ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

9

24-2-1954ع ڪجهہ ڏينھن کان وٺي مانيءَ واري ڇوڪري جي گهٽ وڌ هلڻ ڪري سام جي ڪاوڙ اسان سڀني تي گهڻي پئي ٿي. سام جو خيال هي آهي تہ جنھن صورت ۾ اهو ڇوڪرو هميشہ لاءِ اسان سان رهڻ چاهي ٿو، تنھن صورت ۾ سندس هلت گهر جي قانون مطابق ٿيڻ گهرجي؛ ائين نہ تہ جنھن وقت وڻيس تنھن وقت پيو ڪم ڪري يا جيئن وڻيس تيئن زيان ڪري. جيڪي لازمي ڪم جنھن جي حوالي آهن، سي مقرر نموني ٿيڻ گهرجن ۽ انھن جي جوابداري محسوس ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهين بت جو هر هڪ عضوو چوندو تہ مان پنھنجي مرضيءَ تي ڪم ڪريان تہ پوءِ مغز جي سوچ ويچار جي ڪھڙي گهرج رهندي؟ ڪم ۾ يڪ وجوديءَ جو ڪو هڪ مقصد يا سھڻو ميل ميلاپ پڻ پيدا ڪونہ ٿي سگهندو. البت نيم يا قانون ٺاهڻ ۾ سڀني جي اڇائن ۽ گهرجن جو ويچار ڪرڻ گهرجي. پر هڪ ڀيرو اهو قانون مقرر ٿي وڃي تہ پوءِ ان کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“
مٿيان خيال سام جا صحيح ڄاڻندي بہ مان ڪڏهين کٽراڳ ٽارڻ لاءِ يا ڇوڪري تي قياس ڪري، وچ ۾ پيئي، کيس چوندي آهيان تہ هاڻي ڇڏيو انھيءَ ڳالھہ کي! اهو پڻ خيال رهندو اٿم تہ سام پنھنجو امولڪ وقت گهرو ڳالھين ۾ ڪين وڃائي. هو ان تي رنج ٿيندو آهي ۽ چوندو آهي تہ هي سنھان معامله روح جي لاءِ ساڳيءَ اهميت رکن ٿا جيڪا اهميت ڪنھن وڏي اسٽيٽ جي ڪاروبار کي آهي. ڇا لاءِ جو ساڳيءَ طرح هن ننڍي دائري ۾ پڻ اسين پنھنجي ايمانداري ثابت ڪري سگهون ٿا. پر جي تنھنجو وچ ۾ اچڻ موھہ يا ڊپ وچان آهي تہ سو پڻ بي جاءِ آهي، ڇا لاءِ جو هڪ کاريءَ ۾ ڀانڊن کي ٺھڪي ٺھڪي نيٺ ڪا جاءِ لھڻي آهي؛ پر جيڪو ڀانڊو کاريءَ ۾ نٿو ماپي سگهي، سو جيترو جلد ٻاهر هجي اوترو چڱو آهي. واجبي جهيڙي کان ڊڄڻ نہ گهرجي. خيال جي ٽڪرڻ يا اصولي جهيڙي مان خيال خود چٽو ٿيندو آهي ان وشيءِ کي وڌيڪ کوليندي، سام چيو: ”جڏهين تکين چهنبن وارو ڪوڪو ڪاٺ سان ٽڪرندو آهي، تڏهين ڇا ٿيندو آهي؟“
مون جواب ڏنو: ”ڪوڪو ڪاٺ ۾ ٽنگ ڪري وجهندو آهي!“
سام چيو: ”ڪاٺ ان کي گويا جاءِ ڏيئي پاڻ اندر سمائي ڇڏيندو آهي. ڪوڪو اندر گهري ويندو آهي؛ تڏهن ڪوڪو ۽ ڪاٺ پاڻ ۾ گڏجي هڪ وڌيڪ مضبوط جوڙ ٺاهيندو آهن. ان ريت جتي خيالن جا تفاوت آهن، اهي پورو خيال اڻپوري تي غالب پوندو آهي ۽ انھن جي ٽڪرڻ ڪري منجهانئن وڌيڪ پريم جو جوڙ پيد ٿيندو آهي؛ اتي جهيڙي ٽارڻ ڪري اگيان کي وڌيڪ مدو ملي ويندو آهي، پر سندن ٽڪرڻ سان اگيان جي اوندھہ گم ٿي ويندي آهي، جتي هڪ هنڌ پريم ۽ ٻئي طرف شرڌا هوندي آهي اتي ٽڪرڻ سان دلي هيڪڙائي پيدا ٿيندي آهي. تنھن ڪري تون نہ پاڻ جهيڙي ڀئي ڊڄ، نہ ڇوڪري جي جهيڙي ڀئي ڊڄڻ جي ضرورت آهي. هي سنھا جهيڙا ڏينھون ڏينھن اسان جي تفاوت ڪڍي وڌيڪ هيڪڙائي آڻين ٿا.“
وري ٿوريءَ دير بعد چيائين: ”لاهي پاهي جهيڙي تي بہ ڪونہ سندرو ٻڌبو. اسان کي جهيڙي کان ماٺ وڌيڪ پسند آهي، بشرطيڪ جيهڙي جي ضرورت نہ پيدا ٿئي!“
***
30-2-1954ع اسان جا ڀائر جيڪي سنڌ مان لڏي ويا آهن، انھن جو ذڪر نڪتو، سام چيو: ”ڪلياڻ ڪيمپ (بمبئي) ۾ هڪڙو رتيديرو جو ماڻھو مليو، جنھن اهو عجيب سوال پڇيو تہ توهين سنڌ ۾ ڇا کائيندا پيئندا آهيو؛ لسي وغيرہ پيئندا آهيو؟ مون جڏهين کيس چيو تہ تون پاڻ سنڌي آهين؛ توکي خبر آهي تہ لسي، ڏڌ وغيرہ سنڌ جو روزانو کاڌو آهي، تڏهين سندس اکين مان ڳوڙها ڪري پيا؛ کيس سک وطن جا ياد اچي ويا! اهڙيءَ طرح ٻين ڪيتري لڏي ويلن جو حال ڏسي مون کي اهو خيال ٿيو تہ سج ٻہ پاڇا آهي؛ ڪٿي اس تہ ڪٿي ڇانو. انسان کي دنيا جي شين، جڳهن ۽ مال متاع تي آسرو ڪرڻ نہ گهرجي، بلڪ پنھنجي خوشي پاڻ اندر ٺاهڻ گهرجي؛ ٻين شين سان ايترو واسطو رکجي جيترو هڪ مسافر مسافر خاني جي شين ۽ سامانن سان رکي ٿو.“
مون چيو: ”شايد نئين زندگي بسر ڪرڻ وقت، جڏهين آشرم شروع ڪئيسين،اسان کي بہ اهڙيون تڪليفون ڏسڻيون پون، ڇا لاءِ جو ان وقت جون حالتون هن کان گهڻو نراليون هونديون ۽ خاص ڪمائي وغيرہ پنھنجي ڪانہ ٿيندي.“
سام چيو: ”ان جو مون کي ڪو خوف ڪونہ آهي. انسان جي راھہ ۾ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ سندس چنتا آهي. اها ڪڙمڪي دل تہ مال و متاع ۽ سک جي سامگري سڄي اکين اڳيان هجي، ترقيءَ جي راھہ ۾ رنڊڪ آهي. سنياس يا شيوا جي مارگ جو پھريون پڌ آهي، چنتا جو ترڪ، بگليون کڻي جڏهين شيواجي ڪم لاءِ نڪرنداسين ۽ سير سفر پيا ڪنداسين. ايشور جو نالو وٺندا، گانا بجانا ڪندا رهنداسين، پوءِ خوف خطرا ڇا جا رکبا؟ ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشيءَ جھڙي ڳالھہ آهي؟ جيڪڏهين توهان غريبن جي شيوا ڪندؤ ۽ دوائون يا ٻيون شيون سندن ڪتب لائيندؤ تہ ڇا توهان جي دوائن جون شيشون يا بگليون خالي رهنديون؟ گهڻا دياوان اچي اڳ اڳ ڪندا تہ اهي توهان کي وري ڀري ڏيون؛ فقط آپو ۽ پنھنجي سک جي چنتا ترڪ ڪريون. اهي سنسار جا سک ئي آهن، جيڪي منکي هميشہ مايوس ۽ ڊيڄي ۾ رکن ٿا. گويا اهي دک بڻجي پون ٿا! نانگا جڏهين ناھہ ۾ گهرن ٿا، تڏهين ڊپ ڊاو خود انھن کان پري ڀڄي وڃن ٿا دک سک سرير جا، تڪليفون ۽ ڪشالا، سي نہ انسان جي حياتي گهٽائن ٿا ۽ نہ سچ پچ آتما کي دکي ڪن ٿا؛ دکي ڪري ٿي چنتا ۽ موھہ سک جو! انھن شين سان موھہ رکڻ بيڪار آهي جي آتما لاءِ ڌاريون آهن؛ اهي دک هت بہ اچن ٿا، اتي بہ ايندا، سنسار جي سمنڊ ۾ لھريون پيون لڳن؛ جيئن سمنڊ ۾ سنان ڪرڻ وقت لھر اچڻ تي ٽپو ڏئي ڪنڌ مٿي ڪبو آهي، تيئن دک سک جي اچڻ وقت پاڻ کي انھن کان الڳ سمجهڻ آهي زندگيءَ جي بازي کٽڻ.“
***

15-4-1954ع ڪجهہ ڏينھن ٿيا تہ اسين شھدادڪوٽ گهمڻ وياسين. اتي اسانجو ڇوڪرو مانيءَ وارو پنھنجي دوستن کي ڏسي، ڪجهہ ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. نہ رڳو اٿڻ ويھڻ سام جي اڳيان بي ادبيءَ جو ٿي ڪيائين. پر کائڻ پيئڻ ۾ پڻ گهٽ وڌ ٿي ڳالھايائين. کيس نشو چڙهي ويو. سام کيس نشي نہ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ هدايت ڪئي هئي؛ موٽ تي موٽر ڪار ۾ سڀني ويٺلن کي بي خبريءَ ۾ لتون هڻندو ۽ گهٽ وڌ اکر ڳالھائيندو ٿي آيو. آخر هت اچي ننڊ ۾ پئجي رهيو. سڀاڻي تي سام سندس سڌاري لاءِ رياضت طور ڍورن جي لاءِ ڪتر ڪرڻ جو رزانو ڪم رکيو. ٿورن ڏينھن بعد اهو ڪم هو بي دليو ڪرڻ لڳو ۽ جيئن ڪو چور هڪ ڀيرو هري تہ پوءِ چوريءَ جي ڪڍ ڪاهي پوي، تيئن هيءَ بہ لڄ لاهي، برائيءَ جي ريت اختيار ڪرڻ لڳو؛ سنھي ٿلھي ڳالھہ لاءِ وڏا وڏا ڀاري قسم پيو کڻي پر مڙي اصلي ڪين. سام کي تہ سندس ڪوڙي سڀاءُ جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، پر جڏهين هي لٿو پٿو ٿي بيٺو، تڏهين کيس چيائين تہ تون پنھنجا ٽپڙ کڻي ٻاهر ڪر ۽ اڳتي ٿورو اسان کان جدا ٿي رھہ؛ ٽوال، سامان، هنڌ وغيرہ وڃي هيٺ ڪنھن الماڙيءَ ۾ رک؛ فقط ڪم ڪرڻ وقت مٿي اچ.
مون کي اهو قدم ذرا بي واجبي نظر آيو، ڇا لاءِ جو سام پاڻ انھن خيالن جو آهي تہ نوڪرن سان گهر جي ڀاتين وانگر پنھنجائي رکجي. هن نموني ڇوڪري کي هڪ نوڪر وانگر ڪري هلائڻ، سو قدم مون کي حد کان وڌيڪ سخت نظر آيو. سام کي چيم تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو سندس سڌارو ٿيندو يا ڪھڙو اسان کي فائدو پھچندو!
سام هينئن سمجهاڻي ڏني: ”پھريائين سمجهڻ گهرجي تہ سڀڪنھن شيءِ کي پنھنجو تاثير آهي. نہ رڳو انسان پر انسانن جون ڪم آندل شيون، پنھنجا اثر يا سنسڪار پيدا ڪن ٿيون. ان ڄاڻ تي ئي سڄو پرهيز جو اصول بيٺل آهي. هو بہ هڪ انسان جو ٻچڙو آهي؛ اسين هن کان نفرت ڪونہ ٿا ڪريون، پر هن ريت وٿيءَ سان رهڻ تنھن ۾ اسانجو ۽ خود سندس فائدو آهي.“
پوءِ سام هڪ آمريڪن ليڊيءَ جي ڳالھہ ٻڌائي: ”هڪ آمريڪن ليڊيءَ کي ٻہ ٻار هوا؛ سندس گهر جي اڳيان پاڙي اوڙي جا غريب ۽ گدلا ٻار اچي هيٺ ميدان ۾ راند ڪندا هوا. سندس ٻارن جي مرضي ٿي تہ اسين بہ وڃي هنن سان راند روند ڪريون. مگر سندن ماءُ چيو تہ انھن گدلن ٻارن سان راند ڪرڻ نہ گهرجي. ٻارن ماءُ کان پڇيو تہ ممي تون جو چوندي آهين تہ انسان سڀ هڪجھڙا آهن ۽ سڀني سان محبت ڪرڻ کپي، پوءِ هن ٻارن کان نفرت ڇو ٿي ڪرين؟ تڏهن ان عورت پنھنجي ٻارن کي سمجهايو تہ مون کي انھن لاءِ نفرت ڪانہ آهي؛ مگر سندن حالت قياس جوڳي آهي؛ ڇا لاءِ جو انھن جي حالت اهڙي قياس جوڳي بڻي آهي تنھن ڪري توهان جي حالت بہ اهڙي بڻي ڇا؟ هڪ جهڙائيءَ جي معنيٰ اها نہ آهي تہ گندگيءَ کان پرهيز نہ ڪجي. توهان پاڻ کي وڌيڪ سٺو بڻائي پوءِ انھن جي شيوا ڪري سگهندا.“
سام وڌيڪ چيو: ”منھنجي دل ۾ پڻ شنڪا هئي تہ اهو قدم متان ضروري نہ هجي. ائين برابر آهي تہ اسين ڪو ٻار ڪونہ آهيون جو ڇوڪري جي سنگ کان ڊڄون؛ پر ساڳئي وقت تي اهو پڻ محسوس ڪرڻ گهرجي تہ بڇڙائيءَ سان گهڻو گڏ رهي، بعضي بعضي بڇڙائيءَ لاءِ نفرت مرندي ويندي آهي؛ انسان ڪوڙ ۽ بڇڙائيءَ کي پنھنجي چؤطرف هر جاءِ ڏسي، انھن کي ساڌارڻ ۽ ضروري سمجهڻ لڳندو آهي. تنھن ڪري هوڙهيائي ڪري سڀ پرهيزون ڦٽي ڪرڻ سو آهي هروڀرو شيطان کي للڪارڻ. جتي ڪوڙ ۽ چوريءَ جو ورتاءُ گهڻو آهي، اتي نہ رڳو پاڻ ٺڳجي وڃڻ جو امڪان آهي پر اڳلي کي اسان جي سنگت يا ويجهڙائي ڪري دنيا اندر هڪ قسم جو لڪ حاصل ٿئي ٿو، جنھن ۾ هن جي خرابين کي هٿي ملي ٿي، هن حالت ۾ ئي ڏس؛ ڇوڪرو جتي ڪٿي پاڻ کي اسان جو ٻچو سڏائيندو رهي ٿو. ۽ خراب عادتن هوندي بہ اسان جي لاڳاپي ڪري ايترو معتبر ٿي رهي ٿو.ان نموني ٻين کي ٺڳي ٿو. معتبرائي جي کسجي وڃڻ کان پوءِ اهو ويچار ڪندو تہ برائيءَ ۾ آخر عزت ڪانہ آهي ازنسواءِ مون کي هڪڙو جهونو وهم ويٺل آهي جو سمجهندو آهيان تہ هي شيون ۽ وستر، هنڌ، ٽپڙا هڏا مئل يا بي جان نہ آهن جو انھن مان ڪو تاثير پيدا نہ ٿئي. مٽيءَ کي پڻ تاثير آهي؛ ڪا مٽي ٿڌي آهي، جنھن مان آسائش جو اثر پيدا ٿئي ٿو؛ ڪا اهڙي آهي جو ويجهو وڃ تہ منجهائنس اوٻر پيو نڪري. ڪن وڻن جي ڇانو سٺي ۽ صحت بخش ٿئي ٿي، مگر ٻيرين ۽ ٻين ڪن وڻن جي ڇانو چون ٿا تہ آلس پئدا ڪري ٿي ۽ هڏ سڪائي ڇڏي ٿي. هن ڇوڪري جي شين کان مون کي البت خوف ٿيندو آهي. جيئن پريميءَ جي يا پرهيز واري انسان جي شيءِ هڪ سوکڙيءَ يا سوغات ٿي اندر کي آنند پھچائي ٿي، تئن هي نشين جا سامان، تماڪ، سلفيون ۽ ٻيون گنديون شيون من ۾ هڪ قسم جي خارش پئدا ڪن ٿيون. هن ڇوڪري جو پري رهڻ هن لاءِ فائدي وارو ٿيندو؛ ڇا لاءِ جو هنن ڪوڙن مان ٻيو ڪين تڏهين بہ کٽائي طبيعت جي پئدا ٿئي ٿي؛ گهٽ ۾ گهٽ ايترو تہ تون بہ قبول ڪندينءَ تہ انھن ڏانھن هر هر ڌيان ڇڪجي ٿو، جنھن ۾ وقت ضايع ٿئي ٿو؛ هن کي بہ گهڻن ڪوڙن ڳالھائڻ جي ضروت نہ ٿيندي. سياڻا چوندا آهن تہ فقيرن جي ويجهو گهڻو نہ رهجي؛ ان چوڻيءَ جو مطلب هيءُ آهي تہ جي ڪڏهن ڪنھن جي من جي اوستا اڃا پوري جاڳرت نہ آهي تہ ڪنھن بہ ساڌوءَ يا درڙھہ اصول واري ماڻھوءَ جي ويجهو رهڻ هن تي اڻ وقتائتو ۽ بي حد گهڻو بار پاڻ کي موڙڻ يا نوائڻ لاءِ وجهندو جو هو سھي ڪين سگهندو. يعني هن جي لاءِ هر وقت لازمي ٿيندو تہ سچ تي هلي، ۽ شڀ ڀاونائون رکي؛ مگر هن ۾ جو اڃا ڪچايون گهڻيون آهن تہ ايترو يڪدم پاڻ کي موڙي هلائڻ اهنجو لڳندس. گهوڙو جنھن اڃان گام ۽ دوگام نہ سکي آهي سو يڪدم رلو يا مٿيون پنڌ ڪيئن سکندو؟ ائين گهڻا گهوڙا هميشہ لاءِ کري پوندا آهن. ڪوبہ سياڻو سوار ائين ڪونہ ڪندو آهي. اسين کڻي ساڌو يا فقير چوائڻ جي لائق نہ بہ هجون مگر ايترو تو نوٽ ڪيو هوندو تہ اسان جي گهڻي چؤ چؤ ڪرڻ ڪري يا سندس ڪوڙن کي ظاهر ڪرڻ ڪري هو پاڻ همٿ هاري پيو آهي ۽ سچ جي هام هڻڻ ئي ڇڏي ڏني اٿس؛ اهو وڏونقصان آهي. اسان جي اڳيان رهي، اهو کٽي سگهندو، جنھن کي گهٽ ۾ گهٽ ارادو سچ تي هلڻ جو هوندو ۽ سچ ڏانھن لاڙو هوندس. هن ڇوڪري تي سندس بري سنگ جا اثر ايترو تہ غالب پئجي ويا آهن جو هو تکي نظر سھي نہ سگهندو؛ جئن بيمار ماڻھو اس جو تيک سھي نہ سگهندو آهي اگرچ اس صحت واري لاءِ سٺي آهي تيئن اهڙي ماڻھوءَ کي پڻ ٿورو پاسيرو رهڻ گهرجي؛ مٿس مختصر نظر ڀل هجي پر گهڻي چؤ چؤ ڪرڻي نہ پوي.“
مونکي اهي سڀ ڳالھيون دل سان لڳيون تنھن ڪري مون سندس جدا رهڻ تي اعتراض ڪونہ آندو ۽ جيتوڻيڪ سندس سڌارو جلد ٿيڻ اهنجو آهي، تنھن هوندي بہ مان سمجهان ٿي تہ اهي اپاءُ آخر سندس لاءِ چڱا ٿيندا.
***


2-4-1954ع اڄ اهو ذڪر نڪتو تہ آشرم جي پھرين اڏاوت ڪيئن ڪجي؛ سام چيو: ”اهو خيال دل تي اصل نہ آڻج تہ ڪو جلد وڏي پئماني تي ڪاميابي حاصل ٿيندي يا هڪدم ڪو سک جو ساگر کلي پوندو، ستسنگ ڪيرتن وغيرہ مچي ويندا، ڪتاب ڇپجي ويندا ۽ اخبارون واھہ واھہ ڪرڻ لڳنديون. نوڪرن ڇڏڻ يا زماني جي ڪمن ڇڏڻ سان يا ’آشرم‘ ’آشرم‘ چوڻ سان ڪو بجليءَ جي بٽڻ تي هٿ لائڻ جھڙو اثر يا شعاع اوچتو ڪونہ پئدا ٿيندو. اهڙو خيال من جي اڳيان رکڻ يا انھيءَ جي ترت حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان ٿيڻ سو خود هڪ رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي پوندو. اسان جي سچي آس ضرور پوري ٿيندي پر سچي آس اها آهي جيڪا حرص يا پريشاني پيدا نہ ٿي ڪري. هيءَ ديھي ناسونت آهي؛ ان جي سک جي چاهنا وچان وڻن جي ڇانو يا ندين جي ڪنارن تي ويھي آسائش وٺڻ جا خواب لھڻ سو آشرم جي مقصد سان ڪوبہ واسطو ڪونہ ٿو رکي. آشرم اسٿاپن ڪرڻ کان اڳ جيڪو خيال ملڪ سڄي ۾ رٽن ڪرڻ جو آهي، تنھن ۾ خود ايتريون تڪليفون درپيش اينديون جو سک جي طالب کي ڏڪائي ڇڏينديون. ڪچي خيال واري کي هيءُ جيوت جاين، جڳهن، پکن بجلين، ريڊين وغيرہ واري، جنھن ۾ اسين هينئر پاڻ کي بيزار سمجهون ٿا. سا وري هڪ سورڳ مثل پيئي نظر ايندي. ائين ڪيترائي ڪچا تياڳي سنياس مان موٽي گرهست ۾ آيا آهن ۽ زماني کي بلڪل چھٽي پيا آهن. تنھن ڪري اندر مان سک ۽ آسائش جو يا من مانين ڳالھين پوري ڪرڻ جو، جھڙوڪ ليڪچرن، ستسنگ وغيرہ دوران مشهورائيءَ جي حاصل ڪرڻ جو، خيال ڪوري ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. پنھنجي خوشي پاڻ اندر حاصل ڪرڻي آهي ورنہ ڪيتريون تڪليفون يا ڏک ڏاکڙا اسان کي ان وانپرستيءَ جي حياتيءَ کان خود بيزار ڪري ڇڏيندا. ڪڏهن ڪٿي بيمار نہ ٿيو جتي شايد پوري علاج جو بندوبست نہ هوندو. ڪڏهن کاڌ پيت جو سامان نہ ملندو، تہ ڪڏهن وري پيرين پنڌ هلڻو پوندو؛ نہ ڪو اتي زور ڏيندو نہ ڪو مالش ڪرڻ وارو لڀندو. مطلب تہ اهڙيو عادتون جيڪي اسان جي رهڻ ڪھڻ جون آهن، تنکي هميشہ لاءِ چھٽي پئبو تہ بيحد دکي ٿبو.“
مون سام کان پڇيو: ”هنن شين، کاڌن يا ڪپڙن ورتائڻ ۾ ڪو ذاتي پاپ آهي ڇا؟“
سام چيو: ”گهڻائي شين جي من کي ڀلائيندڙ آهي ۽ ميڙڻ واي عادت سنياسيءَ لاءِ پاپ آهي. ازنسواءِ آشرم يا فقيرن جو ٽڪاڻو ضرور شھرن کان ۽ گوڙ شور کان پري ٿئي ٿو. اتي جيڪڏهن اهڙيون شيون رکبيون تہ ممڪن آهي اتي چوريون ٿين ۽ ڪي ماڻھو اسان جا دشمن بڻجن؛ اسان کي انھن شين بچائڻ لاءِ وري چنتائون ڪرڻيون پون ۽ پھرا رکڻا پون! مطلب تہ هي شيون سڀ سنسار ڏانھن هڪ ڇڪ رکن ٿيون. فقير جي لانگوٽيءَ واري ڳالھہ نہ ٻڌي اٿيئي؟ اها ڳالھہ هينئن آهي تہ هڪ فقير جي لانگوٽيءَ ڪئا ٽڪي ويندا هئا؛ ٻيءَ لانگوٽيءَ لاءِ وري وري سوال شھر وارن ماڻھن کي ڪرڻو پوندو هيس. هڪ ڀيري ڪنھن شھر واري چيس تہ فقير هڪڙي ٻلڙي کڻي رکو ۽ پوءِ ڪئا لانگوٽي ڪونہ ٽڪيندا فقير ٻلي ڌاري جنھن جي لاءِ روز پاءُ کير جو پني وٺي ايندو هو. ڀاڳين چيس سائين تون جو روز ٻلڙيءَ ڪاڻ وتين کير پنندو تنھن کان هڪڙي ٻڪري کڻي وٺ تہ پاڻ بہ پيو کير پيئين ۽ ٻليءَ جو بہ گذاريو پيو ٿئي. پوءِ ٻڪريءَ لاءِ کيس گاھہ آڻڻو ٿي پيو، سو کري ۽ ڏاٽو کڻي فقير گاھہ ڪندو وتي. ٻڪري بہ جلد ويائجي پيئي. ڦر پئدا ڪندي ڪندي آخر ڌڻ ٿي ويس. هڪ دفعي سندس مرشد اچي کيس هن حالت ۾ ڏٺو، جڏهن هو ڌڻ چاريندو ٻڪرين جي پٺيان پريشانيءَ ۾ ڊڪي رهيو هو. مرشد پڇيس تہ توکي مون ڇا ڏسيو ۽ هي تون ڇا پيو ڪرين؟ فقير کي تڏهن گيان اچي ويو ۽ چيائين سائين رولو سڄُو هن لانگوٽيءَ مان پئدا ٿيو آهي! پوءِ اها لانگوٽي بہ کڻي ڦٽي ڪيائين، جنھن مان ايترو مھاڄار پئدا ٿيو.
”خواهش يا ترشنا اها لانگوٽي آهي، جيستائين اها ترڪ نہ ڪبي، تيستائين هت هجون يا ڪنھن آشرم ۾ هجون، سچو سک حاصل ٿيڻو نہ آهي. هن ديھہ جو سک سو سچو سک آتما جو نہ آهي. هن سان ڪو وير بہ ڪونہ اٿئون، مگر تن جي سک کي گهٽ اهميت ڏئي اندر جي سک کي وڏي اهميت ڏيڻي آهي. ان لاءِ ضروري نہ آهي تہ تن کي ڳاريندارهون يا سندس صحت جا قانون ٽوڙيندا رهون، مگر انھن کي گهڻو چھٽي پوڻ، سو خيال کي هڪ محدود دائري تائين بند رکي ٿو. خيال کي هن تن جي خواهشن کان آزاد ڪرڻو آهي، ڪڏهن انھن خواهشن کي پوري ڪرڻ سان ۽ ڪڏهن انھن کي وساري ڇڏڻ سان. مطلب تہ جا ڳالھہ سهج سڀاءٌ بڻي اچي، تنھنتي راضي رهڻ سو ئي مول ڪارڻ سک ۽ سنتوش جو آهي، چاهي ان مان ڪابہ مراد حاصل ڪين ٿئي، ”مون کي خيال ۾ ائين اچي ٿو تہ پھريائين جئن سير ڪرڻ لاءِ نڪرون، تئين ٿورن ٻين ساٿين کي پڻ ڇڪينداسين. پوءِ سڄيءَ ٽوليءَ جي انداز ۽ خيال جي هم رفيقيءَ تي رهندو مدار ڪمن جي رٿڻ جو. آخر جيڪڏهن ٻيو ڪو ساڻ نہ هليو تہ ائين سمجهبو تہ اسان جو ڪم پنھنجو پاڻ سان ئي شروع ٿيڻو آهي. پريم جو آنند پورڻ آهي. ان کي ڪا ضروري ڪنھن ٻاهرينءَ ڳالھہ جي ڪانہ آهي. ايشور جا گڻ ڳائڻ، ڌرتيءَ جا سندر آستان يا تيرٿ ڏسڻ، ڀلن ماڻھن سان جتي ڪٿي ملڻ سو ڪافي آنند آهي ۽ اهڙي ستنترجيون جو مثال ٻين اڳيان رکڻ سو ڪافي شيوا جو ڪم آهي. منھنجو خيال هيءُ آهي تہ جتي خيال جي پڪائي ۽ اورچائي آهي، اُتي پورهيو نشڦل ڪڏهن ڪونہ ٿيندو آهي؛ خيال پنھنجي طاقت، لياقت ۽ اهميت موجب جيئن چؤطرف ڦري ٿو، تيئن وزن وڌائي ٿو يعني ڳر پائي ٿو. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي تہ پٿر جيڪو ڊڪندو رهي ٿو، سو ڳر نہ ٿو. وڌائي (Rolling stone gathers no mass) پر مان چوان ٿو، اسانجو ارادو ۽ خيال جئن آزمائش ۾ اچي ٿو، تئن وڌيڪ وزندار ٿئي ٿو. جيڪڏهن اسان جي خيالات ۾ ڪابہ خوبي آهي تہ اُها خيالات اجائي هرگز نہ ويندي. دنيا ۾ خيال سڀ شيءِ کان دير سان مري ٿو، ڇا لاءِ جو اُهو سوکيم جوڙ جو آهي. تنھنڪري مون کي يقين آهي تہ هي خيال اسانجا نشڦل هر گرز نہ رهندا. مگر ڪڏهن ڪٿي نہ ڪٿي ضرور وڃي ڪو نتيجو ڏيکاريندا. انڪري مون صبر سان سالن کان ويٺي واجهايو آهي.
”هن وقت هي پنھنجو غريبي حال ڏسي يا روحاني اڪيلائي محسوس ڪري هن بيروني دنيا جي بر ۾ همٿ نہ هارڻ گهرجي؛ مگر اهو اعتقاد رکڻ گهرجي تہ ايشور دان بينا آهي؛ هو اسان جون سچيون گهرجون ۽ من جون مرادون ڄاڻي ٿو؛ هو سڀ شيءِ کان پنھنجي لياقت آهر پورو پورو ڪم وٺي ٿو. اسان کان بہ اهو ڪم وٺندو جنھن جي لائق اسين هونداسين؛ جن جو اهو اعتقاد آهي سي مونجهہ ۾ يا گمراهيءَ ۾ هرگز نٿا رهن. البت ايشور جا راز اونھا آهن؛ ورهيه ۽ صديون سندس سڄو سار نہ ٿيون کولين. سندس گهرا راز بعضي بعضي هزارن سالن کانپوءِ کُلن ٿا. تنھنڪري نہ بي چين ٿيڻ گهرجي ۽ نہ قدرتي رٿا يا پنھنجي خيال جي اُسرڻ کي پنھنجي چنتائن سان رنڊائي ڇڏڻ گهرجي. اسان جون انتظاريون ئي آهن جي ڪاميابين کي پٺتي وجهي ڇڏن ٿيون؛ جي اسان جي خيال ۽ عمل جا رستا بند ڪري ڇڏن ٿيون.
”قدرتي ڦل انھن جو ازلي انجام ڪري سمجهڻ گهرجي. نہ وري مشهورائي يا ناماچار ڪڍڻ ۾ اُن انجام جي پورائي سمجهڻ گهرجي. اچو تہ اهي ڪچا خيال من مان بنھہ ڪوري ڪڍون؛ فقط سچ ۽ سٺائيءَ جي چاهنا رکون؛ نہ ڏکن ڏاکڙن ڀئي ڊڄون؛ نہ گهڻن ماڻھن گڏ ڪرڻ جي تمنا رکون؛ خام ارادن کي من ۾ جاءِ نہ ڏيون؛ نفس جون لڀائيندڙ تصويرون پنھنجي اکين کان دور رکون؛ نفس ڏانھن صفا مري وڃون؛ آتما جو ڌيان ڌريون! اهائي سچي زندگي آهي! اهائي سچي آشرم جي اڏاوت آهي.“
***


26-4-1954ع اڄ صوفي صاحب سنڌ جي هڪ مشهور هندو ساميوادي کي سام سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو سام چيو اسان جي اڄ ڪالھہ واري اوسٿا اهڙي آهي جو مذهبي تنگدليءَ جو مادو خود ڳوٺن ۾ ڦهلجي رهيو آهي. سڀ ماڻھو ڪنھن بہ لائين ۾ خاص ترقي ڪري ڪنھن وڏي پوزيشن کي پھچي نٿا سگهن. ”مگر سنڌ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ لاءِ ايترو چئي سگهبو تہ هو مذهب کان دور آهن ۽ آزاد خيال آهن، جا هڪ وڏي ڳالھہ آهي؛ انھيءَ پارٽيءَ مٿي ذڪر ڪيل ماڻھوءَ پنھنجي پر ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هؤ هڪ هندو آهي. سام ساڻس ملي خوش ٿيو ڇا ڪاڻ جو هو هڪ سچو ماڻھو ٿي ڏيکاريو. ٻيو هڪ دوست بہ ان وقت ويٺو هو؛ ڳچ دير تائين سندن وچ ۾ گفتگو هلي مگر مون سڄو گفتگو ڪونہ ٻڌو. سام جي مدد سان هي احوال مختصر درج ڪريان ٿي:-
گفتگو هلندي هلندي سام چيو: ”هڪ جهڙائيءَ جو خيال سٺو آهي؛ ڌرم ۽ جمھوريت واري اصول موجب آهي؛ هيءَ هوا، پاڻي، کاڌو ۽ دنيا جون ٻيون نعمتون ايشور برابر سڀني لاءِ جوڙيون آهن ۽ نہ ڪن ٿورن لاءِ. البت انسان انسان جي وچ ۾ تفاوت آهي. هر هڪ جون گهرجون سندس جوڙ جنس تھذيب ۽ ترتيب پٽاندر نراليون آهن؛ خيال نرالا آهن تنھنڪري عمل ۽ خواهشون نراليون آهن؛ پورن هڪ جهڙائي (Uniformity) ڪنھن بہ طبقي ۾ آڻڻ اهنجي آهي. ٻي ڳالھہ جنھن ۾ اسين ساميوادين جي تائيد نہ ٿا ڪريون سا اها آهي جو هوُ شخصي آزاديءَ کي ٺڪرائي ڇڏن ٿا، Regimentation يا قواعد اندر هلائڻ زندگيءَ جو جيڪو ڪميونسٽ ملڪن ۾ روا آهي سو اسان کي انساني فطرت جي خلاف ٿو لڳي.“
ساميوادي دوست چيو: ”اهو ڇاجي ڪري خراب آهي؟ ڪنھن بہ شخص (Individual) جي ترقي سوسائٽيءَ يا سماج جي سڌاري سان ٻڌل آهي؛ سوسائٽيءَ کي ڪنھن چڱيءَ سٺي، مقرر رستي تي هلائڻ ۽ رٿا موجب قدم وڌائڻ. تنھن کي شايد توهين فوائد اندر هلائڻ چئو ٿا. اسان جي سوسائٽيءَ لاءِ خاص ڪري رٿا موجب قدم کڻڻ ضروري آهي. انتظام ان لاءِ آهي تہ جئن سٺي رستي کان ڪو ٿڙي نہ وڃي.“
سام چيو: ”جيڪڏهن توهان کي پنھنجي فلسفہ جو پورو ڀروسو آهي تہ پوءِ ڇونہ ڪنھن کي آزاد ڇڏيو وڃي تہ پنھنجي مرضيءَ سان ڪميونسٽ راھہ تي اچي يا نہ اچي؟ جيستائين انسان پاڻ ڪا ڳالھہ نہ ٿو سمجهي، تيستائين ٻئي جو سمجهائڻ اثرائتو نٿو ٿئي. زوريءَ ڪنھن کي ڪنھن راھہ تي آڻڻ تنھن ۾ سڌارو بنھہ ٿي نٿو سگهي. ٻئي کي اڌڪار نہ آهي جو جيستاءِ مان ڪا ڳالھہ فائديمند سمجهان، تيستاءِ زبردستيءَ سان ان ’فائدي‘ واري راه تي موکي هلائي. تنھنڪري توهين بيشڪ پرچار ڪريو ۽ جڏهين قوم جا گهڻا ماڻھو اوهانجي خيالن جا ٿين پوءِ ڀل انھن جي ووٽ سان گورنمنٽ جون واڳون هٿ ڪريو؛ پر هن وقت تائين ڪميونزم جمھوريت جي طريقي سان ڪٿي بہ برپا ٿي ڪونہ سگهيو آهي، جنھن مان ظاهر آهي تہ سڀ اصول ساميوادين جا ٺيڪ نہ آهن.“
ٻئي هڪ نئين دوست چيو: ”اسلام خود ڪميونزم آهي؛ ڇو نہ اسلامي ملڪن ۾ اسلام جي معرفت ڪميونزم آڻجي؟“
ساميوادي دوست چيو: ”ائين کڻي هجي بہ، پر هن وقت اهو اسلام گهڻن ماڻھن وٽ رهيو آهي، سو توهان ئي ٻڌايو. اهو تمام ٿورا ماڻھو عمل ۾ آڻيندا هوندا. مولوين ۽ ملن انھيءِ اصلوڪي اسلام جو رنگ روپ ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هن وقت اسلامي ملڪن جا ليڊر سڀ خود مطلبي ۽ سرمائيندار فرقي مان پيدا ٿيل ڏسجن ٿا. اسلامي ملڪن ۾ سچي پچي جمھوريت اچي وڃي تہ اسان جو ڪم جيڪر سولو ٿي پوي. انڪري جمھوريت خود اسين سمجهون ٿا تہ ساميواد جو پھريون ڏاڪو آهي پر اها جمھوريت ڪٿي آهي؟“
سام چيو: ”جمھوريت پھريون ڏاڪو فقط نہ آهي، پر آخري منزل بہ سمجهڻ گهرجي. انسان هر حالت ۾ بحال رکڻ گهرجي. پھريون ڳالھيون پھريائين رکو ۽ پويون ڳالھيون پوءِ رکو. اقتصادي يا ٻئي ڪنھن بہ واڌاري لاءِ جمھوريت جو اصول ترڪ ڪري نٿو سگهجي. توهين جمھوريت فقط انڪري فائدي واري سمجهو ٿا جو انجي هُل هلاچي ۾ ساميواد جو تحرڪ زور سان هلائڻ آسان لڳي ٿو. مگر اها سچي جمھوريت نہ آهي. سچي جمھوريت ۾ شايد اوهان جا هوڻوڪا اصول سڀ بحال ٿي نہ سگهن. ان ڪري ئي ڪميونزم ۽ جمھوريت جو پاڻ ۾ جهيڙو آهي.“
ساميوادي دوست چيو: ”پھرئين ڳالھہ آهي اَن ۽ لٽو سڀني لاءِ موجود ڪرڻ. آزادي يا جمھوريت يا مذهب وغيرہ سڀ پوءِ اچن ٿا. ان ۽ لٽو پورو نہ هوندو تہ ٻي ڪابہ ترقي ڪري نہ سگهبي.“
سام چيو: ”اَن ۽ لٽو وغيرہ جسماني گهرجن جون شيون، سي انسان جي سک جو فقط هڪ پاسو آهن. انسان جي ترقيءَ جي عمارت چورس آهي؛ منجهس چار وڏيون ديواريون آهن. اَن ۽ لٽو وغيرہ فقط هڪ ڀاڱو آهي؛ ٻيو ڀاڱو آهي انسان جون جذباتي ضرورتون جنھن ۾ سونھن جي واڌاري لاءِ هنر ۽ شعر، ٻيون تجويزون ۽ طرزون حياتيءَ جون اچي وڃن ٿيون، جن مان انسان جي دل کي لطف حاصل ٿئي ٿو. ٽيون ڀاڱو آهي من جي سکيا ۽ گيان جو واڌارو، جنھن ۾ تعليم، سائنس، فلاسافي وغيرہ اچي وڃن ٿا. چوٿون ڀاڱو آهي سندس آتما جو اُڌار جنھن ۾ يوگ ڪريائون وغيرہ اچي وڃن ٿيون. جي شانتي ۽ آنند آتما جو پيدا ڪن ٿيون. جيئن ڪنھن جانور جي خوش رهڻ لاءِ نہ روڳو کاڌو پاڻي يا واڙي جو سک پر گهمڻ، ڦرڻ، هوا جهٽڻ وغيرہ سب ضروري آهن، تيئن اسان کي خوش رکڻ لاءِ مٿيون چار ڳالھيون سڀ گڏ ويچار ۾ آڻڻ ضروري آهن.“
”جيڪڏهن انسان کي اٽو لٽو ڪافي موجود ڪري ڏبو تہ ٻيون زندگيءَ جون تمنائون سندس پوريون نہ ڪبيون تہ هو خوش رهي نہ سگهندو. حضرت موسيٰ جي اکرن جي اونھي معنيٰ آهي، جو چيو اٿس تہ انسان فقط اٽو کائي نٿو جيئي (Man liveth not by bread alone) ڪميونسٽ ملڪن ۾ روس سڀ کان وڌيڪ اقتصادي ترقي ڪئي آهي پر ڪٿي آهن اتي ٽئگور ۽ اقبال جھڙا شاعر ۽ خيال جا رهبر جيڪي روح کي پنھنجي خيال يا امنگ جي پرن سان آڪاش جا سير ڪرائن؛ ڪٿي آهن گانڌيءَ جھڙا ڌرم جا پرڪاشڪ ۽ سياست جا اڳواڻ جي انسان جي اونھي ۾ اونھي گهرجن کي سمجهي ان جي هر مسئلي کي منھن ڏيئي سگهن؛ ڪٿي آهن اُهي گذشتہ زماني واري يورپ جھڙا ڪلاڪار جن جي تصويرن، چٽسالين يا اُڪار جي ڪمن ۾ امنگ روپي ساگر جون لھرون پيون لڳن؟“
ساميوادي دوست چيو: ”اُتي بہ گهڻائي شاعر ۽ هنرمند پيدا ٿيا آهن.“
سام چيو: ”ضرور هوندا ڇا لاءِ جو انسان جي سڀاو کي ڪيترو بہ دٻايو وڃي تہ ڪٿان ۽ ڪنھن نہ ڪنھن بھاني مڙيوئي ڦاٽ کائي اهو ظاهر ٿئي ٿو. انھن جا شعر وغيرہ ٿورا مون پڙهيا آهن. رشيا جيڪي سائنس يا ٻين دائرين ۾ ڪيو آهي، تنھن لاءِ مون کي عزت آهي، مگر مون کي سندن شعرن مان ڪوبہ لطف ڪونہ ايندو آهي. انھن منجهان روس جي سخت انتظام ريجيمينٽيشن جي بوءِ پيئي اچي.“
پوءِ اُن ساميوادي دوست ٻڌي تہ ڪميونزم جي فلاسافي پڻ اونھي آهي. چيائين: ”جي توهان چڱيءَ طرح پڙهي ڏسندو تہ اُها اوهان کي بلڪل پورڻ نظر ايندي ڇا لاءِ جنھن ۾ ........... انداز ٿيل نہ آهي؛ بنيادي ڳالھہ جسم آهي، جنھن مان سڄي زندگي جي راند مچي ٿي. زندگيءَ جو مقصد زندگي آهي؛ ٻيون سڀ ڳالھيون انھن کانپوءِ اچن ٿيون.“
سام چيو: ”اهو اوهان جو نظريو اڻ پورو آهي. حياتيءَ جو مقصد نہ جئاپو آهي پر پورڻ جياپو جو پورڻ گيان کانسواءِ حاصل ٿي نہ سگهندو. جيوَ آتما جو مقصد پورڻ آنند يا پرماتما ئي آهي. توهين پھريون ڳالھيون پوءِ رکو ٿا ۽ پويون اڳ ۾. جسم گاڏي آهي. آتما سندس گهوڙو آهي. توهين گهوڙي کي اڳ ۾ ڪرڻ بدران گاڏيءَ کي اڳ ۾ ڪريو ٿا. ان نموني گاڏي ۽ گهوڙي ٻنھي کي گهلي ڪنھن اوڙاھہ ۾ وڃي هڻندا. آزادي خيال جي ۽ زبان جي، ڪنھن بہ حالت ۾ وڃائڻ نہ گهرجي. اوهان سان جيڪي شامل راءِ نہ هجن، انھن کي بہ حق ملڻ گهرجي تہ هو پنھنجا خيال ظاهر ڪن يا پنھنجو پرچار ڪن. هاڻي اها ڪسوٽي اوهين لائي پوءِ پاڻ سان پڇي سگهو ٿا تہ هيءُ ڪميونزم اها آزادي ڪيتريقدر ڏيئي سگهي ٿو. هن ملڪ ۾ بہ ساميواد جو ڪو زمانو هيو پر اهو آزاديءَ جو گهاتڪ ڪونہ هو ۽ منجهس ڌرمي امنگ سمايل هو. جنھنڪري ڪنھن بہ هڪ ورن يا ڪلاس لاءِ اهنجو ثابت ڪونہ ٿيو. البت تنگدليءَ سبب پوءِ اهو سرشتو ٽٽي پيو.“
ساميوادي دوست چيو: ”رشيا ۾ شخصي آزادي هر ڪنھن کي آهي، بشرطيڪ هو سوسائٽيءَ جو دشمن بڻجي نہ پوي.“
سام چيو مان ڀانيان ٿو تہ اسان جھڙن ماڻھن جي لاءِ جيڪر ڪميونسٽ سرشٽي ۾ جاءِ ئي ڪانہ ٿي سگهي، توڙي جو اسان جو اعتراض ڪميونزم جي اصول خلاف نہ آهي، مگر انھن جي هنسا واري رستي خلاف آهي. مان رشيا جي عظيم رهبرن جي نندا نٿو ڪريان؛ اڄڪلھہ روسي ڪميونزم ايشيا جي قوميت (Asian Nationalism) جي وڏي ٽيڪ ٿي رهيو آهي؛ ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ رشيا جو چڱو يورپ ۾ آهي تڏهين بہ رشيا جو روح ايشيائي آهي ۽ رشيا مثال ٿي ڏيکاريو آهي تہ هن ڀر وارا بہ ڪي ڪجهہ ڪري سگهن ٿا. پر ايترو ضرور قبول ڪرڻو پوندو تہ اتي شخصي آزادي پورڻ نہ آهي، ساڳئي وقت تي ائين نہ چئي سگهجي ٿو تہ دنيا جي ڪيترن ٻين جمھوريت پسند ملڪن ۾ پڻ شخصي آزادي گهٽ آهي؟“
ساميوادي دوست چيو: ”ڪھڙين ڳالھين ۾ روس اندر شخصي آزادي توهين سمجهو ٿا تہ گهٽ آهي.“
سام وراڻيو: ”مثلاً جي مان اُتي ڪميونزم جي برخلاف اُٿي پرچار ڪريان تہ مون جھڙي انسان کي جيڪر اُتي رهڻ ڏنو ڪين وڃي ۽ مان اُتي پنھنجو آئيندو جيڪر اڏي نہ سگهان، جيستائينڪ اُتان جي گورنمنٽ جي مقرر ڪيل لائين تي پير نہ کڻان، ويجهي تاريخ ڏسي ٿي تہ روسي انقلاب کانپوءِ طلاف ڌر وارن جي ڪڍ ڪيئن نہ ڪات ڪھاڙا کنيا ويا ۽ ’صفائي‘ (Purge) جي بھاني اڃا تاءِ اُتي ڇا نٿو ڪيو وڃي؟“
ساميوادي دوست چيو: ”مان شخصي آزاديءَ جي فائدي ۾ آهيان ۽ محسوس ڪريان ٿو تہ اسان جي ملڪ ۾ پڻ انھيءَ پرچار جي وڌيڪ ضرورت آهي.“
تنھن کانپوءِ گفتگو سام جي ادبي ڪم وغيرہ ڏانھن ڦريو.
ساميوادي دوست چيو: ”توهان انھن خوش نصيب انسانن منجهان آهيو، جن کي روشني حاصل آهي ۽ جيڪي دنيا جي خدمت ڪري سگهن ٿا. پوءِ ڇو نہ پنھنجي خيالات مان ٻين کي بہ واقف ڪندا رهو تہ ٻين جو بہ ڀلو ٿئي؟“
سام چيو: ”اسين ٻين جو ڀلو هميشہ چاهيون ٿا مگر پنھنجو دهل پاڻ وڄائڻ سو نہ فقط پاڻ کي خراب لڳي ٿو پر ان مان نتيجو گهڻو ڪونہ ٿو نڪري. خيال جي اثر بہ انھن تي پوندو آهي جن کي اڳ ۾ ڪجهہ شوق پنھنجو هوندو آهي. تنھن ڪري اسان جو آدرش اهو آهي تہ پاڻ کي هڪ سندر سيتل پاڻيءَ جي چشمي وانگر بڻائجي پوءِ ڪنھن کي سڏ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانہ آهي. پکيءَ پئسون ۽ ٻيا جيءَ جيڪي پياسا هوندا، سي پاڻھي اچي چشمي تي پاڻي پيئندا. گهڻو گوڙ شور سچن پياسن کي پاڻ وڌيڪ پري رکي ٿو.“
ساميوادي دوست چيو: ”اهو خيال ٺيڪ نہ آهي. دنيا هڪ باه ۾ ٻري رهي آهي. ان کي اهڙي حالت ۾ ڏسي گهر ۾ چپ ڪري ويھي رهڻ سو توهان جو فرض نہ آهي. اهو ايڪانت جو رستو اڄ ڪلھہ جي زندگيءَ ۾ ڪارگر نہ آهي. اوهان جا خيال اوهان لاءِ فقط نہ آهن، مگر انھن جو فائدو ٻين کي بہ ملڻ گهرجي. اهي خيال اتي ئي ڊٻ ٿي وڃڻ نہ گهرجن.“
سام چيو: ”اسان جو ڪنھن بہ هلچل يا تحريڪ هلائڻ جو ويچار نہ آهي. ايشور کي پائڻ يا پنھنجي جيون سڦلي ڪرڻ سوئي هڪ سچو آدرش شيوا جو آهي ۽ ان جي پائڻ جا ٻيا بہ گهڻا ئي رستا آهن. ڪرم يوگ جو بہ هڪڙو مارگ آهي، جو توهان پڪڙيو آهي. اها تمنا هر ڪنھن کي رهي ٿي تہ مان جسماني يا روحاني اولاد پيدا ڪريان. پر جي سهج سڀاؤ ڪنھن کي اولاد حاصل نہ ٿئي تہ پوءِ ائين آهي ڇا تہ اُها زال مڙيوئي ڪٿان بہ وڃي اولاد پائي اچي؟ غلط رستي ڪم ڪرڻ ۽ هنسا جو مارگ وٺڻ يا اعتراض جوڳي نموني اهو مطلب پورو ڪرڻ سو ان وڀچارڻ زال جي مثل ٿيندو. مطلب تہ جيڪڏهين ايشور پنھنجي مھر سان ڪو وڏو مارگ جيوت ۾ نہ کولي تہ مشهورائيءَ لاءِ نفس جي سينگايل سھڻن رستن تي ڪاهي نہ پئجي!“
ساميوادي دوست چيو: ”مان تہ جيڪر چوان تہ اُها زال ڀل ڪٿان بہ ٻار پائي اچي. اهو آريه سماج وارن جو بہ اصول آهي. مطلن تہ پنھنجو آدرش ڪيئن بہ پورو ڪرڻ گهرجي.“
سام چيو: ”خراب نموني سٺي شيءِ حاصل هرگز ٿي نٿي سگهي؛ جي ٿيندي تہ ان مان سک يا مزو پراپت ڪونہ ٿيندو. سچي آدرش لاءِ سچا رستا اختيار ڪرڻا آهن. مشهورائيءَ جو خيال يا حاصلات جي لالچ، سي سچ پچ پورڻتا جي راھہ ۾ رڪاوٽون آهن. ايشور جي ليلا اهڙي آهي جو جيتري لياقت جنھن شيءِ ۾ آهي، اوترو ڪم ان کان ضرور ورتو وڃي ٿو. البت اُن جو اثر بعضي بعضي گهڻي وقت کانپوءِ ظاهر ٿئي ٿو. مثلا سري رام ڪرشن پرم هنس جي حياتي ڏسو؛ سندس ديھانت جي وقت تائين ڪي مٺ ڀر انسان هن جا پوئلڳ هئا. پر سندس خيال جي خوشبوءِ اڃا وڃي ٿي دنيا ۾ ڦهلبي؛ سندس ٻول ڄڻڪ هڪ نئين پنٿ جو بنياد ۽ مرڪز سمجهيا وڄن ٿا. اسان کي يقين هئڻ گهرجي تہ قدرت اسان جي لياقت آهر پاڻھي اسان کي ڪتب آڻيندي. ڪھڙي خبر آهي اوهان دوستن مان ئي ڪنھن جي من ۾ ائين اچي تہ هنن خيالن کي وڌائڻ گهرجي؟ پوءِ اسين بہ اُن واڌاري جي آڏو ڪونہ اينداسين. مگر هٿرادو حيلا هلائي ’ڪم کي اڳي ڪرڻ‘ سا حقيقت ۾ وک پٺتي وجهڻي آهي.“
***


10-5-1954ع آرتوار ڏينھن مون خوشي ٿي ڪئي تہ آرتوار سٺي نموني ۾ گذارينداسين پر سام چيو، آرتوار ڏينھن تہ هميشہ اسين پاڻ ۾ ٽڪرندا آهيون! مون کائنس ان جو ڪارڻ پڇيو:
سام چيو: ”گهڻي ڇڪ (Attraction) کانپوءِ هڪ اُبتو اثر (Repulsion) پيدا ٿيندو آهي. اهو هڪ قدرت جو قانون آهي. پريم انھن ٻنھي حالتن ۾ قائم رهي سگهي ٿو ۽ انھن ٻنھي منجهان ڪري سگهي ٿو يعني انھن جي اثر کان بچي سگهي ٿو. اسان جي ٿوري لڙائي ڏيکاري ٿي تہ دل زنده آهي. اها لڙائي تفاوتن گم ڪرڻ جو هڪ حيلو ڪري سمجهو. البت ائين ظاهر آهي تہ تفاوت ڪجهہ مڙيوئي رهيا آهن. ان ريت هڪ ٻئي ڏانھن وڌيڪ ويجهي اچڻ ۾ ڪاميابي نہ پائي پوءِ دل نا اميد ٿي، ٿوري وقت لاءِ پري ٿيڻ گهري ٿي. ان نموني ئي تنھنجي طبيعت کٽي ٿي پوي ٿي. اهو خاص ڪري توسان لاڳو آهي. منھنجي حالت ۾ ائين آهي تہ مان هڪ قسم جي ماٺ ۾ اچي ويندو آهيان؛ تنھنجو ۽ منھنجو پريم تن جي طلبن کان آجو آهي، پر اڃا من جي جذباتي تفاوتن کان آجو نہ آهي. اُها ايڪتا جنھن ۾ سڀ تفاوت سمائجي وڃن ٿا، فقط ڀڳتي ڀاؤ ۾ ۽ آتمڪ اورچائيءَ ۾ پورن ٿي سگهي ٿي. جڏهين ان ۾ ڪمي پيشي ڪانہ رهندي تڏهين پيار ۽ حقارت يا ڪشش ۽ نفرت واري قدرتي قانون جي دائري کان نڪري سچي سک ۽ ستنترتا جي حدن اندر واسو ڪبو.“
اڳواٽ اهڙي اطلاع ملندي بہ جيئن آرتوار جو سج چڙهندو ويو ۽ جيئن مان واندي ٿي گهر ۾ اچي ويٺس تہ ڳالھہ مٿان ڳالھہ ويئي نڪرندي ۽ مون سام کي چيو تہ پنھنجي ٻارن جي پاس ٿيڻ جي ۽ ڪڪيءَ جي شاديءَ ٿيڻ جي سوکڙي مون کي اڃا ڪانہ ڏني اٿؤ!“
سام چرچي طور چيو: ”ڇونہ تون سال بسال مليل اضافن جون سوکڙيون مون کي ڏين!“
سام چيو: ”ائين تہ سنساري حاصلات ۾ اسان کي بہ دلي خوشي ڪانہ ٿيندي آهي. مگر جو ڪم جنھن جي هٿ ۾ آهي، اُن جي پوري ٿيڻ تي هڪ وفادار سپاهي ۽ ايماندار انسان کي ضرور خوشي حاصل ٿئي ٿي. سا خوشي فرض جي ادائيءَ منجهان آهي ۽ نہ ڪنھن شيءِ يا درجي حاصل ڪرڻ جي آهي.“
مون چيو: ”مون کي تہ اُها بہ حاصل ڪانہ آهي.“
سام اتي ٿورو ويچار ۾ پئجي ويو ۽ چيائين: ”اها خراب نشاني آهي؛ يا تہ تون پنھنجا ڪم پريم ۽ فرض ادائيءَ جي خيال وچان نٿي ڪرين پر ڪنھن خاص ننڍڙي مطلب يا ارادي سان اهڙا چڱا ڪم ڪرين ٿي؛ يا تہ چئبو تون اهڙي نرموھہ ٿي ويئي آهين، جو خود پنھنجي ڪم جي چڱي يا نہ چڱي ٿيڻ جو توکي احساس ڪونہ ٿو رهي؛ پر اها حد اڃا پري آهي.“
مون چيو: ”مون کي موھہ فقط توسان آهي پر تنھنجو موھہ گهڻن سان آهي؛ ٻارن ٻچن، گهر ٻار وغيرہ سان.“
سام کلي چيو: ”اها ڳالھہ بہ عجب جھڙي آهي؛ جيڪڏهين موھہ هڪ سان آهي، تڏهين بہ اوتري ڳالھہ آهي جي گهڻن سان آهي تڏهين بہ اوتري ڳالھہ آهي. موھہ هڪڙو مرض آهي؛ ان جي هلڪائي يا گهرائي هروڀرو ڦٽن ظاهر ٿيڻ مان نہ پر ڦٽن جي اونھائيءَ مان لکي سگهجي ٿي؛ ٻانھن ۾ ڦرڙي هجي يا ڄنگهہ ۾ ڦرڙي هجي يا ٻين عضون تي، اها ڳالھہ مرض جي گهاٽائيءَ ۾ فرق نہ ٿي آڻي. مرض هڪ منھن ڪڍي يا گهڻا منھن ڪڍي، اهو هر حالت ۾ خطرناڪ آهي.“
تنھن کانپوءِ سام شڪارپور جي هڪ مشهور وڪيل جي ڳالھہ ٻڌائي: ”ان وڪيل وٽ ڪو ٻروچ قوم جو ماڻھو ڀاءُ جي ڪيس ۾ اپيل ڪرائڻ لاءِ آيو. سندس ڀاءُ کي ٻن قلمن هيٺ ڦاسيءَ جي سزا آيل هئي. پاڻ ۾ فيصلو ڪيائون تہ جي موت جي سزا لھرائي وئي تہ ٻروچ وڪيل کي ٻہ هزار ڏيندو. ڪجهہ پئسا هن بياني ۾ ڏنا. اپيل ڪارگر نہ ٿيڻ جي حالت ۾ فقط بياني وارا پئسا وڪيل کي ملڻا هئا ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ. پر اپيل ۾ انھن ٻنھي قلمن مان هڪ قلم هيٺ ڏوھہ ناثابت ٿيو؛ باقي هڪ قلم هيٺ ساڳي موت جي سزا ثابت رهي. وڪيل تڏهين اصيل کان باقي پئسن جي گهر ڪئي، جي مٺائيءَ طور کيس ملڻا هئا. چيائين تہ مون هڪ موت تنھنجي ڀاءُ تان ٽاري ڇڏيو آهي، تنھن ڪري تون مون کي اڌ پئسا گهٽ ۾ گهٽ ڏي. ٻروچ چيو تہ سائين ڦاسي تہ اُهائي منھنجي ڀاءُ کي ايندي باقي پئسا ڇا جا ڏيان؟ تڏهين وڪيل کيس وري سمجهايو تہ چريا! اڳي ٻن ڦاسين جي سزا هيس؛ هاڻ فقط هڪ ڦاسيءَ جي سزا آهي!“
سام وڌيڪ چيو: ”تنھنجي ڳالھہ بہ اُن وڪيل جھڙي پيئي لڳي تہ تنھنجي موھہ کي فقط هڪ منھن آهي ۽ منھنجو تيرهن منھون آهي!“
مون اها ڳالھہ قبول نہ ڪئي پر ٿوري دير بعد ويون ثابتيون ملنديون. جيئن مان سام جي اڳيان وڃي تڏي تي ويٺس تہ هن چيو شايد پير پورا صفا نہ اٿئي. مون کي انھن لفظن تي ڏک ٿيو ۽ اُٿي پنھنجي جاءِ تي وڃي ويٺس. تڏهين سام چيو: ”تنھنجو موھہ هاڻي ٻہ منھون تہ گهٽ ۾ گهٽ ثابت ٿيو. پنھنجي سُو مان سان ايتري تہ سڪ اٿيئي جو ٿوري چوڻ تي رُسي هلي وئينءَ!“
تنھن کان پوءِ وري ڪي اکر منھنجي مائٽن بابت سام ڪم آندا جنھن مان مون انومان ڪڍيو تہ انھن لاءِ سام کي پوري عزت نہ آهي. مون کي ان تي وري رنج پيدا ٿيو.
سام چيو: ”در حقيقت مون تنھنجي ڪنھن مائٽ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونہ چيو، پر تنھنجو موھہ هاڻي ٽه مُنھون ثابت ٿيو؛ يعني توکي مون سان نہ رڳو پر پنھنجي سومان سان ۽ پنھنجي گهراڻي جي عزت سان بہ گهاٽو سنيھہ آهي.“
سام مسخريءَ ۾ مون کي ائين چيڙائيندي رهيو مگر مان چرچو نہ سمجهي گهر مان اُٿي هلڻ لڳس ۽ چيم: ”هن گهر ۾ مون کي سک ملڻو ئي ڪونہ آهي. آرتوار ڏينھن گهڻو اچي ويھان ٿي تڏهين تہ ڪِر ڪِر ٿئي ٿي.“
سام تڏهين چيو: ”اهو چوٿون موھہ پنھنجي سک جو وري اهڙو آهي جو خود منھنجي موھہ کي لٽي ڇڏئين. مون سان ايتري موھہ هوندي بہ مون کي ڇڏي هلي وڃڻ ٿي چاهين! هت دک پراپت ٿي ٿو ۽ ٻئي هنڌ سک ملڻ جي وڌيڪ اميد ڏسجي ٿي! ان مان سمجهہ، اي مورک! موھہ هڪ قسم جي انڌاري آهي انڌاري انڌاري آهي، چاهي ڪنھن بہ طرف کان اچي.“
پوءِ مون کي تاڪيد ڪيائين: ”اڄوڪو گفتگو پنھنجي ڊائريءَ ۾ ويھي لک توڙي جو توکي پنھنجي ورکائي درج ڪرڻ چڱو نہ لڳي.“
***


24-5-1954ع ٻن ڏينھن کان اسان جي گهر ۾ هڪ قسم جو ڦيٽهڙو اچي پيو آهي. اسين پاڻ ۽ اسان وٽ رهندڙ ڇوڪرا (جن کي اسين نوڪر ڪونہ چوندا آهيون) سڀ ڄڻڪ بي سُرا پيا هلن. هر ڪو سڄيو مڄيو ويٺو آهي!
سام چيو: ”اها شُڌيءَ جي آگ اٿوَ. بروقت ئي، ان جي اُڀرندي مون کي اهو احساس ٿيو تہ منجهس ڪجهہ وڌيڪ ڪچ ڪوڙ يا دوئي ڀاوَ جيڪو هوندو سو سڙي ويندو. مون کي اها اميد ڪانہ هئي تہ ٻن ڏينھن ۾ اهو ڪم پورو ٿي ويندو. مون سمجهيو ٿي تہ ڏھہ يا پندرهن ڏينھن اهو نمونو گهٽ ۾ گهٽ هلندو، جيستائينڪ ڏوھہ ڪندڙ ڪافي پڇتاءُ ڪري.“
هن ڀيري ڦيٽهڙي جو ڪارڻ اسان جو رسويو هيو. مگر مون هن جي پڇتاءُ ڪرڻ تائين ڳالھہ کي ڪونہ ڇڏيو. مون پنھنجو سولو رستو ڳولي لڌو. ان ڇوڪري ڀو ڪري يا ڪنھن دلي ناراضپي ۽ نا اميديءَ ڪري ڪم سٺو نٿي ڪيو ۽ اٿڻ ويھڻ ۾ بعضي بعضي اوڇو اوڇو نظر ٿي آيو. مٿس ڪي الزام چال چلت جا هئا. سام جو خيال هو تہ اهڙي سزا ڀوڳي جنھن ۾ سندس سڌار ٿئي. مون سام کي چيو تہ کيس موڪل ڇونہ ٿا ڏيو. سام کي ازخود اها ڳالھہ وڻي آئي ۽ چيائين تہ سندس پري رهڻ ٿوري وقت لاءِ چڱو ٿيندو.
اهي ٻہ ڏينھن گهر جو سڀ ڪم سام ۽ مون پاڻ ۾ ورهائي ٿي ڪيو. سام پاڻ ڪلھي تي دلا رکي پاڻي ڀري آيو. مون کيس چيو تہ هروڀرو ائين نہ ڪريو. ان تي سام جواب ڏنو: ”هينئر اهو زمانو اچي ويو آهي جو نوڪرن کان ڪم وٺڻ، پاڻ کي ئي خراب پيو لڳي. جيڪڏهين نوڪر گهر جي ڀاتيءَ وانگر ٿي وڃي تہ اها ٻي ڳالھہ آهي يا جنھن ماڻھوءَ کي وڏا ڌنڌا ۽ ڪاروبار هٿ ۾ هجن تہ ان جي لاچاري بہ محسوس ڪري سگهجي ٿي. مگر عام طرح فقط شخصي سک لاءِ نوڪر رکڻ جو رواج بلڪل خراب آهي. اسان کي نئين زماني جي خيالات موجب هڪ بنا نوڪرن جي سوسائٽي اڏڻ کپي. ’ڪميونزم‘ پوءِ پيدا ٿيو، مان ننڍيءَ عمر ۾ ئي اهي خيال رکندو هيس ۽ اڃا تاءِ ڪڏهين ڪڏهين هٿ جو ڪم ڪري، انھن خيالن تي ڪجهہ عمل ڪندو رهندو آهيان. هن ڇوڪري کي اسان سان گڏ رهي اٽڪل سترهن سال اچي ٿيا. جيڪو ماڻھو ايتري عرصي لاءِ گڏ هجي، پوءِ توڙي جو هو پگهاردار هجي تڏهين بہ ان کي گهر مان تڙي ڪڍڻ هڪ سخت قدم پيو لڳي. پر ڪن حالتن ۾ اهڙا سخت قدم کڻڻ ضروري ٿين ٿا. هن کي اهو شايد خيال هو تہ اسين ڪم جي لحاظ ڪري سندس ڳالھيون سڀ برداشت ڪنداسين. مگر جيڪڏهين اٺن پھرن ۾ فقط هڪ دفعو ئي کائڻو پوي ۽ سڀ ڪم پاڻ ڪرڻو پوي، تڏهين بہ ستنتر ٿي رهڻ سٺو آهي. هن رستي گهٽ ۾ گهٽ اسين پنھنجي من کي خاطري ڏيون ٿا تہ ٻيلي اسين هروڀرو اهڙا عاجز ۽ محتاج نہ آهيون. جيڪو ماڻھو پنھنجي روٽي پاڻ ڪمائي ۽ پاڻ پچائي نٿو سگهي، اهو ڪنھن بہ عزت جي لائق نہ آهي ۽ حياتيءَ مٿان هڪ ٻوجهہ آهي.“
مون پھريائين ڪجهہ ناراضپو ڏيکاريو جو سمجهيم تہ سام کي پاڻ ڪم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي ۽ ٿڪجي پوندو، مگر ڏٺم تہ سام کي اڪيلي رهڻ جي طاقت ۽ پنھنجي ڪم پاڻ ڪرڻ جي سمر ٿي آهي اهي ٻہ ڏينھن جيئن اسپتال مان موٽندي هيس تہ هو ماني بلڪل صاف، سٺي ٺاهي رکندو هو. رات جو وري مان پاڻ ڪندي هس. عجب اهو اٿم جو پڙهڻ، لکڻ ۽ اڀياس ڪرڻ لاءِ پڻ اسان ٻنھي کي اڳي کان وڌيڪ وقت بچت ٿيندو هو!
سام چيو: ”ڪروڌَ وقت مان نہ فقط پر هر ڳالھہ مان برڪت ڪڍيو ڇڏي. زندگيءَ جي نوڙي پڻ ڪيتري ننڍي ڪري ٿو ڇڏي. سنتوش ۾ رهڻ سان ئي سڀ فائدا حاصل ٿين ٿا.“
نہ وري مون کي ڪا اسپتال جي ڪم ۾ گهٽتائي معلوم ٿي مون کي بہ اندروني طرح شايد اهو آزمودو وڻيو ٿي نہ تہ سام پرچائي ڇڏڻ ڪا اهنجي ڳالھہ ڪانہ هئي. سام جي سڀاوَ جي خبر اٿم. وڃي هٿ وجهوس تہ هڪ نہ ٻئي ڀيري سان پرچي ويندو؛ جيتوڻيڪ اصول جو سوال هوندو تہ اُن تان هرگز ڪين هٽندو. ٻن ڏينھن بعد ان ڇوڪري کي مون سمجهايو تہ جنھن جي ڪارڻ مون دنيا ۾ سڀ ڪجهہ ڇڏيو آهي، تنھن کي جيڪڏهين تون ائين پيو ناراض ڪندين تہ ڪيئن گڏ رهي سگهبو؟ تنھن ڪري هل تہ هلي پيش پئونس ۽ سندس ڳالھيون سڀ مڃيون. پوءِ اسين ٻئي اچي سام جي پيرن ۾ ويھي رهياسين. مون سندس پيرن کي چنبڙي روئي ڏنو ۽ کيس چيم تہ ڪاوڙ ۾ جيڪي لفظ مون کان نڪتا هجن، سي مون کي بہ معاف ڪيو. اهي لفظ مون سڏڪا ڀري چيا. سام هڪدم مونکي ڀاڪر پائي اُٿاريو ۽ ڇوڪري کي بہ چيائين تہ وري ڪوشش ڪري وڌيڪ سٺي هلڻ جي.
اهي ٻہ ڏينھن سام گهڻو ڪري فرصت جو وقت اسان کان جدا پنھنجي ڪمري اندر گذاريندو هو. عجب اٿم تہ انھيءَ وقت ۾ خيال پاڻ وڌيڪ هڪ ٻئي ڏانھن مائل هو، جيئن هيٺين مثال مان ظاهر آهي.
مون کي هڪ وقت ائين لڳو تہ سام ڄڻڪ مون کي اهي اکر چيا تہ ’هيءَ ڇري وهي وهي تکي ٿي پيئي آهي!‘ پوءِ مون سام کان پڇيو: ”اهي اکر رنڌڻي واريءَ ڇريءَ بنسبت توهان مون کي ڪھڙي خيال سان چيا هئا؟“
سام کلي چيو: ”مون تنھنجي پر پٺ اڄ اهو خيال ٿي ڪيو تہ هيءَ ڇُري، جيڪا صبح مون وهائي ٿي، سا ڀاڄين تي وهي وهي تمام تکي ٿي پيئي آهي؛ متان توکي، ڪم آڻيندي، ڪنھن مھل چير ڏيئي وجهي! مون اها ڳالھہ نہ توکي چئي تہ ٻئي ڪنھن کي، ڇا لاءِ جو تون اتي ڪونہ هيئين ۽ ماني مون تنھنجي پرپٺ ڪئي هئي. ائين ٿو ڏسجي تہ منھنجي خيال جو اثر توتي پيو آهي. اها ڳالھہ خيال جي هم رفيقيءَ (Telepathy) جو هڪ مثال آهي. تنھنجي ذهن تي خيال اهڙو چٽو ويھجي ويو آهي جو تون سمجهين ٿي تہ سام مون کي اهي زبان سان چيا هئا. ظاهري جهيڙي جي وقت ۾ شايد اسان جو من هڪ ٻي جي ويچارن ڏانھن وڌيڪ مائل رهيو آهي!“
وڌيڪ هن وشيہ تي ڳالھائيندي سام چيو: ’ٽيليپٿي‘ (Telepathy) خيال جي ميلاپ جي فقط هڪ ٿورڙي شاهدي ڏئي ٿي. خيال جو ميلاپ وڌيڪ اونھو ۽ جٽاندار ٿي سگهي ٿو. مگر ڊپ، شڪ ۽ نفس جون گهرجون سي هڪ ديوار بڻجي پون ٿيون. بعضي بعضي انھن اوڻاين نہ هوندي بہ خيال جي هڪجهڙائي حاصل ٿي نہ سگهندي آهي، ڇا لاءِ جو من چئنچل هوندو آهي. اجاين سجاين ڪمن ۾ هٿ وجهڻ، اجايو گهڻو ڳالھائڻ، دنيا جي شين يا جيئن سان نا ضروري واهپو وڌائڻ سو پڻ من کي يڪ ٽڪ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو. تنھن جي حالت ۾ گهڻو ڪري تنھنجا ڊپ ۽ تنھنجي چئنچلتا تنھنجي ايڪا گر نہ ٿيڻ جو ڪارڻ آهن؛ ٻي ضروري شئي شرڌا يا اعتقاد آهي. اعتقاد پريم جي پورئتا جو ٻيو نالو آهي، جڏهن صفا لاڳاپا لاهي يڪوجودي ٿي، دل دل کي پائي ٿي، من من کي سمجهي ٿو تڏهين گويا اسين پريم جي چوٽيءَ ’ايورسٽ‘ تي پھچي وڃون ٿا، اتي آنند ۽ سمورو گيان حاصل ٿئي ٿو جنھن گيان جو ٽيليپٿي (Telepathy) فقط هڪ ترورو آهي. مگر جيستاءِ ڪي خواهشون، لحاظ، ڊپ وغيرہ دل کي روڪن ٿا، تيستائين ان چوٽيءَ تي پھچي نٿو سگهجي، هيڪڙائيءَ فقط ان پورنتا منجهان پيدا ٿئي ٿي؛ نہ تہ جدائي ضرور رهي ٿي. هنن ٻن ڏينھن ۾ ٿورو مون کي الڳ سمجهي تو پنھنجا ٻيا لاڳاپا گهڻا گهٽائي، خيال کي منھنجي طرف موڙي ڇڏيو آهي. انھيءَ نموني ئي اهو ڇريءَ وارو خيال تو وٽ پھچي سگهيو. هن ڇوڪريءَ کي تو ٻالڪ ڪري پاليو آهي منجهس موھہ وڌو اٿيئي. اهو موھہ تو کي بعضي بعضي پنھنجي اصلوڪي پريم ۾ رنڊڪ ٿو وجهي، ڇا لاءِ جو منھنجو هن سان گهڻو ٽڪراءُ ٿئي ٿو. اسان جي شعر جي هڪ تڪ آهي: ’سوڍل ڪين سھي شراڪت شريعت جي.‘ مطلب تہ جيڪڏهين ڀاءُ، ڀيڻ يا ٻالڪ جو موھہ خود استريءَ کي پنھنجي پرش کان پري ڪري تہ اهو جائز نموني وارو پريم خود آتمڪ پريم جي واڌاري ۾ اٽڪاءُ ٿي سگهي ٿو. پريم گهڻا نہ آهن؛ پريم هڪ آهي؛ تنھنڪري اهو خيال ڪرڻ تہ متان سام فلاڻي نہ فلاڻي ڳالھہ تي ڪاوڙجي، متان ڇوڪري سان سخت هلت ڪري ۽ ان خيال ڪري انھيءَ جي ڍال ٿي بيھڻ، سو هڪ قسم جي ڌاريائي وڌائي ٿو. جڏهين من وچن ۽ ڪرم ۾ ڪا بہ دوئي نہ رکبي ۽ ڪو بہ ڊپ انديشو هڪ ٻئي کان نہ ڪبو، تہ چئنچلتا جي ڪري ٻين وشي يا ماڻھن جو خيال گهڻو پاڻ تي غالب پوڻ ڏبو، تڏهين ئي سچي هڪڙائي حاصل ٿيندي. پوءِ اهڙا خيال، جيئن ڇريءَ جي تصور جو ننڍڙو مثال آهي، گهڻائي پيا پسبا؛ پوءِ جيون سڄو هڪ سنگ ۽ هڪ رنگ ۾ رتل رهندو؛ خيال هڪ ڳنڍيل وهڪرو ٿي پوندو، جنھن ۾ ’تون‘ ۽ ’مان‘ يا ’ٻئي‘ ڪنھن جي جدا هستي ڪا نظر نہ ايندي ۽ هر جاءِ هڪ آتما پئي نظر ايندي. پوءِ انھيءَ هيڪڙائيءَ حاصل ڪرڻ بعد جيڪڏهين ڪنھن ماڻھوءَ يا جيءَ سان پريم جو ورتاءُ ڪبو تہ اهو موھہ ٿي نہ پوندو يعني ڪا رنڊڪ ڪانہ وجهندو. جيئن زهر، مارڻ کان پوءِ، ڪشتو ٿي پوي ٿو، تيئن ان هيڪڙائيءَ جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي سڀ وشيہ ۽ سڀ ننڍڙا سنگ، سڀ خواهشون ۽ مرادون خود هڪ آتما جي پسڻ جا دروازا ٿي پون ٿا.“
***


29-5-1954ع سري ڪرشن جي جيون چرتر ۾ پڙهبو آهي تہ گائين ۽ وڇڙن جو ساڻس اويترو تہ پريم هو، جو هن جي بنسريءَ جي آواز تي سڀ ڦرندا رهندا هئا، ۽ جڏهين هو کين چارڻ نہ ويندو هو تہ گايون کير گهٽ ڪري ڇڏينديون هيون. ڪيترا اڄ ڪلھہ جا پڙهيل ماڻھو انھيءَ کي هڪ قسم جو وڌاءُ ڪري سمجهندا آهن ۽ چوندا آهن تہ مذهبي پوئلڳن جون اهي من گهڙن ڳالھيون آهن، جن جي وسيلي پيغمبرن ۽ اوتارن جي ڪرامتن بابت ويساھہ ٿا ڄمائن. مگر پريم جي ليلا سچ پچ اهڙي ئي آهي. پريم جي طاقت جو ڪو انت ڪونہ آهي.
اسان ڪجهہ وقت ٿيو تہ هڪ ٻڪري هت خريد ڪئي، جنھن جي مالڪ وڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو تہ ٻڪري وڪڻڻ جھڙي ڪانہ هئي پر هن آزار ڪري وڪيم جو ٻارن سان ۽ ايندڙ ويندڙ سان ڏاڍو وڙهندي آهي. چيائين خوف رهندو هيم تہ متان ڪنھن ننڍي ٻار کي زخمي ڪري وجهي. اها ٻڪري تمام مظبوط، چهنبدار سنڱن سان ڪارَ مھين آهي، جنھن کي ڏسي زالن ۽ ٻارن کي ويجهو ويندي ڊپ ٿيندو آهي. مان ان جي ڀرسان ويندي بہ ڊڄندي آهيان. ٻين ڦرن ٽڪرن سان بہ سندس ويڙھہ هلي اچي. سام کي خيال ٿيو تہ ٻڪريءَ کي شايد ڊپ ڪري ڪنھن پورو پيار ڪونہ ڏنو آهي ۽ نہ ڪنھن شروع کان هٿ گهمايو اٿس. هو کيس گاھہ بہ کارائيندو رهيو ۽ هٿ گهمائي پيار بہ ڪندو رهيو. هينئر ڪيترن ڏينھن کان ڏسندي آهيان تہ جڏهين هو ڀرسان وڃي بيهس يا ڳالھيون ڪريس تہ ٻڪري ڄڻڪ ڪَن ڏيئي ماٺ ۾ پئيي ٻڌي. سام ان جي پاران اهڙا اهڙا اکر پيو چوي، جھڙوڪ ’ڀلا ماڻھو منھنجي ڇو ٿا گلا ڪن! نہ مون کي ڪيو آهي پيار ڪنھن، نہ مون کي پاتو ڪنھن ڀاڪر ڪڏهين، پوءِ مان بہ ڇو نہ وڙهندس؟ توهان جو ڀائي مون کان ڊڄو ٿا تنھن ۾ منھنجو ڏوه تہ ڪونہ آهي گهر گهر ڌڪا ڏيئي پوءِ وڪڻي ٿا ڇڏنم. مون سان ڪو چڱو هلي پوءِ وڙهان تہ ڏوھہ ڏيو!‘
اهڙيون اهڙيون ڳالھيون سام جون اکرن دوارا نہ پر آتما سان ڄڻڪ ٻڪري ڪن لائي پيئي ٻڌي ۽ منھن کڻي پنھنجو سام جي ٻانھن تي ليٽائي رکي. سام پنھنجو هٿ پري ڪري تہ وري وڃي منھن ملائيس پر وڏي عجب جي ڳالھہ تہ اها آهي جو جڏهين هو ڀرسان بيھيس تہ کير بہ چپ ڪري ڏهائي ۽ گهڻو لاهي. ٻيو ڪو ڏهيس تہ کير لٿل بہ کڻي وڃي. هيءَ پريم جي هڪ ڪرامت آهي!
***


ڪانءُ تمام شڪي ۽ چور پکي ڪري سڏبو آهي. مگر پيار جي ورتاءَ ۾ ڪانءُ بہ ڪيترا اسان جا دوست ٿي ويا آهن. هڪڙو منڊو ڪانءَ سام سان اهڙو ٺھي ويو آهي جو ٻہ ٽي ڀيرا ڏينھن ۾ سندس هٿ مان کاڌو وٺي ۽ چمچي مان کير وغيرہ پي وڃي. ڀرسان ويھي مٺڙيون ٻولڙيون بہ پيو ڪري. مون کي عجب لڳندو آهي تہ ڪانءُ ٿي ڪري ڪيئن پيو ذري گهٽ طوطن جھڙيون ٻوليون ڪري. ٻيو هڪڙو ڪانءُ وري سندس مٿي يا ڪلھي تي ويھي هٿ مان کاڌو وٺي ۽ سام جو خيال ٻئي پاسي هجي تہ ٻوليون ڪري يا آخر کيس هلڪو ٺونگو هڻي پنھنجي خيال ڇڪائي.
اڃا ٻيو هڪڙو ڪانءُ آهي جيڪو ڪرسيءَ جي پٺيان ويھي قميس جي ڪنڌي کي اچي ڇڪي ۽ کاڌو وٺي پوءِ هليو وڃي. هڪ ڪٻر بہ ڏينھون ڏينھن وڃي ٿي هرندي. شام جو سام جڏهين ڪرسيءَ تي نڪري ٻاهر ويھندو آهي تڏهين توڙي جو نوڪرن ۽ ماڻھن جي اچ وڃ هوندي آهي، تہ بہ اهڙن پکين جا ننڍڙا ميڙ اسان جي چؤڌاري اچيو مڙن ۽ مان ائين چوندي آهيان تہ سينٽ فرئنسز ۽ ٻين مھا پرشن جون ڳالھيون ضرور سچيون هونديون. اهڙي هڪ ڳالھہ سوامي راما تيرٿ جي بہ ٻڌبي آهي تہ هو هڪ شينھن جي غار ڀرسان جهنگل ۾ رهندو هو؛ سوامي راما تيرٿ کي شينھن کان ڪو ڊپ ڪونہ ٿيندو هو. چون ٿا تہ پاڻ ۾ دوستاڻو ناتو ٿي ويو هين! اهي ڳالھيون مون کي اسنڀو ڪونہ ٿيو لڳن، مگر هي ننڍڙي پئماني تي، گهر جو گهر ۾، پريم جي طاقت جو هڪ تجربو (Experiment) ڏسي مون کي اهي وڌيڪ اهنجون ڳالھيون بہ هينئر اعتبار جوڳيون نظر اچن ٿيون.
سام چوندو آهي ”جڏهين هر جاءِ هڪ آتما وسي ٿي تہ پوءِ دشمن ڪير آهي ۽ سڄڻ ڪير آهي؟ سڀ هڪ ذات آهي! ڌاريو هت ڪوبہ ڪونہ آهي. جيترو پريم جو ورتاءُ وڌايو، اوتروئي رفقت ۽ راضپو حياتيءَ ۾ وڌنڌو. سمدرشتيءَ کانسواءِ آتمڪ اڀياس يا گيان جي پراپتي بہ حاصل ٿي نٿي سگهي.“
***


30-5-1954ع پريم ڇا آهي؟ ڪھڙن گڻن تي ٻڌل رهي ٿو؟ ان وشيءِ تي سام پنھنجي حياتيءَ جي آزمودن مان اڄ هيئن ٻڌايو: ”سڀ جيءَ هڪ جھڙا نہ آهن ۽ سڀ انسان هڪ ريت پريم نٿا ڪن. تنھن ڪري جيڪي اسان جي آزمودي ۾ آيو آهي سو شايد سڀني جي سمجهہ ۾ نہ اچي. مگر جيتري هڪ جهڙائي اسان جي وچ ۾ آهي اوتري ساڳيائي پڻ تجربات ۾ ٿي سگهي ٿي. پريم انسان جي ذاتي، يعني پئدائش وارن اصولن مان آهي. جيئن هوا ۽ پاڻي سڀ جيءَ گهرن ٿا، تيئن پريم ۽ همدرديءَ بہ انسان ڄائي ڄم کان گهري ٿو ۽ انھيءَ بنا هن جي من يا هردي جو واڌارو ٿي ڪو نہ ٿو سگهي. تنھن ڪري هر انسان کي پريم جا ڪي مڙيوئي آزمودا ٿين ٿا، جن مان سندس زندگيءَ جو رستو ٺھي ٿو. انسان جي دل تي سنھن ٿلھن موقعن جون ڪي ڳالھيون چٽيون ويھن ٿيون جيڪي سندس دل جو اتم خزانو بڻجي پون ٿيون. اهڙيءَ طرح ياد ڪريان ٿو تہ پنھنجي ماتا يا ٻين عزيزن دوستن جي لھہ وچڙ ۾ ننڍي هوندي کان ڏي وٺ پريم جي مون پڻ ڪئي آهي. عام طرح ماڻھو پريمي عاشق معشوق يا زال مرد کي چون ٿا. مگر پريم ۽ انسان همدرديءَ جي ڄاڻ نفسياتي ڄاڻ کان گهڻو اڳي ظاهر ٿين ٿا. خود ٻالڪپڻ جي اوستا ۾ اها ڄاڻ نظر اچي ٿي. جيئن هڪ ول اسرندي ئي تاندورا ڪڍي ۽ انھن جي دوران ٻن سخت شين کي پڪڙي، انھن کي ٽيڪ بڻائي وڃي اڳتي وڌندي، تيئن انسان جو من پڻ محبت جي ڌاڳن سان وچڙ وچڙ ڪندو، ميلاپ وڌائيندو ۽ گيان پائيندو رهي ٿو. جن شين يا ماڻھن يا ساهدارن سان هو دل رکي ٿو، اهي ئي سندس گيان جي پراپتيءَ جي ڪارڻ بڻن ٿا. دنيا ۾ ڪيئي جيءَ ۽ شيون موجود آهن، مگر اسان کي روشني فقط انھن مان ملي ٿي جن سان ڪنھن نہ ڪنھن قسم جو چاه ٿئي ٿو. تنھنڪري اهو چاھہ، جنھن جي ڪماليت عشق يعني محبت ۾ آهي، سچي گيان جو دروازو سمجهڻ گهرجي. نہ وري پريم ڪومال، ڌن، روپ، ڪل، ديس وغيرہ جو قائل آهي. درياھہ ۽ سمنڊ وچ ۾ اچي وڃن ٿا؛ موت جا ويڇا پئجي وڃن ٿا، تڏهن بہ ديوانہ پريم جا وفا جي راھہ تي پڪا رهن ٿا. ماڻھو ائين چوندا آهن تہ پريم جوانيءَ جي مستي (Infatuation) آهي جا پوءِ گم ٿي وڃي ٿي. مگر مون ائين ڏٺو آهي تہ جسم يا جوانيءَ جو پريم تي بلڪل ڪو ٿورو اثر آهي. جسماني سنٻنڌ گهٽ ٿيڻ سان يا بلڪل گم ٿي وڃڻ سان اها پريم جي مستي پاڻ وڌي سگهي ٿي، بشرطيڪ پريم بنا مطلب شروع ٿيو آهي ٻيون سڀ شيون حياتيءَ جون يا خيال جون حالتن سان واسطو رکندڙ آهن؛ منجهن ڪو ڀاڱو جسماني ۽ ڪو ڀاڱو ذاتي يا اصلي ٿي سگهي ٿو. مگر پيار خود اصلي چيز آهي جا سورنھن ئي آنا سچ آهي. انھيءَ جي پيدا ٿيڻ ۾ ئي جيون جو سچو لاڀ حاصل ٿئي ٿو. پيار جو ڪوبہ مطلب ڪونہ ٿيندو آهي. ان جو مزو ان جي اندر ئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ وقت يا زر ۽ ملڪيت ۽ خود سلطنتون ڪجهہ بہ ڪونہ آهن. بادشاھہ ايڊورڊ اٺين جو مثال اڄ ڪلھہ پرسڌ آهي. مگر اسان پنھنجي زماني ۾ ٻيا بہ اهڙا مثال لھي سگهنداسين. جن مان ثابت ٿئي تہ پريم کان وڌ ٻي ڪابہ طاقت نہ آهي. پريم جي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ ئي زندگيءَ جو سچو مقصد حاصل ٿئي ٿو.“
**
27-10-1954ع ڪيترن مھينن کان ڊائري ڪانہ لکي اٿم. ان جو خاص سبب هي هو جو سام کي مدي جو تپ ٿي پيو، جنھن بعد مون هن کي هوا مٽائڻ لاءِ هندوستان روانو ڪري ڇڏيو. مون کي پڻ انھيءِ عرصي ۾ ڪو نہ ڪو دک پئي رهيو آهي. سام صلاح ڏني تہ پيشاب جي تپاس ضرور ڪراءِ. تپاس ٿيڻ تي ڏٺو ويو تہ مون کي ذيابيطس (Diabetes) ٿي آهي، جنھن ڪري پڻ شايد ڪم ۾ چاھہ گهٽجي ويو آهي. ٿورا ڏينھن ٿيا تہ سام بہ مون کي اشارو ڏنو تہ ڊائري هينئر لکڻي ڪانہ پوندءِ، ڇا لاءِ جو حالتون زندگيءَ جون وڃن ٿيون مٽبيون ۽ اصلوڪن بنيادي خيالن جو ورنن گهڻو ڪري ٿي چڪو آهي. اڳتي فقط ننڍا ننڍا خيال متفرقہ ڳالھين بنسبت نوٽ ڪجانءِ ۽ اهو ڀاڱو ڊائريءَ جي پڇڙيءَ ۾ متفرقہ خيالات يا ٻئي ڪنھن سري هيٺ آڻڻو پوندءِ.“
ان وقت سام کي هڪ نئون خيال دل تي تري آيو، جنھن جي ٻڌائڻ کان اڳ ۾ هن مٿيون ذڪر دياچہ طور ڪڍيو هو، مگر جيستائين اهو مٿيون ذڪر ڪيائين، تيستائين اهو اصلوڪي خيال سندس دل تان لھي ويو، جنھن مان متفرقہ خيالات جي شروعات ٿئي ها. سو وري ياد ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين، مگر کيس ڪجهہ بہ ياد نہ آيو؛ تنھن تي چيائين: ”انسان جو من هڪ اٿاھہ سمنڊ مثل آهي جنھن ۾ خيال هڪ شيءَ مثل ڪري پوي ٿو تہ وري مشڪل ٿو لھي سگهجي. پاڻيءَ ۾ ڪريل شيءِ جيترو گهڻو ڦولھہ اوترو وڃي پاڻي لڙاٽيو ٿيندو ۽ شيءِ جو لڀڻ وڃي مشڪل ٿيندو. مطلب تہ سچيتائي يا هوش من جي درياھہ ۾ گوڙ يا اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو ۽ هن جو مٿاڇرو لڙاٽيو ڪري وجهي ٿو، جنھن ڪري خيال جي صفائي (Clarity of Vision) وڃائي ڇڏي ٿو. جي پاڻيءَ کي وري آٺرڻ ڏجي تہ پوءِ شايد گم ٿيل خيال اصلوڪي صورت ۾ يا ٿورو مٽيل روپ وٺي ٻاهر نڪري اچي. صبر جي ڦٽڪڙي من جي پاڻيءَ کي صاف ڪري ٿي.“
***

ٻيو هڪ ننڍو خيال اڄ صوفي صاحب سان ڳالھائيندي سام هن ريت ظاهر ڪيو: ”جي لغڙيءَ جي ڪاڻ پوري آهي تہ پڇ جو پونو بہ کڻندي نہ تہ پڇ کيس گوهيون کارائي پاڻ هيٺ گهلي ايندو.“
هي خيال هن طرح ظاهر ٿيو جو صوفي صاحب هڪ دوست جي ڳالھہ ٿي ڪئي تہ عياش آهي. نہ تہ هونئن خيالي دنيا جو هڪ ماڻھو آهي.
سام وراڻيو: ”تنھن هوندي بہ هن جو سڀاءُ وڻندڙ آهي! ڇا لاءِ جو هن جو خيال وسيع ۽ وڻندڙ آهي؛ ڪيتريون ڳالھيون جيڪي ننڍڙي خيال وارن ماڻھن ۾ عيب ٿي نِظر اچن ٿيون، وسيع خيال وارن ماڻھن ۾ ڪا بد زيبائي پيدا ڪونہ ٿيون ڪن، اگر انھن جي خيال جي ڪارڻ پوري ٻڌل آهي. هو زندگيءَ جي پڇ جو بوجو ٻين کان وڌيڪ آسانيءَ سان کڻي سگهن ٿا ۽ اهو انھن لاءِ پرن مثل ٿي پوي ٿو.“
جيئن اڳ ذڪر ڪيل آهي، ڪيترن ڏينھن کان مون پاڻ کي ضعيف ٿي سمجهيو. سام ٻن سالن کان چوندو ٿي آيو تہ پيشاب جي تپاس ڪراءِ. آخر جڏهن سندس زور لائڻ تي تپاس ڪرايم ۽ کنڊ ڏسڻ ۾ آئي، تڏهين غمغين ٿيس ۽ بيھوش ٿي هڪدم ڪري پيس. عمر لاءِ کاڌي جا ٻنڌن ۽ دوائون وٺڻ، سا هڪ وڏي مصيبت سمجهڻ لڳس. سام مون کي دلاسو ڏئي چيو: ”هي شرير ناسونت آهي، انھيءَ جي دک سک سان آتما جي سچي سک جو گهڻو سنٻنڌ نہ آهي. سڀني ماڻھن کي ڪي نہ ڪي مرض ٿين ٿا. آخر کاڌي کائڻ جو مطلب تہ اهو آهي جيئن بندن کي خوراڪ ملي؛ چسڪو کاڌي جو تہ فقط ٿورا منٽ هلي ٿو. ان جي چاهنا ڇو رکڻ گهرجي؟ البت ايترو قبول ڪبو تہ اهو چسڪو خود پيٽ جي هاضمي يا دل کي چھري رکڻ لاءِ ڪجهہ قدر ضروري آهي. مگر چسڪن جي چنتا ۾ خود زندگيءَ جو چاه وڃائڻ سو ٻٽو نقصان آهي. تنھنڪري اسين بہ توسان انھن پابندين ۾ شريڪ ٿينداسين. جيئن تون ڏسي سگهين تہ انھن پابندين ۾ ڪا وڏي تڪليف ڪانہ آهي. پٽاٽا يا نشاستي واريون شيون هونئن بہ انسان لاءِ هروڀرو چڱيون نہ آهن.“
ان ڏينھن کان سام پٽاٽا آڻڻ ئي بند ڪري ڇڏيا. چانور، هنداڻا ۽ اهڙيون ٻيون شيون پڻ بند ٿي ويون. منھن جي دل ڪونہ ٿي گهريو تہ سام بہ اهي شيون ڇڏي ڏئي. مگر هن ان وقت ائين ڏٺو تہ اهڙيءَ ريت مون سان ساٿ ڏيڻ ۾ منھنجي دل جي مايوسي گهٽ ٿيندي. کير، پڊنگ وغيرہ جن جي کائڻ جي مون کي منع ٿي، سي سام بہ ڇڏي ڏنا. ائين زندگيءَ جي نئين ڦري تي ڪجهہ قدر ٺھي وياسين. پر تازو ڪراچيءَ وڃڻ تي هڪ نئين ڊاڪٽر سان صلاح ڪيم. جنھن ٻن ڪيترين شين کائڻ جي بہ منع ڪئي. سئڪرين نہ وٺين تہ چيائين کنڊ بجاءِ لوڻ چانھہ ۾ وجهي پيءُ. اهڙيءَ طرح چانھہ جڏهين منھنجي پئڻ لاءِ ٺھي آئي تہ منھنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ازخود سام جي اکين ۾ بہ منھنجو غم سمائجي ويو. مگر هن کلي چيو تہ اها بہ هڪڙي خسيس ڳالھہ آهي؛ اڳتي مان بہ لوڻ جي چانھہ پيئندس. ان وقت کان وٺي هو بہ چانھہ لوڻ سان وٺندو رهيو. مون ائين ڪو نہ ٿي گهريو تہ سام بہ پاڻ کي ڪيترن شين کان سڪائي پر ساڳئي وقت ائين قبول ڪنديس تہ سندس اهڙي رخ وٺڻ سان منھنجي دل کي وڏو آٿت مليو ۽ سام ان باري ۾ سمجهائيندي هينئن چيو: ”هي سڀ لذتون قدرتي آهن. لوڻ ۾ بہ هڪ لذت آهي. پر انھن لذتن کان وڌيڪ سٺي آهي همشريڪي خيال جي. جن سنگ جي لذت پاتي آهي تن کان ٻيون لذتون جلد وسري وڃن ٿيون. جيڪي سهج سڀاءُ ملي، سو هو سئيڪارڪن ۽ نہ ملڻ تي ڪروڌ يا غم نہ ڪن. هي پڻ برهم گيان جي مارگ تي هڪ قدم ڪري سمجهہ ۽ هڪ موقعو آتما جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ.“
***


8-11-1954ع سام ٻن ڏينھن کان اسان جي رسوئي تي سندس ڪوڙ ڳالھائڻ جي عادت ڪري رنج هو. پر انھيءَ وچ ۾ جڏهين جڏهين انھيءَ رسوئي ڪو چڱو ڪم ڪيو ٿي تہ ان وقت لاءِ سام جو رخ وري ڦري ٿي ويو؛ ڄڻڪ عضو سندس گهٽ ٿي پي ويو. مثال طور گهر واريءَ واڙيءَ ۾ جيڪو وقت گڏجي پوک جو ڪم ٿي ڪيائون، اهو وقت سام ساڻس گهڻو راضي ٿي نظر آيو. ان بنسبت ان ڇوڪري کي جيڪا سمجهاڻي ڏنائين تنھنجو ان مون سان ذڪر ڪيو. سا هن ريت آهي: ”ڏس، جي اسان کي ڪو وير ڀاءُ هجي تہ جيڪر هت بہ توسان ڪين ڳالھايون. پر هت هن ڪم ۾ تون تمام سريلو ٿو هلين، جنھن ڪري اڳين ڳالھين جو رنج پڻ ٿوري وقت لاءِ وسري ٿو وڃي.“
ڇوڪري پنھنجي اٻوجهائيءَ وچان چيو: ”ان جو سبب هي آهي جو پوک جي ڪم جي مون کي ڪا ڄاڻ ڪانہ آهي ۽ اوهان کي وڌيڪ خبر آهي؛ جيئن چئو ٿا تيئن مان ڪريان ٿو.“
سام چيو: ”تنھن جي معنيٰ اها آهي ڇا تہ ٻين ڪمن جي توکي وڌيڪ ڄاڻ آهي جو انھن ۾ تون نٺرائپ ڪرين ٿو؟ نٺرائپ علم يا ڪنھن بہ خوشي جي حاصل ڪرڻ واري رستي ۾ هڪ رنڊڪ آهي. ماڻھو تڏهن ئي ڪجهہ سکي سگهي ٿو جڏهن پاڻ کي نھٺو بڻائي ٿو. پاڻي پالھي ٿانو ۾ ئي اوتي سگهبو آهي. جنھن جو من غرور ۽ خوديءَ سان ڀريل آهي اهو هرگز پرائي ڪجهہ ڪين سگهندو.“
***


12-12-1954ع ڊائري لکڻ جو ڪم مون کان اڄ ڪالھہ گهٽ ٿئي ٿو. هڪڙو تہ منھنجي صحت خراب ٿي پوڻ ڪري مون کي واند گهٽ ملي ٿي؛ ٻيو تہ اسان جي زندگيءَ ۾ گهڻي ساڳيائي ۽ اڪيلائيءَ جي ڪري منھنجو چاھہ بہ شايد گهٽ ٿي ويو آهي. سام ڪي ڳالھيون اهڙيون ڪندو آهي، جيڪي سمجهندي آهيان تہ درج ڪرڻ جھڙيون آهن، مگر ارادي جي گهٽتائيءَ سبب لکڻ ۾ دير ٿي پوي ۽ آخر اهي ڳالھيون خيال مان نڪري ٿيون وڃن. تازو مون کي اهو خيال ٿيو تہ هينئر وڃي ٿيون بيماريون لڳندويون؛ انسان جي عمر تي ڪو ڀروسو نہ آهي. تنھن ڪري ڇو نہ ڪجهہ ڪري وٺان! گهٽ ۾ گهٽ هيءَ ڊائري هڪ نشاني پنھنجي ٻين جي لاءِ ڇڏي وڃان، جيتوڻيڪ ان ۾ درج ڪيل خيالن جي لاءِ سموري شابس مون نہ لھڻي. اهو خيال سام کي ٻڌائي ڏٺم. سام پڻ هت هڪ قسم جي وڇڙيل حياتي گذاري رهيو آهي ۽ جيتوڻيڪ هن جي چاھہ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانہ آهي، تڏهن بہ اهو ظاهر آهي تہ پنھنجي سچي ماحول واري امنگي حياتيءَ کان هو وڇڙيل آهي. ڪا واد وواد، ست سنگ يا ڪو ڪتابي ڪم هوندو اٿس تہ ان ۾ وڌيڪ خوش ڏيکاربو آهي، جيتوڻيڪ روزانا نيم ورزشون، رانديون، رٿون گهرو انتظام جون ۽ کاڌي، (Diet) وغيرہ جا آزمودا ڪرڻ ۽ ٻيون سندس وندرون هلنديون اچن. مان ڏسندي آهيان تہ خيال جي ڏي وٺ واري وندر يعني سنگ کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. اُن هوندي بہ هٿرادو طرح خيال جي ڏي وٺ شروع ڪرڻ يا ڊائري جي لاءِ خاص ڪنھن وشيءِ تي ڪجهہ ٻڌائڻ سو هو ڪڏهين پسند نہ ڪندو آهي. تنھنڪري ايترو وقت هو بہ گويا چپ ۾ هو. هينئر مون ۾ هي نئون چاھہ نيئن سر ايندو ڏسي هو خوش ٿيو ۽ چيائين: ”مون سمجهيو هو تہ اسان جي ڊائري گهڻي ڀاڱي لکجي چڪي آهي؛ نہ وڌيڪ نوان خيال ايندا ۽ نہ تو ۾ لکڻ جو ايڏو چاھہ پيدا ٿيندو. پر خيال خود زندگيءَ آهي. زندگي خيال کي سدائين چوري ٿي ۽ خيال زندگي جوڙي ٿو. جيئن ايمرسن چيو آهي، ودوان جي لاءِ ڪرم ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ’چوگ وششٽ‘ ۾ پڻ سمجهاڻي ڏنل آهي تہ هر ڪنھن منشيه لاءِ پرشارٿ ضروري آهي. ان ڳالھہ ۾ زندگي خود اسان جي رهبري ڪري ٿي؛ سالن پٺيان سال جيڪي اسين زمينداري ڌنڌي يا گهرو ڪمن ۽ ديھاتي ماحول ۾ گهاري آياسين سي بہ اجايا ڪونہ ويا آهن ۽ نہ هت اجايا ويندا. خيال ۾ زندگيءَ جي نون، ورقن اٿلڻ سان پنا نئين تيزي پرائيندا. خيال هڪ کاڻ آهي، جنھن ۾ جيترو اونھو وڃبو اوترو وڌيڪ حاصلات جي اميد رهندي؛ تنھنجو نئون چاھہ مون ۾ بہ نئين آشا پيدا ڪري ٿو.“
***