ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

6

ڪالھہ صوفي صاحب جئن اسان وٽ چانھہ ٿي پيتي تہ پڇيائين: ”پيالي ۾ کنڊ وڌي اٿو يا نہ؟“
سام کلي چيو: ”سڀ کان سٺي ڳالھہ آهي پي ڏسڻ؛ پوءِ خبر پوندي تہ مٺي آهي يا ڦڪيءَ.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ڪسيءَ يا پڪيءَ شيءِ جي فقيرن کي ڄاڻ هئڻ نہ گهرجي!“
سام وراڻيو: ”فقيرن کي ڄاڻ چڱائيءَ لڱائيءَ جي پاڻ وڌيڪ ٿيندي آهي، جيتوڻيڪ هو صبر سان ٻيئي برداشت ڪندا آهن. روحانيت جي سچي معنيٰ آهي ڪماليت، جنھن ۾ ڄاڻ جي بہ ڪماليت اچي وڃي ٿي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مان سمجهندو آهيان تہ فقير اهڙن تفاوتن جي ڄاڻ کان مٿي آهن.“
سام چيو: ”سو ان ڪري نه، تہ ڪو احساس يا سمجهہ منجهن گهٽ آهي؛ پر ان ڪري جو سندن هستيءَ جو مڪان اونچو آهي. جيئن ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيٺل کي يا هوائي جھاز مان ڏسندڙ کي هيٺان ماڻھو بندرا يا ڊگها ڏسڻ ۾ نہ ايندا آهن. تيئن فقير جي درشٽي بہ سک ۽ دل جي تفاوت تي ڪا نہ ٿي رهي. روحاني انسان کي احساس آهي پر اهو وڌيڪ اونچن شين سان واسطو رکي ٿو. تنھن ڪري کڻي چئجي تہ ڦڪيءَ، مٺيءَ يا ڪسيءَ پڪيءَ جي فقيرن کي ڄاڻ ڪونہ ٿي رهي.“
***

ڍپوءِ ميٽنگ ۾ ٿورو پريم ۽ گيان مارڳ تي بحث هليو، اسانجي انجنير دوست چيو: ”هن ڪتاب (پنڇي ڪرڻ) ۾ گيان مارڳ تي زور ڏنل آهي؛ پر مان چوان ٿو تہ ڪرم کانسواءِ گيان بہ هڪ قسم جو ڏس آهي؛ اُن تي جڏهين عمل ڪيو تڏهين ئي انھيءَ مان فائدو ٿيندو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”گيان فقط ڏس نہ آهي. مگر مقصود منزل آهي. گيان جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪنھن بہ ڪرم جي ضرورت نہ ٿي رهي.“
سام چيو: ”مان سمجهان ٿو تہ انسان جي اُڏار لاءِ ٻئي ضروري آهن. هڪڙو بہ گياني هجي تہ ڪي عمل يعني ڪرم ضرور ڪندو هوندو؛ جيئن جيئن پنڌ ڪجي ٿو تيئن تيئن ڪرم يعني انھيءَ پنڌ مان ازخود گيان پيدا ٿئي ٿو ۽ منزل مقصود جو نظارو چٽيرو پسجي ٿو؛ ڪرم سان گڏ ڄاڻ جو واڌارو ٿئي ٿو ۽ جيئن ڄاڻ وڌي ٿي، تيئن ڪرم سولو ۽ سوکيم ٿيندو وڃي ٿو. پر جي پريم ٻنھي ۾ سمائجي تہ ويتر معاملو سڻائو ٿي پوي ٿو. ڪرم ۽ گيان کي پريم جي طاقت جلد وڌائي پورڻ بنائي ٿي! تنھن ڪري پريم خود هڪ عمل ٿي پوي ٿو ۽ گيان سندس پاڇي مثل رهي ٿو. جيو آتما پريم آتما کي ڪرم رستي پائي يا گيان جي رستي هڊائي، پر مطلب ٻنھي جو آهي اُن سان هڪ ٿي وڃڻ؛ سان ڳالھہ پريم ازخود حاصل ڪري ٿو. سچي پريميءَ کي سڀ گيان پاڻ اندر سمايل آهي. اُن اتم شڪتيءَ يعني ست چد آنند سروپ سان ملي وڃڻ کان پوءِ گيان جي گهٽتائي ڀلا ڪيئن رهندي؟ ميلاپ ۾ هڪ جزي کي نہ فقط ٻئي جزي جي ڄاڻ رهي ٿي، پر ان سان گهرائپ ۽ هيڪڙائي ٿي وڃي ٿي.“
***
16-10-1951ع ڪالھہ ڊپٽي صاحب جي واتان هڪ عجيب ڳالھہ نڪري ويئي، جنھن تي اسان کي هڪ قسم جو ڌڌڪو اچي ويو. هن صاحب گفتگو ڪندي چئي ڏنو تہ ٻيا وڪار تہ مون کڻي جيتيا آهن مگر ڪروڌ باقي رهجي ويو اٿم.“
سام کيس چيو: ”اها ڳالھہ ناشدني آهي تہ سڀ وڪار جيتجي ويا آهن، باقي ڪروڌ هڪڙو وڃي بچيو آهي! جنھن ماڻھوءَ سچ جي شرن ورتي آهي، ڪام، لوڀ، موھہ، اهنڪار يا ڪوڙ، دوئي، وير سڀ دل مان ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ نفس پنھنجو ماري ڇڏيو آهي، انھيءَ کي ڪروڌ ڪرڻ جو موقعو ئي ڪھڙو ملندو؟ ڪروڌ ڇا لاءِ ڪندو ۽ ڪنھن تي ڪندو؟ روحانيت جو واڌارو ڊگرين ۾ چثو کڻي تہ ٿي سگهي ٿو، باقي ائين نہ آهي تہ هڪ طرف ڪماليت حاصل ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف روح اڻ پورو رهجي وڃي ٿو. جيتري قدر نفس اڃا جيئرو آهي، اوتري قدر انھن سڀني وڪارن جي جاڳڻ جو هڪ جيترو امڪان آهي. ڇا لاءِ جو نفس يا آپو انھن سڀني وڪارن جي جڙ آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ائين ڀلا نہ ٿو ٿي سگهي ڇا تہ ماڻھو چوري ڇڏي ۽ ڪروڌ اڃا منجهس هجي يا ڪامي هجي پر چور نہ هجي؟“
سام چيو: ”جن وڪارن مان چوري پيدا ٿئي ٿي، سي آهن، لوڀ ۽ موھہ؛ جيڪڏهين لوڀ ڪنھن ۾ آهي پر چوري نہ ٿو ڪري تہ سو شايد ان ڪري هجي، جو کيس پرائي مال جي ضرورت اڃا نہ آهي، يا عزت وڃائڻ جي ڀَو کان اها ضرورت محسوس ڪندي کليءَ طرح چوري ڪرڻ کيس اهنجو لڳي ٿو. مگر جيستاءِ لوڀ، ممتا، موھہ وغيرہ رهن ٿا تيستاءِ چوري ڪرڻ جو بہ امڪان پورو رهي ٿو. هاڻي جي ڪروڌ اوهان ۾ آهي تہ ڪروڌ پيدا ٿئي ٿو؛ جيستائين آپو يعني ’مانپڻو‘ آهي، تيستائين پنھنجي ۽ پرائي جي ڄاڻ بہ آهي جي پنھنجي ۽ پرائي جي ڄاڻ آهي تہ چئبو ممتا ۽ لوڀ بہ آهي؛ هوڏانھن ممتا ۽ لوڀ چيوسين تہ چوريءَ جا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؛ تنھن ڪري چئبو تہ امڪاني طور لوڀي چور بہ آهي. ائين بہ شايد هجي تہ ڪو چوري لڪل ڪندو هجي ۽ پاڻ کي بہ ٺڳيندو هجي؛ مثلا ڪم تي ڌيان نہ ڏيڻ، ڪم پرائو ڪري سمجهڻ، آفيسريءَ واري پوزيشن مان خانگي فائدو وٺڻ وغيرہ؛ مونکي اوهانجي تہ شخصي طرح خاطري آهي تہ ائين ڪونہ ڪندڙ آهيو، ۽ اوهان جو ڪروڌ ضدي نہ آهي، جنھن ۾ ٻئي ڪنھن لاءِ حقارت هجي، پر هي مڃڻ ضروي آهي تہ جيتري قدر هڪ وڪار اسان ۾ زور دار آهي اوتري قدر ٻين جي پيدا ٿيڻ جو بہ امڪان آهي. حقيقت ۾ نفس يا پاپ يا وڪار فقط هڪ آهي، جيتوڻيڪ سندس روپ جدا جدا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهين نفس جي رواڻ جو هڪ سر ڪٽبو تہ ٻيو ان جي جاءِ تي پيدا ٿيندو، جيستائين رواڻ کي جڙ يا مرڪز (ناڀ) ۾ پاڻ نہ لڳو آهي، تيستائين فقط سرين ڪٽڻ سان مٿس جيت پائي نہ سگهبي!“
***


26-10-1901ع هن ٻڌرتي ويدانت واري ساڳئي ڪتاب مان پڙهندي، ڊپٽي صاحب سمجهاڻي ڏني تہ ويدانت موجب مان هن بت جو ڏسندڙ، پسندڙ آهيان مگر هي بت مان نہ آهيان درشٽي، در شيه کان جدا آهي.
انجنير صاحب چيو: ”هي ڪم بت جا، کائڻ، پيڻ، سمھڻ وغيرہ بت پاڻ ٿو ڪري يا آمتا ٿي ڪري؟ جيڪڏهين بت سان لاڳو آهن تہ چئبو بت کي آتما کانسواءِ انھن ڪمن ڪرڻ جي طاقت آهي. پر جي آتما جي اشاري ٿين ٿا تہ پوءِ ڪيئن چئبو تہ آتما انھن ڪمن کان الڳ آهي؟“
سام چيو: ”حقيقت ۾ بت روح کان خالي نہ آهي روح بُت يا روپ کانسواءِ ڌيائي نٿو سگهجي. ٻيئي هڪ سڪي جا ٻہ پاسا آهن؛ اسپرٽ (Spirit) ۽ مئٽر (Matter) يا پرش ۽ پرڪوتي، هڪ ئي هستيءَ جا ٻہ پاسا يا طريقا آهن. جيئن گياني هڪ پرماتما کي ٽن وصفن ۾ سمائن ٿا (ست، چت ۽ آنند) تيئن هي بہ هڪ هستيءَ جي پروڙڻ جا ٻہ پاسا آهن. روح يا بت اسنڀو آهي ۽ بنا بت جي روح خيال ۾ آڻڻ ئي انسڀو آهي! بت جي معنيٰ فقط انساني جسم نہ آهي، مگر ڪل موجودات جا اکين سان ڏسي سگهجي ٿي سا بت ڪري سمجهو ۽ اها شڪتي جا منجس سمايل آهي سا روح ڪري سمجهو.“
انجنير صاحب چيو: ”تڏهين تہ مان چوان ٿو تہ روح ۽ بت جي ڪرتويه ۾ سنڌا ڇو رکجن، تہ هي آتما جو ڪرتويه آهي ۽ هي بت جو؛ تہ آتما بت کان الڳ آهي وغيرہ؟“
سام چيو: ”عقل اهي ڳالھيون برابر ثابت ڪري نٿو سگهي. مگر اها هڪ قسم جي خيالي وچور آهي. جيئن ساڳئي رستي تي هڪڙو گهوڙن گاڏين، موٽرن وغيرہ جو لنگهہ هجي ۽ ٻيو پئدل ويندڙن لاءِ جدا پاسو هجي، جن کي ورهائڻ لاءِ فقط هڪ ليڪ ڏنل هجي، اهڙيءَ طرح سمجهيو تہ هي کائڻ، پيئڻ، سمھڻ وغيرہ ڪرتويہ بت جا آهن ۽ انھن کي ڏسڻ خيال ۾ رکڻ وغيرہ ڪرتويه من جا آهن؛ جيتوڻيڪ ٻنھي ڀاڱن جي وچ ۾ هڪ خيالي ليڪ آهي ۽ آتما ئي سڀ جو ڪارڻ آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان چئو ٿا تہ عقل اهي ڳالھيون ثابت ڪري نٿو سگهي، مگر عقل ئي تہ اهي راز کولي ٿو. جيئن ڪنھن شيءِ ۾ اونھو ويچار ڪيو تيئن وڌيڪ چٽي ٿي اها نظر اچي.“
سام چيو: ”عقل سان تہ اونھو وڃي ئي ڪونہ ٿو سگهجي. عقل سان فقط ڳالھين جو مٿيون تھہ کولي ٿو سگهجي؛ وڌيڪ کوٽائيءَ لاءِ ۽ اونھي وڃڻ لاءِ ٻيا تکا اوزار گهرجن جھڙوڪ احساس ۽ انتر گيان، جن جو رستو عقل جي دليل بازيءَ کان نرالو آهي. عقل پنھنجي دليل بازيءَ سان ڪڏهين سڌو رستو ڇڏائي ڪو دڳ بہ لائي ٿو. مگر اسان کي اُهي وڌيڪ اعتبار جوڳا اوزار ڪم آڻڻ نٿا اچن، ڇا لاءِ جو اسين گهڻو وقت بت جي ڀاڱي ۾ رهون ٿا ۽ بت جي خواهش جي پورائي ۾ وقت ويتيت ڪريون ٿا. جيتوڻيڪ انجنير صاحب جي چوڻ موجب ذاتي تفاوت اندروني ۽ بيروني زندگيءَ جو مرڪز ڇڏي، مرڪز کان اسين ڪجهہ ٻاهر رهون ٿا. ايترو فرق آهي جيئن درياه جي سير ۽ ٻاهرين پاسن جو، اگرچ درياه ساڳيو آهي؛ اڄ ڪلھہ جي زندگي ائين ئي آهي. مرڪز کان گهڻو ٻاهر رهڻ ۾ جدائيءَ جو جوکو آهي. تنھن ڪري ئي ضرورت ٿئي ٿي، انھن ڪرتويين ۽ ڪمن ڪارين ۾ ميلاپ آڻڻ جي. کين جسماني ۽ روحي سڏڻ جي بدران مرڪزي يا نا مرڪزي وڌيڪ سولائيءَ سان سڏي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ عقل اتي بہ ڦڏو وجهي سگهي ٿو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان اڳ ۾ چيو تہ علم ۽ منطق ڪجهہ ثابت نٿو ڪري سگهي، مگر منھنجي خيال موجب، علم يعني گيان کان سواءِ ڪنھن بہ شيءِ جي ذاتي خبر پئجي نٿي سگهي.“
انجنيئر صاحب، جو هڪ شاعر بہ آهي، تنھن هڪ شاعرانہ دليل پيش ڪيو؛ چيائين: ”علم ۽ عقل نہ رڳو اُها ذاتي خبر ڪين ٿا ڏين مگر سوچ ويچار پيدا ڪرڻ سان حياتيءَ جو مزو گهٽائي ٿا ڇڏين!“
ڊپٽي صاحب ڏانهس منھن ڪري چيو: ”توهان انجنير آهيو؛ مثال هڪ ڀت جو وٺو؛ ڀت جي بنياد ۽ جوڙ جڪ ڄاڻڻ کانسواءِ ڪيئن ٿي ان تي ڪابہ اڏاوت ڪري سگهجي؟ ڪنھن بہ قدم کڻڻ يا اڏاوت ڪرڻ کان اڳ ۾ بنياد جي ۽ آس پاس جي ڄاڻ ضروري آهي.“
سام چيو: اها تشبيہ پوري نہ آهي. پرماتما جي ڄاڻ جي ڀيٽ ڪريو هڪ ٺھيل جاءِ يا محبوب جي بنگلي سان؛ اهو ٺھيو ٺڪيو آدجڳاد کان اتيئي بيٺو آهي. گهڻا ياتري تہ فقط ٻاهريان پاسا ڏسي اچرج ۾ پئجي وڃن ٿا. پر آخرين درجي وارو ياتري ڀتين جي رنگن روپن يا دروازن، کڙڪين، پٽين ڳڻڻ ۽ ٻين اچرج جهڙين شين ويچارڻجي حد ٽپي سڌو محبوب جي ڪمري ۾ گهڙي وڃي ٿو. ٻاهرين ڄاڻ سان ۽ بنيادي جوڙ جڪ ڏسڻ سان يا ڪمرن جي ورڇ وغيرہ سان هو گهڻو واسطو ڪونہ ٿو رکي؛ هنجو مطلب آهي، پنھنجي محبوب جي ڪمري ۾ وڃي ان محبوب سان ملڻ ۾.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مگر ان محبوب جي ڪمري ڳولڻ لاءِ بہ گيان ۽ عقل جي ضرورت آهي. جيڪڏهين ان جي نيمن، وقتن يا حالتن جي اڳواٽ ڄاڻ هوندس تہ سھنجائيءَ سان وڃي هو انکي لھندو؛ ورنہ گهڻي مشڪلات پسندو.“
سام چيو: ”سا ڄاڻ ۾ هيٺيئن درجي واري آهي، جن کي شوق سيل هوندو انھن کي اندر ۾ ئي اهڙي ڪشش ٿيندي جو ڪنھن خيال ۾ کوجنا بنا سڌو وڃي پنھنجي سڄڻ سان ملندا؛ نہ ڪٿي ترسندا نہ گهٽين ۾ گهمندا ۽ نہ منجهندا ئي؛ دل جي ڇڪ سان، بنا روڪ ۽ بنا دير وڃي پريتم کي پھچندا. ممڪن آهي تہ سڄڻ پاڻ اچي سونھو ٿئين!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”جن کي ڪا ڄاڻ نہ هوندي انھن کي ڀلا مونجهارو ڪيئن نہ ٿيندو؟ بنا ڏسڻ وائسڻ جي ڪڏهين ڪا شيءِ لڀندي آهي ڇا؟“
سام وراڻيو: ”لڀندي آهي! ان لاءِ هڪ از خود ڇڪ پئدا ٿيندي آهي!“
پوءِ سام پنھنجي آزمودي مان هي مثال ٻڌايو: ”ڳوٺ ۾ رهڻ وقت بئگ دوائن وغيرہ ضروري شين جي منھنجي بستري جي ڀرسان رکيل هوندي هئي ۽ رات جو سمھڻ کان پوءِ مان بتي ٻارائڻ پسند ڪين ڪندو هيس. بئگ ۾ ڪريم، پيسٽ، لوڻ، ٽارچ، ڪئنچي، تيلين جو پڙو، دوائون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون گڏ پيل هونديون هيون، جن جو اٽڪل تعداد چاليھن تائين ٿي سگهي ٿو. جڏهن انھن مان ڪا شيءِ کپندي هئي، تڏهين ياد اٿم تہ ڏسڻ يا ڳولڻ ان اونده ۾ خبر نہ پوندي هئي؛ ان وقت اکيون بند ڪري پنھنجا ٻاهريان خيال ترڪي فقط طلب جي اشاري هٿ ڊگهيڙيندو هيس تہ پھرئين دفعي ئي انھيءَ شيءِ ۾ وڃي پوندو هو يا انکي تمام ويجهو وڃي رسندو هو. ائين ڪيترائي دفعا ٿيو. اهڙيءَ طرح هڪ ڪتاب ۾ 1914ع واري لڙائيءَ کان پوءِ هڪ سولجر جو احوال پڻ پڙهيم، جنھن لکيو هو تہ جڏهن مورچي تي پھري يا پئٽرولنگ تي نڪرندا هئاسون تڏهن ازخود ڪيترا ڀيرا انديشو ٿيندو هو تہ هينئر دشمن جي طرف کا گوليون اچن پيون ۽ ان انديشي جي ڪري، جڏهين مان ڪنڌ هيٺ نوائيندو هوس تہ گولي ان وقت ’زر‘ ڪري مٿان لنگهي ويندي هئي!
”انھيءَ مان فقط ايترو ڌيان تي آڻڻ گهران ٿو تہ دليل بازيءَ ۽ ثابتين واري ڄاڻ کان احساس ۽ انتر گيان وارو رستو وڌيڪ اونھو ۽ اعتبار جوڳو ٿي سگهي ٿو.“
وري پريم مارڳ جو ذڪر ڪندي سام چيو: وڻ ۾ ڪيترا ڦل يا ٽاريون آهن، جيڪڏهين ڪنھن کي ڳڻڻ جو شوق ٿئي تہ ڳڻيندي عمر گذري ويندي پر ان مان وڻ پيدا ڪرڻ جو رستو هٿ نہ ايندو؛ جي انھيءَ سوچ کي گيان چئجي ٿو تہ هڪ هڪ ڦل ۾ ڪيتريون ڪئلريون(Calories) گرميءَ جون آهن، ڪيترا شڪر جا يا ٻيا جزا آهن تہ ان کوجنا جي برخلاف اسين نہ آهيون؛ مگر ان مان ڪو ڦل جو سواد ڪونہ ملندو. رس جي لوڀيءَ يا پريم جي پياسي لاءِ اهڙي پروڙ رکڻ ئي اجائي آهي. هو چوندو، ڇو نہ وڃي ڦل کاوان تہ وڻ ۽ ڦل جي ذات جي خبر پاڻھي پئجي وڃي! علم جي کوجنا کي هن حياتيءَ ۾ پنھنجي جاءِ آهي، ڇا لاءِ جو اسان مان سڀني کي اها آتمڪ پياس پيدا ڪانہ ٿي آهي جا هري ڀڳتن کي رهي ٿي گهڻن لاءِ فقط قدرت جي نيمن ۽ قانون جي ڄاڻ ۾ ئي ڪافي وندر آهي. پر انھيءَ پياس پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٻيو علم سڀ اجايو نظر اچي ٿو. هر علم انھيءَ لذت اندر سمايل آهي؛ هر علم انھيءَ لذت حاصل ڪرڻ لاءِ آهي.“
***


27-10-1951ع هن ٻڌر تي جڏهن ڊپٽي صاحب شام جو اسان وٽ آيو تہ مون کيس چيو: ”اڄ ميٽنگ تي ماڻھو ڪي بہ ڪو نہ آيا اٿو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان جي مرضي هجي تہ اسين پاڻ ۾ ئي ويھي ڪتاب پڙهون.“
مون چيو: ”اهي ڪتاب ۽ بحث مونکي بلڪل خشڪ لڳندا آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان کي جيڪا ڳالھہ چڱي لڳي سا ڪريون، پڙهون يا ڳالھيون ڪريون؟ فلسفہ جا ڪتاب ڪن کي تہ ڏاڍا سھنجا لڳن ٿا ۽ ڪن کي وري ناول يا قصا وڻن ٿا.“
سام چيو: ”ائين برابر آهي؛ مان نڍي اوسٿا ۾ ئي ڪئنٽ (Kent) ۽ ٻين مغربي فيلسوفن جا ڪتاب ازخود سمجهي ويندو هس پر جي ڪو قصو کڻي پڙهان تہ ٿوري وقت ۾ ئي خفي ٿي، ڦٽو ڪري ڇڏيندو هوس؛ فلسفہ جا ڪتاب اکر بہ اکر سمجهہ ۾ اچي ويندا هئا، ڇا لاءِ جو منھنجي من جو لاڙو اُن طرف هو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اسان وٽ جي ڪي ماڻھو ايندا آهن، اُهي سڀ هن ڪتاب جي ڳالھہ پوريءَ طرح نٿا سمجهن سوال اهڙا پڇندا آهن جو اُڇاترا پيا لڳن.“
سام کائنس پڇيو: ”توهين ڇا ٿا سمجهو تہ هن جي ٻُڌي گهٽ آهي يا انسان انسان جي ٻڌيءَ ۾ ڪي ذاتي فرق آهن؟“
ڊپٽي صاحب چيو: ”سندن خيال جي منزل هيٺ آهي يا تہ انھن کي هن قسم جون ڳالھيون ڪين ٿيون سمجهہ ۾ اچن.“
سام چيو: ”ٻُڌي تہ هڪ آهي؛ منجهس قسم ڪونہ ٿين. مگر هي هڪ اڀياس يا من جي لاڙي جو سوال آهي. ائين برابر آهي تہ جدا جدا رستا وٺي ماڻھو ساڳيءَ منزل کي پھچي سگهي ٿو پر ڪنھن بہ رستي تي ڪاميابيءَ سان هلڻ جي طاقت اسان جي منزل يا اڀياس جي درجي تي مدار رکي ٿي. ڪو شيوا جي رستي، ڪو گيان ۽ ڀڳتئي جي رسي جيوت جو مقصد پائي ٿو. البت ائين چوڻ تہ ٻيا اسان کان گهٽ ٻڌيءَ وارا آهن تنھن ۾ اڀمان نظر اچي ٿو. ساڌوءَ يا فقير جو ڪم آهي تہ سڀ ڪنھن سان پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ورتاءُ ڪري يعني جنھن جي جھڙي منزل هجي، ان موجب ساڻس پيش اچي ۽ هر حالت ۾ سندس ستڪار ڪري.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مان سمجهان ٿو تہ ’ھمہ اوست‘ وارو خيال هي سڀ اهو آهي، سو جيڪر اسان جو دوست...خاص ڪري ڪين سمجهي سگهي. هن کي سڀ ڪنھن ڳالھہ لاءِ ثابتي گهرجي. جيتوڻيڪ ايترو مان قبول ڪندس تہ گيان جي کوجنا جو اهو بہ هڪ رستو آهي.“
سام چيو: ”مگر هڪ لنبو رستو آهي ۽ ٻيو سڌوئي سڌو آهي؛ هڪ گيان جي کوجنا لاءِ هلڪو اوزار آهي، ٻيو وڏو. دليل بازي ننڍڙو اوزار آهي، جو فقط زندگيءَ جي ظاهري حقيقت کي جاچڻ ۾ مدد ڪري ٿو. حياتيءَ جي ڳوڙهن مسئلن جو حل منطق (Logic) سان نڪري ڪونہ ٿو سگهي. جيئن هڪ ڏندڻ مڇڻ لاءِ فقط ڪپ يا قئنچيءَ ئي بس آهي مگر وڏي وڻ وڍڻ لاءِ ڪھاڙيءَ ياڪرٽ جي ضرورت آهي، تيئن انھن ڳوڙهن مسئلن جو حل دليل بازيءَ سان نہ پر اندروني گيان جي درشٽيءَ سان ملڻو آهي. البت سڀ ڪنھن کي سڀني مسئلن مان ساڳيءَ طرح پار پوڻو ڪين ٿو پوي؛ ڪي منزلون طيءَ ڪرڻ بدران ٽپي بہ سگهجي ٿو. ان ڪري ائين نہ چئبو تہ سڀ ڪنھن کي هروڀرو دليل بازي ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ نہ وري سڀ ڪنھن کي اُهو اندروني فھم آهي، جنھن ڪري هو دليل بازيءَ جي گهرج نہ رکن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”جي ذات ۽ شيءِ ساڳي آهي تہ پوءِ اهي تفاوت ڇو پيدا ٿيا آهن؟“
سام چيو: ”خيال جي ذات خيال آهي. پر دليل بازي وارو رستو سڌي واقفيت نہ هئڻ جي حالت ۾ ورتو وڃي ٿو؛ اهو ڪنھن حد کان پوءِ بيڪار ۽ ڀلائيندڙ ثابت ٿئي ٿو؛ احساس ۽ انتر گيان وارو رستو جو خيال کي سڌو، خيال جي منزل تي پھچائي ٿو، منھن ۾ ڀلڻ ڀلائڻ جو انديشو ڪونہ آهي. البت اهو عام طور آزمائش هيٺ نہ ٿو اچي. شرڌا سڪ ۽ پريم، سي مطلوب (Object) جي اندر سڌي جهاتي پارائين ٿا! ٻاهريون ثابتيون ابتري پروڙ ڪين ٿيون وڌائين. مثلاً جيڪا خبر زال کي پنھنجي مرد جي آهي، سا پاڙي وارن يا ساڳئي ڌنڌي وارن کي نہ آهي، توڙي جو سڄو ڏينھن هو ٻاهر ڌنڌي ۾ گذاري ٿو ۽ ٿورو وقت گهر ۾ رهي ٿو. اها ڄاڻ زال جي دليل بازي سان هٿ ڪيل نہ آهي. دل طرح ڪنھن شيءِ يا ماڻھوءَ جي جيڪا خبر پوندي، اهڙي ٻُڌلن احوالن يا عقل جي انومانن وغيرہ سان ڪانہ پئجي سگهندي.
”جيڪا خبر ماءُ کي پنھنجي ٻار جي آهي، اوتري خبر سندس اسڪول جي ماستر کي نہ آهي، توڙي جو ماءُ اڻپڙهيل ۽ استاد علم جو ماهر آهي جنھن ٻارن جي سکيا ۽ تربيت بنسبت گهڻائي ڪتاب پڙهيا آهن. وري ڏسو، هڪ مرد، پريميءَ کي دور شھر ۾ ڄاول ۽ نپايل سندس پريتما جي دل جي خبر، ملڻ بعد هڪ کن ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ هو ٻيئي جلدئي هم خيالي ٿي وڃن ٿا! منجهن اهڙي يڪوجودي اچي وڃي ٿي، جو اباڻا گهر جتي پليا، نپنا آهن سي ڇڏي پاڻ ۾ جيون ساٿي ٿي رهن ٿا! تنھن ڪري ئي مان چوان ٿو تہ دليل بازي بيڪار آهي؛ پريم پرماتما سان هڪ لحظي ۾ ملائي سگهي ٿو.“
***


28-10-1951ع ڪالھہ سام ڪجهہ اُداس ٿي نظر آيو. مون هن کي ڪنھن ٿوريءَ ڳالھہ تي رنج ڪيو هو. جيتوڻيڪ منھنجو وڙهڻ يا سندس رنج جٽادار نہ آهي، تڏهين بہ اُن گهڙيءَ تہ ائين سمجهيو آهي تہ خيالن ۾ ڪو وڏو تفاوت آهي. سام ان وقت گهڻي اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ان جو ذڪر ڪندي چيائين: ”مان ائين پيو سمجهان تہ حياتيءَ جي هن وڏي، لمبي مسافريءَ ۾ هوريان، هوريان سڀ سنگتي تہ پنھنجي واٽ وٺي ويندا رهيا؛ باقي رهيل هڪ ساٿي، سو بہ ڳچ پنڌ تائين گڏ هلي آخر ٻيو رستو وٺي رهيو آهي؛ پنھنجي حياتيءَ جا اُڻونجاه سال گڏ هڪ درشيہ ۾ گذرندا ڏٺم. حقيقت ڪري ننڍ پڻ کان ئي مان اڪيلو، اڪيلو آهيان ۽ اڪيلائيءَ ۾ پنھنجا رستا ڳوليندو رهيو آهيان؛ پنھنجي گهر ۾ خود ٻالڪپڻ کان هڪ ڌاريو ٿي رهيو آهيان. جيتوڻيڪ ماتا جو پيار بيحد گهڻو هوندو هو، تڏهين بہ هم خيالي ڪو انسان گهر ۾ يا پسگردائيءَ ۾ ڪين هوندو هو. ڪڏهين ڪنھن نوڪرکي، ڪڏهين ڪنھن ٻئي دوست کي ٿوري ٿوري وقت لاءِ فقط همراز سمجهندو هيس پر هميشہ جو ساٿي ڪونہ بڻيو. اسڪول جي وقت ۾ پڻ هڪ ٻن دوستن کانسواءِ ٻيا سڀ ناتا سچ پچ اُڇاترا هئا. آخر تون اچي ساٿي بڻينءَ. بر وقت اها اميد ڪانہ هيم تہ هروڀرو تون ڪو منھنجي خيال کي ٻين کان وڌيڪ سمجهدينءَ پر تو گهڻي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري هينئر ڏسان پيو تہ شايد تون بہ ٿڪجي پيئي آهين. دل ائين ٿي گهري تہ ڪنھن وڏي ياترا، جھڙوڪ بدريناٿ يا هماليہ پربت جي اندرين ڀاڱن ۾، يا ڪنھن وڏي سير تي وري نڪري وڃجي ۽ خيال جو ملڪ وڃي ڪجهہ وقت اڪيلو ڏورجي. توکي ڏسان ٿو تہ ڪي اندروني پائبنديون آهن؛ جيتوڻيڪ ٻاهري واسطن کان پاڻ گهڻو آجو ڪيو اٿيئي. شايد اها سير جي هڪ آس بہ رهجي وڃي. ڪڏهين ڪڏهين تہ دل صفا پڙ ڪڍي بيھي ٿي تہ سنسار ۾ هڪ وک اڳتي نہ وڌجي. پر فرض ادائيءَ جي خيال کان گهَگير گهوڙيءَ وانگر من کي موڙي سوڙي هن دڳ ۾ لائجي ٿو. ظاهراً هو چڱيون وکون کڻي ٿو، جيتوڻيڪ اندر ۾ گهہ گهڻو اٿس. منھنجي دوستن کي هن اندرين جهيڙي جي خبر نہ آهي. هو ائين سمجهندا آهن تہ مان هن سنساري جيوت ۾ ڪجهہ ڪامياب ٿيو آهيان ۽ بلڪل ترپت رهان ٿو، مگر ائين نہ آهي؛ منھنجي اڪيلائيءَ يا اُداسائي سنسار کان منھنجو هڪ بچاءُ آهي.“
***


29-10-1951ع ساڳيو خيال سام تي وري وري غالب پوندو آهي ۽ اها عجيب اُداسائي نہ رڳو سندس من ۾ هڪ قسم جي بھار آڻيندي آهي يا پنھنجا جهڙ ڪڪر ٺاهيندي آهي، پر مون کي پڻ ڪجهہ ان بھار جي بوءِ ڏيندي آهي ۽ مون ۾ آزاديءَ لاءِ پياس پيدا ڪندي آهي. پنھنجي من جو پکي خود، هن هَڻ هَڻ جي پڃري کان منھن ڪڍي، آڪاش ۾ نئين روشني ڏسندو آهي؛ اُڏامڻ جي دٻيل آس وري دل اندر جاڳندي اٿم، جيتوڻيڪ اها خبر ڪانہ اٿم تہ ڪيڏانھن اُڏامڻو آهي. اهو بار سڄو سام تي رکيو اٿم!
ساڳي خيال مان ئي هي سام جو خط ٿورا ڏينھن اڳ ڪراچيءَ مان لکيل ٿو ڏسجي؛ اُن ۾ هو لکي ٿو: ”اميد تہ تون بلڪل خوش هونديءَ ۽ سام جي يادگيريءَ ۾ پڻ ساڳي وندر سمجهندي هونديءَ جيڪا روبرو ڳالھائڻ يا وڙهڻ وغيرہ ۾ سمجهندي آهين! سچن پريمين لاءِ وڇوڙو آهي ئي ڪون! سام غريب کي ڀلا ڇا لاءِ هيڏانھن موڪليو اٿيئي؟ پيو ويچارو اجايا سجايا ڪم ڪري، ’الائي ڪھڙيءَ ڳالھہ ڪاڻ‘ (شايد سچل سرمست جي تڪ آهي: ’رانجهن چاڪ ٿي آيو الائي ڪھڙي ڳالھہ ڪاڻ‘). جي ايشور وٽ ڪو ليکو ٿيو تہ سرڪاري وڪيل اُٿي پڪاريندو تہ هي ڀڳوان! هن ماڻھوءَ (سام) تنھنجي قانون مان واقف ٿي ۽ تنھنجي پريم جو مزو چکي ڪري پوءِ بہ سڄو سارو هڪ هفتو پھرينءَ کان وٺي ستين آڪٽوبر تائين ڪراچيءَ شھر ۾، جو ڌرتيءَ تي عربي سمنڊ جي ڪناري تي آهي، اجايو ضايع ڪيو، اهڙي زماني ۾ جڏهين اسان کي شيوادارن جي هر هنڌ ضرورت هئي؛ تڏهين هن مجرم پنجاه ساکن کي ويجهو پھچي بہ واجب ٿي سمجهيو تہ پنھنجي فرض کان منھن موڙي، شاپنگ يعني سامان خريد ڪرڻ، ڪپڙن جي ڪڇائڻ، سبائڻ، پنھنجي گهر ۾ سک جي سامگري وغيرہ ٺاهڻ ۽ ٻين شخصي ڪمن ۾ ويھي پنھنجو وقت وڃائي. اهڙي ماڻھوءَ تي، اي مالڪ! اسين ڪوبہ ڀروسو رکي ڪونہ ٿا سگهون. ڪھڙي خبر آهي تہ وري سرڪاري (الاهي) ڪم ڪاريون ڇڏي ڪنھن وندر جي ڳولا يا موھہ جي ڄار ۾ ڦاسي وڃي ۽ آشرم جا ڪم رولي الاهي آدرش کي جھان ۾ لڄارو ڪري ڇڏي! تنھن ڪري هن ماڻھوءَ کي خارج ڪيل ليڊرن وانگر پروڊا (Public Representative Officers Disqualification Act) هيٺ اوهان جي نوڪرن کان موقوف ڪرڻ جي آءٌ سفارش ٿو ڪريان.
”پوءِ جي تو اچي اُتي ڪا شاهدي هن غريب جي فائدي ۾ ڏني تہ شايد ڪجهہ بچاءُ ٿي پوي. تون چئي سگهندينءَ: ’اي سائين! مون کي هن شخص جي باري ۾ هيءَ خبر آهي تہ هيءُ خريدارين، سامانن وغيرہ وٺڻ لاءِ شائق اصل ڪين هوندو هو، نہ ٻين ڪمن سان ڪا دل چسپي رکندو هو مگر توهان پنھنجي مايا سان يا ڪنھن لڪل راز موجب جو هن غريب کي زماني جا ڪم بڇي ڇڏيا هئا، سندس ورتاءُ اهڙن ماڻھن سان رهندو هو جو هن کي پنھنجي خيال جي ابتڙ ٻاهريون زماني جو لباس رکڻو پوندو هو، مان ڀانيان ٿي تہ انھيءَ لڪ ۾ هي شخص ڪو اندروني مزو بہ ڀائيندو هو، تنھن ڪري هن جي ٻاهريون نمونو سندس اندروني خيال کان ڪجهہ الڳ نظر ايندو هو. پر مان خاطري ڏيان ٿي تہ هيءُ غريب ايماندار هوندو هو ۽ سندس سمرٿي گهٽ هوندي بہ هو اوهان سان دلي پريم رکندو هو.“
پوءِ شايد ﷲ معاف ڪري ۽ چوي تہ هن کي وري هڪ خدمت ڪرڻ جو وجهہ ملڻ گهرجي“
***
30-10-1951ع خاص احوال گذريل ٻن مھينن جا هيءُ آهن: سام جي هڪ جهوني دوست، مئڊم بولانڊ هربرٽ کي اڳ مون اتر آفريڪا ڏانھن هڪڙو خط لکيو هو، جنھن سان 1924ع ۾ سام جو مڱڻو ٿيو هو. مگر ڪن مشڪلاتن ڪري سندن شادي ٿي نہ سگهي. سام مونکي سندس پوتر، آدرشي ۽ پريم ڀريل زندگيءَ جي ڪھاڻي ٻڌائيندو هو، جنھن رکي رکي مون ۾ اِهو چاه پئدا ڪيو تہ مان ساڻس خط رستي ملاقات ڪرايان. مونکي هروڀرو اهڙي اميد ڪانہ هئي تہ خط جو ڪو جواب ايندو. سندن ڏيٺ ويٺ کي 26 سال گذري ويا هئا. اها خبر ڪانہ هئي تہ هوءَ پرڻي آهي يا اڪيلي آهي ۽ هينئر ڪٿي رهي ٿي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، جڏهين سندس خط اچي هٿ ۾ مليو؛ پر وڏي خوشي ان ڳالھہ جي هئي تہ سام ۽ بولانڊ ٻنھي کي ايتري عرصي جي ماٺ کان پوءِ بہ ۽ هڪ ٻئي کان بلڪل جدا ٿي وڃڻ سان بہ، هڪ ٻئي سان ملڻ جي پياس هڪ جھڙي هئي. جڏهين ڪوبہ انسان ڪنھن سان وفادار رهندو آهي تہ مون کي انھن جي وفائي ڏسي گهڻي خوشي ٿيندي آهي. سام ان باري ۾ هينئر چيو:
”وفائي دل: جي صفائيءَ وارا رکي سگهندا آهن؛ زندگيءَ جي سچي لذت نہ عيش، نہ جسماني خواهش جي پوري ڪرڻ ۾ آهي، مگر سچي پريم ۽ وفائيءَ ۾. تنھن ڪري اهڙي وفائي مان سڀ ڪنھن کي سڳنڌ ايندي آهي، توڙي جو رواجي طرح استري ٻئي جو پاڇو بہ ڪين سھندي آهي. اها وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ آهي جو تنھن جي (مون منوءَ جي) دل ۾ ايشور انھيءَ قسم جو ساڙ ڪونہ پيدا ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ من جي سچيت پاسي ۾ تہ توکي ڀاو اصل ڪونہ آهي، آشرم اڏڻ لاءِ اهڙي ئي پريم ۽ همدرديءَ جي ضرورت آهي. تنگدليءَ ۾ نہ فقط زندگيءَ جو مزو گهٽ رهي ٿو، پر ڪابہ اڏاوت ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿي.“
***


1-1-1952ع هن عرصي ۾ يولانڊ سان ٻہ ٽي دفعا منھنجي ۽ سام جي خطن جي اچ وڃ ٿي آهي. عجب اهو آهي تہ هيتري وڏي عرصي گذرڻ بعد بہ فرينچ ٻولي سام کان صفا وسري ڪين ويئي آهي. هن فقط چار يا پنج مھينا ٿورا سبق ولايت ۾ ورتا هئا. هت شھر ۾ ٻيو ڪو فرينچ جو ڄاڻو ڪو نہ هو پر سام سولائيءَ سان يولانڊ جو خط پڙهي ٻڌايو. ان بنسبت هن هڪ عجيب آزمودو مون کي ٻڌايو: ”جڏهين مان آلجيريا ۾ پھريائين يولاند جو واقف ٿيس، تڏهين هن کي هڪ اکر بہ انگريزيءَ جو ڪونہ ايندو هو، نہ وري مونکي فرينچ ٻوليءَ جو آزمودو هو. اسان ٻنھي جو هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان پريم ٿي ويو ۽ هڪ هفتو گڏ رهڻ بعد مڱڻو بہ ٿي ويو جيتوڻيڪ اسين بلڪل گونگا ٿي رهياسين. منھنجي رهبر دوست پالرچرڊ اسان ٻن گونگن جا خيال سمجهي اسان جا هٿ وٺي ملايا. پريم کي اهڙي شڪتي آهي، جو جلد ئي اسين هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهڻ لڳاسين ۽ ٿورن سبقن وٺڻ بعد بنا ڪنھن رنڊڪ جي هڪ ٻئي سان خيال ونڊي ٿي سگهياسين. هينئر بہ ٻئي ڪنھن جو لکيل خط يا ڪتاب مان جيڪر ايترو جلد فرينچ ۾ پڙهي ڪين سگهان، مگر يولاند جا خيال ازخود سمجهي وڃان ٿو. اکر خيال جا اوزار آهن. خيال انھن ۾ ڪڏهين رنڊجي نٿو پوي.“
***


انھن خطن جا ٽڪرا جن ۾ ڪي سٺا امنگ ۽ خيال اچي وڃن ٿا، وقت ملڻ تي مان جدا ڪنھن ٻئي ڪتاب ۾ درج ڪندس. هت فقط ايترو چوندس تہ اُهي هڪ سچي پريم جو داستان آهن. سندن لکپڙه ڏسي، مون ۾ اها چاهنا پيدا ٿي آهي تہ آلجيريا هلي يولاند کي ڏسجي؛ سام کي چوندي آهيان تہ مون کي پورو پيار يولاند لاءِ نہ آهي جو توهان هن کي ڏسڻ لاءِ ڪوشش ڪونہ ٿا ڪريو؛ سام هن باري ۾ هڪ ڀيري چيو تہ اسان جو آفريڪا هلڻ فقط پنھنجي دل کي راضي ڪرڻ لاءِ ٿيندو؛ هن وقت اسان کي پھريائين ٻين جوابدارين جو خيال رکڻو آهي ۽ جيڪا بہ طاقت بچت آهي، سا امانت سمجهي پنھنجي شخصي چهنائن پورين ڪرڻ ۾ نہ ڪنھن جوڳي تحرڪ ۾ لائڻي آهي، جنھن مان عوام کي ڪو لاڀ ملي سگهي.
مون کيس چيو: مرد ائين ئي بي وفا ٿيندا آهن. دل کان پيسو وڌيڪ پيارو ڪندا آهن.“
سام کلي چيو: ”سري ڪرشن جڏهين گوڪل جھڙو سک جو آستان ڇڏي، پنھنجي راڄنيتي فرض پوري ڪرڻ لاءِ مٿرا ڏانھن هليو ويو، تڏهين گوپيون بہ مٿس بيوفائيءَ جو الزام ڌرينديون هيون. آلجيريا گهمڻ تي ڪنھن جي نہ دل ٿيندي؟ يولاند سان ملڻ تہ مون لاءِ هڪ تيرٿ ياترا مثل ٿيندو. پر هڪ سپاهي پنھنجي ڊيوٽي ڇڏي دل وندرائڻ جي چاهنا رکي نٿو سگهي.“
***


3-1-1952ع سما جيترو اُداسي آهي اوترو سندس دلوچڙڻي ڀي آهي. چڱي شيءَ، چڱو ماڻھو، ڪو سٺو جانور يا ڪو نئون وڻندڙ خيال هجي تہ جهٽ کيس ان جي پروڙ پوندي آهي ۽ ان لاءِ کيس ازخود چاھہ ائين ٿيندو آهي. ڪو سھڻو ميوو ڏسندو، پوءِ گهرج نہ هوندي تہ بہ ڳنھندو، ڪو ڇيلو يا ڪتو يا ٻيو ڪو جانور سٺو پليل ڏسندو سندس دل ٿيندي تہ ڌاريونس؛ نہ تہ بہ بيھي انکي ڪيتري دير ڏسندو ۽ پوءِ اڳتي هلندو. مان پنھنجي اندروني طبق ۾ ائين سمجهندي آهيان ۽ سام بہ مونکي بلڪل اثرائتن لفظن ۾ خاطري ڏيندو آهي تہ کيس انھن ماڻھن، شين وغيرہ سان ڪوبہ موھہ (Attachment) ڪو نہ پيدا ٿيندو آهي؛ تنھن هوندي بہ هو انھن جي ويجهڙائيءَ ۾ خوش نظر ايندو آهي. جيتوڻيڪ تيا ڳڻ يا پري ٿي وڃڻ ۾ بہ مون کيس رنج ڪونہ ڏٺو آهي.
مان ڪڏهين پنھنجي شخصي خيال کي پري رکي اهو فرض ڄاڻندي آهيان تہ کيس اهڙن ماڻھن سان ڳالھائڻ يا ملڻ ۾ مدد ڪريان. ان ڪري يولاند سان وري ستاويھن سالن جي عرصي بعد لکپڙھہ کائنس شروع ڪرايم. مون تہ يولاند کي بہ لکيو تہ توهان ٻنھي کي هڪ ٻي سان ملائڻ منھنجي حياتيءَ جو هڪ فرض ٿي رهندو. مان سمجهندي آهيان تہ پريم کي دٻڻ بہ هڪ پاپ آهي ۽ سام چوندو آهي تہ پريم هر صورت ۾ پاڪ آهي.
هن بنسبت سام چوندو اٿم تہ ايتري سخاوت ڪر، جا خوشيءَ سان ڪري سگهين! اهو خيال نہ رک تہ اسان کي ڪنھن خاص شيءِ يا ماڻھوءَ جي گهرج آهي؛ تون پنھنجي سڀاو کي متان موڙي هروڀرو منھنجي خيال تي هلندي هجين! ائين جوڳ نہ آهي. مان بہ ڏسندي آهيان تہ چاه هوندي بہ سام کي ڪنھن شيءِ يا ماڻھوءَ جو تياڳ ڪندي، ڪا تڪليف ڪانہ ٿيندي آهي. هوڏانھن پيار جي ڪماليت انھيءَ ۾ ڏسندي آهيان تہ ڀل سام پنھنجي شاعري سڀاو موجب پاڻ وڌائي ۽ اهڙن ماڻھن سان رهاڻ روبرو يا خطن جي رستي ڪندو رهي، جئين پنھنجي اڪيلائي جي گفا کان نڪري. هن جو سڀاو چئجي کڻي تہ ٻٽو آهي. ڪڏهين تہ پڙ ڪڍي بيھي ۽ چوي تہ اهڙين ڳالھين جي ضرورت ئي ڪھڙي آهي. مون کي سندس خيال ڦيرڻ ۾ دير ئي نہ لڳندي آهي. مثلاً بيماريءَ ۾ سمجهو تہ ڪنھن گوريءَ يا دوا جي مونکي ضروت آهي، پر مان وٺڻ کان انڪار ڪريان ٿي. تڏهين هو سنڀري مون وٽ دوا کڻي ايندو ۽ چوندو: توکي ضرور پئاريندس! مگر جھڙي پڪي ارادي سان اُٿي ايندو اهڙوئي جلد منھنجي بھاني ڏيڻ تي وري چپ ڪري ويھي رهندو. ظاهراً ائين پيو سمجهبو تہ کيس ارادي جي طاقت گهٽ آهي، مگر حقيقت هينئن آهي تہ سندس سڀاو ٻاراڻو ۽ مڙجهر وارو آهي. مون ڏٺو آهي تہ پنھنجو خيال ڪھڙو بہ هجيس تہ ٻئي تي مڙهڻ پسند نہ ڪندو آهي؛ جيترو خيال پنھنجي خيال تي پنھنجي طرف کان اڏول رهندو آهي اوتروئيءَ سولائيءَ سان ٻئي جي سڌي اپيل ڪرڻ سان اهو خيال مٽي ڇڏيندو آهي؛ کيس ڪو اٽڪاءُ ٻنھين پاسي ڪونہ رهندو آهي. هنکي ٻاراڻو سڀاو چئجي ڪو گيان جو طريقو چئجي. مگر مان انھيءَ کي ٻئي ڪنھن نظر سان ڏسي ڪونہ سگهندي آهيان.
***


ڪڏهين تہ مونکي بہ سندس ڦرندڙ سڀاو ڏسي هڪ قسم جو وئراڳ اچي ويندو آهي ۽ سام کي وري موقع ملندو آهي جو ڪنھن الٽي رستي مون کي پريم جو هڪ وڌيڪ سبق پڙهائي! مان سجهان ٿي تہ هو بہ حياتيءَ کي هڪ راند ڪري سمجهي ٿو ۽ اهو خيال سندس ارادن کان ٻاهر ڪونہ هوندو آهي تہ الٽي سلٽي رستي بہ حياتيءَ جي وک گيان مارڳ ۾ وڌائڻ گهر جي. اهڙيءَ طرح اسين خيال جي مٽ سٽ يا خيال جي قربانيءَ ڪرڻ سان سچ پچ زندگيءَ جا ڏاڪا مٿي چڙهي رهيا آهيون.
انھيءَ ڳالھہ جي سمجهاڻيءَ لاءِ مان هت ڪن شخصي ڳالھين جو ورنن ڪري سگهان ٿي پر ممڪن آهي تہ اسان جون نراليون واٽون ڪنھن پڙهندڙ جي دل ۾ ڪا غلط فھمي پيدا ڪري سگهن. هت وري سام جي سمجهاڻي مضمون نگاريءَ بابت ياد اچي ٿي تہ ڳالھيون ۽ واقعا فقط خيال جي تصوير چٽڻ لاءِ ضروري آهي. بعضي بعضي انھن جي گهڻائيءَ ۾ نڪتو خيال جو گم ٿي وڃي ٿو. هي اُپنشند جو منتر پڻ ياد اچي ٿو: ’استوما سدگميہ.‘ ڳالھيون ۽ واقعا سڀ ...... آهن. سچ آهي پريم ۽ گيان جي روشني جنھن جو واڌارو ڪڏهين ماٺ مان ٿئي ٿو.
***


مجازي ۽ حقيقي پريم جو ذڪر ڪندي سام هڪ وقت هيءَ سمجهاڻي ڏني: ”پريم هر شيءَ کي پاڪ بڻائي ٿو. انساني چولو ناسونت آهي. شرير رت پونءَ جو پڃرو آهي. اهو نہ پاڪ آهي، نہ ناپاڪ آهي. آتما هميشہ پوتر آهي. پريم جو جت واسو آهي اُتي ئي سچي پوترتا آهي! اسان کي ڪنھن خاص شيءِ يا ماڻھوءَ لا تمنا ڪانہ رکڻ گهرجي. ڪو هن راند ۾ اچي اتفاق پاڻ شامل ٿئي تہ گهڙي پل جي ورونھہ ۾ ڪو پاپ ڪونہ آهي. مگر موھہ پاپن ۾ شمار آهي جو سڄي سندرتا ۾ واسو سندر شيام جو آهي. ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي ۽ نہ اسين ٻيو ڪجهہ ڪٿي ڏسي سگهون ٿا!“
***


گرڌاريءَ سام کان هڪ سوال پڇيو: ”توهان کي ڪنھن پريميءَ جي ملڻ ۾ خوشي ٿئي ۽ نہ ملڻ ۾ دک ٿئي ٿو يا نہ؟ مان سمجهاڻ ٿو تہ توهان کي ڪڏهن ڪڏهن مئڊم يولاند يا اهڙن دوستن جي نہ ملڻ ڪري دک ضرور ٿيندو هوندو!“
مون گرڌاريءَ کي جواب ڏنو: ”سام کي تہ ڪجهہ ياد ئي ڪونہ آهي! انھيءَ مان توکي سبق سکڻ گهرجي“
سام چيو: دک بہ خراب نہ آهي، پر اسين پيار ۾ دکي ڪونہ ٿيندا آهيون. جيئن ڪا ڪچي ڀاڄي يا گوشت جي شيخ باھہ تي رکبي آهي تہ پچڻ کان اڳ ۾ پاڻي ڇڏيندي آهي، تيئن دک جي آگ اسان مان ڪچ ڪڍي ڇڏي ٿي. مگر اسين تہ اُهو پاڻي اڳئي ڳاڙي چڪا آهيون ۽ هاڻي پچي پختہ ٿيا آهيون. هي تن من ٻيئي پنھنجا نہ آهن. انھن جي خوشيءَ لاءِ دک ڪرڻ يا ڪشالو ڪرڻ اجايو آهي. ڪڏهين پراڻي وقت جي ياد اچي بہ سگهي ٿي. جيئن جانور کاڌو کائي پوءِ ڇانو ۾ ويھي اوڳاري، تيئن اسان بہ گذريل وقت جي آزمودن کي اوڳاري گيان جو رس منجهانئن ڪڍي سگهي ٿو. مگر ياد هڪ ڳالھہ آهي ۽ پريشاني ٻي ڳالھہ آهي. پريشان ٿيڻ هر حالت ۾ ڪچائيءَ جي نشاني آهي. ويتر اسان کي تہ توهان ئي ڪافي پيارا لڳو ٿا ۽ توهان سان ڪافي وندر ڀانيون ٿا.“
***


17-1-1952ع اڳ هڪ ٻڌر جي ميٽنگ جا نوٽ مون وٽ رهجي ويا آهن. مان اهي خيال ڪجهہ نوٽن مان ۽ ڪجهہ سام ۽ پنھنجي يادگيريءَ مان هينئر درج ڪريان ٿي. ميٽنگ ۾ انجنير صاحب سوال اٿاريو: ”توهين جو چوندا آهيو تہ ﷲ کان سواءِ ٻي ڪابہ هستي ڪانہ آهي تہ چئبو گناھہ بہ ﷲ پاڻ ڪري ٿو!“
سام وراڻيو: ”علم منطق ۾ ڪنھن ڳالھہ کي ثابتيءَ بنا سچي ٺھرائڻ کي چئبو آهي، ’Begging the Question‘ يا دعوى بلا ثبوت. اڄوڪي بحث ۾ توهان اڃا گناه جو هجڻ يا نہ هجڻ تہ ثابت ئي ڪونہ ڪيو آهي. جنھن ڳالھہ جو سوال هلي رهيو آهي اڳ ۾ ئي کڻي نشچئي ڪئي اٿو. پھريون سوال آهي تہ گناه آهي يا نہ؟ انھيءَ جي سمجهڻ کان سواءِ ڪيئن چئبو تہ گناه اسين ٿا ڪريون يا ﷲ ٿو ڪري. اسين تہ چئون ٿا بذات خود (Objectively) نہ گناه آهي نہ ثواب آهي، يعني اهو ڏسندڙ ۽ ڪندڙ جو فقط هڪ خيال آهي؛ انھيءَ کي ڪا هستي نہ آهي.“
انجنير صاحب پڇيو: ”ڪرم آهي يا نہ؟ ۽ ڪرم جو ڦل آهي يا نہ؟“
سام وراڻيو: ”ڪرم جيوت سان لاڳو آهي ۽ ڪرم جو ڦل ڪرم سان لاڳيتو آهي؛ جيئن ڪرم کان جدا ڪري نٿو سگهجي، تيئن ڦل بہ ڪرم کان جدا ڪري نٿو سگهجي. ايترو تہ هڪ ٻئي سان مليل آهن، جو ٻن ڀاڱن تي جدا آڱر رکي چوڻ جو تہ ڪرم آهي ۽ هي ان جو ڦل آهي، سو اهنجو آهي. ڇا لاءِ جو انھيءَ وٿيءَ ۾ ٻين ڪرمن يا ٻين سببن جي داخل ٿيڻ جو نہ فقط امڪان آهي مگر اها هڪ ضروري ڳالھہ آهي، جو ڪرم يا جيوت جي زنجيريءَ ۾ ڪو خال ڌيائي نہ ٿو سگهجي. جي اهڙي وٿي وقت ۽ ديس جي وجهبي تہ اهو ’ڦل‘ يا نتيجو خاص ان ’ڪرم‘ جو ڪين چئي سگهبو ڇا لاءِ جو حياتي ۾ اندروني يا بيروني خال آهي ئي ڪونہ؛ اتي يعني فرض ڪيل وچين عرصي ۽ ٻيا ڪرم خيالي يا عملي ضرور پيدا ٿيا هوندا. اڳي مون چيو آهي تہ جيئن هڪ مس چٽي جو سيڪ وڌي يا واريءَ تي لاڳيتي طرح پاڻيءَ جو سيڪ سيلاب وڌي يا جيئن باه جي تپت باه کان وٺي، پسگردائيءَ ۾ ڪجهہ حد تائين لاڳيتي ۽ ڳنڍيل رهي ٿي، تيئن ڪرم جو ڦل پڻ ڪرم سان لاڳيتو وڌندو رهي ٿو. ان ڪري ائين چوڻ تہ هي ڪرم آهي ۽ هي انھيءَ جو ڦل آهي يا هي گناه آهي ۽ هيءُ ان جي سزا آهي، سو ڪجهہ غلط آهي.“
انجنير صاحب چيو: ”ان لاءِ وڌيڪ کولي سمجهاڻي ڏيو جا ڪنھن خاص گناه سان واسطو رکي.“
سام وراڻيو: مثلاً ڪو ماڻھو مون کي ڌڪ هڻي ٿو ۽ مان وجهہ وٺي سڀاڻي تي ان کي ڌڪ هڻان ٿو. توهين چوندا تہ اهو منھنجو ڌڪ ان ماڻھو جي ڪلھوڪي ڌڪ جو ڦل آهي. مگر ڪھڙي خبر آهي تہ منھنجي عيوض جو بنياد نہ رڳو انھيءَ ڌڪ تي پر ٻين ڪن ارادن تي بہ ٻڌل هجي؟ شايد ڪا نئين رٿ يا لالچ منھنجي ان سان شامل هجي! ٻيو مثلا: اڄ مون خراب کاڌو پيٽ ۾ وڌو. صبح جو مون کي بدهاضمون ٿئي ٿو. شايد کاڌي ڪري نہ پر خراب پاڻي پيئڻ ڪري يا شام واري چانھہ جي وقت پيالي تي ڪنھن زهريلي مک ويھڻ ڪري يا اوچتو مليريا جي جيوڙن وڌي وڃڻ ڪري پيٽ جي تڪليف ٿي هجي! تنھن ڪري ائين چئي نہ سگهبو، تہ فلاڻي کاڌي کائڻ ڪري بدهاضمو ٿئي ٿو.“
انجنير صاحب چيو: ”مون کي ائين ٻڌايو تہ ڪنھن گناه واري ڪم ڪرڻ سان جنھن کي عام طرح گناه چئجي ٿو ڪيئن ۽ ڪھڙو ڦل پيدا ٿئي ٿو.“
سام چيو: ”گناه جيڪڏهين ان ڳالھہ کي چئو ٿا جا جيوت جي قانون جي اُبتڙ آهي تہ پوءِ سمجهو کڻي تہ خون ڪرڻ هڪڙو گناه آهي جيتوڻيڪ مان اڳواٽ ڌيان تي آڻڻ گهران ٿو تہ خون ڪرڻ هر حالت ۾ گناه ٿي نٿو سگهي. فرض ڪريو توهان ڪنھن جو خون رٿي، سوچي ڪريو ٿا. ان ڪرم جو پھريون اثر ان وقت اهوئي ٿئي ٿو؛ جو خون ڪندڙ جي دل ۾ حراص ۽ ڊپ پيدا ٿئي ٿو، چاهي اهو ڊپ الٽي عيوض جو هجي يا قانون جي سزا جو هجي يا خدا جي ڏمر جو هجي. اهو ڊپ ۽ هراس خونيءَ جي خيال ۽ سڄي جيوت تي هڪ قسم جو پاڇو يا ڇاپو ٿي رهي ٿو. ۽ اهڙو خوني ماڻھو اڪثر خيال ۾ هٽندڙ نظر ايندو آهي ۽ سندس Nervous System يعني طبع اهڙي ڪنھن خوف جي ڪري گهٻرايل رهندي آهي. ان جو نتيجو ڪڏهن اهو نڪري ٿو، جو نہ رڳو من يا ارادو پر بدن پڻ اهڙي خونيءَ جو ڏٻرو رهي ٿو ۽ ان ڏٻرائپ جو فائدو وٺي، ڪا بيماريءَ خونيءَ تي غالب پوي ٿي؛ هو ان مان آجو ٿي نٿو سگهي، ان نموني جيڪڏهين خونيءَ جو اهڙو موت چئجي کڻي تہ سندس بري ڪم مان پيدا ٿيو تہ اهو ويچار ڪجهہ قدر صحيح ٿي سگهي ٿو، پر عام طور جيئن چئبو آهي تہ خون جو نتيجو الاهي قهر يا موت آهي تہ اهو غلط بہ ٿي سگهي ٿو. ڪُڪَرم يعني قدرت جي قانون خلاف ڪرم خيال جي غلاظت، خوف ۽ انھيءَ وسيلي هيڻائي تن ۽ من جي ضرور وڌائي ٿو، جن جا ٻاهريان ظاهري ڦل، بيماريون، مالي نقصان وغيرہ يا خود موت ، پوءِ آهستي آهستي پيدا ٿي سگهن ٿا. هوڏانھن اندر ۾ من جو مونجهارو ٻڌيءَ جو ناس ٿيڻ ۽ آتما جي آخر هاڃيءَ جا ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. پر ان وچ ۾ جيڪڏهين سچائيءَ، ديا، محبت يا ٻئي ڪنھن جي اُپڪار جو خيال ان ڪُڪرمي جي دل ۾ اچي وڃي ٿو تہ بڇڙائيءَ جي وڌندڙ اثر تي روڪ پئجي سگهي ٿي ۽ وري جيوت کي ڦلائڻ وارا اثر پيدا ٿين ٿا. اهي آهن ڪرم جي ڦل پيدا ٿيڻ جا طريقا. سمجهو تہ ڪرم ڌاڳن جي ڪچيءَ ۾ تانيءَ مثل آهي؛ ڪي ڌاڳا ڊگها، ڪي بندرا تہ ڪي هت يا هُت ٻين ڌاڳن سان ڳنڍيل آهن؛ سي سڀ گڏجي ڪرم جي تاني بڻائن ٿا. ڪي وچ تي، وري ٽٽي پون ٿا. انھن مان هڪ هڪ ڌاڳي جي شروع کان آخر تائين ڄاڻ رکڻ اهنجي آهي. فقط اهو سمجهڻ گهرجي تہ اُهي سڀ ملي هڪ تاني بڻائن ٿا. تانيءَ ۾ بہ ڌاڳا ڪنھن حد اندر رهن ٿا مگر ڪرم يا جيوت جو دائرو محدود ناهي؛ ڪٿان بہ ۽ ڪڏهن بہ نوان ڪرم پاڻ مان ۽ ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ جيءَ مان پيدا ٿي پنھنجو اثر وجهي سگهن ٿا. ائين چئي نہ سگهبو تہ هي يا هي ڌاڳو ڪارڻ طور وڌيڪ اهميت رکي ٿو. ڪُڪرم جي سزا چٽيءَ طرح معلوم تڏهين ٿي سگهندي. جڏهين اندر جو راز سمورو معلوم هجي جو ممڪن نہ آهي. ان ڪري ئي ايشور کي بي انت چيو اٿن. باقي ٿلھي ليکي ائين چوڻ تہ خوني دوزخ ۾ وڃي ٿو ۽ پر اپڪار جي ڪم ۾ جيڪي لڳل آهن سي سڀ بھشت ۾ وڃن ٿا، سو فقط هڪ خيال ظاهر ڪرڻ جو نمون (Figure of Speech) آهي مگر ان کي گياني ڪا بہ اهميت ڪين ٿا ڏين. ٻج کان سواءِ برابر ميوو پيدا ڪو نہ ٿو ٿئي، پر ٻج سان گڏ سج جي روشني مٽي، پاڻي، هوا، ڀونرن ۽ مکين جو اٿڻ ويھڻ گلن تي، اهي سڀ شيون ۽ حرڪتون جدا جدا نمونن ۾ ۽ جدا جدا ڊگرين ۾ پنھنجي کيڏ ڪن ٿيون؛ انھن سڀني جو نتيجو ٿئي ٿو ڦل وڻ جو. تنھن ڪري، جيتوڻيڪ ڦل هميشہ ٻج مان پيدا ٿئي ٿو تہ بہ ٻج هميشہ مقرر نموني جا ڦل، وڏا ننڍا يا هڪ جيترو مٺاس رکندڙ، ويدا نٿو ڪري سگهي. سببن جي زنجيري (Chain of Causation) اهڙي تہ ڳنڍيل ۽ ڳتيل آهي، جو منجس ڪي بہ گهر ۽ پد حقيقت ۾ جدا نہ آهن، پر اُهي يڪو هڪ رستو بڻائن ٿا؛ هيءَ هڪ ڳنڍيل تار ۽ هڪ لڳاتار رفتار (Process) آهي.“
سام وري چيو: ”ٻن خونين جي حياتيءَ جي مون کي ڪجهہ قدر خبر آهي. هو اسان جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. ڪيئن انھن جي ڪڪرم منجهن اهڙو ڊپ ۽ هراس پيدا ڪيو، جو جلدئي هپندا، خوف ۾ ڳرندا، بيمارين ۾ آخر وٽجي مري ويا، اهو هڪ خيال کي اُٿاريندڙ آزمودو هيو.
انجنير صاحب چيو: ”مون وٽ هڪ بيلدار آهي جنھن ڇهن ماڻھن جو خون ڪيو آهي مگر هن کي ڪجهہ ڪونہ ٿيو آهي ۽ بلڪل خوش رهي ٿو.“
سام چيو: ”هو ڪو پڪو بنڊ هوندو. جنھن جي ڳارڻ يا نرم ڪرڻ لاءِ شايد اڃا وڌيڪ دک پيدا ڪندڙ ڪرمن جي ضرورت آهي. جيتريقدر مون کي خبر آهي تہ اهڙن ماڻھن جو اندر کاڌل هوندو آهي توڙي جو ٻاهران خوش نظر ايندا آهن. سمجهہ بہ ثابت نہ رهندي اٿن؛ سندس ڪڪرمن سان گڏ ئي سندن زندگيءَ ۾ بگاڙو شروع ٿئي ٿو.“
انجنير صاحب چيو: ”مان في الحال اها ڳالھہ قبول ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ اڃا ٻئي دفعي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضروت آهي ۽ ٻيا ڪجهہ سوال بہ پڇندس.“
***


1-5-1952ع هيءَ ڊائري وري ڪيترن مھينن بعد شروع ڪريان ٿي. حقيقت هيءَ آهي تہ ڪم جي گهڻائيءَ ۽ گرم آبھوا سبب مون کان لکڻ پڄي ڪو نہ سگهيو آهي.
سام چوي ٿو: ”اصل ۾ اها دل جي شوق يا اورچائي جي گهٽتائي آهي، جنھن جا ڪارڻ ڪجهہ جسماني ۽ ڪجهہ روحاني ٿي سگهن ٿا. جسماني ڪارڻ هي آهي جو هن ننڍي شھر ۾ گهڻو وقت رهندي زندگيءَ ۾ هڪ قسم جي بي چسائي يا ساڳيائي (Monotony) پيدا ٿي آهي جا سستيءَ کي همتائيندڙ آهي. روحاني سبب هي آهي، جو آدرشي زندگي يعني رٿيل آشرم واري زندگي اڃا پري نظر اچي ٿي؛ هاڻوڪي زندگي اسان ڪن ڌارين يعني بيروني، مالي يا گهرو خيالن کان اختيار ڪئي آهي ۽ نہ دل جي چاه مان. پر هڪڙو تفاوت تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ هي آهي تہ تون هن عارضي طور اختيار ڪيل زندگيءَ کي بلڪل بي سود ۽ بي سواد سمجهي، ٻاراڻي نموني اُن کان رسي ويھين ٿي ۽ مان ڪوشش ڪريان ٿو تہ مجبوريءَ وارين حالتن مان پڻ ڪجهہ کڙ تيل ڪڍجي. انھيءَ عارضي طور اختيار ڪيل زندگيءَ جي نموني کي پڻ آدرشي زندگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ ذريعو يا ڏاڪو بڻائي سگهجي ٿو. ڪنھن بہ صورت ۾ بنا چاه جي ڪوبہ ڪم ڪرڻ نہ کپي خاص دلچسپي نہ هجي تڏهن بہ ڪوشش ڪرڻ گهرجي تہ من اتان بہ ڪجهہ حاصل ٿئي. حياتيءَ جون واٽون گهڻيون گڏيل آهن حقيقت ۾ آدرشي ۽ عارظي طور اختيار ڪيل زندگيءَ ۾ آتما لاءِ ڪو خاص فرق ڪونہ آهي. ڇا ڪاڻ تہ جا هستي ۽ جا وستو اسين آهيون، اها هميشہ رهنداسون. يعني جنھن بہ دائري حياتيءَ جي ۾ کيڏ ڪبي، تنھن جو ڦل اسان جي لياقت، ڀاونا ۽ سڀاو موجب ضرور ملندو. خسيس ماڻھن سان واهپو هجي، ۽ بلڪل معمولي ڪمن ۾ کڻي رڌل هجون، تڏهين بہ جي اسان ۾ ڪا سچائي يا مڻ آهي تہ اها لڪل نہ رهندي لکن ماڻھن تي پوي يا فقط هڪڙي ماڻھوءَ تي ان جو اثر پوي، ان هڪ ماڻھوءَ مان بہ وري اهو اثر لکن ۾ ڦهلجي سگهي ٿو. ان ڪري بي چسو ٿيڻ نہ گهرجي. سکن جو گرو ٽيڪ بھادر صاحب قيد ڀوڳي رهيو هو تڏهين بہ سندس وشواس ذرو گهٽ ڪونہ ٿيو؛ حضرت بھاوﷲ جڏهين چاليھہ سال بندخاني ۾ رهيو، تڏهين بہ پنھنجي آدرش ۾ ايمان رکندو آيو. ٻين مذهبن جي اتھاس مان پڻ انيڪ مثال ساڳي قسم جي ڏيئي سگهبا. پسند يا اڻ پسند حالتن ۾ صبر ڌارڻ، پنھنجو نيم قائم رکڻ، پرارٿنا ۽ پريم جو ورتاءُ جاري رکڻ سوئي سچي ڌرم جو مارڳ آهي. جيڪڏهين اسين هيءُ هڪ قيدخانو بہ ڪري سمجهون تڏهين بہ چاه زندگيءَ جو گهٽ ڪرڻ نہ گهرجي. سستي ۽ آلس پاپن ۾ شمار آهن.“
هيترا مھينا سمجيم بہ ٿي تہ ڪيتريون لکڻ جھڙيون ڳالھيون هٿان وڃائي رهي آهيان. ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اُهي درج ڪري نہ سگهي آهيان. ان جو ذڪر سام سان ڪيم.
سام چيو: ” جيئن هڪ بي چسو شڪاري شڪار جي علائقي مان هٿين خالي موٽي اچي يا جيئن پراڻو ڇڳل ڄار کڻي مھاڻو سمنڊ مان ڪجهہ بہ حاصل ڪري نہ اچي، تيئن تنھنجي سستيءَ بہ زندگيءَ جي وهندڙ درياه مان توکي فائدو وٺڻ ڪونہ ڏنو آهي.“
سچ پچ آهي بہ ائين. اسان جي نڪتن ۽ ٽوٽڪن سان ڀرپور روزاني واد وواد هڪ سکيا واري وهندڙ درياھہ مثل آهي. ويجهو ويھي بہ مان ڪجهہ قلم روپي گهڙي ۾ آڻي ڪين سگهي آهيان. پر اڄ وري نئون ارادو ڪيو اٿم تہ جيتريقدر ٿي سگهندو اهڙا نوان خيال هٿان ڪين وڃائيندس.
***

2-5-1952ع سام ڪيترن ڏينھن کان ان ايندڙ سمي جو ذڪر ڪندو آهي، جڏهين سندس گرهست آشرم جو معياد پورو ٿيندو. اسان سڀني کي پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، تنھن لاءِ مون کان ۽ پنھنجي ويجهن دوستن کان بعضي بعضي صلاح پڇندو آهي. صوفي صاحب (مسٽر ڌڻي بخش) جي صلاح لاءِ هن سندس اڳيان ٻہ خيال رکيا، هڪڙو هي، تہ هڪ ننڍي ٽولي سان ٻہ سال کن سڄي ديش جو پيدل چڪر هڻجي، جنھن سان گڏ ڪو شيوا جو ڪم بہ پيو ڪجي، جھڙوڪ بيمارن کي دوائون ڏيڻ، ڳوٺ ڳوٺ جي سوالن، اهنجن، گهرجن ۽ گهٽتائين وغيرہ مان واقف ٿيڻ ۽ انھن لاءِ ماٺيڻي نموني آواز اُٿاري ڪو حل لھڻ؛ سئڪلو اسٽائيل يا لٿو پاڻ سان کڻي پنھنجي سير ۽ پروگرام بابت هڪ ننڍو بليٽن وقت بوقت ڪڍڻ وغيرہ؛ ٻيو هي، تہ شانتي پوروڪ نموني ٻہ سال کن سھڻا آسنتان ڏسندا، ﷲ جو نالو وٺندا، ڳائيندا، بجائيندا، سير ڪندا رهون، تنھن بعد ڪو سٺو آسٿان چونڊي ان ۾ پڪو ديرو يعني آشرم اسٿاپن ڪريون.
صوفي صاحب کي هي پويون خيال وڌيڪ وڻيو ۽ چيائين: ”رسالو ڇپڻ يا ڪو انتظامي ڪم هٿ ۾ کڻڻ سو هڪ قسم جو ٻنڌن ٿي پوندو!“
سام جڏهين مون کي صوفي صاحب جا خيال ٻڌايا، تڏهين مون کيس چيو: ”جيڪا اسان کي ڏات مليل آهي، سا وساري ڇڏڻ ۽ اُن کي خاص اوزار ڪري ڪم نہ آڻڻ سو بہ تہ گناه آهي.“
سام وراڻيو: ”اهو خيال هڪ پاسي ۽ ٻيو خيال هي بہ آهي تہ اسين هن اوسٿا ۾ پاڻ تہ کڻي شانتيءَ واري زندگيءَ ۾ خوش رهون ۽ ان کي خود هڪ قسم جو پرشارٿ ڪري سمجهون، ان لاءِ جو شانتيءَ ۾ رهڻ پڻ هڪ پورو عمل آهي، پر ٻيا سنگتي جيڪي گڏ هلندا يا پوءِ آستان تي مڙي گڏ ٿيندا، انھن سڀني لاءِ ڪو ڪم يا وندر ضروري آهي، جو متان ڪو ماٺ واريءَ زندگيءَ ۾ اتساه وڃائي ڪرم ۽ گيان جي مارڳ کان ئي ٽڙي وڃي؛ ڇا لاءِ جو ڪم يعني عملي زندگي ۽ گيان جي کوجنا آتما جي وڏي ٽيڪ آهن، جنھن بنا زندگيءَ ۾ ديوانگي ۽ خط هڪ پاسي وڌي ٿو ۽ بريون منشائون ٻئي پاسي پيدا ٿين ٿيون. پنھنجو وقت پڻ بي خيالي واد وواد يا اجائي چؤ ٻول ۾ پيو ضايع ڪجي، تنھن کان بھتر آهي تہ ڪا ٽيڪ نيم ۽ ڪرم جي هجي؛ ان سوال تي ڳوڙهي خيال ڪرڻ جي ضرورت آهي.“
پرشارٿ جي اصول سمجهائيندي، سام وڌيڪ هينئن چيو: ”ڪرم ۽ ڪوشش جو تاڪيد آتما جي اُڌار لاءِ شاسترن ۾ ڪيل آهي. سو ٻاهرين نموني يعني اکري طرح سڌِ پرشن سان لاڳو نہ آهي؛ جو پرش سڌي ۽ سڌيءَ وڃان شانتي حاصل ڪري ٿو، سو خود هڪ وڏو ڪم سرانجام ڪري ٿو يعني اِها شانتي خود پريشان جو ڦل آهي مطلب هي آهي تہ عام طرح جو ماڻھو ڪنھن ننڍي خيال وچان يا سنتي وچان ڪم ڪار فٽي ڪري چوندا آهن تہ جيڪي ڪندو سو ايشور پاڻ ڪندو انسان جي هٿ ڪجهہ نہ آهي سو خيال غلط آهي. ڇا لاءِ جو تمنا پنھنجي ڪاريا پوري ڪرڻ جي هر انسان جي اندر ۾ رهي ٿي فقط ڪي پنھنجون بار لاهي ﷲ تي ڦٽو ڪن ٿا ۽ اِها پنھنجي واٽ سراٽ پسند ڪن ٿا جنھن ۾ حيلو گهٽ ڪرڻو پوي. انھيءَ قسم جو ترڪ يا سنياس گهڻو ڪري آلس وچان پيدا ٿئي ٿو، پر سڌ پرش جڏهين ظاهري ڪرم ترڪي ٿو تڏهين اندروني کيتر ۾ يعني امنگ ۽ آتمڪ خيال ۾ پاڻ وڌيڪ چست رهي ٿو؛ شانتيءَ دوارا هن جو اندروني عمل وڌيڪ سڦلو ٿئي ٿو؛ هو فقط ڪرم جي ڦل جو تياڳ ڪري ٿو، ان ڪري شانت نظر اچي ٿو؛ مگر جوڳي ڪرم کان عار ڪرڻ سو هرگز جائز نہ آهي. اها شانتي حاصل ڪرڻ آتما جو وڏي ۾ وڏو ڪرم آهي. رواجي طرح ئي ماٺ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ اهنجو ڪم آهي! ياد اچي ٿو تہ جڏهين مان ولايت ٿي ويس تڏهين گهڻو وقت اڪيلو وڌيڪ ڊيڪ تي يا جھاز ۾ پنھنجي ڪيبن اندر گذاريندو هيس. گڏ هلندڙ هڪ دوست چيو: ڇا يار! سڄو ڏينھن چپ ۾ ويٺو آهن؛ نہ ڪم نہ ڪا وندر! تڏهين فلسطين جي هڪ گڏ سفر ڪندڙ دوست ان کي چيو: ’توهين تہ ائين ٻہ ٽي ڪلاڪ چپ ۾ رهي ڏيکاريو!‘
”من جي شانتي حاصل ڪرڻ ۽ رواجي طرح ماٺ ۾ رهڻ.، انھن ٻنھي حالتن ۾ وڏو فرق آهي. رواجي ماٺ سمجهو کڻي تہ هڪ بي جان جنس آهي؛ پر جنھن کي سچي شانتي چئون ٿا سا ڪرم رهت يعني ڪرم کان خالي نہ آهي. فقط ٻنھي جو روپ هڪ جھڙو آهي. يعني ماٺ ۾ رهڻ ۽ سنتشٽ رهڻ ٻاهرين طرح هڪجھڙيون حالتون لڳن ٿيون پر ظاهري ماٺ ۾ چنتا ۽ جلن لڪل رهي سگهن ٿيون؛ هوڏانھن سچيءَ شانتيءَ ۾ چنتا ۽ جلن تمنا جي ڪابہ ڪانہ ٿي رهي ظاهري ماٺ نشي جي حالت ۾ بہ ٿي سگهي ٿي ۽ منجهس غفلت جا آثار رهي سگهن ٿا، مگر سچي شانتي بي خبر نہ آهي. انھيءَ جي ڀيٽ رواجي ماٺ (Inactivity) سان ڪري نٿي سگهجي. پر رواجي طرح بي حرڪت رهڻ يا ماٺ ۾ رهڻ، سوپڻ ڪيڏو نہ اهنج ساڌن آهي! اٺ پھر تہ ٺھيو پر اٺ گهڙيون بہ ڪو زماني جي ڪمن ۾ ورتل ماڻھو مشڪل ماٺ ۾ رهي سگهي ٿو! حيراني ۽ پريشاني ڪرم جي ڪماليت جي ڪا نشاني نہ آهي. انھن کان آجو ٿيڻ ۽ من جي شانتي هٿ ڪرڻ سوئي سچي ڪماليت ڏيکاري ٿو؛ سوئي سچو پرشارٿ جو مارڳ آهي.“
***


5-5-1952ع هن ڊائريءَ مان ڪجهہ ٽڪرا پڙهي صوفي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو؛ چيائين تہ هي سچ پچ هڪ وڏو گرنٿ اٿو؛ مان هڪ هڪ لفظ چڱيءَ طرح سمجهان ٿو؛ هت هڪ هڪ اکر کي معنيٰ آهي ۽ پنھنجي جاءِ تي پورو آهي.ان بنسبت وڌيڪ ڳالھائيندي چيائين: ”سچ پچ هن جھان ۾ ڪو ڪنھن جو کائي ڪونہ ٿو وڃي؛ ڪنھن نہ ڪنھن نمونيءَ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح، خدمت جو فائدو هر ڪنھن انسان کي ملي ٿو وڃي.“ سام سندس اشارو نہ سمجهيو ۽ چيائين: ”ائين برابر آهي؛ ٻيو نه، تہ بہ کارائڻ يا خدمت ڪرڻ جي خوشي آڳلي کي ڏيڻ ۽ اهڙي ريت صحبت جو مزو وڌائڻ سو بہ هڪ قسم جو عيوض يا موٽ ئي آهي.“
تڏهين صوفي صاحب وري پنھنجي خيال کي وڌيڪ کولي ٻڌايو: ”منھنجو مطلب هي آهي تہ توهان جو ڊاڪٽري ڌنڌو ڪري، سڀ ڪجهہ سام صاحب اڳيان آڻي رکو ٿا تہ هو بہ توهان کي موٽ ۾ ڪجهہ ڏئي ٿو؛ يعني ساڻس گڏ رهي سندس صحبت مان گيان جيڪو توهين حاصل ڪريو ٿا، سو هڪ اُتم خزانو آهي.“
سام چيو: ”اسين ائين بہ ڪونہ سمجهندا آهيون تہ ڪو جيءَ منھنجي لاءِ ڪمائي ٿي يا مان ٻئي ڪنھن جي لاءِ ڪم ڪريان ٿو. جڏهين خيال خيال سان ملي ٿو، تڏهين حياتي هڪ قسم جو گڏيل يتن يا ياترا ٿي پوي ٿي. ويتر منوءَ کي تہ پئسي جي ڳالھين ۾ چاه ننڍي کان ڪونہ آهي. جيئن منھنجي ماتا صاحب هڪ پئسو بہ پاڻ وٽ ڪونہ رکندي هئي ۽ اسان جي وڏي ماتا کان گهري وٺندي هئي، جيتوڻيڪ بابي جن جو ڪافي پيار مٿس هو، تيئن منو بہ ٽڪي جا پڪوڙا گهرائيندي آهي تہ مون کان ئي وٺندي آهي؛ منھنجي خيال کي جاچي ڏسندي ۽ پوءِ منظوري گهرندي آهي، حقيقت هينئن آهي تہ پريم جي زندگي هڪ وڏو خزانو آهي؛ ٻيو جيڪي انسان مال يا ڌن گڏ ڪري سو فقط دل کي دلاسو آهي يا جيئڻ جو هڪ بھانو آهي.“
***


7-5-1952ع موٽر ۾ گڏ رتيديري جي طرف زمينن ڏانھن وڃي رهيا هئاسين. مون سام کي چيو: ”ايشور جي اڇا ڏسڻ ۽ اُن تي ئي آسرو رکڻ، سو ڪھڙو نہ سٺو خيال آهي.“
سام چيو: ”حياتيءَ جي بازي هڪ طرفي کيلي نٿي وڃي؛ ٻٽي بازي آهي. چڱاين براين، اهنجاين سھنجاين ۽ دکن سکن سڀني کان مٿي چڙهڻو آهي. جڏهن لڱائي چڱائيءَ ۾ ساڳيو رام ڏسجي ۽ سندس اڇا جي اها ٻٽي کيڏ ڪري سمجهجي، تڏهين ئي جيءَ کي مونجهاري کان ڇوٽڪارو ملي ٿو، نہ فقط حياتي جي مسئلن کٽڻ ۾ مگر هارائڻ ۾ پڻ ڀلائي سمجهجي! هر نتيجي لاءِ تيار ٿيڻ يعني ان تي راضي رهڻ، سو آهي پنھنجي من جو بوجو لاهي ايشور تي رکڻ ۽ آتما جو سچو آڌار ڪرڻ. ڪڏهين نہ رڳو ڏيڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي پر بيکاري ٿي بيک مڱڻ ۾ به. ڪڏهين تياڳ يعني موھہ ڇڏڻ ۾ تہ ڪڏهين محبت وچان پاڻ اٽڪائڻ ۽ ناتي نڀائڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي. انجڻ ۾ هڪڙو وزن پوري ڪرڻ جو چڪرو (Balancing Wheel) ٿيندو آهي. سنتوش من جي انجڻ جو اهو چڪرو آهي؛ ان سنتوش بنا سنتوش جيڪو ’هري اڇا‘ واري خيال ۾ سمايل هجي جيون جي مڪتي ٿيڻ مشڪل آهي.“
***


اڳي هلي مون سام کي چيو تہ ٻيو بہ ڪجهہ ٻڌايو تہ اهڙو ڪو خيال هجي جو مان سمجهان ۽ پوءِ ڊائريءَ ۾ لکان.
سام چيو: ”اهڙيون ڳالھيون هٿرادو نموني ڪين ٺاهبيون آهن؛ جڏهين دل تي چڙهي اينديون آهن، تڏهين ئي چئبيون آهن. ويتر اڄ طبيعت ٺيڪ نہ آهي. دل جا امنگ خيال جي اونھائيءَ ۽ طاقت (Energy) جي گهڻائي مان پيدا ٿيندا آهن. اڄ گهڻو ٿڪ محسوس ڪريون ٿا. سمجهہ تہ حسن طاقت جو ٻيو روپ آهي. نٻلائيءَ مان ڪوبہ سھڻو خيال پيدا ٿي نہ سگهندو آهي. سندرتا آتمڪ ۽ شريرڪ صحت ۽ احساس جي ڪماليت مان پيدا ٿئي ٿي.“
مون کلي چيو: ”خير ڪيئن بہ هجي؛ مونکي تہ پنھنجو گهربل کاڌو اڄ لاءِ ملي چڪو.“
***


شام جو جيئن سج است ٿيندو ڏسي رهيا هئاسين تيئن سام سورج کي نمسڪار ڪري[1] ڪجهہ دير بعد مونکي چيو: ”قدرت جي زندگي سچي زندگي آهي. قدرت جا نماءُ ۽ نظارا ڏسي انسان جو من ٺڪاڻي اچي ٿو. سنسار جي ستائيندڙ شڪاري خواهش کان بچي، گهڙي پل آتما ڄڻڪ قدرت جي شوڀا ۾ اوجهو وٺي ٿي؛ انسان جو روح، سج، چنڊ، تارن، سمنڊ، پھاڙن ۽ برپٽن جا نظارا ڏسي پاڻان مٿي چڙهي وڃي ٿو. وڏي شيءِ جي ڀيٽ ۾ ننڍڙي شيءِ رکجي تہ ٻنھين جو سچو وزن يا اهميت ۽ ٻنھين جو مقدار ظاهر ٿي پوي ٿو. سنساري زندگيءَ جي چنتائن ۽ سڄي ڏينھن جي ڪمن ڪارين وغيرہ کي هن قدرت جي ڪرشن اڳيا رکجي تہ انھن جي ملھہ جي جلد خبر پئجي ويندي. قدرتي نمائن يا نيمن مان جيڪا دلي راحت ۽ شانتي حاصل ٿئي ٿي تنھن جي ڀيٽ ۾ هي ننڍڙيون ڪاميابيون خواهش جي کيتر ۾ تڇ پيون لڳن. اُن ڪري قدرت سان وهنوار ۽ واهپو رکڻ سو بہ هڪڙو سچي تياڳ جو رستو آهي. ايشور جي سونھن کي سارهائڻ، قدرت جا نيم سمجهڻ ۽ انھن مطابق رهڻ سان بيڪار ترشنائون هٽي وڃن ٿيون ۽ انھن جي ستائڻ کان آتما آجي رهي ٿي.“
***


12-7-192ع سام ڪيترن ڏينھن لاءِ ڪراچيءَ ويل هو، جيتوڻيڪ وچ ۾ ٿورا ڏينھن هٿ موٽي آيو هو، تڏهين بہ سندس جدائيءَ ۾ اڪيلائيءَ جو ايترو اثر منھنجي صحت تي پيو جو مان اڃا پاڻ کي ٺيڪ نٿي سمجهان؛ ائين هميشہ ٿيندو آهي جڏهين هو مھينو کن سال ۾ ٻاهر ويندو آهي؛ منھنجو وزن گهڻو گهٽجي ويندو آهي ۽ ٻاهران موٽڻ تي کيس منھنجي صحت جي چنتا ڪرڻي پوندي آهي. ان جو خاص سبب شايد اهو هجي جو مان پنھنجي نيمن تي رهي ڪونہ سگهندي آهيان ۽ نہ اڪيلائيءَ ۾ واجب سمجهندي آهيان نہ ڪو کاڌي پيتي جا خاص بندوبست ويھي پنھنجي لاءِ ڪريان. هينئر هو پرديس ڪين ويو هو، تڏهن بہ منھنجي صحت ۾ هميشہ کان گهڻو بگاڙو آيو. اڄ هتان جي ڪليڪٽر صاحب کي موڪل لاءِ چيم تہ صحت جي سڌاري ۽ عزيزن جي ملڻ لاءِ مونکي مھينو کن ڇڏيو تہ مان هندستان مان گهمي اچان. هن ڊاڪٽرن جي ٿورائيءَ جو بھانو ڏيئي انڪار ڪيو. ان مان هڪ قسم جي نا اميدي ۽ گڏوگڏ هڪ خوشي پڻ پيدا ٿي. خوشي ان ڪري ٿي جو چيم تہ سام وري جلد ٻاهر ڪونہ ويندو ۽ اڪيلو رهڻو ڪو نہ پوندو. سام چوندو آهي تہ بنديخاني ۾ يا مجبوري واري حالت ۾ دل جي ويجهڙائي پاڻ وڌندي آهي، سڄو ڏينھن پيا پاڻ ۾ پڙهون ۽ ڀڃن ڳايون ۽ ڪٿائون ڪريون. ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪھڙي خوشي ٿي سگهي ٿي؟ هت ٻيو ڪو مائٽ مٽ اسان جو ڪونہ آهي، تنھن ڪري هيءَ اڪيلائيءَ خود هڪ وندر آهي. هن وشيہ جي سنٻنڌ ۾ سام هڪ ڳالھہ دهرائي جا هن ڊائريءَ جي 180 ۽ 181 صفحي تي ڏنل آهي ۽ چيائين: ”ٻيون واٽون پنھنجي من جون بند رکي پنھنجي پريتم ڏانھن لاڙو رکڻ، سوئي کيس پائڻ جو ڪارگر رستو آهي.“
هت جيئن نہ رهيو آهي ڪو مائٽ، نہ سوسائٽيءَ ۾ مزو، سڀ ڳالھہ کان من موڙي پاڻ ۾ مزو وڌائڻ ئي اُداسائيءَ جو هڪ علاج آهي. هڪ پاسي سام تہ ٻئي پاسي کان آهي رام. پوءِ هن ”جيتامڙي“ لاءِ مڙيوئي مزو نہ آهي تہ ٻيو ڇا آهي؟ ڪم ڪار ڪري اچي ٿي ست سنگ جي شرن وٺان. ٻي چنتا ڪابہ ڪين ٿي رکان. پڙهندڙ! اچ تہ اڄ گڏجي سام سان هي سلوڪ اچاريون: ڀڳوانم شرنم گڇامي، ڌمم گڇامي، سنگهم شرنم گڇامي.
]يعني: ڀڳوان جي شرن مون ورتي آ، ڌرم جي شرن مون ورتي آ، ست سنگ جي شرن مون ورتي آ.[
***


24-7-1952ع مون سام کي چيو تہ هاڻي سنساري جيوت ۾ گهڻو عرصو گذاريو اٿئون. خبر نہ آهي ڪڏهين اسان جي آشرم اسٿاپن ٿيندي. جتي باقي وقت ڪنھن سٺي نموني ۾ گذاربو.
سام چيو: ”جيڪڏهين آشرم جي آس بہ دل جي ستائيندڙ خواهشن مان هڪڙي بڻجي پوي تہ اها چڱي نہ ٿيندي. ٿڪل انسان هميشہ آرام جون جايون ڳوليندو آهي؛ اُڃو پاڻيءَ جي ۽ بکيو کاڌي جي چاهنا رکندو آهي. سنساري جيوت ۾ گهڻو وقت رهي ستنتر زندگيءَ جي پياس وڌندي آهي؛ پر اندر جاچي ڏٺو اٿيئي تہ هيءَ آشرم جي پياس سستي ۽ آرام جي زندگيءَ جي پياس تہ نہ آهي؟ جيتري قدر مان سمجهان ٿو، اها آشرم جي زندگي بہ مسئلن ۽ مشڪلاتن کان خالي ڪانہ رهندي! پر تو شايد ان کي هڪڙو سرڳ يا آرام گاھہ ڪري سمجهيو آهي.“
مون پڇيو: ”ڇا ستنتر زندگي مزي ۽ موج جي زندگي نہ ٿيندي؟“
سام چيو: ”ٿيندي؛ پر اهو مزو يا آنند اسان کي مشڪلاتن هوندي بہ ملڻ کپي؛ مشڪل مسئلن حل ڪرڻ سان پاڻ وڌيڪ جلد حاصل ٿئي ٿو.“
ٿوري وقت بعد وڌيڪ چيائين: ”سڀ ڪنھن سنسٿا کي ڪو خاص سنيھو هئڻ گهرجي. جيستائين اهڙي سنسٿا دنيا اڳيان ڪو نئون سنيھو، ڪو گيان جو مارڳ يا شيوا جو اصول پيش نٿي ڪري، تيستائين انھيءَ کي وجود ۾ رهڻ جو اڌڪار ڪونہ آهي. تنھن ڪري مان سمجهان ٿو تہ اسان جي آشرم کي بہ ڪو خاص مقصد ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو خاص اوزار هئڻ گهرجي. انھن ٻنھي لاءِ تو اڳواٽ ڪھڙو ويچار ڪيو آهي؟“
سام وري چيو: ”جيڪڏهين اهو مقصد اسان جو خيال کي جاڳائڻ يا ڀلائيءَ جو روتاءُ وڌائڻ يا قدرتي قانون واري زندگي برپا ڪرڻ کڻي چئجي تہ ان جي اوزارن مان قلم بہ هڪڙو ٿي سگهي ٿو. تنھنجي لکيل ڊائري ۽ اسان جا ٻيا ڪتاب سڀ اوزار بڻي سگهن ٿا. صحبت يا ست سنگ سو تہ برابر سڀ کان اڳ ۾ آهي، پر هن پريس جي زماني ۾ ائين قبول ڪرڻو پوندو تہ جيڪڏهين اُچاريل اکر کي ڪو ملھہ آهي تہ لکيل اکر ۾ پڻ ڪو تاثير آهي. گذريل زماني جي ساڌن سنتن جو خاص اوزار هو، واد وواد، يا گيان ۽ ڀڄن ڀاوَ وغيرہ. مگر اڄوڪي زماني جي ساڌوءَ لاءِ قلم پڻ هڪ اوزار آهي. ايترو مان قبول ڪندس تہ منھنجي من ۾ بہ خاموش رهڻ جي سخت تمنا آهي. ڪڏهين ڪڏهين ائين چاهيندو آهيان تہ باقي عمر جو عرصو ڪنھن دور ياترا ۾، ڪنھن سندر آستان تي، يا ڪنھن گفا ۾ گمنام ئي گذارجي. مگر وڌيڪ خيال ڪرڻ تي وري ڏسندو آهيان تہ ساڌوءَ کي هڪ ايماندار سپاهيءَ وانگر پنھنجا هٿيار تيستائين ڦٽا ڪرڻ نہ گهرجن جيستائين سندس هٿ ۾ کنيل ڪم پورو نہ ٿيو آهي يا کيس پنھنجي مالڪ جو اهڙو امر نہ مليو آهي. جڏهين اهڙو وقت ايندو، تڏهين سندس اوزار سندس هٿن مان ٻيا وٺي ويندا ۽ سندس سھاري هيٺ، سندس جيئري يا سندس موت بعد بہ، سندس کنيل ڪم اڳتي وڌندو رهندو. سڌ رکڻ فقط بس نہ آهي. سڌ جاڳي تنھن بعد ويچار يعني رٿ ڪرڻ ۽ ڪنھن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. رٺ جڏهين ڪا سھڻي ٺھي اچي؛ تڏهين سمجهو تہ اُديم جي شروعات آهي. پھرين ڳالھہ آهي پاڻ ارپڻ ڪرڻ. پر اسين سڌ ڪري دل کي بھاري ڏئي وري ماٺ ڪري ويھي رهون ٿا. مان بہ 25 سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ ان نئين زندگيءَ جا روپ ۽ خيال ڏسي رهيو آهيان. ان جي اسٿاپن ڪرڻ لاءِ گهڻا ڀيرا ڪوشش پڻ ڪئي اٿم. مگر ٻيا سڀ ڪم پري رکي جيستائين خاص ڌيان ان ڏانھن نہ ڏيو. تيستائين گهڻو ڪجهہ حاصل ڪونہ ٿيندو. روز روز سمھڻ وقت اها دعا پڻ گهرندو آهيان تہ شل زماني جي گردش ۾ اها ڳالھہ دل جي وسري نہ وڃي! ننڍي وڏي ڪم ۾ پڻ اها آس رکندو ايندو آهيان تہ انھيءَ ۾ ڪاميابي يا شڪست سي ٻيئي اڻ ستنتر زندگيءَ جي آدرش ڏانھن شل وڌيڪ قدم ثابت ٿين. اسان کي سنساري ڪمن ۽ جوابدارين ۾ پڻ ڪاميابي ان لاءِ چاهڻ گهرجي تہ منجهائن اسان جي آدرش وارو ڪم وڌي سگهي . تون ۽ تنھنجي زندگي پڻ مان سمجهندو آهيان تہ ان آدرش جي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ايشور جي طرفان هٿيار مليل آهن. ائين نہ آهي تہ توکي حاصل ڪرڻ وقت مون ڪو اهو ارادو من ۾ رکيو هو، مگر جيئن جيئن ڏينھن گذرندا وڃن ٿا، تيئن تيئن ظاهر ٿيندو وڃي ٿو تہ تنھنجو ۽ منھنجو ملڻ نہ اسان جي شخصي سک لاءِ آهي مگر ڪنھن آدرشي ڪم لاءِ آهي. انسان جيڪي مرادون دل ۾ رکي ٿو، تن کان اڪثر قدرت جي رٿ نرالي آهي. مثلا انسان خواهشن جي پوري ڪرڻ يا شخصي سک لاءِ يا پريم وچان شادي ڪري ٿو، مگر قدرت جي وڏي رٿ ان ۾ انساني واڌاري جي آهي. اهڙيءَ طرح دلين جو سنٻنڌ يا دوستي ظاهري پيار يا ڪنھن غرض مان پيدا ٿئي ٿي، پر قدرت جو بہ اُن ۾ ڪو ٻيو مطلب رکيل هوندو، جو اسان جي شخصي چاهنائن کان نرالو هوند. اهو سمجهڻ بہ آشرم جي گويا بنياد وجهڻ برابر آهي.“
***


26-7-1952ع سئنيما ۾ ويٺي ويٺي سام ڌيان ۾ اچي ويو جنھن بعد مونکي ڪيترا دفعا هٿ گهمايائين. مون کيس چيو: ”ايترا هٿ گهمائي گويا پارس جئن مونکي سونو ٿا ڪريو.“
سام چيو: ”مان خود پاڻ کي سونو ڪريان ٿو؛ اها خود منھنجي عبادت ٿي چڪي.“
مطلب سمجهائيندي وڌيڪ چيائين: ”ڌيان ڪرڻ جو وقت هت ٿورو مليو. اُها گهٽتائي توکي گهڻن هٿن گهمائڻ سان پورو ڪيم. ڪنھن پاڪ شيءِ کي هٿ لائي من آنند ۾ اچي ويندو آهي. ان محويت مان ساڳيو فائدو ملندو آهي جو عبادت سان ملي ٿو، تنھن ڪري سئنيما بہ پيو ڏسان ۽ پريئر بہ پنھنجي هن نموني جاري ٿو رکان.“
***