ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

8

7-10-1953ع مٿين وشيہ بنسبت، اڄ شام جو جيئن واند ملي تيئن سام کان وري پڇا ڪيم؛ ٿورو وقت ويچار ۾ اچي ويو ۽ پوءِ چيائين: ”ڪروڌ اصل ۾ نفرت جو ٻيو روپ آهي. ڪنھن ناحق، بديءَ يا بي واجبي هلت جي خلاف پيدا ٿئي ٿو. اگرچ اهي ڪڏهين غلط طور سمجهيا وڃن ٿا. ڪروڌ ڪندڙ انسان پاڻ کي ڪنھن نموني برابر سمجهي ٿو. جيتوڻيڪ حياتيءَ جي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ هي ڪو اُتم طريقو نہ آهي، تڏهين بہ ايترو سمجهڻ گهرجي تہ خرابت يا ناحق لاءِ حقارت سا ذاتي طور بري شيءِ نہ آهي. چوندا آهن تہ جنگ جي وقت ۾ يا جنگ جي دوارا قومن جي پاڻ ۾ سچي پچي خيالات جي ڏي وٺ ٿئي ٿي ۽ ٻہ تھذيبون پاڻ ۾ ٽڪري هڪ ٿي وڃن ٿيون. ٻي عام چوڻي آهي تہ وڙهي دوست ٿبو آهي! ان ڪري جنگ نہ رڳو حڪومتن جي سرحدن ۾ ڦيرو آڻي ٿي مگر من جون حدون ۽ خيال جون پائبنديون بہ ڪيتريون ٽوڙي ٿي ۽ هيڪڙائي وڌائي ٿي. مطلب تہ ڪروڌ خيال جي ميلاپ ۽ غير جي گنوائڻ جو ڪارڻ پڻ ٿي سگهي ٿو. بزدل ۽ ڊڄڻي انسان جي ڀيٽ ۾ ڪاوڙيل مڙس ڪيڏو نہ وڌيڪ شانائتو آهي. اهو هڪ ٻيو پھلو آهي جو پڻ ويچار ۾ وٺڻ جھڙو آهي.
ان ريت اچو تہ ڪام کي جاچي ڏسون، تہ هن زندگيءَ جي سرشتي ۾ ڪھڙو ڪاريہ ادا ڪري ٿو. من وديا جا ماهر چون ٿا تہ ڌرمي ڀاؤ يا مذهب ۽ شهواني طاقت جو واڌارو گڏوگڏ نظر اچي ٿو. اهي ٻئي طاقتون اڪثر ساڳين ماڻھن ۾ ڏسبيون آهن. چون ٿا تہ جنھن ۾ ڌرم جو ڀاؤ مضبوط آهي، ان ۾ شهواني طاقت پڻ گهڻي ٿئي ٿي، توڙي جو اها قبضي ڪيل هجي. جيون جو واڌارو پورنتا در حقيقت سڀني طاقتن منجهان حاصل ٿين ٿا. ڏٻري ۽ بيمار ماڻھوءَ جي نہ رڳو جسماني طاقت گهٽ آهي مگر منجهس ڪا روحاني گهٽتائي پڻ ضرور رهي ٿي. پنھنجو آزمودو آهي تہ ڌرمي سنسٿائن ۽ برهم چريه آشرمن جي اندراڪثر ڪا مديو پنھنجا ٻاڻ وڌيڪ تيزيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان اُڇليندو آهي. مان ائين سمجهندو آهيان تہ ڪام (Sex) انساني جيوت جي بنيادي ڌاتن مان آهي، جنھن جي ڪيميا (Transmutation) سان ڌيان، گيان ۽ ڀڪتي وڌن ٿا؛ جيئن ڪيميا سان ٽامي مان سون بڻجي سگهي ٿو، يوگي پنھن جي شهواني طاقت تي بندش وجهي اُها ڌارا ابتي، مغز جي طرف، وهائڻ ٿا ۽ انريت گيان جي ٽين اک کولن ٿا. تنھن ڪري ڪام کي گهٽ سمجهڻ نہ گهرجي. ڪام جي شڪتي بہ هڪ اتم خزانو آهي، جنھن کي خالق بنا مطلب جي هرگز ڪين خلقيو آهي. هن جيون جي سرشتي ۾ کيس وڏي ۾ وڏو ڀاڳ مليل آهي. سندس رواجي کيڏ ۾ پڻ ڪي ڀلايون نظر اچن ٿيون. ڪن وڏن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ ڪام کي دٻائڻ (Sex Repression) مان ڪيتريون بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
”اسان کي ڪام واري طاقت ڦيري ڪتب آڻڻ (Diversion) ۽ صفا دٻي ڇڏڻ (Repression) جي وچ ۾ فرق سمهجڻ گهرجي. دٻائڻ اهو آهي جو پنھنجي خيال جي خلاف حجابن، روڪن يا مجبورين ڪري پنھنجي ڪامنا کي دٻائي ڇڏجي. ڦيري اها شڪتي ڪم ۾ لڳائڻ، سا ڪوشش جائز ۽ ڦلدايڪ آهي، جنھن مان ڌيان، گيان ۽ ڀڪتيءَ جو واڌارو ٿئي ٿو. اهي ٽيئي ڌرم جا مول ٿنڀا آهن جن جي پڪائي ڪام جي طاقت منجهان اُتپن ٿئي ٿي؛ اهو من وديا (Psychology) وارن جو رايو آهي. ڪام کي موڙي، نہ هٺ ۽ اڀمان وچان پر حياتيءَ جي تجربن بعد، گيان جي ذريعي، کيس اوچي ڪاريہ ۾ لڳائڻ، سو ائين آهي جيئن هڪ انب جي جهاڙ ۾ اوچي ذات واري اک پيوند ڪري ان مان مٺا ۽ وڌيڪ اتم ڦل پيدا ڪرڻ. تيئن ئي آهي هي جوڳ اڀياس، جو مغز ۾ گيان جي اک کولي ٿو. ڪام کي وس ڪرڻ بعد يوگ اڀياس ڪامياب ٿئي ٿو. تنھنڪري ائين چوڻ تہ ڪام هر صورت هڪ وڪار آهي، سو هڪ اڌوري سمجهہ وارو خيال آهي. سڀ ڪنھن بنيادي ڌاتوءَ کي پنھنجي اهميت آهي. پنھنجي هيٺين روپ ۾ بہ ڪامنا وشوَ سان ملائڻ ۾ مدد ڪري ٿي؛ نہ رڳو زندگيءَ جو دائرو وڌائي ٿي پر خيال جي خوبي ۽ حسن جي ڄاڻ، جا رواجي پريم سان شامل رهي ٿي، سا ان جي پيدائش ٿي سگهي ٿي. اها جيوت ۾ سندرتا ۽ وندر وڌائي ٿي. شهواني طاقت جنھن جيءَ ۾ ڪنھن بيماريءَ يا جسماني گهٽتائيءَ سبب پوري نٿي اُسري، ان جيءَ جو بدن ئي ڪروُپي ٿيو پوي ۽ اهو مغز جي ڪم ۾ يا هٿ جي پورهئي ۾ گهٽ چالاڪي رکندڙ ٿئي ٿو. محويت يعني ڀڪتيءَ جي پاسي ڪام هميشہ لاڙو رکي ٿو. ان ڪري ئي آرٽسٽ يا اداڪار ۽ شاعر گهڻو ڪري سندس ڦند ۾ ڦاٿل نظر ايندا آهن. اها محويت جيڪا ڪام پيدا ڪري ٿو، سا ڀڪتيءَ جو هڪ سارو روپ آهي.
هاڻي روپ جي وڪار کي جاچي ڏسون. لوڀ حاصلات جو ڪارڻ آهي. ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو (Preservation and Conservation of Resources) جو اصول قدرت پاڻ چڱيءَ طرح ڪتب آڻي رهي آهي. طاقت ۽ مال قناعت سان خرچ ڪرڻ، سو قدرت جي اقتصاديات (Economy) جو اصول آهي. اها قناعت ۽ شين جو موجود رکڻ جي عادت سا هر ڪاروبار لاءِ ضروري آهي. گهڻيون شيون ۽ مال گڏ ڪرڻ سو برابر سخاوت ۽ سٺي ونڊ وراه جي آدرش کان گهٽ درجي جو طريقو آهي مگر اهي، جيڪي ڪا بچت ڪري نٿا سگهن ۽ پنھنجا وسائل باقائدي سنڀالڻ ۾ گسن ٿا، سي حياتيءَ ۾ ڪا اڏاوت ڪري نٿا سگهن. اهي پنھنجا خيال، طاقتون ۽ مال کنڊيري وئرٿ وڃائين ٿا. هوڏانھن دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڪارخانا، موٽرن، مشينن، ڪپڙن ۽ ٻين ضروري شين جا انھن ماڻھن جي هٿان اڏيل آهن جن کي ميڙي چونڊيءَ جي عادت هوندي آهي، ۽ چئجي کڻي پئسي گڏ ڪرڻ جو لوڀ رهندو آهي. هڪ وڏي، گڏيل هندستان جي صنعت ڪار (Industrialist) جي ڳالھہ آهي، جنھن کان منھنجي هڪ دوست هيءُ سوال پڇيو: ’توهان جي وڏيءَ اوستا ۾ ايترو پنھنجي ڪارخانن جي ديکڀال ڪريو ٿا تنھن جو مطلب ڪھڙو آهي؟ دنيا تہ توهان وٽ اڳيئي آهي، جا توهان جي کپائڻ ۽ شايد ڳڻڻ کان پڻ ٻاهر آهي. ڇا! وڌيڪ پئسي گڏ ڪرڻ ۾ اڃان توهان کي مزو اچي ٿو؟
”ان سيٺ کلي چيو: ”ائين برابر آهي تہ پھريائين نفعي جي لاءِ هي ڪارخانا کولياسين، پر هاڻي انھن کي سٺي نموني هلائڻ، سو هڪ جدا مقصد ۽ هڪ فرض نظر اچي ٿو. جيئن اجايو ڪجهہ ضايع نہ ٿئي ۽ ڪارخانو پئتي پئجي نہ وڃي ۽ انتظام سٺو رهي، اهو اسان جي ڪوشش جو هينئر خاص مطلب آهي ۽ نہ دنيا گڏ ڪرڻ جو.‘ هن ڳالھہ مان مطلب هي نڪري ٿو تہ انسان جو ذاتي لوڀ هڪ قدرتي طاقت آهي. ٻين وڪارن وانگر پھريائين غلط نموني ۾، شخصي سک لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، پر آخر نئين رستي تي پھچي دنوي ڪاروبار جي انتظام ۽ ڪماليت جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، جنھن مان اندروني جس پڻ گهڻو پيدا ٿي سگهي ٿو. تنھن ڪري ان کي هڪ اکر سان وڪار سڏي ۽ دنيا وارن کي بيڪار چئي ڌڪارڻ، سو بلڪل غلط آهي.“
هاڻي اچون اهنڪار جي سوال تي؛ مانپڻو يا اهنڪار هڪ نموني پاڻ کي ڦنڊائي هڪ خطرناڪ ڀاؤ ۾ وجهي ٿو، پر ٻئي طرف شان ۽ اها پوزيشن اڳواٽ رکڻ سيکاري ٿو جا درحقيقت اڃان حاصل نہ آهي، مگر جنھن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين گهڻو خواهان آهيون؛ يعني اهو خيال جو نمونو يا زندگيءَ جو روپ اسان جي من اڳيان رکي ٿو، جنھن جي اسان کي طلب آهي ۽ جنھن ۾ اسان جو آتمڪ اُڌار آهي! ان نموني (Pattern) تي هلندي هلندي اسين آخر ان کي سچيءَ طرح پايون ٿا.
ٻٽاڪ هڻڻ بہ هڪ قسم جو ڄڻڪ قسم کڻڻو آهي؛ ان ٻٽاڪ واريءَ ڳالھہ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ وعدي ۾ گويا پاڻ کي ٻڌڻو آهي. البت تنھن کان پوءِ اها ڳالھہ حاصل ڪرڻ، جنھن جي لاءِ ٻٽاڪ هڻجي ٿي يا اها پوزيشن پنھنجي ڪرڻ جنھن جي ڏيکاءُ لاءِ اهنڪار ڪجي ٿو سو جفاڪشيءَ ۽ ڪوشش سان ٿي سگهي ٿو. مگر هڪ ڀيرو پاڻ کي ڪنھن وعدہ ۾ ٻڌي يا اهنڪار مان ڪنھن شان يا گيان وارو ڏيک يا مدبريءَ وارو نمونو ماڻھو اختيار ڪري تہ پوءِ اُن ڏانھن وڌڻ لاءِ اهو مجبور ٿئي ٿو؛ يعني اهنڪار هڪ قسم جي نوڙي بڻجي کيس وڌيڪ اُنتيءَ واري رستي ڏانھن ڇڪي ٿو. ائين برابر آهي تہ مغروريءَ کان حليمائيءَ وارو رستو ڪنھن بہ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بھتر آهي. پر پاڻ کي نيچ ڄاڻڻ ۽ پنھنجي سچي هستيءَ کان بي خبر رهڻ سو اهنڪار کان بہ وڌيڪ خراب آهي.
هڪ ڳالھہ آهي تہ ڪنھن ريڍار هڪڙي شينھن جو ٻچو لڌو جو هو پنھنجي رڍن سان گڏ گهمائيندو رهندو هو؛ رڍن جي هلت ڏسي ۽ سندس ’ٻي‘ ’ٻي‘ جا آواز ٻڌي، هو بہ ساڳيا آواز ۽ نمونا سکي پيو؛ هڪ لڱا هڪ شينھن هن کي ’ٻي‘ ’ٻي‘ ڪندي ڏٺو، ان شينھن کيس هڪل ڪئي تہ تون شينھن جو ٻچو ٿي رڍن وانگر ’ٻي‘ ’ٻي‘ ڇو ٿو ڪرين؟ پوءِ ان کي گهلي پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ ۾ ليئو پارايائين. چيائينس، ’ڏس! جھڙو تون آهين تهڙو مان آهيان؛ هينئر مون وانگر گاج ڪر!‘ تڏهين ان شينھن جي ٻچي، پنھنجو سچو روپ سڃاڻي شينھن جھڙي گاج ڪئي ۽ شينھن وانگر شڪار ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح جيڪو انسان پنھنجو سچو روپ نہ سڃاڻيءَ غلاميءَ جي ڀاؤ ۾، ڪوڙي حليمائيءَ جي واٽ وٺي، ذليل زندگي ڪاٽي ٿو، ان ۾ غلامي گهر ڪري وڃي ٿي. اهو همت رکي حياتيءَ اندر ڪجهہ حاصل ڪرڻ بدران پاڻ کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ ناڪار بڻائي ٿو. البت اهنڪار گيان جو آخرين پد نہ آهي ۽ نہ گهڻي تائين جٽاءُ ڪري ٿو؛ اگياني انسان جو من هڪ ڪنڊياري پٿر مثل آهي، جو پھاڙ کان ڇڄي، ڌڪا کائيندو هيٺ ڪري ٿو؛ آخر جيئن وڌيڪ ڌڪ کائي ٿو ۽ وڌيڪ گسي ٿو، تئين سندس ڪنڊون ڀڄنديون وڃن ٿيون ۽ اُهو لسو ٿي پوي ٿو. تھان پوءِ برساتين جا پاڻي هن کي گهلي وڃي درياه ۾ هڻن ٿا، هو وڌيڪ مهٽجڻ کان پوءِ آخر واريءَ جي داڻن مثل ٿي پوي ٿو، جنھن بعد کيس وڌيڪ ڌڪا کائڻا نٿا پون. پوءِ اها واريءَ پاڻيءَ سان گڏ وهي، مٽيءَ سان گڏ ملي، کيتن، باغن ۽ ٻين گهڻن هنڌن تي ڪارگر ٿئي ٿي.
اها واري سچيءَ حليمائيءَ جي مثل آهي، جا گيان جي سيمينٽ سان گڏجي اصلوڪي پٿرن کان وڌيڪ ڪارائتا شهتير، ٿنڀا ۽ ٻيا سامان ٺاهي ٿي؛ جن مان جيوت جي عمارت اڏجي سگهي. ان ريت پڻ اگياني انسان، اهنڪار وارو، حياتيءَ ۾ ڌڪ کائي، کائي آخر نرم ٿئي ٿو ۽ حليمائيءَ جي درجي کي رسي ٿو جنھن مان کيس پورڻ گيان حاصل ٿئي ٿو.
هن مان مون کي فقط هي ثابت ڪرڻو آهي تہ اهنڪار بہ من جي اوسنا جو هڪڙو درجو آهي. قدرت جو اهو هڪ قانون آهي تہ ليڪي مان تصوير، ڪوڙ مان سچ، خواب مان خيال ۽ خيال مان جسم، بھاني مان سچو ارادو ۽ خيالي ڏيک مان سچي حاصلات جي شروعات بڻائي ٿي. اهنڪار وارو انسان، جسماني يا روحاني دائري ۾ پاڻ ڏيکاري ڪا هام هڻي ٿو؛ سا حجت سندس آخرين اُنتيءَ لاءِ هڪ ليڪو يا اشارو بڻجيو پوي؛ هر حالت ۾ نہ پر گهڻو ڪري؛ جلد نہ پر آهستي آهستي. پاڻ تي اعتقاد رکڻ هڪ روحاني واڌاري جو ڪارڻ آهي. جڏهين اهو حد کان وڌيڪ ٿئي ٿو. تڏهين اهنڪار جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، مگر ذاتي طور اهنڪار خود يا وريءَ جو هڪڙو روپ آهي.
هنن سمجهاڻين مان ائين مطلب نہ ڪڍڻ گهرجي تہ اسين ڪو وڪارن کي ساراهيون ٿا يا انھن جي عام طور تائيد ڪريون ٿا، مگر اسين ان صاحب کي ساراهيون ٿا، جنھن هر شيءِ ۾ سٺو مطلب رکي ڇڏيو آهي، جنھن جي ليلا اکٽ ۽ اپار آهي. ان جي هيءَ سڄي سرشٽي رچيل آهي؛ گڻن جي هڪ راند رچيل آهي. ذاتي طور هن جيون جي راند ۾ ڪا خرابي ڪانہ آهي. ان ڪري ئي سنت فقير چوندا آهن تہ ايشور سڀ پاپ کميا ڪري سگهي ٿو؛ پاپيءَ تي بہ ان ڪري فقير ديا جي درشٽي رکن ٿا. ڪنھن کي مجال آهي چوڻ جي تہ هيءَ شيءِ يا هيءُ انسان يا هي طريقو زندگيءَ جو خرابت لاءِ خلقيو اٿس؟ نہ وري ڪا شيءِ هت بي سود آهي. در حقيقت نہ بڇڙائيءَ آهي نہ چڱائيءَ. هڪ سندس ليلا يا راند آهي. جنھن ۾ سڀ هڪ پريم جو پسارو آهي! جيوت سارو پريم جو کيتر آهي. جنھن ۾ سڀ ڀاؤ.، سڀ روپ، سڀ طريقا ۽ سڀ پد سمائجي وڃن ٿا. بڇڙائي فقط چڱائيءَ جي ڀيٽ ۾ بڇڙي نظر اچي ٿي يعني اها ننڍڙي چڱائيءَ آهي. کيس ڪو سچو وجود ڪونہ آهي. نہ ڪنھن ٻيءَ شيءِ کي سچو وجود آهي. هو آهي، فقط هو آهي ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي!“
***


8-10-1953ع ڪجهہ ڏينھن اڳ سام مون کي هڪڙو خواب پنھنجو ٻڌايو، جنھن ۾ ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻھو ڪاري سوٽ سان پٺيرو، پٺيرو آسمان جي مارگ ۾ دکن دشا ۾ وڌندو ٿي ويو. پٺتي هن ڪين نھاريو، جنھن ڪري سندس روش چٽا ڏسڻ ۾ ڪيئن آيا مگر سندس پٺيري بيهڪ مان ائين پيو سمجهجي تہ هو خود سام جي مشابھت پيو رکي.
ڪيترا ڏينھن اسان اها ڳالھہ وساري ڇڏي؛ سام گهڻن ڏينھن کان گهر ۾ اهڙو پيو هلي جو هر ڳالھہ ڏانھن سندس رخ ٿڌو، ٿڌو ۽ گهٽ چاه وارو پيو نظر اچي. ڪالھہ جڏهين مون ساڻس پاڻ وندرائڻ لاءِ ۽ کيس ڪجهہ وندرائڻ لاءِ ٿوري هلڪي قسم جي بات چيت ڪئي، تڏهين هن چيو: ”گهڻن شين مان منھنجو چاه نڪري ويو آهي؛ زمينداري ڪم تہ ڪشوڊين صاحب چڱي وقت تي، ﷲ جي مرضيءَ سان، ڇڏائي ڇڏيو آهي. باقي ٿورو اڀياس ڪرڻ ۽ گهرو ڪم سنڀالڻ، تن کان سوءِ ٻي ڪا مشغولي خاص ڪا نہ آهي. اها اڏاوت آشرم جي يا ٻيا ننڍي هوندي جا سپنا پورا ڪرڻ، جنھن جو وقت بوقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو، تن لاءِ پڻ رستو کليل ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي. مان ائين پيو ڀانيان تہ ڄڻ توهان سڀني کان، ۽ هنن ڪمن ڪارين کان جدا ٿي، پري ڪنھن غيب جي عالم ڏانھن وڃي رهيو آهيان. اڳي ائين سمجهندو هيس تہ سڀ ڪنھن ڪم ۾ تنھنجو مون سان ساٿ رهندو؛ مگر هينئر ڏسان پيو تہ گهڻي قرباني ڪندي بہ تنھنجي واٽ مون کان نرالي آهي. هن ٿوريءَ مايوسيءَ جو شايد اهو سبب آهي جو توکان بہ ڪجهہ پري وڃي رهيو آهيان. اهو اڳيون خواب آسمان مارگ تي اڪيلي پنٿيءَ جو ياد پيو اچي۾؛ ان جو مطلب هينئر چٽيرو نظر اچي ٿو.“
مون چيو: ”پوءِ انھيءَ ڳالھہ جو ڪھڙو علاج آهي؟“
سام وراڻيو: ”يا تہ ڪو نئون کيتر خيال ۽ زندگي جو کلي يا وري نئون جسم وٺي زندگي نئين سر شروع ڪرڻي پوندي؛ هي اکر نراسائيءَ مان ڪونہ ٿو چوان. مگر زندگي، زندگي ٿي رهندي، يعني بيٺل پاڻيءَ وانگر چپ ۾ ڪين گذرندي. جي ان کي ڪو اٽڪاءُ پيش ايندو تہ آتما خود ويس مٽائي ٻيو اُپاءُ اٽڪاءُ دور ڪرڻ جو اختيار ڪندي. هيءَ آتما جنم پنھنجي اڇا سان وٺي ٿي؛ جڏهين پاڻ پر گهٽتائي جي چاهنا پيدا ٿئي ٿي تڏهين جسم ڌارڻ ڪري ٿي ۽ انھيءَ اڇا جو هٽڻ يا چاه صفا گهٽ ٿي وڃڻ سو هن چولي ڇڏڻ جو ڪارڻ ٿي پوي ٿو. جنھن جيءَ ۾ ڪا چاهنا ڪانہ ٿي رهي يا جنھن جو اُديم گهٽجي وڃي ٿو، ان کان گويا حياتي خود پاسو ڪري وڃي ٿي؛ جيئن هڪ وڻ جنھن جي زمين کان درياه مٽ ڪري پري هليو وڃي ٿو، آخر سڪي وڃي ٿو، تيئن چاهنا رهت آتما، ديھہ روپي پاڙون سڪائي وڃي ٿي؛ چاهنا رهت آتما پنھنجي لاءِ نہ پر ڪنھن پر اپڪار جي ڪم لاءِ لالچي هت رهي سگهي ٿي. اهڙو ڪو در کلي، چاه وڌي يا عشق اُتين ئي تہ واه نہ تہ جيئڻ خود بيڪار ٿي پوي ٿو.“
مون کي دل ۾ ذرا خوف ٿيو، ڇا لاءِ جو سام گذريل ٻارهن مھينن کان وڌيڪ ۽ وڌيڪ بيمار رهي ٿو. مون کيس کلي چيو: ”ڇو نہ توهان کي نئين ڪا شادي ڪرائجي تہ توهان ۾ چاهنا زندگي جي وڌي؟“
سام کلي وراڻيو: ”اها هينئر هڪ ٻاراڻي ڳالھہ پيئي لڳي. ڀلا شاديءَ سان ڪيئن زندگيءَ جي چاهنا وڌندي؟ ويچار ڪريو تہ زال پاڻ کان ننڍي ملي؛ هن جون طلبون نراليون ۽ اسان جي اوسٿا جون طلبون نراليون؛ ويتر جي پيدا ٿئي پونگ تہ پوءِ انھيءَ ڪشمڪشا ۾ اندر جو آرام ڦٽي يا وڌي؟ مان تہ ڀانيان ٿو تہ اهڙي ڳري سزا ٻي جيڪر ڪانہ ملي سگهي ۽ پاڻ حياتيءَ مان وڌيڪ بيزار ٿي پئجي. باقي انھيءَ کان وڌيڪ ڪارگر تجويز ٻي آهي؛ جي تون انھيءَ دور اڪيلائيءَ واري مارگ تي گڏ قدم رکندي هلين ۽ هر خيال ۽ هر ڪم ۾ اسين انھيءَ آدرشي زندگيءَ جي اڏاوت ڏسندا، شيوا واريءَ زندگيءَ جي اميد رکندا اچون، جيتوڻيڪ گهڻو عرصو گذري ويو آهي، تہ پوءِ چاهنا جو گهوڙو اڃان بہ هن زندگيءَ جي ڳوري رٿ کي اڳڀرو ڇڪي سگهي ٿو. پر خيال کي موڙي؛ زوريءَ توکي ڪنھن راه تي هلائي نٿو سگهجي. انسان پنھنجي خيال جون حدون پاڻ ئي ٽوڙي سگهي ٿو. البت اهو اهڙو آسان ڪم نہ آهي جو هڪ واري ارادي ڪرڻ سان حاصل ٿي پوي. هردم ان لاءِ حيلو ضروري آهي. پريم اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو جو حيلو خود سڀاويڪ عادت بڻجي پوي ۽ ٻئي جي ريت پنھنجي ريت ٿي پوي. اهڙو جادو پريم بيشڪ ڪري سگهي ٿو. مگر پوءِ بہ شخصيت يا شخصي پڻو ڪجهہ قدر سر ڪڍي ظاهر ٿئي ٿي. ان ڪري ٻن دوستن لاءِ عام طرح گڏ جيئڻ ۽ گڏ هلڻ سو هڪ ٻئي لاءِ مرڻ يا پاڻ قربان ڪرڻ کان اهنجو رستو ۽ وڌيڪ اونچو آدرش آهي. تو قربان گهڻو ڪجهہ ڪيو آهي، پر گڏ هلڻ جي ريت اڃان توکي سکڻي آهي.
***


15-10-1953ع هڪ وڏي ناولسٽ جو ذڪر هلي رهيو هو؛ صوفي صاحب سام کان پڇيو: ”انھيءَ جا ڪتاب واقعي ئي اهڙا تعجب جھڙا آهن؟“
سام کيس وراڻي ڏني: ”مون ننڍپڻ کان سندس ٿورا ڪتاب پڙهيا آهن؛ وڏن ليکڪن جي ڪتابن ۾ هروڀرو وڏن ڦٽاڪن يا بم بکيڙي وارين ڳالھين لاءِ ڪونہ نھاربو آهي، ڇا لاءِ جو سچي وڏائي، خيال جي سادگيءَ ۽ صفائيءَ ۾ آهي. انھن جا ويچار ۽ احساس بہ ساڳيائي انساني دل جا جذبا آهن جي ساڌارڻ ماڻھو رکن ٿا مگر انھن کي ذرا انھن جي ملھہ جي ڄاڻ وڌيڪ آهي. اُهي سڀ هڪ انساني زندگيءَ جا تجربا آهن، جيڪي اسين عام ماڻھو روز ڏسون ۽ پسون ٿا. چئجي کڻي تہ اهي خيال جون ساڳيون سرون يا پٿر آهن، جن مان گهٽ هنر وارو ڪاريگر فقط ڦڏيون، سڏيون جڳهون ٺاهي سگهي ٿو ۽ وڏي هنر وارو عاليشان عمارتون اڏي سگهي ٿو. تنھن ڪري جئين وڏا شاعر يا وڏا ليکڪ، تيئن ان جي لکيت ۾ سادگيءَ جو ۽ خيال جي صفائيءَ جو مزو پيو اچي؛ ولايت جي ليکڪن ۾ ڪا خاص تعجب جھڙي ڳالھہ ٻي ڪانہ آهي.“
***


17-10-1953ع ڪالھہ اسان وٽ هڪ دوست آيو. جڏهين سام ان کي پاڻي وغيرہ ڀري ڏنو تڏهين هن پڇيو: ”ڇو؛ نوڪر ڪيڏانھن ويا اٿو؟”
سام چيو: ”منجهند جي ماني مان ٺاهيندو آهيان ۽ رات جي ڊاڪٽر سرلا ڪندي آهي، ڇا لاءِ جو نوڪر هن وقت ڪوبہ ڪونہ آهي. پر هونئن بہ گهڻو ڪري اسين ڪجهہ نہ ڪجهہ پنھنجي هٿ سان روزانو ٺاهيندا آهيون.“
انھيءَ دوست جي وڃڻ کانپوءِ مون سام کي چيو: ”اهڙيون ڳالھيون ماڻھن کي ڇو پيا چئو؟ ان ۾ منھنجي گهٽتائي ٿئي ٿي، ڇا لاءِ جو ٻيا چوندا تہ تنھن جي ويٺي مرد ماڻھو پيو ماني ڪري!“
سام کلي چيو: ”انھيءَ ۾ گهٽتائيءَ جو ڪو بہ سوال ڪونہ آهي؛ ماني هر ڪو انسان کائي ٿو؛ هر ڪنھن کي رڌڻ پچائڻ جي ڄاڻ هئڻ گهرجي. اها ڪوڙي لڄ يا شرم انھن لاءِ آهي، جيڪي زماني کان ڊڄن. تنھنجي ۽ منھنجي لاءِ صاف واٽ اها آهي تہ جا شيءِ يا جو ڪم چڱو هجي، سو پنھنجي هٿ سان ڪجي چاهي لوڪ ان کي ڪيترو بہ گهٽ ڇو نہ سمجهن.“
شام جو وري ڪم ڪندي مون ٿڪ محسوس ڪيو ۽ ان بنسبت سام کي ڪجهہ چيم. سام چيو: ”آخر اهو ڪم بہ گذري ويو ۽ ٿڪ بہ گذري ويندو! اهو فقط من جو خيال آهي، جو تون چوين ٿي تہ مان ٿڪجي پيئي آهيان؛ ڏه يا پنڌرهن منٽ آرام ڪرڻ سان بت جو ٿڪ لھيو وڃي ۽ بت اهڙو جو اهڙو تازو ٿيو پوي؛ پاڻ ڪم کان پوءِ وڌيڪ فرحت محسوس ڪبي آهي. ڪنھن نہ ڪنھن ڪاريہ ۾ مشغول رهڻ سو هن بت جي صحت لاءِ ضروري آهي، جو گهرو ڪم ۾ ايترو خفي ٿجي ٿو، ڇو نہ پاڻ کي سمجهائجي تہ جيئن پڙهڻ، لکڻ هڪ ڪم آهي، جيئن بيمار سان ڳالھائڻ يا کيس دوا ڏيڻ يا ڪنھن ماڻھوءَ جو احوال ٻڌڻ هڪ ڪم آهي؛ تيئن گهرجي اُٿي ويٺي ڪرڻ بہ هڪ ضروري ڪم آهي.“
درحقيقت مغزي يا خيالي ڪم وڌيڪ ٿڪائيندڙ آهي ۽ رڳن يا نسن (Nervous System) ۾ ٿڪ وڌيڪ جلد آڻي ٿو. گهرو ڪم جن ۾ من کان بت جي ورزش وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ خيال ڪرڻ جي گهڻي گهرج نہ ٿي ٿئي، سي حقيقت ۾ گهٽ ٿڪائيندڙ آهن. واجبي حد اندر جسماني ڪم بت کي تراوت بخشيندڙ آهي. جيڪو عضوو گهڻو هلاءِ تہ انھيءَ تي قدرت جي پاڻ گهڻي مھر ٿئي ٿي. رت جو دورو ان ۾ وڌي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت اهو عضوو ٻين کان وڌيڪ طاقت وارو ٿئي ٿو. البت حد کان وڌيڪ ڪو بہ ڪم چڱو نہ آهي، تنھنجي حالت ۾ مون ڏٺو آهي تہ مون وٽ اچي ڪري تو پھريائين تہ جسماني پورهيا گهڻا ڪيا، جن تي اڳي شايد تون ايترو هريل ڪونہ هئينءَ. تون ڪڏهين شڪايت بہ ڪندي آهين. عام طرح هن ملڪ جي ماڻھن ۾ اهو خيال ويٺل آهي تہ جسماني پورهيو گهٽ درجي وارا ماڻھو ڪندا آهن. اهڙي پورهئي لاءِ اسان ۾ ننڍپن کان هڪ قسم جي حقارت رهي ٿي. پورهئي لاءِ ڪاموري ڪلاس ۾ خاص ڪري نفرت گهڻي آهي. ان جهوني وهم جي ڪري پڻ اسين پورهيو ڪندي جلد ٿڪجي پئون ٿا. حقيقت ڪري خود ڪم مان ايترو ٿڪ پيدا ڪونہ ٿو ٿئي، پر اها هڪ خيال جي ٿڪاوٽ آهي. آخر بہ گهر ۾ ڪوڏريون ڪونہ ويٺا هڻون، نڪو وڏا بوجائي کڻون ٿا، پنھنجي لاءِ پاڻي ڀرڻ يا ماني رڌڻ سا وڏي ڳالھہ نہ آهي. نوڪرن تي ڀاڙڻ جي عادت هڪ قسم جي غلامي آهي. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي تہ شرڌا سان ڪيل ڪم نہ فقط وڌيڪ سھنجو ۽ سڦلو ٿئي ٿو، پر ڪندڙ کي ان مان وڌيڪ فائدو رسي ٿو. شرڌا سان ڪم ڪرڻ سو آهي پوري آزاديءَ ۽ چاهنا سان ڪم ڪرڻ. شرڌا آزاديءَ جي پورڻتا ۾ پيدا ٿئي ٿي. غلام جو. ٻئي جي ڏسيل ڪم واري ڦل تي حق نہ ٿو رهي. هڪ حاڪم پنھنجي نوڪر کي چوي ٿو تہ وڃي هي پئسا خيرات ۾ ڏي. پئسن جي خير ڪرڻ جو جس ان حاڪم جو آهي ۽ نہ ڏيندڙ جو. البت سٺيءَ ريت ونڊ وراه ڪرڻ جو جس نوڪر کي بہ ملي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح مجبوري طور انسان، جيڪو پاڻ کي لاچار سمجهي ٻين جا ڪم ڪري ٿو، سو شيوا ڌاري سڏجي نہ سگهندو ۽ نہ ان ڪم جو ڪوبہ ڦل ان کي پلءِ پوندو. شرڌا نہ رکڻ ۽ ڪرڪي ڪم ڪرڻ سان مجبوريءَ جي نشاني آهي. تنھن ڪري شرڌا کان سواءِ اڌ دليو ڪم ڪرڻ نہ جڳائي. خاص ڪري جڏهين اهو ٽاري سگهجي تہ هروڀرواُن لاءِ جيتن بہ نہ ڪجي. ڪم جي اندر سادگي آڻي اهو گهڻي ڀاڱي گهٽائي سگهجي ٿو. جيڪي گهرو ڪم تون ڪرين پيئي سي اسين گهڻي ڀاڱي ٽاري بہ سگهون ٿا. ڪم خود هڪ مقصد نہ آهي، پر ڪم مان جو ڦل يا گيان يا پريم ۽ شرڌا اُپجي، سوئي هڪ مقصد سمجهڻ گهرجي.“
مون سام کان پڇيو: ”ڪھڙي ريت مٽ سٽ ڪري ڪم کان منھن موڙ ڪري سگهجي ٿي؟“
سام وراڻيو: ”مثلاً مون روزاني پٺن جي ورزش جي بدران اڄ اهو ڪلاڪ گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ صفائيءَ کي ڏنو؛ مون کي ورزش بہ ساڳي ملي ۽ ڪم بہ صفائيءَ جو نوڪرن کان سٺو ٿي ويو. ورزش جي مٽ سٽ ۾ دل پڻ گهڻو خوش هئي. پر جي ساڳيوئي ڪم روئندي ڪريان ها تہ ٽائيم بہ وڌيڪ لڳي ها، ڪم بہ سٺو نہ ٿئي ها ۽ خوشيءَ جو ڦل بہ ڪونہ حاصل ٿئي ها. اهو ٿيو بدل سدل جو مثال. مانيءَ جي سوال تي اچون: ايترو رڌڻ پچائڻ بلڪل ضروري نہ آهي. مھينن جا مھينا انسان اڻ رڌل، اڻ پڪل کاڌي تي رهي سگهي ٿو. ميوو، کير، کارڪون، ڪچيون ڀاڄيون، ماکي، ڳڙ وغيرہ پاڻ ۾ هڪڙو لذيذ ۽ صحت بخش خوراڪ جو ميل بڻائن جي ڪنھن انسان کي وڌيڪ طاقت وارو کاڌي کپي تہ مٿين کاڌي سان سلن اڀريل ڪڻڪ، مڱ، چڻا، جوئر، وغيرہ ملائي سگهي ٿو، جن ۾ ليمو، سائو مصالح، لوڻ وغيرہ گڏي ٿوري تڪليف سان سٺو طعام ٺاهي سگهجي ٿو. اُهي سلا اڳواٽ پسايل اناج کي ڪپڙن ۾ بند ڪري رکڻ سان اُڀاري سگهبا آهن. اڃا بہ ٻيا ڪي طاقت وارا کاڌا کپن تہ سڄيءَ ڪڻڪ جي تيار ٿيل ڊبل روٽي، بوهي مڱ ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ان کاڌي جي لسٽ ۾ آڻي سگهجن ٿيون، تنھنڪري جي ڪم جي گهڻائي آهي تہ گهڻي رڌ پچاءَ جي ڪا ضرورت ڪانہ آهي، انگور، ڏڌ، ڳڙ ۽ کارڪن سان ئي روٽي کائي سگهجي ٿي، مطلب تہ اهي ڳالھيون وڏي اهميت واريون نہ آهن جو انھن لاءِ پاڻ کي ٿڪائي اندر جي شانتي وڃائي ڇڏجي. پنھنجي من جو بئلنس يعني وزن هر حالت ۾ قائم رکڻ گهرجي. جنھن ڪم ۾ من اشانت ٿئي، اهو ڪم ٿي سگهي تہ ٽاري ڇڏجي. مون کي تہ پنھنجي لاءِ اُها اوسٿا من جي پري نظر نٿي اچي جو سڄو ڏينھن انھن خسيس ڪمن ۾ منھنجو گذري تہ بہ شانتي من جي مان نہ وڃايان. حقيقت ڪري پھرئين ٻاراڻي ۽ جوانيءَ جي اوسٿا واري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ هي پويان ويھہ سال، جن مان پندرهن سال توسان گڏ گذريا آهن، سي زماني جي خسيس يعني ظاهري طور گهٽ اهميت وارن ڪمن ۾ گذريا اٿم. مگر انھن کي گهٽ سمجهي پاڻ کي خفي ڪرڻ ۽ من جي شانتي وڃائڻ سا هڪ مورکائيءَ واري ۽ آتما لاءِ هڪ هاڃيڪار ريت ثابت ٿئي ها. اُن ما بلڊپريشر ۽ ٻين ڪيترين بيمارين جي وڌڻ جو ڪارڻ پيدا ٿئي ٿو، جن کان هن وقت تائين بچاءُ ٿيو آهي. خفي ٿي يا نا اميد ٿي تن ۽ من جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ يا پنھنجي حياتيءَ ڪوڙي ڪري ڇڏڻ جي بدران ڇو نہ انھن ننڍڙن ڪمن ۾ خود پنھنجي حياتيءَ جو مطلب ڳوليندو رهجي ۽ اُهي ڪم ايمانداريءَ سان پورا ڪري وڃي پار پئجي؟ پاڻ وڃي پرڀوءَ کي ارپن ڪجي ۽ چئجي تہ هي سائين، تنھنجي آهي هيءَ سڄي ليلا ۽ تنھن جا ئي آهن سڀ ننڍا ۽ وڏا ڪم ڪاريون! تون پاڻ آهين ڪرتا ڀرتا انھن جو؛ اسين شڪر گذار آهيون اُن لاءِ جو تو پنھنجي مھر وچان، اسان جي فائدي لاءِ جيڪو ڀاڳ سٺو سمجهيو سو اسان کي سونپيو آهي! پوءِ انھيءَ شرڌا سان اُهي گهٽ اهميت وارا ڪم پڻ وڏن ڪمن جيترو فائدو رسائيندا؛ وڏن ۾ وڏن ڪمن جيترو ميٺاج ۽ سمپورنتا ۽ ستنترتا اسان جي زندگيءَ ۾ پيدا ڪندا جن جي حاصل ڪرڻ ۾ ئي آخر سڦل زندگيءَ جو راز رکيل آهي ۽ جن جي وسيلي ئي اسان جي زندگيءَ جي سچي تورتڪ ٿي سگهي ٿي.“
***

20-10-1953ع ڪيترا سال اڳ سام جڏهين سنڌيا جي وقت پنھنجي ڌيان مان اٿندو هو، تڏهن مان کائنس روز پڇندي هيس تہ خيال ۾ ڇا ڏٺو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ گهڻو ڪري نہ هوئي ڪجهہ ٻڌائي نہ مان ئي کانئس پڇندي آهيان. طيب ڇڏڻ کانپوءِ اسان ٻنھي کان اها عادت گويا وسري ويئي آهي. ان وچ ۾ اتفاقاً جڏهين سام کان مٿيون سوال پڇيو اٿم تہ هو هن نموني ڪجهہ چوندو آهي: ”پريم جا نوان نوان روپ آهن؛ ساڳي ڳالھہ يا ساڳئي طريقي کي چنبڙي پوڻ ضروري نہ آهي!
اهڙيءَ طرح سندس سنڌيا جي وقت کان پوءِ رسالي، سکمني يا ٻئي ڪنھن پستڪ جي پڙهڻ جي عادت پڻ ڇڏي ڏني اٿم. زندگي ڏينھون ڏينھن نوان روپ وڃي ٿي اختيار ڪندي. پر انھن جي وچان ڏسان ٿي تہ اسان جون آشائون يا آدرش گهڻو ڪري ساڳيائي آهن، پاڻ اڳي کان وڌيڪ چٽا ۽ رنگدار نظر اچن ٿا. جيتوڻيڪ طيب جي ڀيٽ ۾ هت مان گهڻو مشغول رهان ٿي، تڏهين بہ اُهي مشغوليون ڄڻڪ ٻاهريون سمجهان ٿي؛ اندر ۾ انھن جي ڪري ڪو ڦيرو ڪونہ پيدا ٿيو آهي. ڪالھہ سنڌيا وقت وري چاھہ ٿيم تہ سام کان پڇان، تہ ڪو درشيہ ڏٺو؟ سندس خيالي درشين جو ڪتاب جدا، مختصر نموني لکيل، اسان وٽ آهي، جنھن ۾ اهڙا درشيہ گهڻا درج ٿيل آهن. مگر مون کي خيال ٿيو تہ نئون ڪجهہ ٻڌان.
سام جواب ڏنو: ”گهڻو ڪري هينئر مان ڪي درشيہ يا روپن ۾ نہ ڏسندو آهيان اهي شايد اڳي تنھنجي چاهنا جي ڪري وڌيڪ خيال ۾ ايندا هئا. تاهم اڄ هڪ ننڍڙو درشيہ ڏٺم جو توکي پوءِ ٻڌائيندس.“
پوءِ ٻڌائڻ جو سبب شايد اهو هيو جو ميڊيٽيشن کان پوءِ يڪدم خيال جي کٽ کوٽ اڻ وڻندڙ ٿيندي آهي. سام اُن بنسبت هينئن چيو: ”ٿوري ڪوشش کان سواءِ، جيڪي ڏسبو آهي، سو ياد نہ رهندو آهي. جيئن خواب ڪوشش ڪري ياد ڪبو آهي تہ من تي تري ايندو آهي. پر جي ڇڏي ڏبو اٿس تہ من جي پوري جاڳ کان پوءِ وري مشڪل هٿ ايندو آهي، تيئن هي درشيہ بہ سمجهڻ گهرجن؛ هي من ساڳيوئي آهي؛ منجهس ڪي جدا جدا طبق ڪونہ آهن، مگر سندس اوسٿائن جون هي نشانيون آهن، جو هڪ کي جاڳ ٻئي کي ننڊ، يا هڪ کي سچيتائي واري ۽ ٻيءَ کي من جي اچيت اوسٿا ڪري سڏجي ٿو. ننڊ واري حالت چئجي يا پورڻ شانتي ۽ ويساري جي اُها حالت چئجي، ان کانپوءِ جيئن جاڳ ۾ اچڻ تي ماڻھو پاڻ کي ٿورو اشانت پيو ڀائيندو آهي، تيئن واد وواد ۾ اچڻ يڪدم ذرا اڻ وڻندڙ لڳندو آهي؛ ڇا لاءِ جو انھيءَ وقت من پور سجاڳ نہ رهندو آهي.“
هينئر اڳي وانگر هر روز درشن اهڙا نہ ڏسڻ بنسبت سام وڌيڪ سمجهايو: ”روپ خيال جو سھارو يا سمجهو ڏاڪڻ آهي. اُن ڏاڪڻ جي خيال کي ڪڏهين ڪڏهين گهرج ٿيندي آهي، خاص ڪري جڏهين من وشين جي سنگ ۾ گهڻو رهندو آهي ۽ جڏهين سنسار جي اُميدن يا انتظارين جو منجهس واسو هوندوآهي. طيب ۾ زمينداري وقت واري حياتي اهڙي هوندي هئي جو ڪمن جي ڪشمڪشا ۽ ڌيان جي وقت ۾ رات ۽ ڏينھن جو تفاوت محسوس ڪبو هو. روزاني ڪشمڪشا کان پوءِ خيال هڪ قسم جي آزاديءَ ۾ اچي ڦولاربو هو. ايڪانت ۾، خاص ڪري سنڌيا وقت، پنھنجا گل ڦل باغ بھاريون اندر ۾ ٺاهيندو هو. انھن جي سھاري جي پڻ کيس يڪ ٽڪ ٿيڻ لاءِ ضرورت هئي. مگر جڏهين انسان گهڻو وقت پنھنجي خيال موافق چونڊيل مشغولين ۾ رهي ٿو، تڏهن هن جي خيال کي هن وجود مان نڪري لاوجود ٿيڻ ۾ دير ڪانہ ٿي پوي. اکين ٻوٽڻ سان خيال هڪدم اُڏامي وڃي ٿو پنھنجي آکيري ۾ ويھي. سندس رفتار تير وانگر تيز ٿئي ٿي. اُهو وچون رستو هڪدم لتاڙي وڃي ٿو سڌي واٽ وٺي!
”اڄ ميروخان تعلقہ جا ڪي ٻروچ هڪ پراڻو معملو طيءِ ڪرڻ لاءِ آيا ۽ سج لٿي تائين ويٺا هئا. سندن پڪايون ۽ بي واجبي گھل جون ڳالھيون خيال لاءِ کپت جو باعث هيون، يعني خيال کي يڪوجوديءَ ۾ اچڻ کان ڪجهہ قدر روڪي رهيون هيون. تنھنڪري ئي شايد مون اڄ هي ننڍڙو درشيہ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڏٺو، جيڪو توکي هينئر ٻڌايان ٿو: ڏٺم تہ مان هڪ ننڍڙي ٻار جي صورت ۾ ڪو مٺو ڦل لٽڪندڙ ڏسي پٽي رهيو آهيان، مگر مون کي انھيءَ کان ڪو ڇڪي، ڇني، پري پري ڪري رهيو آهي؛ دل گهري پيئي تہ مان انھيءَ مٺي ميوي کائڻ ۾ لڳي وڃان ۽ ٻيو ڪجهہ نہ ڏسان، نہ ٻڌان؛ مگر وچ وچ ۾ يادگيرو هنن ٻروچن جي گفتگوءَ جو ڄڻڪ پلاند کان وٺي مون کي اُن ميوي کان پري ڇڪي رهيو هو! پوءِ ڪرشن جي صورت ياد آئي؛ اُن کي ڄڻڪ مدد لاءِ سنڀاريم ٿي. جلد ڏٺم تہ هو هڪ چوڪيدار بڻجي پنھنجو شيام رنگي ويس ڌاري منھنجي چوڌاري پھرو ڏيئي، هنن خفي ڪندڙ خيالن کي، جن ۾ اُهي ٻروچ بہ هئا، مون کان پري پري پيو هڪاليندو وڃي؛ مان اُن وڌندڙ ميدان جي وچ ۾ اُن شيام روپي نيلي وڻ جي ٽاريءَ ۾ لٽڪيو پيو آهيان، جنھن جا ميوا بہ شيام رنگي ٿيندا ويا! ڪاري انگور وانگر پيا نظر اچن، انھن جي کائڻ ۾ محو ٿي ويس! فقط ڪڏهين ڪڏهين هيٺ ڏسان پيو تہ اُهي وشيہ ۽ اُهي ماڻھو ڪرشن چوڪيدار مون کان گهڻو پري پري تڙيندو پيو وڃي. جيئڻ وڻ ڏي نظر ڪيم تيئن، ڏٺم تہ ڪنئين ننڍڙا ننڍڙا ڪرشن ٻالڪ مون وانگر انھيءَ وڻ مان ميوا کائي رهيا آهن! ميون تي وري نظر ڪيم تہ ڏٺم انھن ۾ پڻ، يعني انھيءَ انگور جي داڻي داڻي ۾، وڌيڪ ۽ وڌيڪ چٽيريون شڪليون شيام جون ڏٺم؛ تنھن کان پوءِ، جڏهن ڪا جاءِ شيام کان سواءِ باقي نہ آئي، تڏهين خيال يڪوجوديءَ ۾ گم ٿي ويو.من وڃي آنند ڀون ۾ سمايو؛ خيال سڀ غائب ٿي ويا.[1]
***

21-10-1953ع اسان وٽ رهندڙ هڪ ڇوڪري جو پيار هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان ٿي ويو آهي. هو هن کي ماءُ يا ڀيڻ يا نياڻي ڪري سڏيندو آهي، مگر پاڻ ۾ سڪ بيحد اٿين جيستائين هڪ ٻئي سان نہ ملن يا ويجها ويھي ڳالھيون نہ ڪن تيستائين بي چين پيا لڳن. مون ڇوڪري کي سمجهايو تہ پاڻ کي ڇو بيحال ٿو ڪرين؟ جتي ڪٿي وتين نيون نياڻيون ـ دين جون ڀينر ٺاهيندو ۽ پاڻ ڦرائيندو. خاص ڪري ان ڏينھن جو منھنجو ڏنل هنداڻو پاڻ نہ کاڌائين ۽ ٻہ اڌ ڪري هڪڙو ان نئينءَ ڇوڪريءَ کي ۽ ٻيو اڌ هڪ اڳين ڌرم جي ڀيڻ کي ڏئي آيو، تہ مون کي دک ٿيو. چيو مانس تہ منھنجي هٿ جي شيءِ ڏنل مان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ بہ ڪو ذرو کائين ها! سام جڏهين اها خبر ٻڌي تڏهين چيائين: ”مون سمجهيو تہ فقط هڪ ٽڪرو هنداڻي جو ڏنائين؛ پر مان هينئر خوش آهيان جو ٻئي ڀاڱا ڏيئي ڇڏيائين. البت ائين بہ سچ آهي تہ تنھنجي ڏنل شيءِ مان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ بہ ڪو ذرو کائي ها حقيقت هينئن آهي تہ پريم هر حالت ۾ پاڪ آهي، چاهي ڪنھن سان بہ بڻي ۽ ڪھڙي نموني جوبہ هجي؛ فقط سچو يعني قربانيءَ کان نہ هٽندڙ هجي. پريم جو سچو مطلب ئي اهو آهي تہ پنھنجي شخصيت يعني آپي کان ڪري وڌيڪ ڪشادي ميدان زندگيءَ جي ۾ اچجي. جو انسان پنھنجي اولاد زال، متر، دوست، يا ساٿيءَ سان سچو پريم رکي ٿو، اُهو ازخود پنھنجون گهرجون گهٽائي انھن جون اڳي ڪري ٿو ۽ انھن جي بوجن کڻڻ لاءِ ساگي چنتا رکي ٿو جا اڳ فقط پنھنجي پيٽ پالنا يا سک لاءِ هيس. هاڻي، انھيءَ ۾ چئو تہ ڪھڙي برائي آهي؟ سنساري انسان جي پٿر جھڙي من کي پريم ڳاري نرم ڪري ٿو؛ شخصيت جي سوڙهي دائري مان ڪڍي خيال کي وسيع ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح پريم شخصيت کان وڌي ايشور سان خود ميلاپ ڪرائي ٿو. تنھن ڪري ئي چيو اٿن تہ مجازي عشق حقيقي عشق جو هڪ ڏاڪو آهي. حقيقت ۾ فقط ڏاڪو نہ آهي پر ڏاڪڻ جي چوٽي بہ آهي. اها ساڳي شيءِ خود آهي؛ راھہ بہ تہ مقصد ڀي آهي. سڀ شيءِ ۽ سڀ جيءَ کي هڪ آتما ڪري ڏسڻ ۽ انھن کي سمان سمجهڻ، انھن سڀني سان پريم رکڻ، سو سڀ کان اونچ درجو آهي. تنھن کان پوءِ درجو انھن جو آهي جيڪي ماڻھو انسان ذات سان يا فقط پنھنجي وطن سان محبت رکن ٿا ۽ انھن جي شيوا ڪن ٿا؛ جيڪي ماڻھوءَ وري فقط پنھنجي گهر ٻار يا مترن سان فقط گهاٽو پريم رکن ٿا، سي بہ پريمي آهن ۽ انھيءَ انسان جي ڀيٽ ۾، جو فقط پنھنجي پالنا پيٽ پالنا يا نفس جي خواهشن لاءِ جيئي ٿو، ۽ اولاد، دوست وغيرہ کي نٿو ليکي، سندن درجو اونچو آهي. آخر محبت جي لھہ وچڙ سان ئي انسان پاڻ مان يعني پنھنجي خود مطلبيءَ جي کوه مان ٻاهر نڪري ٿو، پوءِ اها محبت ڪنھن سان بہ کڻي هجي.“
***

مون وري ٻيو دفعو ڇوڪري کي سمجهايو تہ جنھن صورت ۾ ٻيءَ ذات واريءَ ڇوڪريءَ سان تنھنجو حياتيءَ لاءِ ناتو بہ ڪونہ بڻي سگهندو ۽ جڏهن توکي اها تمنا بہ ڪانہ آهي تہ مان کيس پنھنجو ڪريان تہ پوءِ ڇا لاءِ ٿو پاڻ کي ۽ هن کي رولين؛ ڇا لئي ٿو اهڙي راند ڇيڙين جنھن مان آخر ارمان کانسواءِ ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿئي؟ ڇوڪرو فقط ٿڌا ساھہ کڻڻ لڳو ۽ منھنجي ڳالھہ جو ڪوبہ خاطر خواھہ جواب ڪونہ ڏنائين.
سام چيو: ”هنن حالتن ۾ منھنجي بہ کيس اها صلاح آهي تہ گهٽ م گهٽ ڇوڪريءَ جي بهبوديءَ لاءِ انھيءَ ناتي کي ٽوڙي ڇڏي؛ سندس سچي محبت خود اهڙي تقاضا ڪري ٿي. مگر حقيقت ۾ ڏوھہ ويچارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ڪونہ آهي، جهَل وچان ڪي رسمون انسان ذات پاڻ تي مڙهيون آهن، جي الاهي قانون جي برخلاف آهن. پريم هڪ اُتپتيءَ سان واسطو رکندڙ چيز آهي جا تن من ۽ آتما جي خود خوراڪ آهي. پريم هڪ الاهي سوغات آهي؛ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ذات پات يا ملڪ جي حد کان ٻاهر بہ پيدا ٿي سگهي ٿو. اسان جي سماج کي اهي ٻنڌن ذات جا ريت رسم جا ٽوڙڻ نٿا وڻن جيتوڻيڪ اُهي گهڻي ڀاڱي نہ فقط بيڪار ثابت ٿيا آهن پر انسانيت جي خلاف آهن. ائين شايد هجي تہ هن حالت جي جهل ۽ گمراهيءَ واري ماحول ۾ انھن مان ڪي ٻنڌن اڻ آزمودگار، نون سامايلن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ چڱا آهن؛ پر جن جو جو من جاڳرت آهي، جن جي دل زندھہ آهي، انھن جي لاءِ هيءَ حياتيءَ، ريت رسم سان جڪڙيل، ڪھڙي نہ اهنجي ٿيو پوي، اگرچ سچي پريميءَ لاءِ هر حالت ۾ خوشي ۽ آنند آهي! جيڪڏهين سچو پريمي انھن ٻنڌن کي بيڪار سمجهي تڏهين بہ سندس مزو پريم جو ٽٽڻ نہ کپي. هو قربانيءَ ۾ اُهو مزو من جو وڌائي سگهي ٿو؛ هر حالت ۾ پنھنجي فرض ادائيءَ پيو ڪري، چاهي اهو ناتو پريم جو يا پري کان ڏسڻ پسڻ جو بہ قربان ڪرڻو پويس. عشق وارن کي هر هميشہ دل اندر سمايل آهي. البت دنيا وارن جي حال تي ارمان آهي جو انھن هن ڌرتيءَ کي خود انسان لاءِ هڪ قيد خانو بڻائي ڇڏيو آهي.“
***


8-11-1953ع ريل گاڏيءَ ۾ هئاسون؛ وڻ ٽڻ ۽ ٻنين جا نظارا سھڻا ڏسي، سام اُن ڇوڪري کي سندس پيار واريءَ ڇوڪريءَ جو نالو وٺي چيو: ”اچ تہ اها ڏيکاريونءِ! گاڏيءَ جي دريءَ کان وڻن جي قطارن وغيرہ ڏانھن اشارو ڪري هن کي چيائين: ”انھن سڀني شين ۾ اُها سونھن سمايل ڏس. بلڪل ساڳي اٿيئي!“
ڇوڪري ٿڌا ساھہ کڻي چيو: ”ڀوتار، چرچا ٿا ڪريو!“
تنھن تي سام چيس: ”مان قسم کڻي ٿو چوان تہ هي چرچو نہ آهي؛ اها خود اُتي ئي آهي جا سونھن، جيڪو تجلو تون ڏسي موهت ٿيو آهين؛ اها الاهي نور جو هڪ جزو آهي! هي قدرت جو نماءُ بہ ساڳي نور جو ظھور آهي. اهو هت، هنن سڀني شين ۾ سمايل سمجهہ! اهو ڪنھن خاص روپ تائين محدود نہ آهي مگر هر روپ ۽ هر شيءِ ۾ سندس واسو آهي! محبوب کي هٿ ڪرڻ جي تمنا سان پڻ قدرت سان مليل انسان جي هڪ ذاتي خواهش آهي. مگر ان کي هٿ ڪرڻ سو حقيقت ۾ آهي اُن ۾ پاڻ سمائڻ. جڏهين کيس هر صورت ۾ ۽ هر شيءِ ۾ سڃاڻبو ۽ پاڻ هر صورت سندس ۾ سمائبو، تڏهن ئي پوريءَ طرح هن کي پائي سگهبو. جيءَ سڀ سونھن اُها ساڳي تمنا پيدا ڪري ٿي. ان ۾ ڪا خيال جي ڪچائي ڪانہ آهي، مگر اها خيال جي وڏائي آهي! دک تڏهين ٿو پيدا ٿئي، جڏهين موھہ وچان اسين ان پريتم جي ذات کي سڃاڻي نٿا سگهون؛ نہ تہ حقيقت ۾ اها توسان سدائي ساڻ آهي. عشق کي وصل جي ڇا پرواھہ آهي؟“
مون انھيءَ ڳالھہ تي اعتراض آندو ۽ چيم: ”اهو وري ڪھڙو پريم چئبو جو ڪڏهين هن ڇوڪريءَ سان تہ ڪڏهين هن ڇوڪريءَ سان پيو لڳائي؟ وري ڪيترن ۾ اڳين کي وساري ۽ نين جي ڪڍ پيو ڦري؟ هي تہ نفس ٿو انسان کي رلائي.“
سام چيو: ”عشق هڪ پوتر آگ آهي، جتي ٻري اُهي نفس جلايو ڇڏي، هر حالت ۾ سندس ستڪار ڪجي. ڪنھن بہ صورت ۾ ان مان برائي پيدا ڪانہ ٿي ٿئي. اهو حسن بہ الاهي نور ڪڏهين هت ڪڏهين هت پيو وسي، مگر ذات ان جي ساڳي آهي توڙي جو روپ انيڪ ٿو ڌاري. عشق جي ذات بہ هڪ آهي. ڪٿي اونھو ڪٿي پترو، مگر آهي ساڳيوئي عشق. پريم تن ۽ من جي اُڇا ترن خواهشن کي نٿو چئجي. مگر اُن اندروني اڪير کي اسان چئون ٿا، جنھن ۾ پاڻ پنھنجو اول ڀلي وڃي ٿو ۽ نفس صفا مري وڃي ٿو. عاشق پنھنجي محبوب تي سر بہ صدقي ٿا ڪن. پريم جي پريکشا آهي قرباني؛ تنھنڪري عاشق هرو ڀرو ڪنھن خواهش پوري ڪرڻ جي تمنا رکن نہ معشوق کي ان لاءِ ستائن ٿا. ٻين جي خوشي کي هو لتاڙڻ نہ ٿا گهرن، پر جي معشوق جي خود ڏسڻ پسڻ بہ کين روڪيو وڃي تہ هو ان ۾ ﷲ جو امر سمجهن ٿا، پاڻ کي سڪائڻ سان بہ هو گويا جڳ ۾ سرت سڪ جي سمائن ٿا ۽ آخر سُڪي سُڪي پنھنجي نفس کي نابود ڪن ٿا. هر جڳھہ ۽ هر صورت ۾ هو يار کي سڃاڻي اُن کي ئي سجدو ڪن ٿا. اها ظاهر ۾ گهڻائي روپن جي خود هيڪڙائي حسن جي مان پيدا ٿئي ٿي، جو هر جڳھہ ساڳيو حسن سمايل آهي.
”هڪ ڪڙميءَ جي ڳالھہ آهي جو هڪ بزرگ وٽ آيو ۽ کيس اچي چيائين تہ مون کي طالب ڪريو ۽ ﷲ سان ملايو. ان بزرگ اهڙو سادو سوال ٻڌي کيس چيو: تون ڇا ڪندو آهين؟ هن وراڻيو تہ مان ڪڙمي آهيان ۽ کيتيءَ جو ڪم ڪندو آهيان. کائنس مرشد پڇيو تہ تنھنجي ڪھڙيءَ شيءِ سان محبت آهي؟ ڪڙميءَ چيو تہ مون کي ڏاندن جو هڪ جوڙو آهي جن سان منھنجي سڀ کان گهڻي محبت آهي. تڏهن ان بزرگ چيس: ”ﷲ جي صورت بہ بلڪل ڏاند وانگر آهي؛ تون سٺي رستي تي آهين؛ فقط پنھنجي عشق کي پڪو ڪر!“ پوءِ کيس هڪ سوڙهي دروازي واري جاءِ ڏيکاري چيائين تہ هت ويھي تون ﷲ جو ڌيان ڪر ۽ اُن جي صورت پاڻ اندر سماءِ.
ٿورن ڏينھن بعد اُن بزرگ وري اچي کائنس پڇيو تہ ڇا حال آهي؛ هن کي ٻاهر اچڻ لاءِ سڏيائين تہ هو جلد اُتان نڪري آيو. تڏهين مرشد کيس چيو اڃا تنھنجو خيال پڪو نہ آهي! وري وڃي ﷲ جي صورت پاڻ ۾ سماءِ! ڪجهہ عرصي بعد ان بزرگ سمجهيو تہ هاڻي هي پڪو ٿيو ٿو ڏيکارجي. سندس آزمودي وٺڻ لاءِ کيس سڏ ڪيائين تہ ٻاهر نڪري اچ. تڏهين طالب چيو: ’مرشد سائين، در سوڙهو آهي. ٻاهر ڪيئن اچان؟‘ هون پاڻ کي هڪ ڏاند مثل وڏو سڱيارو سمجهڻ لڳو! تڏهين هن کيس ﷲ جي ذات جو سچو گيان ڏنائين ۽ چيائين: ’پاڻ کي پنھنجي پريتم سان هڪ بنائڻ سوئي رستو کيس هٿ ڪرڻ جو آهي.‘ ڀلا پنھنجو پاڻ ان ۾ گم ڪرڻ يعني نفس کي مارڻ سو ڪيئن ٿو خراب ٿي سگهي؟ ڏاند يا ڪنھن انسان جي صورت دل ۾ سمائي يا نرگڻ روپ ﷲ جو ڌيائي، سامڙيوئي ساڳي ڳالھہ آهي. جنھن کي مجازي عشق چئجي ٿو، سو بہ نفس کي مارڻ لاءِ ساڳيءَ ريت ڪارگر ٿئي ٿو؛ تنھنڪري ئي مون چيو تہ عشق هر صورت ۾ پاڪ آهي.“
مون چيو: ”مون کي اها ڳالھہ پوري سمجهہ ۾ نہ آئي ۽ نہ اهو ٺيڪ ٿو لڳي تہ اهو اسان جو ڇوڪرو يا ڪو ٻيو پريم جي بھاني هِن هُن ڇوڪريءَ جي ڪڍ رلندو رهي. منھنجي اعتراض جو سبب اهو آهي جو هن ڇوڪري جي هلت ڪچائيءَ واري آهي: اهو قربانيءَ جو انگ منجهس ڪونہ ٿي ڏسان، جنھن جو توهان ذڪر ڪريو ٿا. پريم لاءِ قربانيءَ تہ خوشي پيدا ڪندي آهي. مگر هن جي منھن ۾ اُها خوشي ڪٿي آهي؟“
سام چيو: ”اهي ڪامل عاشق جون منزلون آهن. جيڪڏهين ننڍڙن انسانن ۾ اهي نشانيون اڃا ظاهر نہ آهن تہ ائين بہ نہ سمجهڻ گهرجي تہ اهي اصل پيدا نہ ٿينديون. ائين ڄاڻڻ کپي تہ سڪ اهو هٿوڙو آهي جو هن من جي پھاڙ کي هوريان هوريان ڳاري، آخر واريءَ جا داڻا ڪري ڇڏي ٿو. اسان جو سڪ وارن کي سلام آهي!“
جڏهين گهر موٽي آياسين تہ انھيءَ ئي رات جو اتفاقاً هڪ ڪتاب منھنجي هٿ آيو. مون ساڳي قسم جون ڳالھيون ان مشهور ڪتاب نويس جون پڙهي سام کي ڏيکاريون. سام کلي چيو: ”چئبو تہ توکي پڇاڻ پوري نہ آهي؛ جڏهين ٻئي هنڌان توکي تصديق ملي ٿي، تڏهين تون سچ کي سڃاڻين ٿي، مگر پھريائين اسان جي ڳالھين جو ملھہ ڪٿي نہ ٿي سگهين!“
***


3-12-1953ع مٿي ڄاڻايل ڇوڪري جي پيار جو ذڪر وري بہ ڪريان ٿي. هو چوندو آهي تہ اها ڇوڪري منھنجي نياڻي آهي ۽ کيس ’امان‘ ’امان‘ ڪري پڻ سڏيندو آهي. مگر سندس انتظاري ۾ جسماني جوش ۽ طلب جي تاس ڏسي ماڻھو ان ڳالھہ جي هسي ڪندا آهن ۽ سام پڻ چوندو آهي تہ منجهس ڪا لڪل ڪچائي خيال جي ضرور آهي، جيتوڻيڪ هن جا هاڻوڪا واسطا هن ڇوڪريءَ سان خراب نہ آهن. ان ڇوڪريءَ جي نانءَ ڳنھڻ وقت ڇوڪرو سندس نالي پٺيان ’بادشاھہ‘ اکر شامل ڪندو آهي. تازو سندس ٿوري وقت لاءِ جدا ٿي وڃڻ تي ڇوڪري جي منھن ۾ گهڻو ناراضپو ۽ ڪروڌ نظر آيو؛ ڄڻڪ گهر دوستن ۽ خود پاڻ سان بيزار آهي. پنھنجو غم ٽارڻ لاءِ صبح ۽ شام نشو ڪري پاڻ کي ويساري جي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشس ڪري ٿو؛ کاڌو پيتو بہ گهٽ ڪري ڇڏيو اٿس. سام کيس گذريل رات چيو: ”ذرا غور ڪر؛ تون پنھنجي پياريءَ کي بادشاھہ ڪوٺين ٿو؛ بادشاهن سان جن جا ناتا بڻندا آهن سي تہ سدائين پاڻ کي شاهوڪار سمجهندا آهن. عشق جي بادشاهيءَ ۾ هميشہ خوشي ئي خوشي آهي. پنھنجي خيال جي چڪاس ڪري ڏس، متان عشق جي بادشاهيءَ ۾ نہ پر نفس جي ملڪ ۾ وڃي واسو ڪيو هجيئي! عشق جا پوڄاري تہ سدا مست رهندا آهن ۽ نہ تو وانگر ڦريا ماريا نظر ايندا آهن. پريم تنھنجو تہ گهٽ ۾ گهٽ تو وٽ آهي. اهو ڪنھن توکان جدا ڪونہ ڪيو آهي. جي سچو هجي تہ ان مان سڳنڌ سچ جي ڇو نہ ٿي اچي؟ هي ڪروڌ ۽ رنج جي بدبوءِ ڪٿان ٿي اچي؟ پيڙا جيڪا تنھنجي منھن ۾ ظاهر آهي سا ڏيکاري ٿي تہ تنھنجي پريم ۾ ڪا گهٽتائي آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مان ائين نٿو چوان تہ غم ڪو عاشقن کي ڪونہ ٿيندو آهي. مگر اهو غم نرالو آهي. اهو پورن آنند جو فقط ٻيو نالو آهي، جنھن ۾ نہ خفقان هجي ۽ نہ ماڻھو ڇتو ٿي پوي. اهو الاهي غم صبر ۽ دل جو صلح وڌائيندڙ آهي. منجهس ٻين شين جو ترڪ هن ڪري آهي جو من ٻين ڳالھين کان پاسو ڪري هڪ محبوب جي خيال ۾ گم ٿيڻ گهري ٿو. حقيقت هيئن آهي تہ سڪ ڪوڙ ۽ ڪچ کي ڪوري ٻاهر ڪڍي ٿي، جنھن ڪري سڪ وارن جو چھرو سدائين صاف ۽ نرمل رهندو آهي. پر تون تہ ڀائي اهڙو منھن بڻائي ٿو گهمين، جيئن چوندا آهن تہ ڪا ٻلي ماري ويٺو آهين.اُٿ! جاڳ! جي سچو عاشق آهين تہ ڪپٽ ڇڏ! تنھنجي پياري توسان ئي آهي. هي بت ناسونت آهي جو عمر وڌڻ تي ڪروپي بڻجي ٿو پوي. ان بت جي چاهنا رکڻ سچو عشق نہ آهي!“
***


24-12-1953ع مان سام سان گڏجي صوفي صاحب جي گهر ويس. سام کي اڄ ڪالھہ ٻين پوزيشن رکندڙ دوستن جي سنگت کان صوفي صاحب سان ملڻ وڌيڪ وڻندو آهي. خاص ڪري هن جي سادگيءَ جو نمونو ۽ سندس نياڻيءَ، جنھنکي سام پنھنجي نياڻي ڪري سمجهندو آهي، تنھنجو چاھہ ڏسي هن کي صوفي صاحب وٽ وڃڻ وڌيڪ وڻندو آهي. ٿورا ڏينھن اڳ سندن چلھہ تي، باھہ جي اڳيان، هيٺ ويھي جڏهن چانھہ پي آياسين (ان وقت خاص ڪو گيان جو گفتگو بہ ڪونہ ڇڙيو هو) تڏهين گهر اچڻ تي مون سام کي چيو: ”دير ٿي ويئي اٿو! هن وقت توهين سنڌيا تي ويھندا يا موکان سکمني صاحب ٻڌاندا؟
سام جواب ڏنو: ”پريئر تہ اڄ ٿي چڪي آهي.“
سندس مطلب اهو هو تہ صحبت ۽ سانت جون گهڙيون جيڪي صوفي صاحب جي تڏي تي گذاريونسين سي خود پريئر جون گهڙيون هيون.
صوفي صاحب جي گهر پھريائين وڃڻ وقت ڏٺوسون تہ صوفي صاحب پاڻ گهر ۾ ڪونہ هو. ان ڪري سام مون کي چيو تہ تون ٿوري دير سندس گهر جي ماڻھن سان ويھہ تہ مان ڪجهہ ٻنين ۾ پنڌ ڪري اچان. سام البت دير ڪري موٽيو. مون کائنس سبب پڇيو تہ چيائين: پراڻو هڪ دوست مليو جنھن چيو تہ مان بہ توهان سان گڏجي هلڻ ٿو گهران ۽ جي توهان کي اعتراض نہ هجي تہ ما ڪي سوال بہ اوهان کان پڇان؛ پوءِ هن ڪي گيان جون ڳالھيون ڇيڙيون. واھہ جي ڀرتي، هڪ سھڻو آستان ڏسي ڳچ دير ويھي رهياسين. مون تڏهين سام کان پڇيو ڪھڙيون ڳالھيون ڇڙيون ۽ ڇا ڇا ڳالھايو، سو مون کي ٻڌايو. اهي ڳالھيون وري ياد ڪري سام مون کي ٻڌايون: سام کان ان دوست پڇيو توهين هت ڪيئن آيا آهيو؟ سام کيس چيو تہ صوفي صاحب اسان جو جهونو دوست آهي، ان سان گهڙي کن رهاڻ ڪندا آهيون. پر هو هن وقت گهر ۾ ڪونہ آهي؛ جنھنڪري ٿورو پنڌ ڪرڻ وڃون ٿا.
تڏهن ان پريميءَ پڇيو: ”رهاڻ توهان کي ڪھڙي وڻندي آهي؟ ۽ پھريائين رهاڻ چئو ڇاکي ٿا؟ جنھن کي اسين عام طرح روح رهاڻ چئون ٿا”؟ اهو سچ پچ تہ من جو ڀٽڪڻ آهي ۽ خيال کي اجايو ڊوڙائڻو آهي. ڪتاب پڙهڻ، گيان جا نڪتا ڳولي ٻڌائڻ، هن هن ڳالھہ تي رايو ڏيڻ سو خيال جو ڀٽڪڻ ئي آهي. ان کي توهين رهاڻ ٿا چئو ڇا؟ سام چيو: ”اسين ٻيو تہ ڪجهہ ڪونہ ڪندا آهيون؛ چپ چاپ ۾ ڪڏهين چانھہ پيئندا آهيون يا ڪا اتفاقي ڳالھہ نڪري تہ ان جو جواب ڏبو آهي نہ تہ ڪو گيان گوشٽ سعيو ڪري ڪون ڇيڙيندا آهيون. هاڻي توهين اسان کي ٻڌايو تہ سچي رهاڻ ڇا آهي؟“
هن وراڻيو: ”هيءَ آتما ديھہ کان نياري آهي؛ جيتر پاڻ کي ايڪانت ۾ ويھي ديھہ کان جدا نہ سمجهبو ۽ سڀ کان پري ٿي ڌيان پرماتما جو نہ ڪبو، تيستائين نہ من ٺڪاڻي ايندو نڪو سنگ يا سچي رهاڻ ٿيندي؛ نہ آنند ئي من کي ملندو.“
سام کيس چيو: ”جدا ٿيڻ جي هروڀرو ضرورت نہ آهي. جڏهين گيان پورن ٿئي ٿو، تڏهين جسم ئي نظر نٿو اچي؛ هي سڀ ان کي آتما جو پسارو نظر اچي ٿو؛ تڏهين سڀ پاڻ ئي پاڻ پيو نظر ايندو. پوءِ ان کي اڪيلائيءَ جي يا جسم کان جدا ٿيڻ جي ڪا گهرج ڪانہ آهي. گهمندي، کائيندي پيئندي،. ڳالھائيندي يعني هر حالت ۾ آتما پر ماتما جي سنگ ۾ رهي ٿي.“
ان دوست چيو: ”اهو تڏهين ٿيندو جڏهين ڪو ڪامل گرو هٿ ايندو ۽ اهڙا ساڌن ڪرائيندو؛ ساڌن کانپوءِ گيان جي اک کلندي. تڏهين ٻيو ڪجهہ برابر نظر ئي نہ ايندو.“
سام کيس چيو: ”گرو بہ هڪ ذريعو يا بھانو بڻجي ٿو؛ ڪامل گروءَ جو سنگ پريم ۽ شرڌا وڌائي ٿو. تنھنڪري پريم ۽ شرڌا خود گرو ٿي سگهن ٿا. گيان جي اک پريم کولي ٿو جيئن شاه صاحب چيو آهي: ’سڪ رساڻي اصل عاشقن.‘ سڪ يا شرڌا خود گرو آهي!“
ان پريميءَ چيو: ”گروءَ جي ڏس کان سواءِ ڪيئن ٿو ماڻھو گتيان پائي سگهيئ شرڌا ۽ پريم گيان کانسواءِ انڌا آهن.“
سام چيو مگر اهي گيان رهت نہ آهن پريم ۽ شرڌا خود گيان پاڻ ۾ سمائن ٿا. پائي ڪمر جو گرو سنت رامداس هو. اهو هڪ برهمڻ هو ۽ ظاهر ۾ ڌرم جي پائبندي رکندو هو. ڪنھن مسلمان يا اڇوت کي نہ ڇهندو هو. اهو سندس ٻاهريون طريقو يا هڪ قسم جو لڪ هيو. ڪبير کي موقعو نہ ٿي مليو تہ ان وٽ وڃي گر منتر وٺي. آخر جنھن واٽ سان اهو سنت اسر جو روز اشنان ڪرڻ لگهندو هو، ان واٽ ۾ وڃي ڪبير ڪپڙو پائي سمھي پيو تہ اڪيلائيءَ ۾ اسر جو ساڻس ملندس. جيئن ڪبير کي اوندھہ ۾ سنت رامداس جي پير جو ٿڏو لڳو ۽ سنت کيس هي اکر چيا، ’اوٺو ڀائي رام بولو!‘ تيئن ڪبير کي گيان اچي ويو. هن کي انھن اکرن ۾ گر منتر ملي ويو ۽ هن جو يقين ٿي ويو. سندس پير جو ڇهڻ سو گويا کيس آسيس برابر لڳو. هو ان کانپوءِ سوامي رامداس کي گرو ڪري سمجهڻ لڳو. سندس گروءَ کيس ٻيو تہ ڪجهہ ڪو نہ سيکاريو. تنھن ڪري گروءَ کي فقط پريم جاڳائڻ جو بھانو ڪري سمجهيو. اهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ جي هڪ ڳالھہ آهي؛ چون ٿا تہ هو هڪ رستي تان لنگهيو ٿي، جڏهين هڪ ريڍار ڏٺائين جو ﷲ کي غلط نموني پڪاري رهيو هو ۽ سڪ مان ﷲ کي چيائين ٿي تہ اي دوست تون مون وٽ اچ تہ مان توکي پنھنجن رڍن جا کير پياريان؛ ڏڌ مکڻ ۽ ماني کارايا! حضرت موسيٰ سمجهيو تہ هي ڪفر پيو ڪري، ڇا لاءِ جو ﷲ بي چون ۽ بي مثل آهي. تڏهين هن کي پنھنجو غلط راه تان موڙڻ لاءِ کيس صحيح وصفون خدا جون ٻڌايائين. هن ريڍار جي دل کي صدمو پھچي ويو ۽ هن ﷲ سان رهاڻ ئي بند رڪي ڇڏي. چون ٿا تہ حضرت موسيٰ کي انھيءَ وقت الاهي اعلان ٿو تہ ’اي دوست منھنجا! تو هي ڇا ڪيو؛ منھنجي هڪ عاشق کي مون کان جدا ڪري ڇڏيءِ!‘ هنن مثالن جو مطلب هي آهي تہ ان ريڍار کي يا ڪبير ڀڳت کي وڏي گيان يا لڪل علم ۽ فيلسوفيءَ جو ڪو راز ڪونہ بتايو ويو هو. مگر هنن جي شرڌا ۽ پريم سندن لاءِ سچي گيان جو خزانو کولي وڌو ۽ ان پريم دوارا وڃي آتما پرماتما سان ملي. تنھن ڪري پريم کي خود گيان سمجهيو ۽ پريم کي ئي گرو ڪري سمجهو.“
ٻيو سوال جيڪو هن دوست اٿاريو، سو هي هيو: ”آتما اصل ڇا آهي؟ پھريائين جو چون ٿا تہ آدپرش الڳ، نيارو يعني واحد هيو، تنھن پوءِ پنھنجي خوشيءَ لاءِ هيءَ مايا يعني ڪثرت ڪيئن رچي؟ اهو الڳ روپ ڪھڙو هو؟“
سام کيس چيو: ”ڀائي هي ڳالھيون شايد توهان ڪنھن ڪتاب ۾ پڙهيون آهن. گهڻائي ڪتاب ۽ گهڻائي فلسفہ دنيا ۾ آهن. پر ائين سمجهڻ تہ پھريائين پرماتما هن مايا کان الڳ هو ۽ ڪنھن سمي کانپوءِ هي روپ رچيائين، سا ڪنھن گيان جي تجربي جي ڳالھہ نہ آهي. ڀلا توهان ئي ٻڌايو تہ ڪھڙيءَ صديءَ يا سمي ۾ هو الڳ هو ۽ ڪڏهين کان وٺي هي جھان جوڙيائين؟ انھيءَ ’پھريائين‘ يا ’پوءِ‘ جو مطلب فقط اهو ٿي سگهي ٿو تہ اتيئي پاڻان ٻاهر اچي ٿو يا ڦول مثل پنھنجي مکڙيءَ مان ٽڙي ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري ڦول مثل ٻج ڪري يعني پنھنجي هستي سميٽي سوڙهي ڪري اصلوڪي روپ وٺي ٿو؛ مطلب تہ وحدت مان ڪثرت ۾ ڪثرت مان وحدت ۾ اچي ٿو. مگر مايا سڄي سندس ئي آهي. جو ڪجهہ آهي سو آڌ کان موجود آهي. جيئن توَ کي باھہ کان جدا ڪري نٿو سگهجي، تيئن هيءَ مايا ايشور کان الڳ ڌيائي نٿي سگهجي. اها ’پھريائين‘ يا ’پوءِ‘ ڪال ۽ ديس جي ويچار تي ٻڌڻ هڪ ٻاراڻو خيال آهي؛ ائين چوڻ غلط آهي تہ پھريائين ايشور الک ۽ نرگڻ هو ۽ پوءِ هي گڻ ڌارڻ ڪيا اٿس! جيئن پاڻي آلاڻ کانسواءِ ۽ سورج روشني بن ڌيائي نٿو سگهجي. تيئن پرماتما هن مايا کان الڳ ويچاري نٿو سگهجي. ايشور پنھنجي اتپتيءَ کان الڳ نہ آهي. جيو جسم سان ڳنڍيل آهي. هن پڙدي منجهارون ئي جهاتي پائڻي آهي. الک انھيءَ سچيءَ مايا جي پٺيان آهي. پر پٺيان اکر فقط هڪ خيال ظاهر ڪرڻ جو نمونو آهي؛ ائين نہ تہ ڪا وٿي يا مفاصلو تصور ڪري سگهجي ٿو. ايشور جي نرگن ۽ سرگن روپ ۾ ڪو ذاتي فرق ڪونہ آهي. اوهان کي پھريائين پاڻ کان پڇڻ گهرجي تہ مان ڇا آهيان ۽ منھن جو مقصد ڇا آهي ۽ انھيءَ مقصد تي پھچڻ لاءِ مان ڇا ڪريان؟ ان ۾ سچي ڪرم ۽ گيان وارو فلسفو سمايل آهي.
”ٻيون ڳالھيون هتان هتان چونڊي انھن مان انومان ڪڍڻ سو آهي خيالي بوتا گهڙڻ. هتِ هُت هٿوراڙن هڻڻ بدران سئيءَ جي ڳولا ڌاڳي جي ڇيڙي مان ڪريو؛ ڌاڳو هٿ آيو تہ سئي پاڻھي هٿ اچي ويندي. توهين جيڪي سوال پڇو ٿا تن مان ظاهر آهي تہ توهان ڳالھين پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾ مشغول رهيا آهيو؛ پنھنجي کوجنا خيال جي ڪانہ ڪئي اٿوَ.“
روح رهاڻ بنسبت سام کيس وڌيڪ هيئن چيو: ”روح رهاڻ جي معنيٰ اها نہ آهي تہ عقل جا ويھي آڏا سوال پڇجن يا دليل بازي ڪجي. دليل بازي ڪنھن حد تائين ڪارگر ٿئي ٿي، تنھن کانپوءِ خيال انجي ٻنڌنن کان آزاد ٿي وڃي ٿو ۽ بنا دليل بازيءَ جي ڳالھہ ظاهر ڪري سگهي ٿو، فقط ٿورن اشارن سان. جيڪڏهن پريم ۽ شرڌا موجود نہ آهي تہ ٻڌائيندڙ ۽ ٻڌندڙ کي اهڙن دليلن مان ڪو بہ فائدو ڪونہ ٿو رسي. پريم، جنھنجي هڪڙي صورت اعتقاد يا شرڌا بہ آهي، سو گيان جو سچو ماڻ آهي. تنھنڪري گيان جي ڏي وٺ لاءِ محبت يعني سڪ واري سنگ جو ذريعو ضروري آهي. روح رهاڻ ان کي چئبو آهي.“
***
30-12-1953ع اڄ صوفي صاحب اسان وٽ آيو. اڳئين رات ناٽڪ تي ويو هو، جنھن جا احوال ڏيندي چيائين: ”مون کي خاص ڪري اها سين وڻي جنھن ۾ مورتيءَ اڳيان پريئر ۽ التجا ڪري ڪر ي کيل وارن ائڪٽرن ﷲ کي زور سان ٿي ٻاڏايو! پريئر کڻي مورتيءَ اڳيان ڪجي يا ﷲ کي ٻئي ڪنھن نموني سان ٻاڏائجي هو اسان جي اندر جي سچي آھہ ضرور اگهائي ٿو.“
سام تڏهين پنھنجو هڪ ٻہ آزمودو ٻڌايو؛ چيائين: ”ان ٻاڏائڻ ۾ جيڪا يڪ وجودي پيدا ٿئي ٿي سائي آس پڄائي ٿي. ﷲ کي ست چت آنند ڪري ڪوٺيو اٿن. چت بہ انھيءَ کي ضرور آهي. جڏهين چت چت کي جاڳائي ٿو، تڏهين اهو اچي ٿو انسان جي مدد ڪري. اها چت شڪتيءَ هن سڄيءَ سرشٽيءَ ۾ موجود آهي ۽ نہ انسان تائين محدود آهي. البت سندس روپ گهڻا آهن. اسين انھيءَ کان ناحق وڇڙيل رهون ٿا. پاڻ کي اجاين خفقانن ۾ وجهي من کي منجهائي گويا پاڻ کي ڇورو ڇنو بنايون ٿا. اڄ ڪلھہ جي ريت رهڻ جي ۽ انسان جي وڌيل طلب سک ۽ عيش جي، دل جي مٿان گهڻو بوجو وجهن ٿا ۽ من تي اگيان جو پڙدو ڌرن ٿا. ان اندروني خيال جي ڌارا مان اسين ڪو بہ فائدو ڪونہ ٿا وٺون، جا اسان کي سڀ کان اعليٰ طاقت سان يعني پرماتما سان ملائي سگهي ٿي. فقط تڏهين ٿو خيال انسان جو سجاڳ ٿئي، جڏهين کيس ڪو وڏو دک اچي ستائي ٿو. ان ڪري ئي شايد گهڻا دک انسان جي زندگيءَ ۾ ڪاهي پون ٿا جو ﷲ ان کي سجاڳ ڪرڻ چاهي ٿو. ﷲ انسان جو دشمن نہ آهي. دک ان لاءِ انسان پسي ٿو تہ انھن جي معرفت انسان پنھنجو وڃايل پاڻ وري هٿ ڪري سگهي. ﷲ اسان کان پري اصل نہ آهي. فقط اسين ڏسڻ واريون اکيون ۽ ٻڌڻ وارا ڪن ڪين ٿا رکون.“
***


31-12-1953ع رسويو اسان جو هتڙي ڪونہ آهي. صوفي صاحب جڏهين شام جو آيو تڏهين کيس ٻڌايوسون تہ اڄ اسان وٽ هنڊي ڪانہ چڙهندي. پڇيائين، ڇو؟ مون کيس چيو تہ هونئن بہ اسين رات جو گهڻو ڪري ڪا ڪچي ڀاڄي ۽ ٿورو ميوو، کير وغيرہ کائي سمھي پوندا آهيون؛ پر اڄ تہ مجبوري طور ائين ڪبو صوفي صاحب چيو: ”مان پاڻ انھيءَ خيال ۾ آهيان تہ ماني فقط هڪ وقت کائجي.
سام چيو: ”انسان خاص ڪري پنھنجون ٽي طاقتون بي جاءِ ۽ حد کان وڌيڪ ڪم آڻي ٿو. اڄ ڪلھہ جي انسانن ۾ حياتي گهڻي ڀاڱي قدرت جي قانون کان ابتو رستو وٺي رهي آهي. مگر ٽن ڳالھين ۾ انسان خاص ڪري پاڻ کي وڏي هاڃي رسائي ٿو. پھريون تہ ٻيا سڀ جانور مند تي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ ٻچا ڄڻن ٿا. مگر انسان کي نہ ڪا آهي مند نہ ڪو اصول يا روڪ ٽوڪ؛ هو پنھنجي ويريه شڪتي حرص اندر حرام ڪري ڇڏي ٿو. ٻيو تہ اکيون سندس ان ڪم لاءِ ٺھيل نہ آهن جو ڪم کانئن اڄ ڪلھہ ورتو وڄي ٿو. گهڻو پڙهڻ ۽ لکڻ، ننڍين جاين ۽ ديوارين ۾ نظر کي روڪڻ، سئنيمائون ۽ ناٽڪ گهڻا ڏسڻ ۽ شھر جي تکين روشنين هيٺ چڱو ڀاڱو رات جو گذارڻ سو اسان جي اکين کي گهڻي هاڃي رسائي ٿو، جنھن ڪري هٿراڌو شيشا پائجن ٿا ۽ اکين جون بيماريون وڌن ٿيون. ٽيون عضوو جنھن سان انسان اڄ ڪلھہ گويا کيڏي رهيو آهي، سو آهي سندس پيٽ. ڪيترا ڀيرا ڏينھن ۾ کائون ٿا ۽ ڇا ڇا کائون ٿا، تنھن جو جيڪڏهين پنھنجي گهرجن جي ڀيٽ ۾ ويچار ڪجي تہ انسان سڀني، جانورن ۽ حيوانن کان وڌيڪ بيوقوف نظر ايندو. هو اهي شيون کائن ٿا، جيڪي سندن صحت ۽ طاقت وڌائن ٿيون؛ جيڪي شيون سندن کاڌي جون نہ آهن يا کائڻ وقت پيٽ جي حالتن موجب خراب آهن، تن ڏانھن منھن ڦيري بہ ڪين ٿا ڏسن. مگر انسان جي کاڌي ۾ اهڙيون شيون شامل آهن، جن مان ڪو بہ فائدو ڪونہ ٿو رسي ۽ مورڳو بيماريون يا ٿولھہ وڌي ٿي؛ هن عضوي سان جيتري انسان بي هودگي ڪئي آهي، اوتري پنھنجي ٻئي ڪنھن بہ عضوي سان ڪا نہ ڪئي آهي، جانور گهرج پوري ڪرڻ کانپوءِ کاڌي کان منھن موڙي بيھندا آهن. مگر حرصي انسان کي پيٽ ڀرڻ کان بعد ڪا لذيذ شيءِ سامھون ايندي تہ کڻي اها بہ پيٽ ۾ داخل ڪندو. پنھنجي بک وڌائڻ لاءِ ڪھڙا نہ هو هٿراڌو طريقا اختيار ڪري ٿو، جھڙوڪ بک پيدا ڪرڻ جون دوائون (Appetizer) پيئڻ ۽ چاٽا وغيرہ کائڻ! نتيجو اهو نڪتو آهي جو سون قسمن جون بيماريون اسان جو هڪ ورثو بڻجي پيون آهن ۽ اڃا بہ نيون بيماريون روز وڃن وڌنديون! جيترا مرض يا ڊاڪٽر اڄڪلھہ جي زماني ۾ موجود آهن، اوترا انسان جي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهين بہ ضروري ڪين ٿيا هئا!“
***


15-1-1954ع گهڻي ڪم سبب يا بدن جي ٿڪاوٽ سبب ڪجهہ وقت کان وٺي کائڻ وقت يا پريئر جي وقت تي سام سان فقط ٿوريون گهڙيون گڏ ويھي سگهندي آهيان؛ ڏينھن جو پروگرام بہ هر ڪنھن جو ڄڻڪ جدا جدا ٿي پيو آهي. سام پنھنجي دستور موجب سوير جاڳي تہ مان وري رات جو پوري ننڊ نہ ملڻ ڪري دير سان اٿان ٿي. مان اسپتال ۾ گهڻو ڀاڱو ڏينھن جو گذاريان تہ سام اڪيلو پنھنجي لکيل نسخن جي سڌاري ۽ جوڙ جڪ ۾ گذاري. هڪ ٻہ ڀيرو اڳ مون کي اشارو ڏنو هئائين تہ اسان جون واٽون وڃن ٿيون جدا ٿينديون؛ ڪي وقت گڏ ٿيڻ جھڙا آهن؛ جي ڪوشش ڪندينءَ تہ پروگرام حياتيءَ جو وڌيڪ مطابق ٿي سگهندو.
اڳي جو هر روز ٻہ وقت رسالو ڀاڳوت يا رامائڻ پڙهندا هئاسين ۽ وري پاڻ ۾ گڏجي ڀڄن وغيرہ چوندا هئاسون، سو هينئر گهڻي عرصي کان ٿي ڪونہ ٿو سگهي؛ نہ وري سنڌيا کان پوءِ سام جي اڳيان ڪنھن ڪتاب پڙهڻ جو نيم پورو ڪري سگهندي آهيان، جيتوڻيڪ مان پنھنجي وقت تي ۽ پنھنجي سھوليت تي جدا پريئر اڪيلي ڪندي رهندي آهيان؛ ان بنسبت ڳالھائيندي سام هن ريت چيو: ”روحاني حاصلات لاءِ يا دل جي آنند وڌائڻ لاءِ ۽ ايشور جي درشن پائڻ لاءِ ڪوبہ نيم، اپاءُ وغيرہ خاص طرح گهربل نہ آهي. دل ۽ من جو ڪانٽو هر وقت اوڏانھن ڦريل هجي ۽ سڀ ڪم ۾ مراد انھيءَ جي ملڻ جي رکجي تہ پوءِ جنھن شيءِ يا جنھن ڪم ۾ هٿ وجهبو ان مان آنند ئي آنند پراپت ٿيندو. کائڻ، پيئڻ، گهمڻ، سمھڻ سو سڀ پريئر جي مثل ٿي پوندو ۽ هر جا هوئي هو پيو نظر ايندو. عام طرح ائين صحيح آهي تہ نيم هڪ قسم جي ٽيڪ ٿي سگهي ٿو، جنھن کي پڪڙي انسان پاڻ کي ٿڙڻ يا بگڙڻ کان روڪي سگهي ٿو. ان ڪري نيم جي ڀڃڪڙي هٿراڌو نموني ڪرڻ نہ گهرجي. فقط جڏهين انھيءَ جي بجا آڻڻ ۾ ڪي رنڊڪون پيدا ٿين تڏهين انھيءَ کا منھن موڙڻ ۾ فائدو ٿئي ٿو. ڪنھن بہ صورت ۾ ڏسجي تہ نيم جي ڏاڪڻ، ڏاڪڻ ٿي رهي ٿي ۽ نہ روح جي واڌاري ۾ هڪ رنڊڪ بڻي ٿي.“
***


18-1-1954ع اسان جي روزاني پروگرام بگڙي وڃڻ ڪري مان ڪجهہ ناراض ٿي سام سان ڪڏهين کھرو ڳالھائي چوندي آهيان تہ جڏهين مان اچان تڏهين توهان کي ڪونہ ڪو ڪتاب يا ڊائري هٿ ۾ آهي ئي آهي؛ باقي سويري اٿڻ لاءِ ڇو چئجي؛ سوير اٿي بہ ڇا ڪجي!
ان ريت رسي ڪري مان ڪڏهين اسپتال جي وقت کان اڳ ۾ ئي گهران نڪري ويندي آهيان، ڇا لاءِ جو مونکان سويل اٿي سام اڳ ۾ ئي ڪونہ ڪو ڪم هٿ ۾ کڻي ويھندو آهي. منھنجو ناراضپو وڌندڙ ڏسي سام هيئن سمجهاڻي ڏني.
”ڪتاب لکڻ يا پڙهڻ برابر ڪو ڳرو ڪم نہ آهي. ان کان سنگ ۽ صحبت وڌيڪ اتم آهن. پر اسر جي ويل اٿي پاڻ ۾ فقط هيڏانھن هوڏانھن جون اجايون ڳالھيون ڪرڻ ٺيڪ نہ آهي.عصر جو ان لاءِ نہ اٿبو آهي تہ باھہ تي ويھي پاڻ ۾ اجايو چوٻول شروع ڪريون. جي ڀڄن ڪيرتن ٿي نٿو سگهي تہ پوءِ ڪو سٺو ڪتاب پڙهڻ يا آتمڪ واد وواد ڪرڻ بھتر آهي يا وري هر ڪو پنھن جي نموني ۾ ويھي ڪو ڪم ڪري. اجائي ڳالھائڻ کان اهو بھتر آهي. عصر جو وقت برڪت جو وقت آهي، جنھن ۾ من پوريءَ طرح پڪ ٽڪ ٿي سگهي ٿو ۽ ڪم جو آرنڀ سٺو ٿي سگهي ٿو؛ هن وقت گهڻو گوڙ شور منھنجي طبيعت کي نہ وڻندو آهي. سنگ انھيءَ کي نہ چئبو آهي تہ چار ڄڻا گڏجي ويھي اجايون سجايون ڳالھيون ڪن؛ سچو سنگ اهو آهي جنھن ۾ پريم ۽ گيان جو واڌارو ٿئي ٿو.“
ان وقت خبر نہ آهي تہ ڇو سام جون مٿيون ڳالھيون منھنجي دل سان نہ آوڙيون. مون کي خاص طرح اهو خيال ستائڻ لڳو تہ شايد سام نرالو ۽ وڌيڪ پري پري رستو وٺي رهيو آهي. ائين برابر آهي تہ ڀڄن ڳائڻ يا پڙهڻ جا نيم ڪجهہ مجبوريءَ جي حالت ڪري ۽ ڪجهہ منھنجي آلس ڪري وسري ويا آهن. پر مون کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اهي سام جي روزاني پروگرام ۾ ڪو ايتري اهميت رکن ٿا. مون سمجهيو تہ شايد سندس پيار مون ڏانھن گهٽ ۽ پنھنجن ليکن ۽ ڪتابن ڏانھن وڌندڙ آهي. ائين پاڻ کي بيمار سمجهڻ لڳس. ان بنسبت سام هيئن چيو: ”تنھنجو پريم ڀلا ائين ڇو ٿو گهري تہ اسين پنھنجا نيم رهڻيءَ ڪھڻي جا ۽ فرضي ڪم ڇڏي ڏيون؟ ان تي ايترو خيال ڇو اچي رکيو اٿئي جو اها بہ هڪ پريم جي پريکشيا سمجهڻ لڳي آهين نہ هي ڪتاب، نہ ڪم توکان وڌيڪ آهن. مگر اهي..... ان پريم ۾ سمايل آهن. سچو پريم اهو ئي ڪري سگهي ٿو جنھنکي فرض پالڻ جي طاقت آهي. اها تنھنجي مورکائي آهي، جو تون سمجهن ٿي تہ تنھنجو فائدو هڪ ڳالھہ ۾ آهي ۽ منھنجو ٻيءَ ڳالھہ ۾. ڇو نہ هي ڪتاب ۽ ڪم تون بہ پنھنجا سمجهين؟ اهي فرض، نيم ۽ ڪم اسان جي حياتيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا ۽ دروازا دريون ٿي سگهن ٿا؛ سي جيترو تنھنجي لاءِ اوترو منھنجي لاءِ فائدي وارو ٿي سگهن ٿا. پر جيڪڏهين منھنجا نرالا رستا هجن تڏهن بہ ائين طلب ڪرڻ نہ گهرجي تہ اڳلو پنھنجون فرض ادايون وساري سکڻي واد ووادو ويٺو مونسان ڪري. پنھنجي سونپيل ڪم نہ ڪرڻ سبب انسان دکي ٿئي ٿو ۽ ڄڻڪ ’ڇو ڇو‘ پيو لڳي. منھنجي عمر جي اڌ صدي گذري وئي آهي. توکي پاڻ خيال ڪرڻ گهرجي تہ هي ڪم متان اڌ ۾ رهجي وڃن، تنھنڪري هن واندڪائيءَ جي وقت پورا ڪرڻ گهرجن. اهو هڪ قسم جو خزانو مون گهڻي وقت کان سنڀالي رکيو آهي. شايد اهي ڪتاب منھنجا ڪنھن وقت قدر پائن. تنھنڪري حياتيءَ جون وانديون گهڙيون کين ڏيئي سنواري ڇڏڻ، سو مون کي جوڳو ڪم نظر اچي ٿو.“
مون سام کي چيو: ”اهڙيءَ ريت توهين سڀ ڪنھن ڳالھہ جو ڪونہ ڪو سبب ڏيئي پاڻ کي بي ڏوھہ ٺھرائيندا آهيو ۽ هميشہ ڏوھہ منھنجو ئي ثابت ٿيندو آهي!“
سام کلي چيو: ”تڏهين اڳتي ’ڪميونزم‘ جي نون اصولن موجب چڱين شين سان گڏ ڏوھہ ۽ ملامت جي پڻ وراست ڪئي ويندي يعني ڏوھہ ڪير بہ ڪري پر معافي هڪ ٻئي کان واري تي وٺنداسين! هن موجب توکي هر هر معافي گهرڻي نہ پوندي. جي ڏوھہ گرڌاري ڪري تہ معافي هروڀرو اهو نہ وٺي؛ جي نقصان توکان ٿي پوي تہ ڏنڊ بہ هروڀرو توتي نہ پوي. جنھن جو وارو معافي وٺڻ جو هجي اهوئي وٺي!“
اهڙيءَ طرح ٻن ڏينھن جي رسامي ۽ جهيڙي کي هڪ چرچي جي ڳالھہ تي ختم ڪيوسين ۽ اڄ کان وٺي وري نئين سر ڪوشش ڪئي اٿم تہ عصر جا نيم گڏ پڙهڻ وغيرہ جا پورا ڪريان.“
***


20-1-1954ع ٿورا ڏينھن اڳ هڪ گفتگو صوفي صاحب سان ٿيو هو، جنھن جا نوٽ مون وٽ داخلا لاءِ رکيل آهن. صوفي صاحب سنڌ جي هڪ وڏي ليڊر جو ذڪر ڪيو، چيائين: ”هن کي پنھنجو ٻار ڪونہ آهي؛ جنھن ڪري ٻئي هڪ دوست جو ٻار گود ۾ ورتو اٿس ۽ ان تي ڪيترو اجايو خرچ پيو ڪري؛ ليڊرن کي اهڙي هلت نہ ڪرڻ گهرجي جو عوام ۾ ناراضپو پيدا ٿئي؛ خاص ڪري هن حالت ۾ جنھن ماڻھوءَ جو ٻار ان گود ۾ ورتو آهي، سو ڪو چڱو ماڻھو ڪونہ آهي.“
سام چيو: ”ليڊر هجي يا ڪير بہ هجي، آخر هن کي بہ انسان جي دل آهي. هن کي اها هلت ڪرڻ گهرجي جا هن جي دل ۽ ضمير کي اول وڻي. عوام جي رايي ڀئي ڊڄڻ بہ ڪڏهن بزدليءَ جي نشاني ٿي سگهي ٿي؛ ڪنھن بہ چڱي يا خراب ماڻھوءَ جو ٻار گود ۾ وٺڻ ڪو خراب ڪم نہ آهي.“
صوفي صاحب چيو: ”هن حالت ۾ ماڻھن کي اهو خيال آهي تہ خاص ڪري اهڙن ماڻھن سان ايڏي ليڊر جو واسطو ڇو ٿو رهي؟ ٻي ڪنھن جو ٻار گود ۾ وٺي ها تہ شايد ايتري چئو پچو ڪا نہ ٿئي ها. جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو تہ ماڻھن جو خيال غلط آهي تڏهين بہ انھن جي دلين تي اهڙو اثر ڇو پوي؟ اهو سٺو ڪم نہ آهي؟“
سام چيو: ”اهڙين ڳالھين ۾ ليڊرن کي ماڻھن جي راءِ تي هروڀرو ڇو هلڻ گهرجي؟ مان تہ ائين سمجهندو آهيان تہ اسان جي سياسي يا ڌرمي ليڊرن کي عوام جي خوشامد ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي وچ ۾ تفاوت سمجهڻ گهرجي. پاڻ کي جيڪو ٻئي جي مرضيءِ موافق هلائي ٿو، سو حقيقت ۾ پاکنڊي آهي. اسان کي شخصي طرح بي ڊپ رهڻ کپي. ائين هلت ڪريون جيئن سمجهو تہ ڪنھن ٻيٽ ۾ اڪيلا رهندڙ آهيون. ’خداءِ جي خوف‘، يا ضمير جي آواز کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو بہ ڊپ نہ رکون. لوڪ لڄا جو آدرش جنھن کي چئجي ٿو، سو هڪ ننڍڙو آدرش آهي؛ ان کان وڏو اصول آهي ستنترتا جو. البت ٻين جو احترام ڪرڻ ضرورو آهي؛ حقيقت ۾ ليڊر ٿيڻ جي لائق ئي اهو آهي جنھن کي پنھنجي اصولن ۾ ڀروسو هجي. پر جيڪو ماڻھو عوام جي ڦرندڙ گهرندڙ راين موجب پنھنجي شخصي يا سياسي زندگي ڦيرائيندو رهي ٿو، سو ڪنھن وڏي درجي کي ڪين رسندو. خرچ جا انگ اکر جيڪي توهان ڏسيو ٿا سي برابر ڳرا آهن. ڪنھن بہ هڪ ٻار تي ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ، جڏهين قوم جا ٻار ڏتڙيل، ڏکايل، بکايل آهن، سو جائز نہ آهي، اتي اهڙي ڪا رٿ ڪرڻ گهرجي جو پنھنجي ٻار سان گڏ ٻين کي پڻ تعليم جي سھولت ملي ۽ ساڳي خرچ مان گهڻن کي فائدو رسي.“
***


مٿئين ذڪر بعد صوفي صاحب سان گڏ هڪ نوڪريءَ تان لٿل انجنير گڏجي آيو، جنھن سام کي چيو تہ مون کي اوهان سان ملڻ جو گهڻو شوق هيو. جلد ئي پوءِ هن سام کان ڪي سوال پڇيا. گفتگو جيڪو هليو سو مان هيٺ ڏيان ٿي.
انجنير صاحب: ”نوشيہ تقدير، بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟“
سام جواب درج ڪرڻ کان اڳ مان هي نوٽ ڪرڻ ضروري سمجهان ٿي تہ جيتوڻيڪ هنن اسڪولي يعني خيالي سوالن ۾ اسان جو گهڻو چاھہ نہ رهندو آهي، تڏهين بہ اهڙو ڪو سوال اٿي تہ انھيءَ تي ويچار ضرور ڪرڻو پوي ٿو. ڪي ٿورا نڪتا اهڙا گفتگو ۾ بہ ٿين ٿا جي اسڪولي بحث مباحثي جي حد کان ٽپي عملي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا، تنھنڪري اهي ملھائتا آهن. ازنسواءِ، ائين جو ڪو نئون ماڻھو ملڻ اچي تہ انھيءَ سان اجايون سجايون رسمي خوشامد جون ڳالھيون ڪجن تنھن کان وري بہ بھتر آهي تہ ڪنھن خيالي بحث مباحثي ۾ وقت گذارجي.
سام جواب ۾ چيو: ”نوشيہ تقدير جي معنيٰ فقط اها ٿي سگهي ٿي تہ ڪنھن بہ شيءِ يا نتيجي جي اڳئين جوڙ انکي مقرر يا ذري گهٽ مقرر رستي ڏانھن موڙي ٿي، جنھن جو اندازو ڪجهہ قدر اڳ ۾ لڳائي سگهجي ٿو. موسم، ٻج، ڌرتيءَ، پاڻيءَ وغيرہ جي ڄاڻ هوندي تہ چئي سگهبو ول يا وڻ جو سلو هن يا هن نموني اسرندو ۽ هي ڦل پيدا ڪندو؛ چڱيءَ پر سمجهڻ گهرجي تہ انھيءَ ڄاڻ هئڻ کانپوءِ بہ نوان ڪرم پيدا ٿي سگهن ٿا، جي پنھنجو تاثير ڄاڻائيندا؛ تنھن ڪري پوري اڳڪٿي سورنھن آنا ڪڏهن بہ ڪنھن ڳالھہ جي ٿي نٿي سگهي؛ انب جي ڪڪڙيءَ مان جيتوڻيڪ انب جو وڻ پيدا ٿيندو؛ تڏهين بہ اها خبر اڳ ۾ ڪا نہ پوندي تہ ڪيڏو وڏو يا ڪيترو ڦلدار ٿيندو. اهي اثر ۽ ڪرم جيڪي ’تقدير‘ ۾ سببن جي ڦير گهير آڻي سگهن ٿا، سي ٻن نمونن ۾ اسان جي حياتيءَ ۾ پيدا ٿين ٿا. هڪڙو پنھنجي اڇا سان ۽ ٻيو ٻين جي اڇا سان؛ انھن کي پوريءَ طرح نہ سمجهي، اسين ’اتفاقي‘ سڏيون ٿا. جيستائين اهڙن اثرن جي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، تيستائين ڪو بہ نتيجو اڳواٽ مقرر ٿيل نہ سمجهڻ گهرجي. مگر تجربي ۽ عملي ڄاڻ مان اهو گيان پيدا ٿئي ٿو، جو اهڙن ڏنل جزن ۽ پوءِ گڏيل اثرن جي مڪمل نتيجي ڏانھن اشارو ڪري سگهي ٿو،. شوپين هار جرمن فيلسوف تقدير کي ان ڪري ڪاٺ جو لوھہ (Wooden Iron) ڪري ڪوٺيو آهي. مطلب تہ ان کي شڪل لوھہ جي آهي يعني تقدير ڏسڻ ۾ اڻ گس آهي؛ مگر حقيقت ۾ ڪاٺ وانگر ڪچي آهي. منجهس ڦير گهير ٿي سگهي ٿي.“
صوفي صاحب چيو: ”ان جو مطلب اهو آهي تہ روح آزاد آهي. قرآن شريف ۾ خود ان خيال کي ٽيڪ مليل آهي.“
پوءِ هن قرآن شريف جي هڪ آيت ٻڌائي جنھن جو مطلب هو تہ اديم حياتيءَ ۾ ضروري آهي؛ چيائين جيڪڏهين روح آزاد نہ هجي ها تہ حيلي يا اديم ڪرڻ جي ڇو هدايت ملي ها؟“
سام چيو: ”ائين ٺيڪ آهي پر پنھنجي خيال جي چڪاس لاءِ ڪنھن بہ تھذيب جي شاهدي ضروري نہ آهي. پنھنجو خيال خاص ڪري پنھنجي آزمودي تي بيھارڻ گهرجي. ان کانپوءِ ٻين جي آزمودي مان واقف ٿي وري بہ فيصلو پاڻ کي ڪرڻو آهي. مون جيڪي خيال پيش ڪيا. سي پنھنجي آزمودي منجهان هئا.“
ان مھمان انجنير ايتري قدر ڳالھہ قبول ڪئي ۽ چيائين تہ وري ڪنھن ٻئي وقت ان سوال تي وڌيڪ بحث ڪنداسون.
***


________________
[1] هن تصور کي توڙي ٻين کي اندروني معنيٰ آهي. اتم پد کي پھچڻ جي هيءُ هڪ طريقو ڏيکاريو ٿو تہ ڪيئن من تصور دواران (جو هت ڪرشن جي صورت جو آهي پر ٻيو بہ ڪو ٿي سگهي ٿو) پنھنجي واسطن ۽ اڇائي يا انتظارين جي بھري مان رفتہ رفتہ نڪري وڃي آنند جي چوٽيءَ کي رسي ٿو ۽ باقي اُن کانسواءِ ٻيو ڪجهہ نہ ٿو ڏسي؛ هم اوست جي خيال ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. هي هڪ خود بخود طريقو خيال جي واڌاري جو اظھار ڪري ٿو جو هٿرادو ڌيان کان وڌيڪ ڪارائتو آهي
________________