل ۽ اسانجا حيلا وسيلا سڀ پاڻ ڳولڻ جا بهانا آهن؛ اهي سڌا پر گهڻو ڪري اڻ سڌا طريقا ثابت ٿين ٿا؛ هي سوامي! اسانجي شيوا يا پراپڪار جي توکي ڪھڙي ضرورت آهي؟“
سام وڌيڪ چيو: ”شايد هي ڀاو وڌندو رهي ۽ اسين سڀ ڪجهہ سندس ڀيٽ رکي آخر وڃي ڪنھن وڻ هيٺ ويھي رهون يا ڪنھن گفا ۾ گم ٿي وڃون، جتي فقط هريءَ جي نام جو سچو سکه هر ڀڳتن جي سنگ ۾ پيا ماڻيون. هي ڪم بہ پيا ٿيندا ۽ شايد ڪن ست سنگين کي ڪو اهڙو اتساھہ جاڳي جو هو هن آشرم جي اڏاوت شروع ڪن ۽ ان ۾ اسان کي پڻ ڪا ڪنڊ ٺاهي ڏين. مگر پنھنجي طبيعت هاڻي جوڙ جڪي ڪم جھڙي ڪانہ رهي آهي؛ هن ڪم لاءِ گهڻي جفا ڪشي ۽ هڪ قسم جو لڙندڙ سڀاو کپي. ٻيو اِهو خيال پيو ٿئي تہ جانفشاني ڪري ڪو خاص آستان ٺاهجي بہ کڻي ۽ اهو وري اسان لاءِ هڪ نئون قيد خانو بڻجي پوي تہ پوءِ اهڙي ڪوشش ڪھڙي ڪم جي ٿيندي!
”منھنجو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪو شيوا يا اديم جو آدرش گهٽ آهي؛ مگر جڏهين سڀ ڪرم ۽ اُديم جو انت ايشور جي آنند پائڻ ۾ آهي، تڏهين سوال ٿو اٿي تہ ڇو نہ آنند پائڻ جو سڌو حيلو يعني پريم ڀڳتي جو مارڳ اختيار ڪجي؟ تنھن ڪري گهڻي ڀاڱي اِها ڳالھہ مدار رکندي، ان وقت جي ساٿين ۽ سندن گهرجن تي. چوندا آهن تہ صوفيءَ جو سڀ ۾ سير آهي. ايشور پاڻ هيءَ ليلا رچي رکي آهي. هي سنسٿائون، سماجون ۽ خدمتون يا سخاوت جا ڪم بہ پاڻ ايجاد ڪيا اٿس، تنھن ڪري سندس سچي ڀڳت کي ڪو انھن کان عار بہ هئڻ نہ گهرجي.“
مون چيو: ”هڪ پاسي چئو ٿا تہ گرهست آشرم کان پوءِ هن قسم جي آشرم کپي، ٻي پاسي چئو ٿا تہ شايد اسان کان اهڙا اڏاوت ڪرڻ پڄيئي ڪونہ ۽ آخر ڪنھن وڻ هيٺيان وڃي شايد ويھون. خيال جي پڪائيءَ کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪيئن حاصل ٿي سگهندو؟“
سام وراڻيو: ”پڪ فقط پنھنجي اڌينتا جي اٿئون. اهو وقت اجا پري نظر اچيٿو. ايترو اڳ ڪابہ پڪ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ اهڙي پڪ خيال جي ايمان کان سوا پيدا ٿي نہ ٿي سگهي. ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ضد ڪري يا حرصي نموني ڪاهي پوڻ چڱو نہ آهي.“
نہ وري هروڀر منھن موڙڻ ڪنھن ڳالھہ کان ضروري آهي. مطلب تہ ٻنھي ڳالھين لاءِ اسانکي تيار رهڻ گهرجي. پوءِ جيئن سندس اشارو اچي تيئن ڪجي. ’جوتد ڀاوي، سائي ڀلي ڪار‘، ان ڀاونا سان سڀ ڪجهہ ڪجي ۽ نہ خوديءَ واري خيال سان.“
***


21-6- 1951ع مون سام کي چيو: ”هي ڪتاب جلد ڇپايون تہ چڱو؛ اها هڪڙي اسان جي ڪم جي شروعات ٿي پوندي.“
سام چيو: ”ڇپائيءَ لاءِ گهڻي چاهنا نہ رک. گذريل سترهن ارڙهن سالن کان مون پنھنجو پاڻ ڇپائيءَ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي جيتوڻيڪ ڪافي ليک ۽ ڪتاب تيار آهن؛ هينئر تہ خاص ڪري ماڻھن جي لڏ پلاڻ ٻنھين ملڪن ۾ اسان سڀني جي زندگيءَ ۾ گهٻراهٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي؛ هن وقت ڪتابن جي ڇپائڻ ۾ ڪو خاص مقصد نظر نٿو اچي؛ جيڪي خيال اصول سٺا سمجهين ٿي انھن کي عمل ۾ آڻ. اها خود انھن لاءِ وڏي ۾ وڏي مشهوري آهي. عمل جي ذريعي اُهي ڇپائيءَ کان وڌيڪ سلامت رهي سگهن ٿا.“
***


ٿورا ڏينھن ٿيا تہ مدراس جي گڻيش ڪمپني وارن سام کي لکيو تہ اوهان جي ڪتابن جون اڃان ڪجهہ ڪاپيون اسانوٽ آهن، جن جي نيڪال ڪرڻ جي تجويز ٿي سگهي تہ ڏسيو. سام ان ڳالھہ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ڪيترو بہ کڻي انھن ڪتابن جو انوقت جي اخبارن ۽ رسالن آڌر ڪيو تڏهين بہ ائين ظاهر آهي تہ انھن جو ڇپجڻ ڪا خاص لاڀد ايڪ ڳالھہ ڪانہ هئي. ڇپائي يا ٻيو ڪوبہ ڪم تڏهين هٿ ۾ کڻجي جڏهين ان جي گهرج محسوس ڪجي، نہ فقط پنھنجي حرص پوري ڪرڻ لاءِ؛ ڇپائي لاءِ وري جڏهين ڪو اِلاهي اعلان ٿيو تہ ڏٺو ويندو.“
پوءِ وڌيڪ هينئن چيائين: ”هيءَ تنھنجي ڊائري ڏيکاري ٿي تہ تنھن جو هنن آدرشن ۾ ڪجهہ قدر ويساھہ آهي، پر تڏهين بہ تنھنجو ناتو اسان سان فقيري امنگ يا صدق تي اڃان ٻڌل نہ آهي. جڏهين فقيريءَ جو شوق تو ۾ پيدا ٿيو، تڏهين هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو توکي اڌڪار رهندو.“
***


مٿين ڳالھہ مان ظاهر آهي تہ سام جي خيال موجب مان اڃان فقيريءَ ۾ پورو عقيدو نٿي رکان. برابر مان ڪڏهين اهڙي هلت ڪندي هوندس جا گرو ۽ چيلي جي وچ۾ سھائيندڙ نہ آهي. ائين بہ شايد هجي تہ سنساري ڪمن سان گهڻي واهپي ڪري اُهو آدرشي ناتو اسين اڃا قائم ڪري نہ سگهيا آهيون، مگر جيڪڏهين وڌيڪ اونھو وڃبو، تہ ائين خود سام کي قبول ڪرڻو پوندو تہ مونکي سندس مقصد کان نرالو ٻيو ڪو مقصد حياتيءَ ۾ ڪونہ آهي؛ جو هن جو آدرش سوئي منھنجو آدرش آهي.
هن باري ۾ ڪڏهين ڪڏهين سام چرچي طور هڪ آکاڻي ٻڌائيندو آهي، جنھن ۾ شايد پڙهندڙن کي ڪو گيان جو نڪتو نظر اچي؛ ان ڪري اُها هت ڏيان ٿي: ”انگلينڊ جو بادشاه آلفريڊ جڏهين هار کائي پنھنجو تخت ڇڏي، لڪي وڃي هڪ ريڍار جي گهر ۾ رهيو هو، تڏهين ريڍار جي زال هن کي گهر جو ڪم ڪار ڏسيندي هئي. هنکي اها خبر نہ هئي تہ هي ڪو بادشاه آهي. هڪ لڱا جڏهين چلھہ تي روٽين جي نگاه لاءِ آلفريڊ کي ويھاري ويئي، تڏهين آلفريڊ پنھنجي ملڪي مسئلن جي خيال ۾ محو ٿي روٽين کي اٿلائڻ وساري ڇڏيو؛ روٽيون سڙي وييون ۽ ريڍار جي زال هنکي ڪيتريون ڇڙٻون ڏنيون.“ سام کلي چيو: ”اسان بہ پنھنجي ملڪ (آتمڪ سنگ) کان وڇڙيل اچي تو وٽ مھمان ٿيا آهيون ۽ تون ڪڏهين ڪڏهين اڻ ريڍارڻ وانگر هلت ڪرين ٿي.“
وري ان ڳالھہ کي دهرائيندي چيائين: ”ائين چوڻ ۾ ذرا ڪجهہ اڀمان نظر ٿو اچي، پر ريڍارڻ جو لفظ مون ڪنھن خراب ارادي سان ڪم ڪو نہ آندو. منھنجو سچو مطلب آهي تہ هي دک دائي سنسار انھيءَ اڻڄاڻ ريڍارڻ جي مثل آهي؛ بادشاھہ آلفريڊ اسانجي آتما آهي جا هار کائي پنھنجي آنند روپي تخت تان لھي هت اچي لڪي آهي ۽ پيئي ٿي سنسار جا روز طعنا ۽ مھڻا سھي. جيتر سندس اکيون کلن ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻي، تيتر پيو سنسار کيس ڏنڀ ڏيندو. هي سنھا ٿلھا غرض ۽ چنتائون انھن ڏنڀن مثل آهن. تون ڪڏهين ڪڏهين اسان ٻنھي جي ان گڏيل جيون جي آدرش کي وساري ڇڏيندي آهين ۽ فقط گهر جو ڀاتي يا پنھنجو ساٿي ڪري اسانکي سمجهندي آهين. برابر توکي حياتيءَ جي ضروري مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. پر اسانکي پنھنجي اڳين زندگيءَ ۽ ايندڙ وقت جون اميدون هر وقت ياد آهن، تنھن ڪري پاڻکي هت ڪڏهن ڪڏهن اُن جلا وطن بادشاھہ آلفريڊ وانگر پيا سمجهون. سچ پچ تون نہ پر ريڍارڻ هيءَ سنساري زندگي آهي، جنھن اسان کي هت روٽين پچائڻ، يعني گذاري لھڻ لاءِ ويھاري ڇڏيو آهي!“
***

22-6-1951ع مون سام کي چيو: ”اڄ مون پنھنجي ڊائريءَ ۾ ڪجهہ نہ لکيو آهي ۽ نہ توهان ئي ڪجهہ ٻڌايو آهي. ائين پئي سمجهان تہ ڄڻ وقت اجايو وڃايو اٿم.“
سام چيو: هر شوق حرص جي صورت وٺي سگهي ٿو. ان کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. جا ڳالھہ از خود ٺھي ايندي آهي، سائي ٻڌڻ ٻڌائڻ جوڳ آهي. خيالن جو اچڻ وڃڻ ڪنھنجي وس ۾ نہ آهي.“
مون چيو: ”توهين پاڻ چوندا آهيو تہ خيال جو خزانو اکٽ آهي.“
سام چيو: ”شايد ڪي نوان خزانا خيال جا اسان وٽ بہ اڃا لڪل هجن پر انھن جو منھن کولڻ منھنجي وس نہ آهي. جيئن ڌرتيءَ اندر پاڻيءَ جون نھرون هميشہ وهن پيون، مگر ڪنھن سونجهي کي ئي سڌ رهندي آهي تہ ڪٿان سھنجو تڙ ملندو، تيئن انسان جي من ۾ گيان جو آب هميشہ ميسر آهي؛ سچا پياسي ائٽ گيڙي ڪنھن وقت بہ پنھنجي پياس ٻجهائي سگهن ٿا. تنھنجو پريم ۽ تنھنجو شوق شايد ان ۾ ڪا مدد ڪري سگهي ۽ نوان چشما کولي وجهي.“
سام چيو: ”هيءَ ڪھڙي نہ عجب جھڙي ڳالھہ آهي جو اسانکي انھن املھہ خزانن جي پوري خبر نہ آهي! عمر گهڻي ڀاڱي اجاين ڪمن ۾ گذاري وڃي ٿي. اڄ ڪالھہ جي نموني رهڻي ڪھڻيءَ جي (Standard) قائم رکڻ لاءِ ماڻھو ڪيتري نہ جانفشاني ڪن ٿا! مگر جنھن انجڻ جي طاقت گهڻي ڀاڱي پنھنجي بوج کڻڻ ۾ خرچ ٿي وڃي ٿي، اها انجڻ بيڪار سمجهڻ گهرجي. مثال طور جيڪڏهين ڪا موٽر ڪار ٻارهن هارس پاور جي آهي ۽ انھيءَ مان ڏھہ هارس پاور فقط انھيءَ جي باڊيءَ جي کڻڻ لاءِ گهربل آهن تہ اها ڪارائتي ڪين چئبي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن انسان جي روزاني پورهئي جو نتيجو اهو نڪري جو هو فقط اٽو ۽ لٽو پنھنجي لاءِ ميسر ڪري سگهي ۽ باقي حياتيءَ جون گهڙيون بہ انھيءَ جي چنتا ۾ خرچ ڪري تہ اُن انسان جي زندگي بي سود سمجهڻ گهرجي؛ ڪجهہ بہ هڙ حاصل نہ آهي جي لک آڻي ۽ لک ئي پاڻ تي لائي. ٻيو انسان چاهي ٿوروئي ڪمائي، پر پنھنجي کاڌ پيت ۽ ضروري ڪمن کان ڪجهہ وقت بچائي من جي خزانن کوٽڻ ۾ لڳائي يا ٻئي ڪنھن شيوا جي ڪم ۾ خرچ ڪري تہ ان جي زندگي وڌيڪ سچي ۽ سڦلي سمجهڻ گهرجي.
”اڄ ڪالھہ دنيا ۾ کاڌي لٽي ۽ ٻين شين جي تنگائيءَ کان وقت جي تنگائي وڌيڪ محسوس ڪجي ٿي. افسوس! اسين مورکائيءَ ۾ دنيوي اڊمبر خاطر ڪوڙي سک جون شيون ۽ مال گڏ ڪري، پنھنجون چنتائون وڌائي رهيا آهيون ۽ پنھنجي من جي اندر پوريل خزانن کان پاڻ کي محروم ٿا رکون. اِن ڪري اسانجي آشرم جو خاص سنيھو، ’سادگي‘ ٿيڻ گهرجي، جنھن جو ٻيو نالو سچائي آهي؛ سادي جيون سچائيءَ واري جيون آهي ۽ سچائي سڀ کان سادي ۾ سادي شيءِ آهي. انساني جيوت جي مشين کي پنھنجي بوجي کان آجو ڪرڻ سو سندس سڀني مرضن جو هڪ علاج آهي.“
***


ائين مونکي هرگز خيال ۾ نٿو اچي تہ ڪو وڏيون جايون، وڏا ڪارخانا يا پيچيدہ ڪاروبار جا طريقا اسانجي آشرم لاءِ ضروري ٿيندا؛ مان تہ ائين خيال ڪري رهيو آهيان تہ جيڪو وڻ جي ڇانوَ مان ڪم نڪرندو؛ تنھن لاءِ جاءِ ڪانہ اڏينداسون؛ مونکي اُها انگريزي ڪتاب واري تصوير وري وري ياد ايندي آهي، جنھن ۾ هڪ ياتريءَ جي ڪلھن تي ست عمارت بيٺل آهي جا سامان سان سٿيل نظر اچي ٿي ۽ گهڻي بوجي سبب مسافر جو ڪنڌ جهڪيل نظر اچي ٿو؛ تصوير جي هيٺيان ڪجهہ اهڙا اکر لکيل آهن: ’بھشت جا يا تري! ذرا پنھنجو بوج گهٽاءِ! انھيءَ هدايت جي اڄ اسانکي ڪيڏي نہ ضرورت آهي!“
***
پنھنجي گذريل وقت جون ڪي ڳالھيون ٻڌائيندي اڄ سام چيو: ”شاديءَ کان اڳ سمورو وقت ڪتابن جي اڀياس ۽ دل گهرين ڪسرتن ۾ خرچ ٿيندو هو. ان وقت هڪ ڇوڪرين جو ڪلاس سنڌي ۽ انگريزيءَ جي پڙهائڻ لاءِ کوليو هيم ۽ ڳوٺ جي حويليءَ جون زالون گهڻيون ست سنگ ۾ اينديون هيون. پر شاديءَ کان پوءِ جلد اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. انھن کي اسانجي شادي ڪرڻ ۽ گرهست ۾ گهرڻ هڪ گهٽتائي ٿي لڳي، اگرچ اسانجي نيم ۽ ويچار ۾ ڪو ڦيرو ڪونہ آيو هو. اُهي ست سنگ وارا جلد ٽهي ويا ۽ ڇوڪرين جو ڪلاس بہ بند ٿي ويو، مگر سنسار ۾ گهرڻ مون لاءِ فائدي وارو هو؛ ڇا لاءِ جو سنسار جون ٺوڪرون کائي انسان گهڻو ڪجهہ سکي ٿو. حقيقت ڪري سنسار جو پھاڙ آهي ئي ان لاءِ تہ انسان جو من ان کان چوٽون کائي وڌيڪ نهٺو ۽ نرم بڻجي. پھاڙ تان هڪ لڱا هڪ وڏو پٿر مون ڪرندو ڏٺو؛ جئن ڪرندو، چوٽون کائيندو هيٺ لٿو تيئن ان جون نوڪدار ڪنڊون ڀڄي پيون. مونکي خيال آيو تہ اهڙا ڌڪن مٿان ڌڪ کائي آخر صاف، ٻي ڪنڊيارو، گول ۽ لسو ٿي پوندو. هي من انسان جو پڻ زندگيءَ جي دور ۾ گهرڻ کان اڳ بجر مثل آهي. زندگيءَ جا طوفان آڻي ٿا انکي حقيقت جي پھاڙ سان ٽڪرائن ۽ اُنجا پاسا اوسا ڀڃي، خوديءَ جا خيال ٽوڙي، منجهائنس شوخي ۽ شيخي ڪڍي، کيس بي ڪنڊيارو يعني خوديءَ ۽ آڪڙ کان آجو، لسو يعني سادو ۽ سرل سڀاوَ وارو، گول يعني سَم درسٽيءَ وارو ۽ صاف يعني وڪارن کان آجو ٿا بڻائن. لباس ساڌوپڻي جو ننڍي عمر ۾ کڻي ڪنوڪارن کان ڪجهہ بچاءُ ڏئي ٿو مگر آخر نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو، ڇا ڪاڻ تہ هن ضروري گهَڙ گهُڙ جي دور(Process) کان دور رکي سچي علم ۽ احساس کان محروم رکي ٿو.
گيان جي بجلي ٻن مختلف جزن (Negative & Positive) جي گسڻ سان نڪري ٿي؛ زندگي براين سان ٺوڪرون کائي سچ ثابت ڪري ٿي؛ سچ عمل ۾ اچڻ کان پوءِ ئي مڃتا جي لائق بڻي ٿو. جيستائين عمل ۾ نٿو اچي تيستائين گويا وجود ۾ نہ آهي، يعني تيستائين ’سچ‘ سچ نہ آهي پر هڪ وهم يا خيالي بد بدو آهي. گيان جي وڻ جي چوٽي جيتوڻيڪ آنند جي آسمان ۾ آهي، پاڙون سندس دک ۽ ڪشالي جي زمين ۾ کتل آهن. انسان جو من دکن جوئي رس پي پاڻ۾ ميٺاج سمائي ٿو.
”زندگي هڪ عجيب اسڪول آهي. مان سمهجان ٿو، جيتوڻيڪ اڳين نويڪلائي وندر ۽ سٺن نيمن ۾ ظاهري مزو هو، تڏهين بہ هي ويھہ يا پنجويھہ سال سنساري زندگيءَ جا اجايا ڪين ويا آهن.“
***


جرمنيءَ جي قيصر جي هڪ ڳالھہ سام ٻڌائي، جا هن وشيہ سان سنٻنڌ رکي ٿي. دنيا جي پھرئين (1914 واري) لڙائي کان پوءِ قيصر جڏهين پنھنجو تخت وڃائي پرديس ۾ وڃي رهيو، تڏهن هنکي ڪوبہ سياسي يا شاهي گهراڻي جو درجو يا طاقت حاصل ڪونہ هئي، مگر چون ٿا تہ هو پڇاڙيءَ تائين گهر ۾ اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ماڻھن سان ملڻ وغيرہ ۾ ساڳيوئي ڏيک ۽ شاهاڻو نمونو قائم رکندو آيو؛ جڏهين مانيءَ واري يا ملاقات واري ڪمري ۾ ايندو هيو تڏهين اڳئين دستور موجب اردلي سندس شاهي چوغي کي پٺيان کڻي هلندا هئا؛ يعني هن شاهي ڇڏي، مگر شاهاڻو خيال نہ ڇڏيو؛ هن کي اميد هئي تہ هڪ ڏينھن تخت تي ضرور موٽي هلبو. هو تہ ڀلل نڪتو مگر جيو آتما کي پنھنجي ستنترتا جي تخت يعني پرماتما ڏانھن موٽڻ کان ڪير بہ روڪي نٿو سگهي.
”ڪي صوفي نيم ۽ ورتيءَ کي فقط ٻاهريون ڏيک ويک ڪري سمجهندا آهن پر بعضي ان ريت آتما پنھنجي اصليت قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ڪيترا ماڻھو آهن جيڪي پنھنجي گهراڻي جو شاهاڻو نمونو ڪنھن طرز طريقي رهڻ يا ڪپڙي جي پھرڻ جي سان ڪجهہ قدر قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پنھنجي وڏن جي ريت ڪين وساريندا آهن توڙي جو هو مفلس ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح ڪي پسريل آتمائون آهن جيڪي پنھنجي آدرشي جيون جو نمونو نيمن ۽ ٻاهرين ڪريائن سان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. انھن سڀني کي ڏوھہ ڏيڻ بدران شاباس ڏيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو روپ روح جو ماڻ آهي؛ قانون جي مڃتا خود سٺي جيون جي مرد پيدا ڪندڙ آهي؛ ساڌو پڻي جو ڏيک سچ جي اپجڻ جي شروعات ٿي سگهي ٿو. انساني جيوت جا وڏي ۾ وڏا آدرش پھريائين لوڪن کي ٻٽاڪون سوداءِ يا چرچن مثل نظر ايندا آهن، پر اهي سوداءِ سچ جا سلا بڻجيو پون. مطلب تہ روپ يا جسم روح کي پاڻ ڏانھن ڇڪ ڪري ٿو؛ خالي نيم سچي آدرش من ۾ سمائڻ جي گويا هڪ دعوت ڪري سمجهڻ گهرجي. ائين برابر آهي تہ روح کي اها طاقت آهي جو پنھنجي لاءِ نوان روپ ۽ جسم بڻائي، مگر روپ يعني ماڻ بہ روح جي پرٽجڻ لاءِ هڪ موقع يا سبب ٿي سگهي ٿو؛ نہ رڳو ايترو پر مان سمجهندو آهيان تہ ڪا بہ آتما جي اِڇا صفا وئرٿ نہ ٿي وڃي. تنھن ڪري هن زندگيءَ ۾ آتما جيڪي رنگ ڍنگ اختيار ڪري ٿي، سي سندس اندروني اِڇائون ڪري سمجهڻ گهرجن، جي هڪ ڏينھن وڃي هن آلفريڊ کي پنھنجي منزل مقصود يعني ستنترتا جي تخت تي پھچائينديون. فقط آلفريڊ وانگر اسين پنھنجي تخت جي تمنا دل ۾ قائم رکون؛ تات پنھنجي آتما جي وطن کي ڪين وساريون.
”شري ڪرشن ۽ سکي راڌا جي هڪ ڳالھہ آهي؛ شري ڪرشن جي وڇوڙي ۾ راڌا گهڻو ويا ڪل رهي ٿي؛ راڌا ڏينھن رات پيئي ڪرشن لاءِ واٽون واجهائي؛ مگر سندس آس اڃا اگهائجي نٿي؛ نيٺ راڌا نراس ٿي دک مان آلاپ ڪريٿي؛ سندس سھيليون هن وٽ مڙي اچن ٿيون ۽ چون ٿيون، هي راڌا! تون نراس نہ ٿيءُ؛ پنھنجي پريم جي جوت جاڳرت رک؛ ياد جي وٽ ٻاريندي رھہ تہ هڪ ڏينھن ڪرشن تو وٽ ضرور ايندو.“
سام وڌيڪ چيو: ”هن وڇوڙي جي بيابان ۾ آشا ئي آتما جو هڪ آڌار آهي.“
***


هن خيال تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”اهنجيءَ سھنجيءَ ۾ پنھنجو آدرش نہ وسارڻ اها پاڻ سان وفاداري آهي. ڌير ٻڌي وارا اِنسان لوڪ جي ٺٺوليءَ جو ڪو خيال ڪونہ ڪندا آهن، پنھنجي آدرش کي وسارڻ ڪم طاقتيءَ جي نشاني آهي. جيوت اندر سڀ ڪجهہ حاصل ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪ ان لاءِ پورڻ پريم ۽ اعتقاد رکون.“
سوال اٿيو تہ جيوت اندر سڀ ڪجهہ ڀلا ڪيئن ٿو حاصل ٿي سگهي؟ ڇا پورڻ اعتقاد رکي ڪوئي ساري جھان جون مالڪ بہ بڻي سگهي ٿو؟
سام چيو: ”پورڻ اعتقاد فقط چڱن آدرشن ۾ ئي ٻجهي سگهي ٿو. برائي حرص ۽ لالچ پورڻ چاھہ پيدا ڪري نٿا سگهن.“
***


مون سام کان پڇيو تہ مان جو ڪڏهين ڪڏهين باغي ٿي پوندي آهيان يا ائين چئجي تہ پنھنجن آدرشن ۾ اندروني اعتقاد هوندي بہ ٻاهران نا اميديءَ جا خيال ڏيکاريندي آهيان ۽ سمجهندي آهيان تہ اسانکي اُها آشرم واري زندگي مشڪل نصيب ٿيندي؛ ان جو ڪارڻ ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟“
سام چيو: ”ان جو ڪارڻ اهو آهي جو تو اڃا پنھنجو آدرش پوريءَ طرح ڪين سمجهيو آهي. جڏهين پنھنجو مقصد چٽو ڏسبو تڏهين ئي منجهس ايمان پيدا ٿيندو؛ يقين ڏسڻ سان ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ ان بعد وڌيڪ آزمائش جي ضرورت ڪانہ ٿي رهي. في الحال تون پيئي ٿي واجهائين. ڪنھن کان بہ زوريءَ شنڪائون ڇڏائڻ ڪين گهرجن. وشواس پنھنجي آزمودن مان پيدا ٿيندو آهي. جيئن ننڍڙو سلو هوريان هوريان ڏانڊيءَ جي صورت وٺندو آهي ۽ نٻلو وڻ هوائن جا لوڏا کائي کائي ان مان مضبوطي پرائيندو آهي، تيئن انسان جو آدرش بہ آزمائش کان پوءِ ثابت ٿيندو آهي؛ عمل ۽ خيال جا لوڏا کائي پوءِ پڪو ٿيندو آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”ان شنڪا جو ٻيو بہ هڪ پھلو آهي؛ ڪجهہ وقت اڳ مون هڪ درشيہ ڏٺو جنھن مان تون ڪو بہ مطلب ڪڍي سگهين ٿي: ڏٺم تہ هڪ ڪاري ڪوٺي آهي؛ انڌاريءَ ۾ ڪجهہ چٽو نظر نہ ٿي آيو پر تمام گهور ڪري نھارڻ سان ڪوٺيءَ جي وچ ۾ هڪ پنڊي ڏٺم جنھن ۾ هڪ ڪارو زهري نانگ ويٺل هو؛ پوءِ خيال آيو تہ اهو نفس آهي؛ اها پنڊي سک جي سا مگري آهي. ڪاري ڪوٺي انسان جو من آهي ۽ اها طمع يا موھہ جي اوندھہ آهي جنھن جو اگياني من ۾ واسو آهي.
”نفس جو نانگ هميشہ اسانجي من ۾ رهي ٿو. ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھہ ۽ اهنڪار ان جون پنج منڍيون آهن. مگر ڇهون اوزار انجو شڪ آهي جو هن عقل جزوي جي پيداش آهي. اهو سندس ڏندن جو ڪم ڏي ٿو جنھن سان ڪاٽي پوءِ پنھنجو زهر سمائي ٿو. لوڀ يا شخصي مطلب انسان کي نہ هوندي بہ منجهس ڪو لڪل موھہ يا اهنڪار ٿي سگهي ٿو. شڪ روح جو وڏي ۾ وڏو ويري آهي؛ اهو ئي هر شڪست جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو؛ اهو خزان جي سڪائيندڙ هوا مثل آهي. ان کان هن آس جي ٻوٽن کي بچائڻ گهرجي. مونکي اميد آهي تہ تنھنجي اها ’بغاوت‘ مٿاڇري آهي. پر جي سچ پچ اُها پريم يا وشواس جي ڪوتاهيءَ مان پيدا ٿئي ٿي تہ هي اميد جون مکڙيون اسرڻ کان رهجي وينديون. وشواس جي پاڻيءَ نہ ملڻ سبب يا ترشنا جي تاوَ سبب آدرش اُٻاٽجي ويندا آهن. آدرش جا گل شرڌا روپي بهار ۾ ئي کلن ٿا. وشواس امنگ روپي گلن لاءِ پاڻيءَ مثل آهي. شڪ اها سڪائيندڙ هوا آهي، جا دل جي باغ ۾ ويراني آڻي ٿي ۽ اڪثر اها ڪنھن ارمان يا خوديءَ واري خيال مان پيدا ٿيندي آهي.“
***


سام جيڪي چيو سو سچ آهي. مونکي ڪي شخصي ارمان هئا جي منھنجي من کي لوڏي رهيا هئا. اهو طوفان ٿوري وقت لاءِ ايندو آهي. سام چوندو آهي تہ اهي ٻہ ٽي ڏينھن تون جيتامڙي مان ڦري اُٺ بڻجي پوندي آهين! آشرم بابت سندس سمجهاڻيون ٻڌي مان ڀانيان ٿي تہ هينئر منھنجو ايمان ٻيڻو ٿي پيو آهي. جيستائين رستو صاف نہ ٿي ڏٺم، تيستائين اهڙي آدرش جي تڪميل اهنجي ٿي نظر آئي. مان جنھن کي باغيپڻو چوندي آهي سو حقيقت ۾ ڪو خيالي مت ڀيد ثابت نٿو ڪري؛ مگرجيئن سام ننڍ پڻ کان انھيءَ هڪ خيال کي پڪڙي بيٺو آهي ۽ آشرم جو برپا ٿيڻ بلڪل هڪ آسان ڳالھہ سمجهندو آهي، تيئن مونکي اهڙو مقصد آسان نہ لڳندو آهي. پھريائين تہ مان کيس چوندي هيس؛ ’جڏهين نہ گرهست آشرم جا ڏينھن پورا ٿين!‘ مگر هينئر منھنجا شنڪا گهڻي ڀاڱي دور ٿي ويئي آهي ۽ هنن ٻن ڏينھن جي خيالي ڏي وٺ کانپوءِ مون ۾ نئون اتساھہ پيدا ٿيو آهي؛ سمهجان ٿي تہ ايشور اسانتي ضرور ديا ڪندو ۽ اسان جو جيون سڦلو بڻائيندو.
***


24-6- 1951ع مون سام کان پڇيو تہ توهين هي عجيب غريب خيال بنا ڪنھن تياري جي ڪنھن بہ وشيہ تي ڪٿان آڻي ٿا گڏ ڪريو؟ دل ۾ مان ائين سمجهندو آهيان تہ جيئن ڪنھن دور چشمي يا ڪنھن دور دنيا مان امرت جا لوٽا ڀري ٿا اچو يا تہ وري ڪو لڪل باغ ڪٿ لڌو اٿوَ جتان طرحين طرحين گل چونڊي ٿا اچو! جڏهين اهڙيون ڳالھيون مونکي ٻڌائيندا آهيو تہ ڄڻ توهان سان گڏ ڪال ۽ ديس جي ٻنڌنن کان آجي ٿي مان بہ هڪ نئين برج تي وڃي پھچندي آهيان، جت نج خيال کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نظر نہ اچي! ۽ انھن خيالن سان منھنجي ڊائري ڪھڙي نہ سھڻي پيئي لڳي!
سام چيو: ”مونوٽ ڀلا ڪھڙا لڪل خزانا يا علم هوندا؟ سچائي سڀ کان وڏو خزانو آهي. دل جي صفائيءَ ۾ خيالن جي اچ وڃ آسان ٿئي ٿي. فقط دل کي صاف ڪري. من کي ميساري، ڪنھن بہ وشيہ تي نظر ڦيربي تہ انجا سڀ پاسا ظاهر ٿي پوندا. خيال تي ڪا حد نہ وجهجي. نہ ڪنھن خاص طرز طريقي مذهب يا ٻين جي راين پٽاندر ان جي موڙ سوڙ ڪجي. ان کي ڇڏي ڏجي تہ آزاد هلي. پوءِ اهڙو ڪو مسئلو مشڪل رهندو جو حل ڪري نہ سگهجي.“
***


مون ڪن دوستن ۽ اديبن جي اڳيان وري ڊائريءَ جي ڳالھہ ڇيڙي ۽ ”صوفي“ صاحب کان خاص ڪري پڇيم: ”ادا! منھنجي ڊائري سٺي آهي يا نه؟“
سام ان ڳالھہ تي ڪجهہ رنج ٿيو ۽ پوءِ ماني کائڻ وقت مونکي چيائين: ”جڏهين ڪو نقاش (Artist) نقش چٽيندو آهي ۽ ان ۾ ڪنھن خاص سھڻي روش يا رنگ تي حد کان وڌيڪ زور ڏيندو آهي تہ ان جي نزاڪت پاڻ وڃائي ڇڏيندو آهي؛ جيئن ڪا سھڻي عورت حد کان وڌيڪ سينگار ڪري، پاڻ زيورن سان جهنجهي ڇڏيندي آهي تہ بد زيبي پيئي لڳندي آهي، تيئن تون پنھنجي ڊائريءَ ڏانھن گهڻو خيال ڇڪائي ان کي هڪ سستي چيز بڻائي ٿي ڇڏين. حياتي خود هڪ هنر آهي، جنھن ۾ ڳالھائڻ ٻولائڻ، کلڻ کائڻ، اٿڻ ويھڻ، سڀ وزن اندر سھڻو لڳي ٿو. سچ تي وڌيڪ زور لائڻ سان بعضي سچ پڻ ڪوڙ بڻجي پوي ٿو. نمرتا ۽ حليمائي سچ جو خاص ڍنگ ۽ اصول آهي. تنھن ڪري پنھنجي ڊائريءَ جي وڏائي ڪرڻ يا ٻين اهڙين ڳالھين جو بار بار ذڪر ڪرڻ مونکي جڙتو ۽ بي جاءِ لڳندو آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”ڪجهہ ڏينھن کان توکي ڊائري لکڻ جو گهڻو شوق ٿو ڏسان. شوق ۽ حرص جي وچ۾ تفاوت سمجهڻ گهرجي. شوق الاهي آهي ۽ حرص شيطاني. شوق دل من ۾ اجالو آڻي ٿو، حرص انڌارو پيدا ڪري ٿو ۽ خود ذاتي مقصد کان دور رکيٿو؛ تنھن ڪري ڪوشش ڪريون تہ اهو شوق حرص بڻجي نہ پوي يعني منجهس ’مانپڻو‘ نہ هجي. ڊائري لکڻ ۾ ڪا برائي ڪانہ آهي مگر هن مانپڻي کان هر حال ۾ پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ’مان‘ اکر ۾ ڪيڏي نہ بدبوءِ آهي! ٻن ٽن ڏينھن کان جيئن گهر ۾ هي ڊائريءَ جو ذڪر هليو آهي تيئن مونکي لکڻ پڙهڻ کان ئي ڪراهت اچي رهي آهي. اهو بہ سمجهان ٿو تہ تون فقط پنھنجي پريم ۽ شرڌا جي شاهدي ڏيئي رهي آهين پر ائين سمجهہ تہ جيڪي آهي سو ايشور جو آ، ’مين کچھہ ناهين مين کچھہ ناهين!‘.
26-6-1951ع مون سام کي چيو: ”اڪيلائيءَ ۾ مان تمام نٻل ٿي پوندي آهيان؛ سمجهندي آهيان تہ جلد بيمار ٿي پوندس. اڪيلائيءَ جو گويا خوف ٿي پيو اٿم. گذريل 13سالن ۾ ان خوف کان آجي نہ رهي آهيان. ان ڪري مان ان وقت لاءِ واجهائي رهي آهيان جڏهن دنيا کان فارغ ٿي ڪنھن آشرم ۾ هيمشه گڏ رهنداسون.“
سام چيو: ”اڪيلائي ابتدائي ۽ آخري حقيقت آهي؛ سنگت يا سچو ساٿ هڪ آدرش آهي؛ تنھنڪري سنگ ۽ ساٿ هڪ چاهيندي بہ اڪيلائي ۽ وڇوڙي لاءِ تيار رهڻو آهي. هن وقت جون حالتون هندن جي لڏن پلاڻ کان پوءِ اڪيلائيءَ کي شايد خاص ڀيانڪ بڻائينديون هجن. مگر انسان اچي بہ اڪيلو ۽ وڃي بہ اڪيلو ٿو، اگرچ ڄم کان آخر تائين کيس ساٿ جي ضرورت رهي ٿي. حياتيءَ ۾ جيڪي دک يا سک اچن ٿا، سي سڀ ايشور جي پاسي کان موڪليل سمجهڻ گهرجن؛ ان ڪري سڀ مشڪلاتون اسانکي مٺيون لڳڻ گهرجن. مان تہ ڪڏهين ڪڏهين آديم بہ اجايو سمجهندو آهيان ۽ چوندوآهيان تہ پاڻ پرڀوءَ جي وس ڪرڻ، سوئي سڀ کان وڏو اديم آهي. ان کان وڌيڪ فائدي واري ڪوشش انسان پنھنجي لاءِ ٻي ڪابہ ڪري نٿو سگهي. جئن ڪو ملاح حيلا ڪري ڪري آخر طوفان سان نہ پڄي، ٻيڙيءَ مان هٿ ڪڍي، پاڻ قدرت جي حوالي ڪري ڇڏي، تئن سنسار جي آٽن سان نہ پڄي اسانکي بہ سڀ ڪجهہ ﷲ تي رکڻ گهرجي. پر جڏهين پاڻ ۾ ڪا توفيق اديم جي ڄاڻون تڏهين بہ ائين سمجهڻ گهرجي تہ اهو اديم خود قدرت ٿي ڪرائي. اڪيلائي در اصل ڪا مشڪلات نہ آهي. ضرور ڪو ٻيو خوف يا انديشو انکي ستائيندڙ بڻائيندو هوندو.“
مون چيو: ”ائين شايد هجي به؛ دک ۽ چنتائون مڙيوئي گڏجي پيا اچن. هڪ انديشو ٻئي کي اٿاري ٿو.“
سام چيو: ”مون وٽ جڏهين مشڪلاتون ميڙ ڪري اينديون آهن. تڏهين مان پاڻ کي چوندو آهيان تہ هنن کي گڏي ايشور مون وٽ موڪليو آهي؛ پوءِ آڏو انھن جي ڇو اچان؟ ڀل اهي بہ پنھنجو مقصد پورو ڪري وڃن!
”ظاهر ۾ اها چريائي پيئي لڳي يا ڪي انھيءَ کي اديم جي گهٽتائي سمجهندا هوندا؛ ماڻھو مونکي چوندا آهن تہ توهين ڪمن جي ڪوشش نٿا ڪريو؛ اجائي سستي ڇڏي ڏيو، وغيرہ! پر مون ڏٺو آهي تہ چنتا جي گهيرڻ وقت پاڻ ايشور جي وس ڪرڻ ۾ ئي فائدو آهي.“
مون چيو: ”توهانجو شايد مطلب هي آهي تہ ڪڏهن آديم ضروري آهي، سو وقت ڪيئن سڃاڻجي؟“ سام چيو ان وقت کي پروڙڻ جي هڪڙي نشاني هيءَ آهي تہ حيلو سڀ طرف کان اجايو پيو نِظر ايندو؛ هٿرادو حيلو ڪبو تہ جيڪو سو ڳالھہ ويندي خراب ٿيندي. جيڪي ٿيڻو هوندو سو پاڻ ان حيلي سان رنڊجي پوندو، جنھن ڪري انت ۾ پاڻ وڌيڪ مشڪلات پيدا ٿيندي. هيءُ ڪرم جو تياڳ نہ آهي، پر پاڻ ايشور جي وس ڪرڻ هڪ وڏي ۾ وڏي اديم آهي البت جڏهين رستو صاف نظر اچي، تڏهين اُپاوَ کان منھن موڙڻ نہ گهرجي. سو اعلان بہ ايشور جي طرف کان سمجهڻ گهرجي.
”حقيقت ۾ مشڪلات کي ڪو وجود ڪونہ آهي. اهو هڪ من جو ڀرم آهي يا چئجي تہ خيال جي تنگ نظر آهي؛ ان جو محسوس ڪرڻ ڦٽ يا ڦرڙيءَ جي آزار محسوس ڪرڻ مثل آهي من ۾ ڪا ٿوري گهڻي لڪل چاهنا سک جي يعني ڪا خود مطلبي رهيل آهي، جنھن ڪري مشڪلات محسوس ڪجي ٿي. جئن ڦٽ يا ڦرڙي جو درد ڪنھن روڳ مان پيدا ٿئي ٿو ۽ ڦٽ خود ڪا خرابت نہ آهي مگر ان روڳ جي نيڪال ڪرڻ جو هڪ رستو آهي، تئن ظاهري مشڪلات پڻ مانسڪ نٻلائيءَ جو پورت ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي. نفس ئي دکي ٿيندو آهي.نج آتما تي دک ۽ سک جو ڪو اثر ڪونہ آهي.“
وڌيڪ سام چيو: ”جئن ننڍي اوسٿا وارو ٻالڪ فقط کير يا مٺا کاڌا کائي سگهي ٿو ۽ وڏي اوسٿا ۾ ڪڙن کاڌن جھڙو ڪريلن ۽ ڏونرن وغيرہ مان بہ ماڻھوءَ کي مزو اچي ٿو، تيئن تڪليفن کان ڊڄڻ، سا هڪ روحاني ٻالڪپڻ جي نشاني آهي. عاشق ’زهر پياڪ‘ ان ڪري چئبا آهن جو حياتيءَ زهر يعني دک ۽ پيڙائون هضم ڪيو وڃن. جيتوڻيڪ سنگ ۾ گڏ رهڻ جو آدرش سٺو آهي ۽ سچو سنگ حياتيءَ جي سڀني سکن ۾ اتم آهي، تڏهين بہ آءٌ چوندس دک ۽ مشڪلاتن کي پڻ حياتي اندر قدرت جي ترتيب موجب وڏي اهميت مليل آهي. سک حياتيءَ جو مقصد يا ائين کڻي چئجي تہ ڦل آهي؛ دک انجو ذريعو ۽ طاقت رسائيندڙ پاڙ آهي.
”ڀلا جيڪڏهين خوشيءَ سان اُهو قبول نٿو ڪجي تہ زوريءَ بہ قبول ڪرڻو پوي ٿو. ڪنھن تہ سبب ڪري قدرت کي ائين وڻيو آهي جو دک کي حياتيءَ ۾ ايڏو وڏو ڀاڳ ڏنو اٿس! هي شايد هڪ ڀرم نظر اچي، مگر مان ائين سمجهندو آهيان تہ جيڪڏهين تڪليف کان منھن موڙبو يا دک کي آڏو اچي انکي ٽاري ڇڏبو تہ هو موٽي پنھنجي مائٽن وٽ ويندو ۽ انھن کي گڏ ڪري وري وڏو ميڙ ٺاهي چڙهائي ڪندو! جي هڪ گهٽيءَ کان ڀڄون تہ ٻئي رستي کان اچي منھن ڪڍندو؛ جي هڪ روپ سندس اگرو لڳي تہ ٻيا ڀلائيندڙ روپ اختيار ڪري ايندو! اهڙو ڪو انسان نہ آهي جنھن دک نہ ڏٺو آهي. اسانکي اُن پرڀوءَ جو هميشہ شڪر گذار رهڻ گهرجي جنھن بار بار دکن جي لھرين ۽ ڪوڙن سکن جي ڪُنن، ٻنھي کان ٽپائي پار پي ڪيو آهي. منھنجو تہ هي اعتقاد آهي تہ هنن ظاهر جي مشڪلاتن، ننڍڙن وڇوڙن ۽ تڪليفن ۾ بہ ڀلائي جو ٻج پوريل آهي. ڪو بہ ٻج يا سلو تپش کان سواءِ نٿو اُسري. ڪيئن نہ پاڻ ٻيڻو ٽيڻو ڪري، يعني سوڙهو ٿي، وڪوڙجي ڌرتيءَ جي دٻ مان سلو پھريائين منھن ڪڍي ٿو! ان ريت ڪوبہ ڀلائيءَ جو نتيجو تڪيلفن کان سواءِ نٿو پيدا ٿئي ۽ اڄ جا دک سڀاڻي جا سک ٿي پون ٿا. اسانکي هر حالت ۾ خالق جي ڪئيءَ تي راضي رهڻ گهرجي. هي سڀ ڪشٽ اسان جي ڀلي لاءِ آهن؛ ائين بہ شايد هجي تہ هو پنھنجي ستاريءَ سان اسانجو حصو دکن جو اهڙيءَ طرح ننڍڙين قسطين ۾ چڪائي رهيو آهي؛ ڇا لاءِ جو هر ڪنھن کي اهو قرض آخر ادا ڪرڻو آهي!“
***
هن بعد اسين ٽپي وڃي ٻئي اهم وشيءِ ۾ پياسون؛ مون سام کان پڇيو: ”ڪڏهين ڪڏهين انساني عقل جي اوٽ نہ وٺي پاڻ کي قدرت جي حوالي ڪرڻ واري اصول جو توهان ذڪر ڪيو؛ اهو شايد انھن لاءِ ممڪن هجي جن کي اڳواٽ حالتن جي ڪا خبر پوندي هجي. اسان اهي حالتون ڪيئن سمجهون؟“
سام چيو: ”اهڙيون ڪي ظاهر نشانيون يا رول ڪونہ آهن جن سان اهڙي معلوميت ڪجي. قدرت جي اشاري کي صحيح سمجهڻ لاءِ فقط دل جي صفائي ۽ سچائي ضروري آهي. ڪڏهين ڪڏهين اهم واقعا پنھنجا پاڇا اڳواٽ اڇلائيندا آهن. ان وقت اڪثر عقل جزوي چپ ٿي ويندو آهي؛ خيال تي هڪ قسم جو پاڇو اچي پوندو آهي، يا چئجي کڻي ڪو اثر طاري ٿيندو آهي. گذريل وقت جي آزمودن جي ڪا اُڇل چئجي يا هڪ اندر جو اعلان چئجي سو ظاهري سسن کانسواءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي؛ مگر ان پاڇي پوڻ يا اعلان اچڻ وقت ئي ائين سمجهبو آهي ۽ نہ سوچ يا خيال جي طاقت سان اڳواٽ ڪجهہ سمجهہ ۾ ايندو آهي؛ خيال ۽ احساس ۾ هڪ قسم جي يڪوجودي پئدا ٿيندي آهي. تن ۽ من سن ۾ اچي ويندا آهن؛ ائين پيو ڀانئبو آهي تہ هي ڪم اوس ٿيندو يا ٿيڻ گهرجي يا ٿي ويو آهي؛ ان وقت سبب اهنجا لڀندا پر پوءِ ڏسبو تہ برابر ان لاءِ زوردار سبب پڻ هئا جي اسان جي سمجهہ کان لڪل هئا. هيءَ هڪڙي اندروني تجربي جي ڳالھہ آهي جنھن لاءِ ڪابہ ثابتي ڏيڻ مشڪل آهي، مگر هيءَ ڪا ودوانن يا گياني پرشن سان خاص لاڳو ڳالھہ نہ آهي؛ ساڌارڻ منشن کي پڻ اهڙا تجربا ٿين ٿا؛ مثال 1914-1918 واري لڙائيءَ کان پوءِ هڪڙو ڪتاب مون پڙهيو جنھن ۾ هڪ سولجر لڙائي جي وقت جا تجربا بيان ڪندي لکيو هو تہ ڪيترا ڀيرا پئٽرولنگ ڪندي دشمن جي طرف کان گولي ڪنن وٽان آواز ڪندي لنگهي ويندي هئي؛ عين انھيءِ وقت جئن هو ڪنڌ هيٺ نوائيندو هيو! يعني اڳواٽ هن کي خطري جي موجودگي معلوم ٿيندي هئي. اهڙو آزمودو توکي اسان جي هڪ ڪمدار جي خون وقت بہ مليو هو.
***


نوٽ: ڪمدار جي خون واري ڳالھہ هن ريت آهي تہ هو سج لٿي مھل جئن بنگلي تي موٽي آيو، مون کيس ٻڌايو تہ ماني تيار آهي. چيائين، ”امان! مونکي ماني اڄ نہ ٿي وڻي! پڇا ڪرڻ تي فقط ايترو چيائين تہ بيمار ڪونہ آهيان پر مون تي اڄ ڪو ڀوت سوار ٿيو ٿو ڏسجي؛ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ ٿي اچي ۽ نہ ڪجهہ مٺو ٿو لڳي؛ ڇڏيو تہ وڃي سمھي پوان؛ سڀاڻي جيئرا هونداسي تہ ماني کائينداسي.“
انھيءَ رات هن کي ڪي بدمعاش خون ڪري ويا جنھن جو منصوبو اڳواٽ ڪو رٿيو هئائون ۽ جنھن جي ڪمدار کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي.
اهڙو ٻيو بہ هڪ ڀيانڪ واقعو ياد ٿو اچيم: سام رات جو ماني کائيندي چيو تہ اڄوڪي رات ڳوري ٿي نِظر اچي! جلد هڪڙو معمولي آواز ڪجهہ مفاصلي تان ٻڌوسين. اسانکي ڪا خاص ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ آئي پر سام چيو: ڪو حادثو ٿيو ٿو ڏسجي؛ اهو آواز ڪنھن انساني عضوي جي ڀڄڻ جو پيو لڳي! هيو بہ برابر ائين، سام بلڪل ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ماني بہ اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. آخر معلوم ٿيو تہ هڪ وڏي سازش هلي رهي هئي؛ اسين پھريائين ان خيال جا هئا سون تہ سڀيئي وڃي انھن ماڻھن سان همدردي ڪريون پر پوءِ ظاهر ٿيو تہ نہ وڃڻ ئي ٺيڪ هيو، جئن سام ٿي چيو. انھن سڀني ڳالھين جي تصديق سڀاڻي تي ٿي.
28-6-1951ع مان اسپتال کان بعضي پنڌ ڪري هڪڙي گهٽيءَ مان ايندي آهيان جتي دريءَ کان هڪڙي جاءِ ۾ چٻرو ۽ ڪي ٻيا ڌاريل پکي ڏسندي آهيان. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ اتي هڪ تعويذ لکندڙ رهندو آهي، جيڪو ماڻھن کي دعائون وغيرہ لکي ڏيندو آهي ۽ چٻرن کي ڪجهہ پڙهائيندو آهي؛ ڪڏهن انھن جو سڪل ماس زالن کي ڏيندو آهي، جيئن هو پنھنجي مڙدن کي کارائي اثر هيٺ آڻي سگهن. اسان وٽ هڪ مھمان رهيل هو؛ جڏهين اِها ڳالھہ نڪتي، تڏهين اُن رايو ڏنو تہ اِهي ڳالھيون بلڪل سچيون آهن.
سام چيو: ”اهي نفرت جھڙيون ڳالھيون آهن.“
مگر مھمان چيو: ”ڪي جادو يا رمل آهن جيڪي انسان تي اثر وجهن ٿا.“
مون سام کان پڇيو: ”آزمائڻ کان سوا ڪئن ٿو چئي سگهجي تہ اهي ڳالھيون ڪوڙيون آهن؟“
سام چيو: ”انھن ڳالھين تي ويچار ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانہ آهي؛ ڪي ڳالھيون ازخود ڪوڙيون يا خراب نظر ايندو آهن. انسان جو من هڪ فوٽو گرافءَ جي پليٽ مثل آهي، جنھن تي ڪنھن ڳالھہ جي تورڻ تڪڻ يا ڳوڙهي ويچار کان اڳ۾ ئي چڱائيءَ، برائيءَ يا ڪوڙ سچ جو پاڇو پوي ٿو. عقل ۽ ويچار پوءِ ٿا جاڳن. اها ڳالھہ پري کان ڀرمي ۽ ڪراهت جوڳي لڳي ٿي.“
تڏهن اسان جي مھمان ڪي مثال وچور سان ٻڌايا جن ۾، هن جي خيال موجب، اهڙا جادو يا رمل ڪامياب ٿيا هئا. سام چيو: ”عقل ۽ آزمودو اها ڳالھہ ڪونہ ٿو مڃي! اها سٻاجھڙي طاقت، جنھن هيءُ جھان خلقيو آهي، جنھن جو ڪاروبار ڪنھن قانون تي ٻڌل نظر اچي ٿو، ڪئن انسانن جي زندگيءَ جي ڏور اهڙن ذليل جادوگرن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندي؟ اِهي ڳالھيون فقط ايتري قدر سچيون ٿي سگهن ٿيون، جو وڏو خيال ننڍي خيال تي، وڏي طاقت ننڍي طاقت تي، چالاڪ انسان جي سمجهہ جاهل ماڻھوءَ تي غالب پوي ٿي. مگر چٻري جو ماس يا ڌاڳو يا پڙهيل رک، انھن ۾ ڪو بہ اثر ڪونہ آهي جو سڌيءَ طرح، پنھنجي ڪيميائي (Chemical) عمل يا دوا جي نموني کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن طرح ڪنھن شخص تي پئجي سگهي، اهو جادوگر شايد اتساھہ جاڳائڻ ۽ اعتقاد وڌائڻ سان پنھنجي گراهڪن ۾ اثر پيدا ڪريٿو. اِهي چٻرا، رمل وغيرہ سڀ انھيءَ اعتقاد پيدا ڪرڻ جا نمونا آهن. وهمي ماڻھو ئي اهڙن جادوگرن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهن. ايشور ۾ سچو اعتقاد رکندڙ کي رملن جي ڪا ضرورت يا پرواھہ نہ آهي. دراصل اهڙا ڊپ ڊاوَ ۽ ڀرم چور دلين ۾ ئي پيدا ٿي سگهن ٿا؛ جيڪي بنا محنت، ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڪي فائدا وٺڻ گهرن ٿا اُهي گويا قدرت کي ٺڳڻ ٿا چاهين، جا ڳالھہ اسنڀوَ آهي.“
مٿين مضمون ۾ ذڪر ڪيل آهي تہ انسان جو من هڪ فوٽو گرافڪ پليٽ وانگر آهي جنھن تي سوچ ويچار ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي برائي ۽ چڱائيءَ جو پاڇو پوي ٿو. اڄ هڪڙو ماڻھو اسانجي نوڪر جو نالو وٺي در تي بيھي سڏڻ لڳو. سندس ارادي ۾ شڪ جاڳيو جيتوڻيڪ هن فقط اسانجي هڪڙي ڇوڪري کي سڏيو ٿي. پوءِ ٿوري دير بعد معلوم ٿيو تہ اسانجو رسويو اسانجي نوڪرن ۽ مال واري جڳھہ جي هڪ ڪمري ۾، پئسن جي لالچ تي، ڪي بد پيشي واريون ڳالھيون رٿي رهيو هيو، مون پھريائين ڪجهہ انھيءَ هندو رسويي جي بچاءَ ۾ چيو، مگر شام جو وري ظاهر ٿيو تہ ان ڪمري ۾ جوئا بہ ٿيندي آهي. مون سام جي گهر اچڻ کان اڳ۾ ئي ان رسويي کي نوڪري، مان ڪڍي ڇڏيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسان جي گهر جو ماحول صاف ٿي نظر آيو؛ ٻين نوڪرن تي، جيڪي هُن سان جوئا وغيرہ ۾ شامل هئا، ايترو تہ چڱو اثر پيو جو مون کي چيائون تہ اسانکي ”دادا“ ڏانھن وٺي هلو؛ پوءِ ٻالڪن وانگر اچي چيائون تہ اسين اڳتي وڌيڪ چڱي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسون!
مون انھي رسويي ۽ ٻاهرين بدمعاش ماڻھوءَ ڏانھن اشارو ڪري سام کان پڇيو: ”ڀلا اهڙا ماڻھو هتي بہ (لاڙڪاڻي ۾) طيب وانگر ڇو اسان جي پلئي ٿا پون؟ ايشور اهڙن ماڻھن کي ڇا لاءِ پيو اسان ڏانھن موڪلي؟“
سام چيو: ”اهو قدرت جو قانون آهي تہ پاڻي هيٺائينءَ ڏانھن وهندو آهي؛ بڇڙائي، چڱائيءَ ڏانھن وڌي ايندي آهي، ان لاءِ تہ اها اتي ٺوڪر کائي پنھنجو سڀاو مٽائي. ان ۾ رنج رهڻ نہ گهرجي مگر خوش ٿيڻ گهرجي تہ قدرت اسانکي هن ننڍي پئماني تي ئي بڇڙائيءَ جي پڇاڻ لاءِ هڪ ڪسوٽيءَ طور ڪم آڻي ٿي. جيڪڏهين اسين پنھنجي اصولن تي پورا رهنداسون تہ انھن جو اثر ٻين لاءِ پارس پاهڻ جي مثل ٿيندو ۽ بڇڙائي اسانکي ڪوبہ جوکو نہ پھچائي سگهندي. جنھن صورت ۾ اسين زندگي ساڳين اصولن تي هلائيندا اچون ٿا، تنھن صورت ۾ اهڙا ماڻھو ڇو نہ اسان ڏانھن ڇڪجي ايندا؟“
سام وڌيڪ چيو: ”برائي طلسمات آهي؛ ان کي سچو وجود ڪونہ آهي. بڇڙن ۽ چڱن ماڻھن جي وچ ۾ ڪو ذاتي فرق ڪونہ آهي. مگر روحاني اوسٿا جي مطابق يا آتمڪ انتيءَ جي درجن پٽاندر سندن هلت ۾ فرق آهي. ذاتي طور برو پاڻ کي ڪوبہ ڪين ٿو سمجهي ۽ هر آتما جو لاڙو سچ ڏانھن آهي؛ ننڍڙيون ڀلايون وڏين سان ٽڪري پاڻ کي وڌائن ٿيون؛ ننڍيون هستيون وڏين هستين سان ملي پاڻ کي وڌيڪ وزندار بڻائن ٿيون. ذاتي اختلاف آتمائن ۾ آهي ئي ڪونہ؛ اهي ساڳيا ماڻھو اسان جا ڪڏهن ساٿي بڻي سگهن ٿا.“
وڌيڪ ان ڳالھہ جي سمجهاڻي ڏيندي چيائين: ”مون زمينداري عرصي ۾ ڪجهہ چورن ۽ ڪاٽڪن جي حياتيءَ جو اڀياس ڪيو هو؛ انھن سان لھہ وچڙ ۾ اچي مون ڏٺو تہ انھن مان ڪي بہ ذاتي طور ذليل نہ هئا. ڪيترن تہ دوستيءَ ۽ مردانگيءَ جا اونچ ناتا نڀائڻ چڱي طرح ڄاتا ٿي. هو دوستن لاءِ وقت تي سر بہ سھائيندا هئا. غيرت جي ڪارڻ وقت تي پاڻ بہ قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا. چور گهڻو ڪري انجام تي مضبوط رهندا آهن گهڻي ڀاڱي مون انھن ۾ جيڪا گهٽتائي ڏٺي، سا هئي عقل يا ويچار جي؛ هو پنھنجون طاقتون اگيان جي ڪري غلط پاسي خرچ ڪري رهيا هئا. مان مسخريءَ ۾ انھن کي چوندو هيس تہ چور ۽ فقير پاڻ ۾ سچا ڀائر آهن؛ هم خيالي ۽ هڪ رستي جا راهي آهن. ڇا لاءِ جو چور بہ پنھنجي ڪرت رات جو ڪري ۽ فقير بہ پنھنجي ڪرت يعني عبادت رات جي پھرن ۾ ڪن ٿا؛ چور بہ ماڻھن کان ٽهندو وتي ۽ اڪيليون واٽون ڳوليندو وتي، سنت فقير بہ ماڻھن کان پاسو ڪري خلوت خيالي ٿي رهندا آهن؛ چور کي پئسا هٿ اچن تہ هو جلدي ونڊي وراهي دڦ ڪري ڇڏي؛ فقير بہ طبعيت جا سخي ۽ هٿن جي صفائيءَ تي هوندا آهن؛ ٿورو فرق صرف اهو آهي جو توهان ماڻھن جي گهرن کي کاٽ هڻو ٿا ۽ فقير الاهي پريم جي اکٽ خزاني کي لٽين ٿا!“
وڌيڪ سام چيو: ”سچ پچ مان انھن مان گهڻن کي زماني جي جڪڙيل ۽ ممتا موھہ سان ڀريل ماڻھن کان ﷲ کي ويجهو سمجهندو هيس؛ اُهي مونکي زماني جي سياڻن ماڻھن کان وڌيڪ اٻوجهہ لڳندا هئا. کين پورهيو ڏيئي مان سٺي دڳ لائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. انھن جو سڀاو ڪجهہ قدر ٻاراڻو ۽ ٻارن وانگر خطرناڪ بہ نظر ايندو هو. پري وڃن تہ دڳ کان ڀلي ڪُدڳ ڪاهي پون. مگر ٿوري رمز ۽ سمجهاڻيءَ سان هو دڳ مٽائي وري سئين رستي تي هليا ايندا هئا. گهٽ ۾ گهٽ جو وقت مونسان، منھنجي نظر ۾، رهندا هئا تہ انھن جيڪا شڪايت ڪانہ ٿيندي هئي. اُهي گهڻو ڪري اول چوريون ڪري يا ٻيو ڪو ڏوه ڪري پوءِ منھنجي اثر هيٺ ايندا هئا. انھن مان ڪيترا ڪمدار يا ڪاراوا ٿي بلڪل مانائتي زندگي گهارڻ لڳا. اعتبار ۽ پيار سان ئي هو ٺھي سگهندا هئا. هڪ ڀيري ملڪ ۾ وڳوڙ هو؛ نوڪر منھنجا گهڻا ٻاهر ويل هئا؛ مون کي هفتو کن ٻاهر وڃڻو پيو؛ بنگلو سامان سميت هڪ ڪاٽڪوءَ جي حوالي ڪرڻو پيو جنھن کي مون سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٻيو ڪوبہ ماڻھو واندو ٿي نہ سگهيو جو بنگلي ۾ ڇڏيان؛ هفتي بعد موٽي اچڻ تي ڏٺم تہ سڀ سامان، مال، وهٽ وغيرہ سلامت هئا ۽ ڪک بہ ڪونہ زيان ٿيو هو. معلوم ٿيو تہ اسانجي پرپٺ اهو ماڻھو ماني بہ اٺين پھر کائڻ ويندو هو؛ بنگلو خالي ڪين ڇڏيندو هو!“
سام وڌيڪ چيو: ”رشي والميڪ چون ٿا تہ اصل هڪ چور هو! هڪ چور مان رشي ٿي پوڻ، سو ڏيکاري ٿو تہ اپاڌن جو نج آتما تي ڪوبہ اثر ڪونہ آهي؛ جئين هڪ تيلي ٻارڻ سان هزارن سالن جي اونده دور ٿي وڃي ٿي، گيان جي پرڪاش سان آتما هڪ کن ۾ پنھنجو سچو روپ پسي ٿي.
”اسين تہ ننڍڙن هستيءَ وارا انسان آهيون مگر وڏن مھاتمائن جا مثال پڻ ثابت ڪن ٿا تہ هنن جي زندگي، برائيءَ کي هڪ قسم جي دعوت يا للڪار هئي تہ برائي ويجهو اچي، پاڻ ٽڪرائي، ناس ٿي وڃي! اسانکي بہ پنھنجي هٽيءَ آهر اهو وڻج جاري رکڻ گهرجي. اهڙن ماڻھن کان ڊڄڻ نہ گهرجي مگر ائين سمجهڻ گهرجي تہ هو اسان جا سچا پچا گراهڪ (Customers) آهن ۽ پنھنجي گراهڪن سان اسانکي گهڻي پريم ۽ آدر سان وهنوار ڪرڻ جڳائي! ڀلائي ۽ بڇڙائي جو ميل ڀلائي جي واڌاري خاطر ٿيندو آهي.“
***


29-6-1951ع اڄ صبح جو درازن جي هڪ هندو فقير سان سندس مڪان ۾ گهاڙ ڀرتي، ملاقات ٿي؛ سام کيس چيو: ”ڪجهہ ڀڄن وغيرہ ٻڌايو!“
فقير چيو: ”جمع رات جو 8 بجي ست سنگ ۾ ڳائيندا آهيون؛ ڪڏهين اتي اچو تہ ٻڌايانو.“
سام چيو: ”پريم جو وهنوار هر وقت پيو هلي. اوهان جي مرشد وٽ، درازن ۾ تہ هميشہ محفل لڳي پيئي هوندي هئي. مگر هت خاص جمع رات تي ﷲ سان ملاقات ڪيئن رکي اٿو؟“
فقير چيو: ”مرشد بادشاه هئا؛ انھن جي ڪھڙي ڳالھہ آهي؟“
ان وقت فقير وٽ سندس هڪ چيلو ويٺل هو، جنھن چيو: ”اسين کڻي سڄو ڏينھن ڳايون يا رڙيون ڪريون تہ بہ ڪو لاڀ ان مان حاصل ڪونہ ٿيندو. هن شھر ۾ اهڙين ڳالھين جو قدر ئي ڪونہ آهي.“
سام چيو: ”ڪو قدر ڪري يا نہ ڪري، توهين پنھنجي لاءِ ڇونہ ٿا ڳايو؟ پنھنجي لاءِ رڙو؛ پنھنجي لاءِ موج منايو! قدر وڌائڻ لاءِ ڳائڻ ۾ صوفيءَ جو مطلب ڪو نہ آهي. سارو مطلب محبت ۾ رکيل آهي ۽ محبت هڪ اجهل چيز آهي؛ جنھن کي سچي محبت هوندي اهو جهلجي ڪونہ سگهندو، ضرور ونڊ واره ڪندو رهندو؛ محبت پنھنجو مقصد پاڻ ۾ سمائي ٿي؛ انکي طرز طريقي ۽ وقت نہ وقت جي خبر نہ ٿي پوي. توهين اهو ويچار ڇو ٿا ڪريو ۽ هرو ڀرو گهڻا ماڻھو اچي ٻڌن تنھنڪري خاص وقت ۽ خاص جاءِ تي ڳايون؟“
فقير جي چيلي چيو: ”ماڻھن ۾ ڀي تہ اهوئي ٿو وسي!“
سام چيو: ”فقير جو تڙ هميشہ قائم آهي، واٽهڙو اچي ڪنھن بہ مھل چڪو پي، مزو وٺي وڃي. تڙ بند ڪري نہ ڇڏيو!“
فقير جي چيلي چيو: ”ڳالھائڻ ۾ بہ ساڳيوئي مزو آهي. اچو تہ ويھي گيان گوشٽ ڪريون!“
سام چيو: ”بس؛ هينئر ماٺ مان مزو وٺبو!“
فقير جي چيلي چيو: ”ماٺ مان ڇا حاصل ٿيندو؟ جڏهين واد وواد ٿيندو ۽ سوال جواب اٿندا تڏهين ئي تہ گيان وڌندو! فقير ماٺ مان ٻاهر نڪري پر اپڪار لاءِ سمجهاڻيون ڇو ڏيندا آهن؟“
سام چيو: ”اهو توهان جو غلط خيال آهي تہ فقير سمجهاڻيو ڏيندا آهن. پرماتما ئي هڪ پر اپڪاري آهي. اسين سڀ سندس در تي بکاري آهيون. ڳائڻ ۽ ڳالھائڻ محبت وچان ٿئي تہ ڀلو آهي، جي نہ تہ ان مان ڪوئي اپڪار جو ڪم ٿي ڪونہ ٿو سگهي. توهان کي مزو اچي تہ ڳايو؛ نہ تہ ڪنھن کي سکيا ڏيون. اهو هڪ قسم جو غرور آهي. محبت سڀ کان اتم گيان آهي. محبت کان سواءِ نہ گيان آهي نہ پر اپڪار آهي.“
فقير جي چيلي چيو: ”محبت ڪرڻ مان فقط ڪيئن گيان وڌندو؟ گيان تہ کوجڻ سان ئي ملندو.“
سام چيو: ”گيان ايشور جي مھر سان ملي ٿو. مھر ديدار سان ٿئي ٿي؛ اهو ديدار دل ۾ حاصل ٿئي ٿو.“
تنھن بعد فقير چيو: ”ڀلا توهان ڇو نہ ٿا ڳائي ٻڌايو؟“
تڏهن سام يڪتارو وٺي ٻہ ڪلام پنھنجا ٻڌايا؛ ڪلامن جون ڪجهہ تڪون هي آهن:
”کڻ هٿيار کڻ هٿيار، چور آيا ٿي گهر ڪاهي.“
”ڪام ڪوڙو ۽ لوڀ لڀائي ڪروڌ اچي ٿو ڪارو ڪاهي“
راڳ بعد فقير چيو: ”چور ڪير آهي جڏهن سڀ پاڻ ئي آهي؟ ڪام نہ هجي تہ سرشٽيءَ جو ڪم ڪيئن هلي” ڪام بہ ديوتا ليکبو آهي.“
سام چيو: ”هروڀرو اکرن تي ويڙھہ نہ ڪريو، اهي ئي گڻ ڪنھن منزل کانپوءِ ڪار بڻجيو پون. جيڪي شيون اتپتيءَ لاءِ اول ضروري آهن سي وري ڪنھن حد کانپوءِ ان جي نتيءَ لاءِ رنڊڪون بڻجيو پون.“
فقير چيو: صوفي تہ ڪي چور يا وڪار ڪو نہ ٿا مڃن.“
سام وراڻيو: ”صوفي نفس کي نندن ٿا ۽ نفس سمجهو تہ سڀني وڪارن جو گڏيل نالو آهي. ڪام، ڪروڌ، لوڀ ۽ موھہ برابر انھن کي ڪونہ ٿا ستائن، پر اها ڪا ٻي سمجهہ آهي جنھن وچان ڪام کي ديوتا تسليم ڪيو ويو آهي. ڪام اتپتيءَ لاءِ ضروري آهي، تنھن ڪري ڇا انکي جيون جو مقصد ڪري ڄاڻجي؟ اهي ئي گڻ ڪنھن حد کانپوءِ اوگڻ بڻجيو پون. ڪام، ڪروڌ وغيرہ بہ ڪنھن حد تائين ضروري آهن، پوءِ هاڃيڪار بڻجيو پون. ڪام بہ برهم جو روپ آهي پر هن ’فيلوان‘ جي پڪار بہ ٻڌڻ گهرجي فيلوان جي ڳالھہ هن ريت آهي:
”هڪڙو فقير پنھنجي گروءَ وٽان ٿي موٽيو؛ گروءَ کيس اهو منتر ڏنو هو تہ سڀ برهم آهي. ٿوري دير بعد فقير ڏٺو تہ سامھون هڪڙو هاٿي ڊوڙندو پيو اچي ۽ فيلوان ’پوش‘ ’پوش‘ ڪندو ٿو اچي. مگر فقير دل ۾ خيال ڪيو تہ هي هاٿي بہ برهم، آءٌ بہ برهم، پوءِ کانئس ڇو ڊڄان؟ ايتري ۾ هاٿيءَ کيس سونڊ هڻي ڪيرائي ڇڏيو. سندس گرو رڙيون ٻڌي اتي آيو. فقير سڄو حال بيان ڪري ٻڌايس چيائين، سائين! توهان تہ چيو تہ سڀ برهم ئي برهم آهي پر هن ’برهم‘ تہ منھنجون پاسريون ئي ڀڃي وڌيون! سندس گروءَ وراڻيو: ’مون جيڪي چيو سو سچ آهي مٿان بہ تہ برهم ويٺو هيو جنھن پوش پوش ٿي ڪئي؛ انھيءَ جو آواز تو ڇو نہ ٻڌو؟. اهڙيءَ ريت اسان جيڪڏهين پنھنجي راڳ ۾ ’پوش‘ پوش‘ جو اشارو ڪيو آهي تہ اهو بہ ويچارڻ گهرجي. ’ھمہ اوست‘ جي خيال کان اسان پاڻ انڪاري ناهيون، جيتوڻيڪ پرهيز کي بہ آتمڪ انتيءَ جي فلسفہ ۾ جاءِ آهي. گيان هڪ ئي آهي؛ ويچار ان جو بنياد آهي. صوفين جا ڪي مقرر اصول مذهب جا ڪونہ آهن جو چئجي تہ صوفي هينئن نٿا مڃن يا هونئن ٿا مڃن. ڪنھن ڳالھہ کان عار نہ ڪريو جي سچي لڳي. جيڪا ڳالھہ ڌاري لڳي ٿي سا پڻ ٻڌڻ سکو. عبوديت ۽ احديت جون واٽون وڃي ٿيون هڪ جاءِ ملن؛ توهين فقط سڌا سڌا هلندا هلو!“
***


سام اهو اشارو هن هندو فقير کي ان ڪري ڏنو جو هو فقير ۽ ڪي ساٿي سندس، جن وٽ فقير جمع رات تي ڳائڻ ايندو آهي. خاص ڪري هندو جاتيءَ جي خيالات کان ڇرڪندا آهن. ٿورا ڏينھن اڳ جڏهين اسين پنھنجي ٽولي سان گڏجي هنن وٽ وياسين تڏهين اسان جي هڪڙي ڇوڪري پنھنجو ٺاهيل راڳ انھن جي محفل ۾ ڳاتو، جنھن ۾ سنسار ساگر پار ڪرڻ وغيرہ هند ڪار جا لفظ ڪم آندل هئا، مگر هنن دوستن کي اهو راڳ نہ وڻيو ۽ کيس چوڻ لڳا: هتي ڪو رندي، صوفياڻو ڪلام ڳاءِ!
بعد ۾ سام چيو: ”سندن گفتگوءَ مان مون کي شڪ پيو تہ هو نوان صوفي ٿيا آهن* پاڻ کي سچي صوفي ثابت ڪرڻ لاءِ هندي خيالات سان واسطي ڏيکارڻ ۾ شايد عيب پيا سمجهن.“
اسين جڏهين اهڙا راڳ هندي لفظن ۾ صوفي ڌڻي بخش ۽ ٻين مسلمان دوستن سان گڏ ڳائيندا آهيون تہ هننکي ڪا هند ڪار جي بوءِ منجهانئن ڪانہ ايندي آهي. هيڏانھن هي هندو جامي ۾ نوان صوفي فقير اهڙي خالات کان نفرت پيا ڪن! مون اهو سوال ”صوفي“ صاحب کان پڇيو جنھن چيو: ”اسان ۾ جيڪي نوان مسلمان ٿيندا آهن، سي گهڻو ڪري ٻاهرين لباس تي زور ڏيندا آهن ۽ عام مسلمانن کان ڏاڙهيو ڊگهيون ڇڏيندا آهن؛ يعني اصلي مسلمان نہ هئڻ ڪري مذهب جي ٻاهرين ڏيک ويک تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا آهن. هي نوان هندو صوفي بہ ائين آهن.“
سام چيو: ”ڪنھن حد اندر اٽڪي پوڻ صوفيءَ جو مذهب نہ آهي. صوفي جيڪو صوفيپڻو رکي ٿو سو اڃا سچو صوفي نہ آهي. جيڪو حق جي ڳولا ۾، اکرن جي اوٽ وٺي هلي ٿو سو حقيقت کان دور رهجي وڃي ٿو. سڀ ڪنھن ڌرم يا مذهب جي شروعات آزاد خيال واري کوج منجهان ٿئي ٿي. مگر پوئلڳن جي تنگدلي سبب مذهب ۾ ’پڻو‘ پيدا ٿئي ٿو. اسان کي گهرجي تہ هندو يا مسلمان هوندي بہ ’هندپڻو‘ يا ’مسلمانپڻو‘ نہ رکون. صوفي ۽ سچا ويدانتي هر هنڌ ساڳيو برهم ڏسن ٿا!“
***


30-7-1951ع گهاڙ ڀر واري فقير جي آستان تي ويھي، باغات ۽ وڻراھہ اتساھہ واري اثر هيٺ اچي، منشي اسان جي ڇوڪري (جو اڳ هڪ ٻائو هو) سام کي چيو؛ ”سائين ڪنھن وڏي سئَر تي هلو؛ هت جنجال ۾ پيا آهيون. هلي ڪا سنتن جي صحبت ڪريون.“
سام کيس کلي چيو: ”ضرور هلنداسين!“
وري جڏهين منشي ٻاراڻي نموني زور لائي چيو تہ سائين جلد ڪيڏانھن هلو؛ تڏهين سام چيس: ”هي بہ تہ هڪڙو سئَر آهي! محبت جو ميوو هتي ئي کائي وٺ؛ ٻئي هنڌ هلڻ ۾ ڇا فائدو ٿيندو؟“
منشي وراڻيو: ”سائين، هتي ڪجهہ نہ آهي. توهان چوندا آهيو تہ بدريناٿ ۽ ٻين آسٿانن تي هلنداسون؛ مان بہ انڪري ٽڪاڻو ڇڏي اوهان جي ڪڍ لڳو آهيان تہ ڪيڏانھن هلي جيون سڦلو ڪريون.“
تڏهين سام کيس هڪڙي ڳالھہ ٻڌائي: ”هڪ پينو فقير گهوڙي تي سوار ٿي، تڙ تي گهوڙي کي پاڻي پئارڻ لاءِ آيو. کوھہ تي نار چڙهيل هو جنھن جي رينگٽ ڪري گهوڙو ڇرڪيو ٿي ۽ نيسر ۾ منھن ئي نٿي وڌائين. فقير تڙ جي مالڪ کي چيو، ائٽ جهل تہ رينگٽ بند ٿئي جو ائين گهوڙو پاڻي نٿو پيئي! هاڻي جي رينگٽ بند پيو ٿئي تہ پاڻي بہ بند پيو ٿي وڃي؛ جي ائٽ گڙي پيو تہ رينگٽ بہ پيو ٿئي! فقير ڪئن ڀيرا ڪوشش ڪئي پر گهوڙو پاڻي ئي نہ پيئي؛ تڙ جي مالڪ تڏهين هڪل ڪري چيس: فقير! جي گهوڙي کي چڪو پئارڻو اٿئي تہ لڪڻ هڻي، انھيءَ رينگٽ وچان پئاري وٺينس! مطلب تہ سنسار جو رينگٽ پيو هلندو پر نفس کي لڪڻ هڻي. اتيئي مزو وٺي سگهجي ٿو، نہ تہ بدريناٿ بہ شايد مشڪل ملندو. راز جو رس جي پي ڄاڻن، سي جتي ڪٿي پيا پئن!“
***
-8-1951ع منشي ڪم ڪرڻ تي ڪر ڪر ٿي ڪئي تہ هي ڪم ڪريان، هي نہ ڪريان؛ اسان جي ٻئي ڇوڪري سان ريس ٿي ڪيائين ۽ چيائين: ”هو پگهار بہ وڌيڪ ٿو وٺي ۽ ڪم بہ ٿورو ٿو ڪري؛ ائين ڀلا ڇو آهي؛ مون کان ڇا ۾ وڌيڪ آهي؟ اسان ٻاوا ماڻھو اچي ڪمن ۾ ڦاٿا آهيون!“
سام کيس چيو: ”اهڙو سوال سلطان محمود غزنوي کان سندس اميرن هڪ ڀيري پڇيو هو. چون ٿا تہ بادشاه محمود غزنوي پنھنجي ٻانھي اياز تي عاشق هو؛ اياز رنگ جو ڪارو ۽ ڪوجهو هو؛ اميرن وزيرن گڏجي بادشاه کي عرض ڪيو تہ جيئندا قبلا! اياز هڪ ٻانھو آهي؛ اسين وزير ۽ امراءَ آهيون؛ تڏهين بہ اياز جي ڳالھہ اسان کان مٿي سمجهي وڃيٿي؛ اسان ۾ جيڪا گهٽتائي آهي تہ ان کان اسانکي واقف ڪرڻ فرمايو! سلطان وراڻيو تہ ان سوال جو جواب توهان کي وقت سر ملندو.
”ڪجهہ عرصي پڄاڻان، جڏهن سڀني کان اها ڳالھہ وسري ويئي، بادشاه حڪم ڏنو تہ عام ماڻھن جي وندر لاءِ هڪ وڏي نمائش (Exhibition) شھر کان ٻاهر ٺهرائي وڃي، جنھن ۾ سڀ قسم جون بازاريون، هنر ۽ وندر جا گهر موجود هجن. پوءِ هڪ ڏينھن بادشاه شڪار تي نڪتو؛ سندس امير امراءُ بہ ساڻس گڏ هليا. انھن کي چيائين تہ جڏهن ڪو جانور جهنگل مان نڪري ۽ مان ان جي ڪڍ پوان تڏهين توهان گهوڙا کڻي جهلجو؛ جئن گهڻي گوڙ ۾ شڪار ڀڄي نہ وڃي؛ پر جي سج لٿي تائين مان نہ موٽان تہ پوءِ فڪر ڪجو.
”جئن هڪڙو جانور نڪتو تئن بادشاه گهوڙو سندس پٺيان لاتو. امير ۽ نوڪر بيھجي ويا؛ سج لھي ويو پر بادشاه واپس نہ آيو. پوءِ سڀ پيرو کڻي بادشاه جي ڳولا لاءِ نڪتا ۽ اچي ان نمائش واري اميدان تان لانگهائو ٿيا. ڀر سان اچڻ تي رنگين روشنيون ڏٺائون ۽ سريلا آواز ٻڌائون؛ صلاح ڪيائون تہ هاڻي هت آيا بہ آهيون تہ هيءَ نمائش اڳو پوءِ ڏسندا هلون. اُتي هر هڪ پنھنجي وندر ۾ لڳي ويو. ڪو کائڻ پئڻ ۾ تہ ڪو ناچ گاني ۽ تماشي ڏسڻ ۾ وندرجي ويو؛ وقت گهڻو گذري ويو ۽ اچي صبح ٿيو؛ هوڏانھن اياز پنھنجي يار (بادشاه) جو پيرو کڻندي وڃي محلات ۾ پهتو؛ هن نمائش ڏي اک کڻي بہ نہ ڏٺو! صبح جو جڏهين امير ۽ ٻيا نوڪر محلات ۾ آيا تہ اياز کي بادشاه وٽ ڏسي ڏاڍو شڪي ٿيا. بادشاه کين چيو تہ واهان جيڪو سوال پڇيو جو تنھن جوجواب اوهان کي اڄ ملي ويو.“
پوءِ سام منشي کي چيو: ”هو ڇوڪرو ٻارهن سالن جي ڄمار کان سر جي سٽي ڪري بيٺو آهي؛ اهنجا سھنجا وقت گڏ گذاريا اٿس؛ ان سان اسين ڪم جا ڪھڙا ليکا ڪريون؟ توکي بہ جيڪو ڪم نہ وڻي سو نہ ڪر؛ اسين پاڻ ڪنداسين.“
سام وڌيڪ چيو: ”هن اياز واريءَ ڳالھہ مان فقير سٺو مطلب ڪڍندا آهن. جنھن خالق جي ڳولاءِ ۾ هت آيا آهيون ان کي ڇڏي سنسار جي بازار ۾ گهڻا ڀلي وڃن ٿا. مگر اياز سچا اهي آهن، جي زندگيءَ جي هر ڳليءَ ۾ سندس پيرو جاچن ٿا ۽ آخر وڃي ان محلات کي پھچن ٿا، جتي محبوب جو واسو آهي.“
ان ڳالھہ کان پوءِ مون سام کي چيو: ”اياز جو لقب تہ منلوءَ کي (مونکي) مليل آهي؛ هاڻي وري هن ڇوڪري کي اياز بڻايو اٿو ڇا؟“
سام چيو: ”اسين سڀ اياز ٿي وڃون تہ چڱو نه! تو تہ اياز جي ريت اڳ ۾ ئي سکي ڇڏي آهي!“
***


اسان جي پراٿنا ۾ هڪ ڇوڪرو امر نالي ايندو آهي. ڪالھہ هن پنھنجو ٺاهيل راڳ ڳائي ٻڌايو. سندس راڳ ۾ گهڻي اپٽار هئي؛ سٺا وڻندڙ رواجي ۽ ڀرمي خيالن سان گڏيل هئا. راڳ ڳائي پڇيائين: ”سائين! توهان کي وڻيو؟“
سام چيو: ”پراڻن ۾ يم راجا جي سونھن جي پرشنسار ٿيل آهي. ’شوم سندر‘ انھن ٻن اکرن ۾ ڳوڙهي معنيٰ رکيل آهي. اتپتيءَ جي اصول سان گڏوگڏ شوشڪتي يعني سنگهار ڪرڻ واري شڪتيءَ جي بہ ضرورت آهي. ان سنگهار ڪرڻ واريءَ شڪتيءَ کي ’سندم‘ چئي ڇو ٿو ساراهيو وڃي؟ سبب هيءُ آهي تہ ان کان سواءِ هيءَ اتپتي وڌي وڌي جيڪر ڪني ۽ ڪوڙهي ٿي پوي؛ منجهس نہ صفائي، نہ خلاصگي نہ آزادگي ۽ نڪا سونھن رهي؛ اسين سڀ جيو، پکي، حيوان ۽ انسان وغيرہ ڏٻرا ۽ بد زيبا ٿي پئون. پر اتپتيءَ جي مددگار سنگهار ڪرڻ واري شڪتي آهي جا سرشٽي کي صاف ۽ سندر بڻائي ٿي. ليکڪ يا شاعر لاءِ پڻ اهو ضروري آهي تہ پينسل ۽ پني سان گڏ پاڻ وٽ اها سنگهار ڪرڻ واري قئنچي پڻ رکي! اُها سندس لکڻيءَ کي وڌيڪ سندر ۽ صاف بڻائيندي.“
***


2-8-1951ع اسانجي ننڍڙي منڊليءَ ۾ ڪيڏو نہ مزو آهي. ’منڊلي‘ بہ ڪا خاص مقرر ڪانہ آهي. پر ٿورا ماڻھو مڙيوئي اچي سنگ ۾ گڏبا آهن. مان جڏهين بيمارن کي ٻين گهرن ۾ ڏسڻ ويندو آهيان يا ڪن ساهيڙين، واقف ڪارن سان ملڻ ويندي آهيان. تڏهين اهو خيال ايندو اٿم تہ ماڻھو ڇو گهرن ۾ منجهيل ۽ بي مزي رهن ٿا؟ انھيءَ سوال جو جواب مان ٻين لاءِ ڏئي نٿي سگهان، مگر ايترو سمجهندي آهيان تہ مونکي پنھنجي گهر ۾ سچو آنند آهي؛ هميشہ ڇِڪ رهندي اٿم تہ ٻاهران ڪم جلد لاهي؛ گهر موٽي وڃان. اڄ وري اهو خيال من ۾ پيدا ٿيو ۽ سام کان پڇيم: ”مون کي ڇو پنھن جي ننڍڙي گهر ۾ ايترو آنند ملي ٿو؟“
سام چيو: ”اهو آنند تنھنجي من ۾ سمايل آهي جو پاڻ ارپن ڪرڻ مان پيدا ٿئي ٿو. جيئن خوشبو واري هرڻ کي اها خبر نہ پوندي آهي تہ خوشبوءِ ڪٿان ٿي اچي جيتوڻيڪ اها سندس ناف ۾ لڪل رهندي آهي، تئن توکي بہ سڌ نہ آهي تہ اهو پريمانند تو ۾ ئي سمايل آهي.“
مون چيو: ”جي ائين هجي، يعني آنند منھنجي من ۾ سمايل هجي تہ اهو جيڪر جتي ڪٿي مونکي معلوم ٿئي؛ خاص جو منھنجي گهر ۾ مونکي معلوم ٿئي ٿو، تنھن جو ڪارڻ ڪھڙو آهي؟“
سام مشڪي چيو: ”تنھنجو گهر هڪ ننڍڙي آشرم آهي. جتي ست سنگ جاري آهي اُتي آنند جو واسو آهي. هي ڳائڻ بجائڻ ۽ صبح و شام ڪٿا ڪرڻ تنھن مان ڀلا آند ڪيئن نہ پراپت ٿيندو! حقيقت ۾ اهي نيم اسان جي آئينده واري آشرم جو بنياد آهن. آشرم ڪن پٿر جي ڀتين يا لوھہ جي دروازن کي ڪين چئبو آهي، مگر انھيءَ آنند روپي روحاني زندگيءَ کي چئبو آهي، جنھن ۾ ڀڪتي، گيان ۽ شيوا سمايل هجن.“
3-8-1951ع اڄ اسان جو دوست صوفي صاحب جئن مٿي آيو تہ سام کي چيائين: توهان جي ڏاڪڻ مان بدبوءِ ٿي اچي.“
پوءِ اچي منشي تي مٽيو تہ اها غلاظت تو ڪئي آهي مان جڏهين اسپتال مان گهر موٽي آيس تہ منشي مون کي روئي دانھن ڏني. چيائين: “ممي! ماستر صاحب (صوفي صاحب) پيو مونکي گهٽ وڌ ڳالھائي تہ دادا (سام) ويٺو چپ ڪري ٻڌي؛ هنکي ڪجهہ بہ نہ چيائين! مون کي دادا جو ڏاڍو ڏک آهي!“
تڏهين مون منشي کي ٻڌايو تہ اسين جڏهين طيب ۾ رهندا هئاسين تڏهن صوفي صاحب هڪ لڱا مون تي بہ اچي مٽيو؛ ڪوبہ اڌڪار ڪونہ آهي؛ هن مھل ئي ٽپڙ کڻي هليا وڃون تہ چڱو! مون سام ڏانھن گهڻو نھاريو پر هن ڪجهہ نہ ڪڇيو؛ جڏهين صوفي صاحب پنھنجي گهر موٽي ويو، تڏهين مون کي سمجهايائين تہ سندس چيو دل ۾ نہ ڪر؛ پاڻ هل تہ سندس گهر هلون ۽ سندس غلط فھمي دور ڪري اچون. پوءِ مون کي سندس گهر وٺي ويو. توکي بہ شايد ائين ئي چوندو تہ صوفي صاحب کان معافي وٺ!.
منشي عجب ۾ پئجي سام کان پڇيو: ”سائين، ائين ڀلا ڇو؟ ڳالھائي بہ صوفي صاحب ۽ وري گهر بہ انجي توهان وڃو!“
سام وراڻيو: ”اهي ويرو روڌ زماني وارا رکندا آهن؛ اسان فقيرن لاءِ نہ آهن. صوفي صاحب برابر انوقت غلط خيال هيٺ هيو، مگر هڪ تہ هو منھنجو جهونو دوست هو، ٻيو وري پنھنجي گهر ۾ آيو هو؛ پر وڏي ڳالھہ سڀ کان اها هئي جو هو جوش ۾ هو ۽ جوش واري سان ليکو ڪرڻ ٺيڪ نہ آهي. غصي ۾ آيل انسان سان همدردي ڪرڻ کپي. مونکي خاص طور صوفي صاحب سان اهو ويڇو رکڻ نہ ٿي وڻيو؛ منھنجي پريم مون کي مجبور ڪيو تہ مان ئي وٽس وڃي سڀ ويڇا دور ڪري ڇڏيان ۽ ڪرائيسٽ جي لفظن ۾ ’سج جهيڙي تي لھڻ ڪين ڏيان. ان ڪري اسين وٽس وياسون ۽ نتيجو بہ اهڙو ئي سٺو نڪتو پنھنجي دوست کي هميشہ واري خوش خيال ۾ ڇڏيوسون ۽ اسان جي دلين مان بہ غير نڪري ويو؛ جلدئي هو پاڻ سان کي ...... چائڻ لڳو.“
سام چيو: اهڙو هڪ ٻيو مثال بہ ياد اچي ٿو جيتوڻيڪ انھي واقعي ۽ اڳين واقعي جي وچ ۾ ڪا خاص ڀيٽ ڪانہ آهي ...... ... .... وقت ريلوي ٽرين ۾ ٻہ انگريز ۽ هڪ هندستاني مليٽري آفيسر هڪ ڀيري گڏ ويٺا هئا. منھنجو سامان پورٽرجئن ئي گاڏيءَ ۾ رکيو تہ انگريز آفيسرن مان هڪڙو جوش ۾ اچي ويو ۽ اڻ سڌي طرح مونکي گاريون ڏيڻ لڳو؛ ديسي آفيسر چپ ۾ رهيو؛ هن انگريز آفيسر ڪيترو وقت ويٺي خراب اکر ڪڍيا. مون اکيون بند ڪري ويٺي سندس مزيدار ٻوليون ٻڌيون. جڏهن ڪراچيءَ پهتاسين، تڏهن مون وڌي وڃي هنکي هٿ ڏنو ۽ سندس ’گارين‘ ۽ ’ڪرستاني هلت‘ لاءِ شڪر گذاري مڃي، هو اهڙو تہ پشيمان ٿيو جو اکيون کڻي هيٺ ڪيائين؛ اهو ديسي آفيسر ڄڻ فخر وچان مون ڏانھن نھارڻ لڳو.“
سام منشي کي چيو: ”هن حالت ۾ شايد ڏوھہ توڏانھن هجي ۽ گند ڏاڪڻ ۾ برابر توئي رکيو هجي. پر جي تون سچ پچ بي قصور آهين تہ هيءَ ملامت ماٺ ۾ سھڻ، هڪ روحاني ورزش ڪري سمجهہ!“
***