14
گرڌاريءَ کي اهو ڏسڻ ڄڻڪ علاج طور لڳو؛ چيائين تہ ٿورو ڪم بہ پاڻ سان کڻي ٿو وڃان! پوءِ مٿي وڃي ڪيترا ڪلاڪ ويھندو آهي ۽ شوق مان هڪ بيراڳڻ بہ ٺھرائي اٿس. اهو شوق ڏس جي ڪيترا ڏينھن هلي ٿو.
***
5-اپريل 1960ع 3 اپريل تي چمٽوءَ جي عمر 18 سال ٿي، کيس ڏاڍو شوق هيو تہ مان گرو ڪريان ۽ ان جي هٿان ويس وٺان. ٻن سالن کان کيس اها خواهش هئي. اڳ سام ائين قبول ڪيو هو تہ ارڙهن سالن جي عمر جو ٿئي تہ پوءِ سندس مراد پوري ٿي سگهندي؛ اڄ ڪلھہ جي آزاد خياليءَ ۾ هن قسم جي طلب هڪ سڪول جي ڇوڪريءَ لاءِ ڄڻڪ نرالي ڳالھہ پيئي لڳي، مگر چمٽوءَ جو لاڙو فقيريءَ ڏانھن وڌندڙ ڏسي سام چيو تہ ڪنھن جو واڌارو ڪنھن نموني ۽ ڪنھن جو ڪنھن نموني ٿي سگهي ٿو. استاد يا گروءَ کي ننڍن جي رهبري خود انھن جي ڀاو جي لاڙي پٽاندر ڪرڻ گهرجي. تنھن ڪري 3 تاريخ چمٽوءَ جي سڪولي امتحان پاس ڪرڻ جو موقعو ۽ 4 تاريخ سندس 18 سالگره جو ڏينھن گڏجي ملھايوسين. پاڻ ۾ ٿورا رهواسي، اسان جي گهر جا جن کي آشرم جا ميمبر کڻي چئجي، سڀ گڏجي ويٺاسين. پوءِ سام چمٽوءَ کي هن نموني هدايت ڪئي: ”پنھنجي آتمڪ اُڌار لاءِ ڪي قسم يا پرن يا منتر وغيرہ ضروري نہ آهن؛ هڪ شيءِ فقط ضروري آهي سا آهي سچ جي پالنا ۽ پريم جي ڀاونا؛ جوڳ اڀياس ۽ ٻيا حيلا پڻ اپاو ٿي سگهن ٿا. مگر مول ڳالھہ آهي سچ جي پالنا. پريم يا محبت ۽ گيان بہ ان مان وڌي ٿو. جوڳيان ويس جيڪو اڄ تو پاڻ پسند ڪيو آهي ۽ جو اسين سڀ گڏجي توکي پھرايون ٿا سو هڪ انھيءَ نئين جيون جي شروعات ڪري سمجهہ. اصل ۾ اهو ويس سنياسي پائيندا هئا. هي سچ جو مارگ آهي؛ سچ تڏهن قائم ٿي سگهندو جڏهن ڪوڙ کي ترڪ ڪبو. هيءَ نئين ڊريس هڪ نتسائي اڄ کان وٺي پنھنجي نئين شروع ڪيل سچي جيون جي ڪري سمجهہ ۽ انھيءَ جو ادب رک. مثال طور انھيءَ جوڳيا پوشاڪ ۾ جڏهن ڪو ڪچو يا برو خيال اچي تہ پنھنجي پرتگيا ياد ڪري انھيءَ کي هٽائڻ گهرجي ۽ چئجي تہ اهو خيال يا اها هلت منھنجي هن فقيري لباس پٽاندر نہ آهي؛ هي شرير پڻ آتما جو هڪ وستر آهي ۽ هن وستر يعني شرير جو پڻ ادب ۽ عزت ڪرڻ جڳائي. سو ادب ان ۾ آهي تہ ان کان اجوڳ ڪم نہ وٺون. اکين کان، زبان کان، نڪ کان، ڪنن کان، هٿن کان ۽ ٻين اندرين کان اُهي ڪم وٺون جي قدرتي اصولن جي ڀڃڪڙي نہ ڪن؛ مطلب تہ تن ۽ من سان پنھنجي آتمڪ اڀياس جي چنتا ڪريون. يوگ جا رستا، پران اپان وغيرہ يا رياضتون، ڪشالا، تيرٿ وغيرہ اهي بہ ڪجهہ فائدو رسائن ٿا ۽ انھن جي لاءِ توکي خاص چاهنا ٿيندي تہ اهي بہ حاصل ٿي سگهندا، مگر هن وقت فقط هي ضروري آهي تہ پنھنجي دل ۽ من سان، نہ ڪنھن ٻئي جي چوڻ سان، پر پنھنجي آتما سان خود، اها پرتگيا ڪر تہ پنھنجي جيون هر نموني سڦلي بڻائيندس. توتي شل آسيس رهي!“
***
17-4-1960ع اڄ صبح جو اسان جي ٻئي ڇوڪري مون کي هٿ کان وٺي چيو تہ ممي، پيار ڪر! مون کي انھيءَ وقت هٿ ۾ چانھہ جو پيالو هيو. هن جي تڪڙي هٿ جهلڻ ڪري هٿ کي چيڀٽ آئي تنھن ڪري مون خفي ٿي کيس چيو تہ هينئر تہ وڏو ٿيو آهين، اڃا ڇا لاءِ گهرج اٿيئي پيار جي؟ پر پوءِ مون کي پاڻ مان نفرت آئي تہ ڇو مون هن ٻار سان کھرو ڳالھايو! ٿوريءَ دير کان پوءِ مون سام کي کلي چيو، مان ڪيئن تنھنجي ٻالڪن مان ڦاسي ويس! هيڏا وڏا ٿيا آهن تہ بہ کين پيار ٿو گهرجي! سام چيو: ”تون پاڻ ڏانھن ڏس؛ انھن کان تہ تون گهڻو وڏي آهين؛ تڏهن بہ پيار جي يا هٿ گهمائڻ جي طلب ڇو ڪندي آهين؟“
تنھن کان پوءِ گڏجي ڇوڪري کي مون ۽ سام ٻنھين مٿي تي هٿ رکيا جنھن بعد هو ڏاڍو خوش ڏسڻ ۾ آيو.
وري جو صبح جو سئر ڪري هڪ صوفي فقير جي مڪان تان موٽياسين تہ چمٽوءَ بہ چيو: ”امڙ، پيار تہ ڪر!“
مون چيو: ”هينئر تہ توهان ٻنھين کي ڄڻ سام هشي ڏئي ڇڏي آهي.“
تڏهن سام کين چيو: ”اها بہ خبر هجيو تہ پيار جو هڪڙو روپ مار بہ آهي.“
چمٽوءَ چيو: ”دادا، پيار ٻي ڳالھہ آهي، مار ٻي ڳالھہ آهي.“
سام وراڻيو: ”نہ! پيار جو ضد نفرت يا ڌڪار آهي، مگر مار يا سنوار پيار ۾ ڪڏهن سمائجي سگهن ٿا. سنوار ۽ سختي، پيار جو خود انس آهن.“
***
30-4-1960ع هوميوپٿيءَ وارو ڊاڪٽر جنھن جو ذڪر اڳ ڪيل آهي، سام جي چوڻ موجب، ڇڪجي بہ اچي ٿو پر کيس وري هڪ ابتي ڇڪ بہ ٿئي ٿي جا هن کي اسان کان دور وٺي وڃي ٿي. اسان جون ڳالھيون ۽ رهڻي ڪھڻي سام چوندو آهي تہ هن کي اندروني طرح وڻيل آهن مگر ڇا لاءِ جو هن وقت تائين هو نرالي ماحول ۾ رهيو ۽ نپنيو آهي ۽ سندس گروءَ ۽ سنگ وارن جون ريتيون اسان کان نراليون آهن، تنھن ڪري هو هڪ مونجهاري ۾ اچي ويو آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن سوال جواب ڪندي هو سام کان جدا جدا لفظن ۾ وري وري ساڳي ڳالھہ پڇندو آهي تہ اوهان خود انھيءِ طاقت يا پرم هستي جو ديدار ڪيو آهي يا نہ! سام بہ کيس اهوئي جواب ڏيندو آهي تہ نہ رڳو ديدار ڪيو اٿئون پر اُها شيءِ اسين خود آهيون! تون بہ اها ئي شيءِ آهين، مگر درشٽي مٽڻ جي ضرورت آهي.
تازو وري سام کان هن پڇيو تہ ڪھڙي رستي توهان جي خيال موجب اُها پدوي پائي سگهجي ٿي؟ سام جواب ڏنو: ”توهان جو اعتبار رهت يا ورتي ڦيرائڻ ۾ آهي ۽ وري وري چوندا آهيو تہ سوکيم ورتي رکجي، جنھن جو مطلب توهان جي خيال موجب هي آهي تہ ڪرم وچن يا خيال وغيرہ سٺا هجن ۽ ماس مڇي نہ کائجي؛ عصر جو اُٿي ڀڳتي ڪجي وغيرہ وغيرہ. مگر اسان توهان کي چئون ٿا تہ فقط درشٽي مٽائڻ جي ضرورت آهي. ورتيون وڻ جي پنن ۽ شاخن مثل آهن مگر درشٽي ٿڙ ۽ پاڙ ڪري سمجهو؛ مطلب تہ درشٽي ڦرڻ سان ورتيون پاڻھي ڦري وينديون؛ مگر ورتين ڦيرائڻ سان درشٽيءَ جو ڦرڻ مشڪل آهي. سو ائين آهي جيئن پنن کي پاڻي ڏيڻ سان پاڙ کي سائو ڪرڻ جي ڪوشش! البت ائين آهي تہ درشٽيءَ جو ڦرڻ حيلي يا ڪوشش سان بہ ڪڏهن ٿيندو آهي پر ڪنھن سنگ جي اثر يا پريم جي چوٽ لڳڻ سان جلد ٿيندو آهي. ڪرم ۽ حيلي جو مارڳ تہ جنمن جو ڪشالو آهي. تنھن ڪري جيڪڏهن توهان کي اسان جي سنگ صحبت مان ڪو اشارو ملي سگهي تہ ٻي ڳالھہ آهي نہ تہ اکرن ۾ مان ڪيئن ٻڌايان توهان کي ڇا ڪرڻو آهي يا درشٽي ڪئين ڦيرجي؟ اُهي هٿراڌو حيلا ايتري مدد ڪين ڪندا.“
***
2-5-1960ع اڄ بيگم نون، جا هڪ يورپين ليڊي آهي، منھنجي اسپتال ڏسڻ آئي؛ اُن جي لاءِ ميونسپالٽيءَ جا آفيسر ۽ اسپتال جو سڄو عملو انتظار ۾ هئاسون؛ جو هوءَ ريڊڪراس سوسائٽيءَ ۽ اپوا Pakistan Women Association جي وڏي عهديدار آهي. سندس انتظار ڪندي ميونسپالٽيءَ جي آفيسرن کي موقعو مليو جن ڏينھن جو چڱو ڀاڱو ويھي منھنجو ڪم ڏٺو ۽ اڳلا ريمارڪ پڙهيا. هو ۽ بيگم نون منھنجي ڪم مان گهڻو خوش ٿي ويا ۽ مون کي سڀني طرفن کان شاباس ملي. مون اها ڳالھہ خوشيءِ مان هڪ وافقڪار سان ٿي ڪئي تڏهن سام هي اکر چيا: ”گهڻي ساراھہ ۾ خوش ٿي نہ وڃجي؛ نہ گهڻي گلا ۾ نا اُميد ٿي پئجي. زماني جون خوشيون اچڻيون وڃڻيون آهن؛ آفيسرن يا طاقت وارن جو هٿ بعضي بعضي ڪوڙو ڀروسو پئدا ڪندو آهي. جنھن بعد پنھنجي ڪوشش گهٽجي ويندي آهي. فقيرن جو دارو مدار سچائي ۽ پنھنجي سائينءَ تي آهي. خوشيون ۽ غم سڀ انھيءَ کي ارپن ڪري ڇڏجن، تنھنڪري وڌيڪ اهي ڳالھيون نہ ڪريو؛ اُهي سڀ من کي ماٺ ڏانھن مائل ڪن ٿيون.“
***
8-5-1960ع اڄ شام جو هوميوپٿيءَ واري ڊاڪٽر جيئن موڪلايو ۽ چيائين: ”مان اڄ شھر ۾ ٻئي ڪنھن وٽ وڃي رهندس ڇا لاءِ جو اُتي ڪي ڪم ڪرڻا آهن؛ هيڏانھن اچي ڪونہ سگهندس. سام کيس موڪل ڏني پر مون کي چيائين: ”ڊاڪٽر ائين چئي ويندو آهي پر ساڳي موٽي ايندو آهي.“ ڊاڪٽر جڏهن رات جو ساڍي 9 بجي ڌاري موٽي آيو تڏهن چيائين تہ الاجي ڇو ٻي هنڌ سھولت هوندي بہ وري هيڏانھن گهلجي ايندو آهيان. توهان وٽ الاجي ڪھڙي ڪشش آهي!“
سام کيس چيو: ”ٻيو تہ اسان وٽ ڪجهہ ڪونہ آهي پر رهڻ ڪھڻ يا خيال ۾ صفائي رکندا آهيون. هڪ تہ ڪشادگي جاءِ جي سڀ ڪنھن کي وڻندي آهي، ٻيو وري حجاب ۽ لڪ اسان وٽ ڪين آهن. جيڪي خيال ۾ اچي ٿو سو چئي ڏيون ٿا ۽ هر ڪنھن کي آزاد ڇڏيون ٿا تہ پنھنجي ريت سان رهي. انھيءَ ڪري ئي شايد اوهان کي هت رهڻ ۾ مزو اچي ٿو. مگر جتي مھمان ۽ گهر جي مالڪ جي وچ ۾ حجاب آهن، ريتين رسمن جي ڳڻڳوت آهي يا کلي ڏي وٺ خيال ۾ ئي نہ آهي، اتي ڪنھن کي مزو ڪونہ اچڻو آهي. ٻيو هت جيڪو صوفي ست سنگ ٿيندو آهي اُن ۾ تہ توهان شريڪ گهڻو ڪري ٿيو ئي ڪونہ ٿا. جو سمجهجهي تہ توهان اُن ڪري ڇڪجي اچون ٿا. پر هيءَ کليل ريت رهڻ جي خود هڪ قسم جو ست سنگ آهي. ست سنگ معنيٰ سچو سنگ. هي ڪشادو رهڻ اسان جو سچو رهڻ ان ڪري چئي سگهجي ٿو جو هت هر ذات هر طبقي جي ماڻھن لاءِ ساڳي آجيان آهي. تنھن کان سواءِ هنن وڻن، ولين جو ۽ هيٺان وهندڙ نھر جو سنگ بہ گهٽ لاڀدايڪ ڪين آهي. سنتن ۽ فقيرن جي پڻ هميشہ اها ريت رهندي آهي تہ ڪوڙي سنگ کان پاڻ ڪڍي سچي سنگ ڏي منھن ڪجي، جيئن هي سلوڪ چوي ٿو: استو يا سد گميہ، تمسو ما جيوتير گميہ، مرتيور ما امرتم گميہ.“[1] توهين بہ سنت آهيو توهان جي آتما کي ان سنگ جي ضرورت آهي.
***
________________________________________
[1] معنيٰ: ڪوڙ کان اسان کي سچ ڏانھن ڇڪي هل، انڌڪار کان اسان کي جيوتي ڏانھن وئي هل ۽ مرتيو کان اسان کي سرمديءَ ڏانھن وٺي هل!
ڊاڪٽر ٿوري دير بعد چيو: ”توهين جو پوڄائن ورتين وغيرہ جي منع ڪندا هيو، پوءِ دادي ڇو ٿي مورتين کي نمسڪار ڪري؟“
سام چيو: ”مان تہ ڪڏهن خالي ڀت کي يا ڪنھن گل ٻوٽي کي بہ کڻي مٿو ٽيڪيندو آهيان! سرلا کي بہ اها ڳالھہ سمجهہ ۾ ايندي آهي.“
مون چيو: ”مون کي ڪوڙن ساڌن وغيرہ کان تہ مورتيءَ جي پوڄا وڌيڪ وڻندي آهي جيتوڻيڪ سام جو نمونو بہ مان سمجهي سگهندي آهيان تہ هر شيءِ ۾ انھيءِ هڪ جو نظارو آهي.“
سام چيو: ”پر اهي ساڌ بہ تہ ان جون ئي مورتيون آهن.“
ڊاڪٽر صاحب پڇيو: ”تڏهين توهين بہ مورتي پوڄا جي فائدي ۾ آهيو!“
سام وراڻيو: ”اسان جي تہ ڳالھہ ئي نہ ڪريو. اسين هر نموني هڪ ئي پوڄا پيا ڪريون. جڏهن درياھہ مان ليٽ نڪرندي آهي تڏهن اها فقط واھہ ۽ واهيون وٺي نہ هلندي آهي پر جهنگ، جهر، سڙڪون، کيت وغيرہ سڀ اُن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جون واٽون ٿيوپون. ڪنھن جهنگ جهر يا بنڊ ۽ ٻني کي ڇا طاقت آهي جو درياھہ جي اٿل کي جهلي سگهي؟ اهڙيءَ طرح پريم جڏهن دل مان اٿل کائي ليٽ جي صورت وٺي ٿو تڏهن سڀ روپ ۽ مورتيون جيئريون يا ٻيون ڪي ۽ سڀ خيال جا طريقا جائز ٿيو پون. ڪنھن شيءِ کي ڀلا ڪھڙي طاقت آهي جو پيار جي اڳيان ديوار ٿي پوي ۽ دل جو سنيھو پريتم وٽ نہ پھچائي؟ ان نموني هي ڀتيون، وڻ، پپل، تلسيون، ڪنڊڙيون، گل، پکي وغيرہ ۽ انساني صورتون سڀ سڪ جي خيال جون سواريون ٿيو پون. مورت کي يا بت کي ڪھڙي مجال آهي جو اسان جي پوڄا نہ وڃي منزل تي پھچائي؟ اسين تہ نفس جي پوڄاريءَ کي بہ ڪڏهن ائين ئي سمجهندا آهيون! سچي پوڄا نفس جي بہ پريتم جي پوڄا ٿي سگهي ٿي بشرطيڪ ان کي پوڄاري پريتم جي پوڄا سمجهي!“
***
3-6-1960ع اڄ سام جو جنم دن آهي؛ ڪجهہ سالن کان وٺي اُهو ڏينھن ماٺيڻي نموني ملھائيندا ايندا آهيون، جيتوڻيڪ سام چوندو آهي تہ ”ملھائجي تہ پنھنجي موت جو ڏينھن ملھائجي“ يعني اهو ڏينھن جنھن ڏينھن انسان پاڻ تي فتح پائي، پنھنجي نفس کي نابود ڪري اڳتي وڌي هلي!
صبح جو جئن مون پنھنجي ٻوٽن مان 58 مکڙيون رابيل جون گڏ ڪري هڪ هار ٿي ٺاهيو تہ سام عجب ۾ پئجي ويو ۽ چيائين: ”هي من ڪيترو نہ غافل ٿو رهي؛ ڏوريندي ڏوريندي 57 سال گذري ويا آهن! اها تہ ڄڻ مون لاءِ هڪ سمرڻي ٺاهي اٿئي!“ جئن اٺونجاهين مکڙي ٿي پويم تئن اهو هار پنھنجي هٿ ۾ وٺي ڊگهو ڪري جهليائين ۽ چيائين: ”ٻالڪپڻ کي ڪيترو پٺتي ڇڏي آيا آهيون؛ تنھن کان پوءِ هي جوانيءَ جي حد جون مکڙيون بہ اڄ دور ڏسجن ٿيون؛ گهڻي گذري آهي ۽ باقي ٿوري عمر پٺتي بچي آهي! هيءَ منھنجي لاءِ هڪ خيال کي اٿارڻ جي نشاني آهي؛ باقي ٿورو وقت آهي جو سچن ۽ سٺن ڪمن ۾ سڦلي ڪرڻ جو ارادو ڪرڻ گهرجي! اگرچ وقت کي روح لاءِ ڪا اهميت ڪانہ آهي، هن ياترا جي سڦلي ڪرڻ لاءِ ئي سالن جي ڳڻ ڪرڻ جڳائي. مسافريءَ جو جھاز منزل جي ويجهو ايندي ڏسي سامان اسباب ساڻ کڻڻ جھڙا وري وري سنڀالڻ گهرجن.“
تنھن بعد مون هار سندس ڳلي ۾ وڌو پر ٻن منٽن کان پوءِ ڏٺم تہ اهو هار لاهي ڪرشن جي مورتيءَ تي وڃي وڌائين، جو سام کي هار پائڻ ڪين وڻندو آهي.
مون چيو: ”اهو منھنجي هٿ جو ٺاهيل هار بہ ڏيئي ڇڏيءِ؟“
سام کلي چيو: ”نه، مون فقط امانت طور کيس ڏنو آهي؛ هو ڪنھن جي امانت ڪونہ کائيندو آهي؛ جڏهن وڻندو تڏهن کائنس موٽائي وٺندس ۽ وري کڻي پاڻ پائيندس! انھيءَ ۾ ڇا آهي؟ در حقيقت جو ڪي ايشور کي ڏيون ٿا سو اسان جو گم ڪونہ ٿئي مگر اسان لاءِ ئي وٽس حفاظت ۾ رهي ٿو. هو ويچارو ڪنھن جي شيءِ نہ کائي نہ تڳائي؛ ويتر ٻيڻ ڪري ٿو موٽائي.“
***
14-6-1960ع ڪالھہ هڪڙو ننڍڙو واقعو ٿيو جنھن مان اسان کي هڪ وڏو سبق مليو. اسان وٽ مٺل نالي هڪ فقير ڪجهہ وقت کان رهيل آهي جنھن کي سام نوڪريءَ جو دلاسو ڏنو آهي تہ ڪنھن بئنڪ وغيرہ ۾ سفارش ڪرائي توکي بيھاربو. هو انھيءَ آسري تي رهيو پيو آهي ۽ جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪو ڪم ڪار ڪونہ اٿس، ماني هت کائيندو آهي. ڪو ڪنھن وٽ ضرورت کانسواءِ ڪونہ ٿو اچي؛ هن فقير کي هن آسٿان ئي سجهي آيو آهي؛ سام چيو سندس سنڀال کاڌي پيتي جي چڱيءَ طرح لھڻ گهرجي. هن فقير رات جو انب جون کلون کائي پنھنجي کٽ جي آس پاس ڦٽي ڪيون. صبح جو جڏهين گرڌاري اها حالت ڏٺي تڏهين کيس شوخيءَ سان سڏي چيائين تہ اڄ ٺھيو، باقي جي اڳتي ائين ڦٽي ڪندين تہ توکان ئي ميڙائيندس. سام اهي اکر ٻڌي ورتا ۽ گرڌاريءَ کي گهرائي فھمائش ڪيائين تہ ساڌن فقيرن سان ايترو تکو ڳالھائڻ نہ گهرجي؛ جيڪي اڳ ۾ ئي ڪٺل آهن انھن کي ڪيئن وري ڪهجي؟ هو فقير نہ ڪو واسطيدار آهي نہ هميشہ لاءِ هت ٺڪاڻو اٿس. مھيني کن کان پوءِ مھمان ٿيو آهي، انھيءَ سان ائين شوخ نہ ڳالھائين ها، پوءِ سام وڃي پاڻ فقير کان بخشايو، جيتوڻيڪ فقير کي ڪو ان ڳالھہ جو ويچار ڪونہ هو ۽ جڏهين مان اسپتال جي ڪم کان پوءِ موٽي مٿي (گهر) آيس تڏهين اها سڄي ڳالھہ سام ڪري ٻڌائي. منھنجي اکين مان از خود ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ مون روئي چيو تہ اسان جا ڀاڳ سٺا آهن جو فقير هميشہ اسان وٽ آهن. انھن سان سختي ڇو ڪيائين؟ تنھن تي سام کي پڻ اکين ۾ پاڻي اچي ويو جنھنجو سٺو اثر گرڌاريءَ ۽ پڻ فقيرن تي نظر آيو. سام مون ڏانھن منھن ڪري چيو تہ ڀلائيءَ جي خيال جھڙو ٻيو ڪو وچڙندڙ جيوڙو ڪونہ آهي؛ سڀني جو من ڪيئن نہ تنھنجي ڳوڙهن ڀڄائي ڇڏيو آهي!
***
موهن مون کي سام جي ”آتم درسنيءَ“ مان ڪجهہ اتارو ڪرائيندو آهي ۽ ڪتاب مان پڙهندي پڙهندي اهڙا ابتا اُچار سنسڪرت ۽ هنديءَ وارن لفظن جا ڪڍندو آهي جو ڪنھن کي جيڪر کل اچي يا مٺيان لڳي. مان ڪوشش ڪري کائنس انھن اکرن جي معنيٰ پڇندي آهيان انھيءَ ارادي سان تہ هن کي ڪجهہ انھن اکرن جي ڄاڻ پوي. مگر ڪڏهين ڪڏهين هن کي انھيءَ پڇڻ تي چڙ لڳندي آهي. سام اها حالت ڏسي هينئن چيو: ”ارمان آهي جو عام طور مائر ۽ پيئر ٻار ڄڻي هن سنسار ۾ ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا ۽ وڌيڪ انھن جي ڪا چنتا ڪا نہ ٿا رکن. هي شرير پئدا ڪرڻ يعني جسماني طور ٻار ڄڻڻ ڪا وڏي ڳالھہ ڪانہ آهي پر سچا ماءُ پيءُ اهي آهن جيڪي ٻار جي من کي گهڙي تيار ڪن ٿا ۽ منجهس ڪا سرت سمائن ٿا. تنھنجي ’ممي‘ (سرلا) اهو فرض ادا ڪري رهي آهي جيڪو تنھنجي ماءُ ۽ پيءُ، جن توکي ڄڻيو آهي، پورو ڪري نہ سگهيا؛ جيڪا سمجهاڻي ڏيئي سا ڌيان سان ٻڌ ۽ انھيءَ مان پورو لاڀ پراءِ.“
***
3-10-1960ع منجهند جي وقت ننڊ ڪرڻ کان پوءِ جئن سام اٿندو آهي تہ پھريائين رام جو نالو وٺي رواجي طرح نمسڪار ڪري وري ڏينھن جو ڪم شروع ڪندو آهي. اڄ انھيءَ مھل وري ٻيو ڀيرو هٿ جوڙي نمسڪار ڪيائين؛ سندس سامھون وڻن جو نظارو هو. اهڙي نموني هو ڪيئن وار ڏينھن ۾ هن يا هن شيءِ کي نمسڪار ڪندو آهي. ڪا خاص نئين ڳالھہ ڪانہ هئي تنھن هوندي بہ مون ڏانهس سمجهاڻي لاءِ ڏٺو. هن منھنجي ماٺ ۾ ڏسڻ جو مطلب سمجهي ورتو ۽ چيائين: ”هنن وڻن، هوائن ۽ آسمان وغيرہ جي آسيس ٿي ورتم. اهي سڀ مون کي مھر جو هٿ گهمائيندا آهن.“ لحظي بعد وري چيائين: ”اڳي اهڙا خيال تون ڪو نہ سمجهندي هئينءَ، پر هينئر سمجهي ويندي آهين؛ ائين اڄ تنھنجي ڊائريءَ جي هڪڙي ليک مان معلوم ٿيو جنھن ۾ تو اهڙا شڪ اٿاريا آهن تہ ڪيئن ٿو پر ماتما هنن سھڻن روپن ۾ خاص طور پرگهٽ ٿئي! حقيقت ۾ هي سڀ روپ هن جي ڏسڻ لاءِ دريون آهن پر جيئن محل جي ڪنھن ڪنھن کڙڪيءَ منجهان ڪو خاص دل لڀائيدڙ نظارو ڏسڻ ۾ اِيندو آهي تيئن هنن سھڻن وڻن جي وٿين مان سندس خوبصورتي خاص طور ٿي پسجي. مان تہ ائين پيو ڀائيندو آهيان تہ اهي سڀ پنھنجي جاءِ جا جزا آهن ۽ هو بہ مون تي پنھنجي آسيس جو پاڇو وجهندوا آهن.“
***
13-11-1960ع ڪجهہ ڏينھن ٿيا تہ گرڌاريءَ سام کان ڪجهہ پئسا اڌارا گهريا. سام کيس چيو: ”هينئر اسان کان اهڙا حساب رکڻ نہ ٿا پڄن. ويتر تون حساب ڪتاب ۾ ڏاڍو اهنجو آهين، ڇا لاءِ جو اڻ پڙهيل ٿي ڪري تو کي رڳو پنھنجي يادگيريءَ تي مدار رکڻو پوي ٿو. توکي ڪجهہ کپي تہ ٻئي ڪنھن کان توکي اڌارا ڏياريون.“ گرڌاريءَ کي انھيءَ ڳالھہ جو ڏک ٿيو، جنھن ڪري پنھنجن لٽن، ڪپڙن، بوٽن وغيرہ خريد ڪرڻ کان بہ انڪار ڪيائين؛ کيس گهڻو چيوسون تہ ڪپڙا لٽا ڀل وٺ مگر هو ڏک ڪري ويھي رهيو. اڄ خوشيءَ مان ٻڌايائين تہ ممي، مون خيال ڪيو آهي تہ سڀاڻي بوٽ وغيرہ خريد ڪندس.
مون کيس چيو: ”اهو ضد ڀلا ڪنھن سان ٿي ڪيءِ؟ پنھنجي سائينءَ سان، جنھن بنا اسان جو هڪ پل بہ نہ ٿو سري سگهي؟ اهو ضد تڏهن آهي جو تو اڃا پنھنجو تن من ڪونہ ارپيو آهي؛ جن پنھنجو تن من ارپيو هوندو تن کي ڀلا ڌن ڇا نظر ايندو؟ تنھنجو رسڻ پرچڻ ڀي تہ انھن حسابن ڪاڻ آهي يا ڌن گڏ ڪرڻ لاءِ هوندو جو آخر ڌوڙ آهي.“
سام کي هي خيال منھنجو ڏاڍو وڻيو ۽ چيائين: ”بلڪل ٺيڪ چيو اٿئي؛ جيڪي تن من ارپن ڪن ٿا تن کي ڌن اول ئي وسري وڃي ٿو.“
مون کي چيائين تہ اهو خيال پنھنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري ڇڏ.
***
14-12-1960ع صبح جي وقت جيئن چانھہ ٿي پيتي سين تہ ان هوميوپٿيءَ جي ڊاڪٽر هڪ سنڌي ساڌوءَ جي رچيل ٻاڻيءَ مان اچي سلوڪ پڙهيا. هڪ سلوڪ جو تات پرج هيو تہ ڪن کي نيڪيءَ ۾ ۽ ڪن کي بديءَ درڙهتا آهي.
سام ڇرڪ ڀري چيو: ”اها ڳالھہ غلط آهي؛ ڇا لاءِ جو درڙهتا برائي يا اگيان کي حاصل نہ آهي، مگر آتمڪ اڀياس جي هڪ وصف آهي. اها گڻ ۽ گيان کي حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ نہ اگيان کي.“
ڊاڪٽر چيو: ”تڏهين ڪيئن ڪي ماڻھو پنھنجي برن اصولن تي قائم رهن ٿا؟“
سام چيو: ”حقيقيت ڪري برائي يا پاپ خيالي وصفون آهن؛ انھن کي سچو پچو وجود آهي ئي ڪونہ؛ برائي هيٺين پد واري حالت کي چئجي ٿو جا خود مٽجندڙ آهي؛ جنھن کي بيهڪ نہ آهي. جن کي اسين برو چئون ٿا سي پڻ آتمڪ اڀياس واري مارگ جا راهي آهن. برائي ڄاڻي واڻي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڪري. مثال طور ڪو هنسا يا چوري ڪري ٿو؛ ان وقت انھيءَ جي دماغ ۾ جيڪا مراد هوندي سا پاڻ کي اڳي کان چڱي يا وڌيڪ دنيادار وغيرہ بڻائڻ جي هوندي. هيڻائيءَ، مفلسيءَ ۽ محتاجيءَ کان طاقتور، دنيا دار يا آزاد ٿيڻ بھتر آهي. چور هنسڪ يا خوني ازخود اهڙي چڱي مراد رکي اُهي ڪرتوت ڪري ٿو مگر آزمودي مان ئي کيس معلوم ٿئي ٿو تہ هو غلط رستا پڪڙي رهيو آهي؛ تنھن ڪري ائين چوڻ غلط آهي، تہ برائيءَ ۾ ڪنھن کي بہ درڙهتا رهي ٿي.“
ٻئي سلوڪ ۾ وري من کي وس ڪرڻ بابت اشارا هئا. ائين چيل هو تہ ڪُرتيءَ ۾ من وڌيڪ چنچل ٿئي ٿو؛ تنھن ڪري ورتي ساڌن ڪريو. سام ان ڳالھہ تي پاڻ کلي ويٺو ۽ چيائين: ”ڇا قدرت يا خالق اسان جو ڪو دشمن آهي جو هي سڀ هرکائڻ لاءِ شيون ٺاهيون اٿس ۽ هي ڄار مثل مشغولين ٺاهيون اٿس جن کان من کي پلجي تہ متان ڦاسي پوي؟ هو تہ هر جاءِ پاڻ پسائي رهيو آهي. هيءَ سرشٽيءَ سڄي هڪ کيل مثل آهي. جڏهين هو پاڻ هن پساري ۾ پرگهٽائي ٿو ۽ جڏهن هي کيل مايا جو کيس منظور آهي پوءِ ڪيئن ٿا من کي انھيءَ کيل کان موڙڻ جون صلاحون ڏيو؟ هي سڀ ڳالھيون بيڪار آهن.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”تڏهن توهان جو خيال ڇا آهي، تہ من کي ڇيڪ ڇڏي ڏجي، ڀل جيڪي چاهي سو ڪري؟“
سام چيو: ”ڇوڪين؟ ڀلا جي ڪٿي ٿاٻو کاڌائين تہ اُن مان آزمودو پرائي ٿاٻي کائڻ واري راھہ پاڻھي مٽي ويندو؛ ورنہ راوڻ کي ڏھہ مٿا هئا پر هن من کي سهس هزار مٿا آهن؛ هڪ خواهش کان منھن موڙيوسون تہ ٻي اتپن ٿيندي. در حقيقت خواهش ئي هن جي هلائڻ ۽ اڀياس لاءِ هڪ پاور آهي. اُن جي مارڻ مان مطلب حاصل ٿيڻو ڪونہ آهي، مگر خواهش جي سنوارڻ مان ئي ڪرم گيان جي سڌي پراپت ٿيندي. ڀل ڪجهہ بہ ڪو ڪرم ڪري؛ ڀل انھيءَ جي وسيلي ’گيان‘ يا ‘اگيان‘ پراپت ٿئي! پر پنھنجو آزمودو ئي سھنجي ۾ سھنجو رستو آهي خواهش جي شڌيءَ جو. ورنہ ٻي جي سکيا سان من هرگز ڪين مڙندو.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”خواهشن کي موڙڻ ۽ مروٽڻ کانسواءِ من جي چئنچلتا ڪيئن هٽندي؟ ائين تہ مشڪل ٿو لڳي.“
سام چيو: ”ڪنھن وڏي عشق يا شوق جو سھارو وٺو جنھن ۾ خواهشون سڀ سمائجي وڃن. جيئن سج اڀرڻ وقت ڏيئا ۽ بتيون ڏيک ئي نہ ٿيون ڏين تيئن ڪنھن وڏي پريم پيدا ٿيڻ سان ننڍڙيون خواهشون پاڻھي گم ٿيو وڃن. اهوئي هڪ علاج آهي من جي سنوارڻ جو؛ نہ تہ عمر گذري ويندي تہ بہ حاصل ڪجهہ نہ ٿيندو. پر مکيه سوال هي آهي تہ اُهو وڏو شوق ڪيئن پيدا ٿئي!
”هي جنمن جو سوال آهي. سنگ يا گروءَ جي پراپتيءَ ٿيڻ سان وڏو پريم اُتپن ٿئي ٿو. پر دنيا ۾ جيئن ڪيتريون امولڪ چيزون لڪل رهن ٿيون تيئن اگياني پرش اُهي روز پسندي بہ اهڙن ڀنڊارن کان دور رهي ٿو. جڏهن جنمن جا ڪرم کيس روحاني مقام يا آتمڪ پد تي پھچائن ٿا تڏهن منجهس ست سنگ جي چاهنا يا گروءَ جي پھچاڻ پيدا ٿئي ٿي. ڏسو ڪيترا انسان هن رستي تان لانگهائو ٿين ٿا مگر ڪو ڪو لڙي اچي ست سنگ ۾ ويھي ٿو! تنھن ڪري جيڪڏهين ڪو ساڌن اسان جي وس آهي تہ اهو هيءُ آهي جو پاڻ کي ڪنھن سريشٽ پرش يا ڪنھن سٺي سنگ ۾ چاھہ ڏياريون. اهو پرٿم پد آهي آتمڪ اڀياس جو. باقي ٻيا سڀ هٿراڌو ساڌن آهن.“
مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو: ”مان تہ ڪوبہ ڪتاب نہ پڙهندي آهيان جو سڄو گيان ۽ وئراڳ اسان کي اتي ويٺي ئي ملي ٿو؛ روز ٿا سرڪيون پيئون، ڄڻ تہ گيان جي هڪ کاڻ آهي اسان وٽ؛ ڪتاب کولڻ جي ضرورت ئي ڪونہ پوي.“
***
9-5-1961ع منھنجي سستي هڪ پاسي ۽ گذريل پنجن مھينن ۾ جيڪي واقعا ٿي گذريا آهن سي ٻئي پاسي ڪارڻ آهن منھنجي غفلت جو. ”بابا“، يعني سام جي وڏي ڀاءُ جو پريدس (بنگلور) ۾ پرلوڪ پڌارجڻ، سام جي سرڪل يعني دوستيءَ جي دائري ۾ هڪ نئين جوان جو اچڻ جو هڪ آفيسر آهي، سام جي اردو شاعريءَ جو نئين سر آغاز ۽ اسان جو آشرم دن جو 9 اپريل تي ملھايوسون، اهي خاص واقعا آهن هن گذريل عرصي جا؛ انھن کان سواءِ راڳ ۽ ست سنگ جو واڌورو پڻ هڪ نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھہ آهي.
سام پنھنجي وڏي ڀاءُ کي ”طيب جو راجا“ ڪري سڏيندي هو ڇا لاءِ جو هن تمام وڏي شان و شوڪت سان وقت پنھنجو گذايو. سندس اوچتو ديھانت اسان جي لاءِ هڪ قسم جو ڌڌڪو هو. سام جو زندگيءَ تي سندس وڏي ڀاءُ جو ڪافي اثر رهندو آهي؛ ”صوفي صاحب“ اسان جي ننڍڙي ڪتاب ”سام سان گڏ ٻہ ٽي گهڙيون“ ۾ چيو آهي، تہ سام پنھنجي گهراڻي ۾ ۽ پنھنجي پسگردائيءَ ۾ سڀ کان نرالو هيو؛ سندس وڏو ڀاءُ گهر جو ڪرتا ڀرتا هيو؛ جيتوڻيڪ سام ۽ سندس ڀاءُ جي وچ ۾ ظاهر مطابقت ڪانہ هئي، تنھن هوندي بہ، خود سام جي چوڻ موجب ٻالڪ اوسٿا ۾ روحاني طور مٿس گهڻو اثر سندس وڏي ڀاءُ جو هيو. ”بابا“ هڪ صوفي هيو. وٽس صوفين جي اچ وڃ گهڻي هئي. سام انھن جون ڳالھيون دل سان هنڊائيندو هيو؛ زمينداري ڌنڌي ۾ سام ڪيتريون ڳالھيون کائنس سکيون. بابا جو سڀاءُ بہ سچ ڏانھن مائل هو ۽ ٻين ڪيترين ڳالھين ۾ پڻ سام ۽ سندس وڏي ڀاءُ جي وچ ۾ گهڻي مشابھت هئي. ازانسواءِ پتا جي غير حاضريءَ ۾ هو سام جي پتا سمان وڏو ٿي رهيو. سندس ڀاءُ جي حيثيت ۾ پاڻ اڃان جوان سمجهندو هيو، سو ور ور ڳهالھائيندي ٻولھائيندي ائين پيو چوي تہ هاڻي اچي سٺ سال کي پھتا آهيون؛ اهي سندس واتان اکر ٻڌبا آهن تہ ”ابا، ڏاڏا، ڀائر، ماءُ پيءُ ۽ چاچا ماما سڀ هليا ويا؛ هاڻي اسان جو وارو آهي تہ سنساري ڪمن کان وقت بچائي ست سنگ ۽ شيوا جو ڪم وڌيڪ ڪجي. سندس تازي سنڌي شعر ۽ لکيتن ۾ موت جو ذڪر گهڻو اچي ٿو. سندس اردو غزلن ۾ جدا جدا رنگن ۾ بہ ساڳين ئي وشين جي اپٽار آهي.
اسان اڄ ڪالھہ سندس اردو شعر سڀ کان وڌيڪ ڳايون بجايون ٿا. ان جو مطلب اهو نہ آهي تہ سنڌيءَ کان سندس يا اسان جو رخ مٽيل آهي مگر هي هڪ ڄڻڪ نئون روحاني سئر ڪري رهيا آهيون. نيون نيون طرزون ۽ نوان نوان سر آلاپي دل روز بهلائيندا آهيون؛ ماڻھن جي اچ وڃ پڻ ست سنگ ۾ وڌيل ڏيکارجي ٿي ۽ ٻاهريان گهڻا راڳيندڙ، فقير وغيرہ اسان وٽ پير گهمائي وندر وڌائي ويندا آهن.
9 اپريل وارو اُتسؤ بہ چڱي ڌوم ڌام سان ملھايو ويو. ياد رهي تہ اهو منھنجو جنم دن پڻ آهي. سام ان ڏينھن وڏي ديڳ چاڙهائي غريبن کي کارائي. جاءِ وغيرہ ائين سجائي ويئي جو سچ پچ اسان جو ٻارهن ماهيانو ميلو ٿي لڳو. ڪي ٻاهريان اديب ۽ دوست پڻ آيل هئا، جن چڱيون تقريرون ڪيون ۽ راڳيندڙن حاضرينن جي وندر وڌائي. سڀ کان وڏي ڳالھہ اها ٿي نظر آئي تہ انھيءَ سنگت ۾ ڪيترا مھاجر دوست، زاهد ۽ اهل طريقت پڻ مست صوفين سان گڏ ويٺا هئا! انھن پڻ ڀاڳ ورتو ۽ پنھنجون پنھنجون دعائون ڏنيون.
مٿي مون هڪ سام جي نئين دوست جو ذڪر ڪيو آهي جو هڪ آفيسر آهي. سندس ناتي جو اظھار مان سندس لفظن ۾ ئي سڀ کان چڱيءَ طرح ڪري سگهان ٿي، جي هن اسان جي ”Ashram Day“ تي مھمانن جي خدمت ڪندي ڪتب آندا. سي لفظ هي آهن: ”مون کي وڏو عجب تہ پاڻ تي لڳي ٿو جو انھيءَ فرقه جو ماڻھو ٿي ڪري جنھن کان عام طور ماڻھو دور رهندو آهن، مان هن نموني مھمانن جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر سمجهان ٿو!“ هن نوجوانن کي مان ٻالڪ جي نظر سان ڏسان ٿي ۽ هوُ بہ ٻنھين ڏانھن ايتري ئي شرڌا ۽ صدق رکندڙ آهي. اسان کي سئر ۽ هوا مٽائڻ اڳ ۾ ئي وڻندڙ آهن ويتر هن نئين دوست سان سندس نينڍ تي گهڻ نون پاسن ڏانھن گهڻو پئي ويا آهيون. سام سان گڏ جبلن جا پنڌ ڪندي مون کي سسئي جي صورت اکين اڳيان ٿي آئي.
***
اجهو هينئر وري گرميون شروع ٿيون آهن ۽ شيل شڪار ۽ صوفي سنگت جا موقعا ڪجهہ عرصي لاءِ بند ٿيڻا آهن جو اسان جو سام سائين وري ٻاهر هندستان وڃڻو آهي. مان پنھنجا خيال سندس شعر جي اکرن ۾ ظاهر ڪري سگهان ٿي:
”ڪھان ڇوڙڪي جائون محفل پراني
ڪھان ڀول جائون مين دل ڪي ڪھاني
نہ جنت ۾ جائون در دير سي اب
رهيگا هميشہ يھين دل ٽهلتا
10-5-1961ع گذريل آرتوار واري ست سنگ ۾ ڪن صوفين ۽ اردو شاعرن کان پوءِ ڳائڻ جو وارو هڪ لال اڏيري جي پوڄاريءَ کي ڏنو ويو. اُهو هڪ سادو سودو هندو فقير آهي؛ لال اڏيري جا پنجڙا اهڙا تہ پريم سان ڳاتائين جو ٻڌندڙ سڀ ماٺ ۾ اچي ويا، اگرچ انھن ۾ ڪي شريعت جا پائبند مسلمان پڻ هئا جيڪي پيرن وغيرہ ۾ اعتبار ڪو نہ رکندا آهن. سام پنجڙن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سامھون ويٺلن کان هي سوال پڇيو: ”بادشاھہ جي لاءِ شيءِ يا سوکڙي ڪا دربان يا مالھيءَ کي ملي تہ ان کي طاقت ٿيندي جو اندر محلات ۾ وڃي نہ پڄائي؟ بادشاھہ جي شيءِ ڪو روڪي سگهندو؟“
حاضرينن جواب ڏنو ته، ”اُها ضرور کيس پھچندي.“
سام چيو: ”اهڙي ريت ڪنھن شيءِ يا پٿر يا انسان وغيرہ کي طاقت نہ آهي جو ﷲ ۽ انسان جي وچ ۾ رنڊڪ بڻي. پٿر ۾ شرڌا رکو يا پنڊ پوڄيو، پوڄا جو حقدار جيڪو آهي انھيءَ کي ضرور وڃي اُها پڄندي. هن ڀائيءَ پريم سان جيڪي لال اڏيري جا گيت ڳاتا توڙي جو ظاهر ۾ درياھہ شاھہ جي پوڄا جا آهن، تڏهن بہ اها شرڌا ۽ پريم ڪٿي رنڊجي روڪجي نہ ٿو سگهي. سچائيءَ سان جيڪڏهين ڪو ڪھڙي بہ رستي تي هلي ٿو تہ ان جي رهبري خود ﷲ پاڻ اچي ڪري ٿو ۽ شرڌا جا ڦل سويڪار ڪري ٿو.“
***
18-9-1961ع اسان وٽ هڪڙو هندو ڇوڪرو ڪجهہ عرصي کان ست سنگ ۾ ايندو آهي. هن ويھي ويھي سام کان پڇيو تہ لوڙهي ۾ رهڻ، ڪوٺيءَ ۾ ويھي سڄي عمر گذارڻ يا فاقه وغيرہ ڪڍڻ، انھنجو ڪھڙو مطلب آهي؟ سام کيس چيو: ”اسان جي سنگت ۾ اهڙا گهڻا ماڻھو ايندا آهن جي روزا نمازون، جپ تپ پوڄا ۽ ٻيا اهڙا ساڌن پڻ ڪندا آهن. اسين انھن سڀني جو آدر ڪندا آهيون؛ جيتوڻيڪ ڪي ڪم روحاني اڀياس جي هيٺين درجن جا هجن، تڏهن بہ ائين چئي نہ سگهبو تہ هي برا ڪم آهن. هي گويا انسان جي دل جون سڌون يا اڏامڻ لاءِ پرن ڇنڊڻ جون نشانيون آهن، ڪنھن چڱي ماڻھوءَ جي چڱي ريت ڏسي ڪو دل تي اثر پئجي وڃي ٿو تہ انھيءَ وانگر دل من ٿيڻ چاهي ٿو ۽ انھن سان موافقت رکڻ چاهي ٿو. اهي سڀ ڳالھيون پڻ فقيريءَ ۾ شمار آهن ۽ ڪرم ڪانڍ جو هڪ ڀاڱو آهن. پر جڏهن سچي گيان جي درشٽي حاصل ٿئي ٿي تڏهن ڪرم، ساڌن وغيرہ ناضروري ٿيو پون.“
اُنھيءَ ڇوڪري پڇيو: ”سائين ڪرم وڌيڪ يا گيان ۽ ڀڳتي وڌيڪ آهن؟“
سام وراڻيو: ”اتم درجو ڀڳتيءَ جو مڃيو وڃي ٿو؛ مگر ڀڳتي گيان کان سواءِ ڪيئن حاصل ٿي سگهندي؟ گيان جي پراپتي وري ڪرم مان ئي ٿئي ٿي. درحقيقت ٽنھين جو واڌارو گڏوگڏ ٿئي ٿو. هاڻي ڪيئن چئجي تہ هنن مان ڪھڙو وڌيڪ چڱو آهي وڻ جي پاڙ يا وڻ جا پتا يا ٽاريون ۽ ڦل، انھن ۾ ڪيئن چئجي تہ ڪھڙو اتم آهي؟“
بنا ڪرم، جيئن پاڙ کان سواءِ وڻ، آتما پر ڦلت نہ ٿي ٿئي ۽ نہ گيان حاصل ٿو ٿئي، جيستائين ڪرم جي پاڙ مضبوط نہ آهي تيستائين وڻ ڳڀ يا ميوو نٿو پائي؛ يعني ڀڳتيءَ جو امنگ ڄاڻ يا گيان کان سواءِ نہ ٿو پيدا ٿئي.“
ڇوڪري وري پڇيو: ”وڪارن بابت توهان جو ڇا رايو آهي.“
سام کيس چيو: ”جيڪي پنج وڪار مڃيا وڃن ٿا يعني ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھہ ۽ اهنڪار، سي گويا توهان جي من مندر جو فرنيچر يا سامان ٿي سگهن ٿا. هڪ ڪٿا آهي تہ ديون جي ڪلياڻ ڪرڻ لاءِ ڪامديو شو شنڪر کي ڪام جا ٻاڻ بڇيا؛ ۽ ان جي سماڌي ڀنگ ڪري ڇڏي. اها خود ديون جي گهر هئي! مطلب تہ ڪام کي بہ هن سرشٽيءَ ۽ گيان جي اُتپتيءَ ۾ خاص جاءِ مليل آهي؛ اهڙي طرح موھہ ايتري قدر ضروري آهي جو توهين پنھنجي ٻالڪن، گهر وارن يا سونپيل ڪمن جي پالنا ڪري سگهو، ورنہ انھن جي پالنا پوري نہ ٿيندي. ساڳيءَ ريت سمجهڻ گهرجي تہ ڪروڌ ايتري قدر ضروري آهي جو غيرت يعني برائيءَ لاءِ نفرت ڪجهہ رهي ورنہ زندگي ڦلھڙي ٿي پوندي؛ لوڀ ايتري قدر ضروري آهي جو جسماني ڪارخانو ان ذريعي جاري رهي، ورنہ قدري لوڀ بنا انھن سھوليتن جو ميسر ٿيڻ مشڪل آهي جن جي وسيلي خود آتمڪ روحاني زندگيءَ جو واڌارو ٿئي ٿو. مثلاً دولت جي ذريعي اسپتالون؛ هنر ۽ ٻين خير جي ڪمن يا شيوا جي پورائي ٿي سگهي ٿي. اهنڪار بہ ايتري قدر ضروري آهي جو پنھنجي اصليت يا ڏات جي ڄاڻ پيدا ڪري ۽ اُن تي قائم رکي. هڪ شينھن جو ٻچو رڍن سان ’ٻي ٻي‘ ڪندو ٿي رهيو؛ جڏهن هڪ وڏي شينھن کيس ڪنڌ کان وٺي پاڻيءَ ۾ سندس منھن ڏيکاريو ۽ گجڪار ڪيائين تڏهين انھيءَ سمجهيو تہ مان رڍ نہ آهيان مگر شينھن جھڙو شينھن آهيان. ايتري قدر اهنڪار ضروري آهي جو آتما پاڻ کي ڪرڻ کان بچائي ۽ پنھنجي ذات کي سڃاڻي.
”حقيقت ۾ سڀ ’وڪار‘ غلط سمجهہ مان پيدا ٿين ٿا. کين سچو وجود ڪونہ آهي. اهي گڻن جو ابتو پاسو آهن يا غلط استعمال آهن. جيئن شيطان پڻ ﷲ جي ارادي کان سواءِ ڪم نہ ٿو ڪري تيئن هي وڪار بہ هن اتپتيءَ جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ ڪم ڏين ٿا. مگر هر شيءِ پنھنجي حد اندر سھڻي آهي. سٺو کاڌو جي گهڻي انداز ۾ کائجي ٿو تہ زهر ٿي پوي ٿو.“
***
27-5-1962ع اڄ سام پنھنجو ڪتابي ڪم ويٺي ڪيو جڏهين ويجهڙائي جو هڪ مشهور صوفي فقير وٽس آيو. سندس ميز تي اُن وقت گهڻيئي ڪتاب، لغتون وغيرہ رکيل هيون. سام پنھنجو فارسي شعر ڊڪٽيٽ ٿي ڪرايو. اُن فقير گهڻا ڪتاب ڏسي چيو: ”ٻڌوسين تہ عشق ڪتابن کان بيزار ٿي ڀڄي ويو؛ پر توهان تہ اڃان ڪتاب رکيو ويٺا آهيو!“
سام چيو: ”عشق هر حال ۾ بحال آهي؛ هر ڪوچي ۾ سندس سئر آهي. عشق کي ڪنھن شيءِ کان عار ڪونھي؛ بلڪ هي سڀ اُن جا حيلا وسيلا آهن.“
فقير چيو: ”چوندا آهن تہ عشق جو ڪنھن بہ شيءِ سان واسطو ڪونہ آهي؟“
سام چيو: ”اُن جو مطلب اهو آهي تہ عشق ڪنھن خاص طرز طريقي سان ٻڌل ڪونہ آهي، يعني ائين نہ تہ ڪو فقط ڪتابن ۾ وسي ٿو يا چئون تہ فقط گيڙو ويس وٺڻ يا روزن، نمازن تائين محدود رهي ٿو؛ مگر اهي سڀ پڻ ان جائي طريقا آهن جيتوڻيڪ هو انھن کان ٻاهر پڻ آهي.“
ٿوري دير بعد وري سام چيو: ”جهنگل مان ڀاڄيون جنھن حالت ۾ اچن ٿيون انھيءَ حالت ۾ سڀ ڪنھن لاءِ کائڻ محال آهن؛ البت فقير چار سنگ آڀونءَ جا کائي ڀي گذارو ڪري سگهن ٿا؛ مگر جيڪڏهين فقيرياڻيءَ ڪا انھيءَ اناج کي پينھي، ڳوهي روٽ پچائي ۽ ڀاڄي رڌي مصالح وغيرہ وجهي آڻي پيش ڪري تہ ڪا ناجائز ڳالھہ نہ آهي؛ ڇا لاءِ جو هي سڀ لذتون ۽ مزا پنھنجي پنھنجي انداز ۾ انسان لاءِ روا ٺھرايل آهن؛ اهڙيءَ طرح شاعري اسان جي امنگن ۽ خيالن جا نڪتا ٺاهي جوڙي سڌا ڪري پيش ڪرڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي؛ اُنھي حد تائين اها عشق جي کيڏ آهي، ڇا لاءِ جو ذوق ۽ شوق کان سواءِ اها گهڙ ڪرڻ بہ مشڪل آهي.
”سھڻا گل جهنگلن ۾ پاڻھي ڪونہ اسرندا آهن ٻوٽا پوکي فقير خود انھن جي رياضت ڪندا آهن؛ گڏ ۽ پاڻيءَ جي پرداخت ڪندا آهن؛ تڏهين باغ بڻي سگهندا آهن. در حقيقت عشق وڏي رياضت آهي؛ حيلي کان کيس انڪار ڪونھي. جي عشق سچو آهي تہ ڪتابن کان ڇو ٿو ڊڄي؟ جي اهو پڪو پختو آهي تہ جريت رکي انھن کي پڻ پنھنجو حيلو وسيلو بڻائي سگهي ٿو. عشق جي درياھہ ڪي مقرر سنڌ نہ آهن؛ عشق وهندڙ هجي؛ بيٺل نہ هجي تہ سندس پاڻيءَ ۾ ڪا بوءِ ٿيڻي نہ آهي.“
سام جي اٿي وڃڻ کان پوءِ فقير ٻين ويٺلن دوستن کي چيو تہ اهو سوال مون گهڻن هنڌن تي اٿاريو آهي، مگر اڄ تائين اهڙي سمجهاڻي ڪنھن ڪانہ ڏني آهي.
***
11-10-1961ع منھنجي ننڍي ڀيڻ جيڪا دهليءَ رهندي آهي اُها هفتي کن لاءِ هتڙي گهمڻ آئي هئي. سام بہ کيس منھنجي دادلي سمجهي خوشيءَ سان لاهور ماڻھو وٺڻ لاءِ موڪليو. ساڻس گڏ چار ٻار هئا جن مان وڏي جي عمر 13 سال ٿيندي ۽ ننڍڙي هيلن اڍائي سالن جي ٿيندي. سندس اچڻ بعد سام بيمار ٿي پيو؛ کيس مدي جو تپ سڄو وقت هيو. هڪ تہ سندس بيماريءَ جو خيال ٻيو مند گرم، ٽيون مھمانن جو گهر ۾ اچڻ، انھن ٽنھين حالتن گڏجي گهر جو ماحول ئي ڦيري ڇڏيو. منھنجي ڀيڻ جي بہ نرالي جوشيلي ۽ موھہ سان ڀريل طبيعت آهي؛ ڪڏهن ٻارن جي لاءِ اجايو سجايو پيئي پاڻ پريشان ڪري تہ ڪڏهن ڏک ڏوراپا پئي ڪڍي ۽ منھنجا ارمان پئي ڪري؛ سام ان بنسبت جيڪي ٻہ ٽي اکر چيا هئا انھن ۾ اٺن ڏينھن جي ماحول جو پورو نقشو کينچجي وڃي ٿو؛ سي اکر سام جا هي آهن: ”هڪ ننڍي سھڻي عورت، چار من موهيندڙ ٻار ۽ انھن سان گڏ هي جوش ۽ دنيوي خيال، چئجي کڻي تہ مايا جو خود واسو اچي ٿيو آهي.“
سچ پچ تہ هيو بہ ائين؛ ڳايون يا ڪو شاستر پڙهون تہ سو بہ ڄڻ ڦڪو ڦڪو پيو لڳي. هينئر جڏهن منھنجي ڀيڻ ڪراچيءَ هلي ويئي آهي تہ سام جا اکر وڌيڪ معنيٰ دار لڳن ٿا.
***
ڳالھيون ڪندي ڪندي منھن جي ڀيڻ ٻڌايو تہ منھن جي ماتا سڀني کان موڪلاڻي ٿي ڪئي؛ تڏهن ڪنھن کي چولو ۽ ڪنھن کي ڪا ٻي سوکڙي پنھنجي ميڙي چونڊيءَ مان ڏيئي ويئي ۽ مون (سرلا) کان سواءِ سڀني ويجهن عزيزن کي اهڙيءَ طرح ياد ڪيائين. مون کي ۽ منھن جي ڀيڻ کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا؛ ڇا ٿئي ها جيڪڏهين منھن جي لاءِ بہ ڪا هڪ ننڍڙي سوکڙي ڏيئي وڃي ها! مون دکي دل سان اها ڳالھہ سام کي اچي ٻڌائي؛ سام جي اکين ۾ پڻ پاڻي اچي ويو مگر چيائين تہ خود اها هڪ ايشور جي طرف کان مليل نشاني ڪري سمجهہ؛ جيئن هميشہ ٿيندو آهي، سندس پيارن جو قدر هن سنسار ۾ پھريائين گهٽ ٿيندو آهي؛ تو پنھنجي ماتا جي سڀني کان گهڻي شيوا ڪيئي آهي؛ اها خوشي ئي تولاءِ ڪافي آهي؛ ويتر مان تہ ائين ٿو سمجهان تہ هيءَ ڳالھہ تو لاءِ هڪ نئون سبق ٿيڻ گهرجي. تون انھيءَ سنساري وڳ مان ناهين؛ اسان جو وڳ ۽ اسان جون ڳالھيون نراليون آهن. اسان جي جاءِ انھيءَ ارمانن جي دنيا ۾ نہ آهي، ۽ اتي وڌيڪ واسو خيال جو ٿيڻ نہ گهرجي.
***
منھن جي ڀيڻ جئن پنھنجي ٻارن کي وقت تي گهڻو پيار پيئي ڪري ۽ ٿوري گهڻي تي سندن چنتا ۾ اٿي سندن ڪڍ پيئي پوي، تيئن چمٽوءَ مون کي چيو: ”اما تون اسان کي ايترو پيار ڪٿي ڪندي آهين؟“
مون سام کي اچي چمٽوءَ جي ان ريت پڇڻ جو ٻڌايو تڏهين سام کيس هن نموني سمجهايو: ”جسم جي ماتا تن پرور آهي، مگر توهان جي ماتا من جي پرور آهي؛ جيتوڻيڪ تن پرور ماتا بہ من جي ٿوري سنڀال ڪندي آهي؛ مگر هتي تون آيو آهين نہ هن تن کي خاص طور پالڻ، بنائڻ لاءِ پر اُهي ساڌنائون سکڻ لاءِ جيڪي من جي سنوار ڪن ٿيون؛ ڇا توهانجو خيال آهي تہ توهان جي ماتا، ڊاڪٽر سرلا ديوي، توهان جي پٺيان ڊڪندي رهي ۽ سڄو ڏينھن اوهان کي کائڻ ۽ پيارڻ جا اپاءَ سوچيندي رهي تہ انھيءَ کي توهان پيار سمجهو؟ مان جيڪر چوا تہ اڃا نرمائش گهٽ ڪري ۽ توهان سان مون کي وڌيڪ سختي ڪرڻ ڏئي جيئن ڪي مڙسيءَ جا انگ بہ سکو ۽ نہ رڳو سڄو ڏينھن سک جون سنهجون واٽون ڳوليندا رهو جيئن هينئر ڏسان ٿو تہ گهر ۾ وڌيڪ ڪم ۽ ڪوشش جي ضرورت هوندي بہ تون ساڳئي نموني ۾ اجائي چؤٻول ۾ وقت وڃائيندو رهين ٿو. اُهو پيار جيڪو اسين ڏيون وٺون ٿا سو هن کان نرالو آهي.“
***
2-1-1963ع ساڳيو ئي فقير جيڪو اڳ آيو هو، اڄ وري اوچتو اسان وٽ آيو ۽ سام بہ ساڳيءَ طرح پنھنجي ڪتابي ڪم ۾ ويٺو هو. فقير ٿوري دير بعد چيو تہ ڪجهہ مھينا ٿيا تہ توهان مون کي انھن ڪتابن بابت ڪجهہ ٻڌايو هيو ۽ اُها ساڳي ڳالھہ وري هڪ ڪتابڙيءَ ۾ بہ ڇپيل پڙهيم، مگر مان وري ڦري پنھنجي خيال تي آيو آهيان تہ عشق ڪتابن ۾ ڪين ٿو اڙجي سگهي. توهان جي ڳالھہ مان سمجهي نہ ٿو سگهان! پوءِ ڪي سنڌي صوفين جا انھيءَ خيال پٽاندر بيت ٻڌايائين. سام کيس چيو: ”اسان جو ديدوان سمورو ڇپجي رهيو آهي جو پريس ۾ آهي. هي ڪم اُهو ويٺا ڪريون؛ ٺاهي سينگاري مالڪ جي اڳيان پيش ڪرڻ سٺو آهي. ڀلا فرض ڪريو جيئن هينئر ميز تي ويٺا آهيون، ائين ڪو نوڪر اچي کائڻ جي شيءِ اڳيان اڇلي تہ جيڪر ان کي بي ادبي ڪين سمجهجي؟ جي ڪو دوست هجي ۽ گلن جو ٻڪ ڀري اچي ائين ڦٽو ڪري ۽ چوي وٺ فلاڻا هي گل اٿئي، تہ جيڪر ايتري خوشي نہ ٿئي، جيتري اُهي گل با ادب سينگاري سنواري پيش ڪرڻ سان ٿئي ٿي. تنھن ڪري اسان کي جڳائي تہ مالڪ جي اڳيان جهڪي پيش ڪريون سو ٺاهي سينگاري سھڻي نموني ۾ پيش ڪريون.“
فقير چيو: ”صوفي تہ مست رهندا آهن. ڪتابي علم جي يا ٺاھہ ٺوھہ جي پرواه نہ ڪندا آهن.“
سام چيو: ”مون وٽ ويجهو ٻہ ڪتاب دوستن کان آيا آهن هڪڙو سچل سرمست جو ”گدازنامه“ فارسيءَ ۾ ۽ ٻيو ”ديوان قلندرمست.“ اهي پڙهي ڏسو تہ اها فارسي سچل بادشاه ڪتابن مان سکي يا ڄائي ڄم کان سکي آيو هو. اهڙيءَ طرح ”ديوان قلندر“ عالماڻي ۽ عشاقي طرزن جي ثابتي ڏئي ٿو، جنھن مان ثابت آهي تہ قلندر شهباز علم و ادب مان بہ واقف هيو.
”حقيقت هينئن آهي تہ هي سڀ صورتون عشق جو آهن. صوفي جيڪڏهين عشق کي ﷲ ڪري مڃن ٿا تہ ٻيو هو ڪٿ ڏسن ئي ڪونہ ٿا؛ هر صورت، هر حيلي يا هر ڪم ڪار ۾ هو هٿ يار جو ڏسن ٿا. هو مست برابر آهن پر ان مستيءَ ۾ پاڻ گنوائن ٿا ۽ نہ پنھنجا فرض. هي علم و ادب جا فرض اسان جي زندگيءَ مان خود اسان تي رائج ٿيا آهن.“
***
11-2-1963ع مان ننڍي هوندي کان وٺي مھاديو جي سڳڙي جي ڇوڙڻ جو نيم رکندي آهيان، جيتوڻيڪ هن اسان جي سنگ ۾ خاص ڪنھن ساٺ سڳن يا پوڄا جي ڪنھن خاص طريقي جي ڪا ضرورت نہ آهي؛ تڏهين بہ بطور عادت اڳوڻو نيم پورو ڪندي آهيان. انھيءَ سڳڙي جي ساٺ سڳن ۾ اڪ جي ڦلي ڪتب ايندي آهي جو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ مھاديو اڪ کائيندو هو . اڪ جون ڦليون ڏسي سام اڄ چيو: ”مھاديو جيڪي اڪ کائيندو هو سي ڪي ٻيا اڪ هئا. اهي ڪؤڙا اڪ جيوت جي دکن جا يا ستيه مارڳ تي جيڪي ڪشالا اچن ٿا انھن جا ڪري سمجهڻ گهرجن. هنن اڪن کائڻ سان ﷲ ملي ها تہ ٻڪرين ۽ اٺن کي ملي ها.“ سام وڌيڪ چيو: ”هي نيم ڏينھن جا جيڪڏهن پورا ڪجن تہ انھن جي اندروني معنيٰ بہ سمجهڻ ضروري آهي؛ خالي ساٺ سڳن بي معنيٰ آهن!“
***
12-2-1963ع اسان جو ”رهاڻ“ رسالو جو تازو شايع ٿيو آهي، انھيءَ جا جدا جدا پرت پريس مان کڻائي گهر آياسين ۽ انھن کي گڏي ٺاهي ٽاچڻي هڻڻ جو ڪم فقيرن ۽ اسان جي ڇوڪرن پاڻ ۾ ويھي گڏجي ڪيو. ٻن ڏينھن ۾ ٿورا ٿورا ڪلاڪ ڪم ڪري ٻہ ٽي سو ڪاپيون تيار ڪري ورتائون، مگر سام کي سندن ڪم نہ وڻيو، جيتوڻيڪ هنن خوشيءَ سان پنھنجي سمجهہ آهر تکو ڪم ڪري ڏنو. سام پوءِ ويھي ڪجهہ ڪاپيون سٺيون ڪرڻ لڳو ۽ چيائين: ”رياضت جي ڪم مان ڪيڏي نہ راحت ٿي ملي! جيڪڏهن انسان سچيءَ دل سان ڪوبہ ڪم ڪري تہ نتيجي جو مالڪ پاڻ ﷲ آهي ۽ اهو اجايو نہ ويندو ائين ڏسڻ نہ گهرجي تہ پئسن جي لحاظ سان گهڻي جو ڪم گهڻي وقت ۾ ٿيو؛ مگر جو ڪم کڻجي سو سٺيءَ طرح نڀائجي. انھيءَ مان ئي پوري راحت پيدا ٿئي ٿي. هنن ڪاغذن جو هڪ هڪ گهنج لاهڻ، جي پوريءَ شرڌا سان ڪيو وڃي تہ اهو برابر آهي پنھنجي من جي گهنجن ڪڍڻ جي. منھنجو تہ هن ڪم ڪندي ڄڻ من ايڪاگر ٿئي ٿو. ائين پيو سمجهان تہ هيءُ بہ هڪ عبادت جو طريقو آهي. ڪاش! سڀ ڪم زندگيءَ جا عبادت سمجهي پورا ڪريون!“
***
13-2-1963ع اسان وٽ ڪم ڪندڙن ڇوڪرن مان هڪڙي کي نئين سر شوق جاڳيو تہ موٽر مڪئينڪل جو ڪم سکان ۽ ڪو ڪارخانو وغيرہ ڪڍان ۽ پنھنجي حياتيءَ جي اڏاوت شروع ڪريان. سندس عمر 40 سالن جي ويجهي آهي. سندس سڀاو مان واقف ٿي ڪري سام پھريائين اهو رايو ڏنو تہ هي شوق جٽا نہ ڪندو. ٿيو بہ ائين: ٻہ ٽي ڏينھن تہ هن پاڻ صفا ڳاري ڇڏيو ۽ ڪارخاني مان موٽڻ وقت سندس ڪپڙا ۽ چمڙي تيل جي چٽن سان ڀريل هجن؛ گهر ۾ اچي تہ ٿڪو ٽٽو پيو نظر اچي؛ ظاهر هيو تہ هن پاڻ تن ۽ من جي ٿڪاوٽ محسوس پئي ڪئي مگر ضد ڪري يا حرص وچان پنھنجي ڳالھہ کي چھٽيو رهيو. سندس حالت جو ويچار ڪندي سام چيو تہ چاليھن سالن جي عمر کان پوءِ ڪوڪو انسان حرص کان بچيو رهي ٿو. اهي اَتي سخت لفظ آهن پر اها هڪ حقيقت آهي تہ انھيءَ عمر ۾ انسان جي من ۾ نئين سر نوان حرص اڀرن ٿا ۽ جيڪي ڳالھيون اڳ پوريون ڪري نہ سگهيو آهي انھن جا ارمان وري ڪوشش ڪرڻ لاءِ اعلان ڪن ٿا. نوجواني ۽ ٻالڪ اوسٿا ۾ انسان سخاوت جي ڀاو ۾ رهي ٿو. ڪيتريون شخصي سک جون ڳالھيون يا لوڀ لالچ جا طريقا سچو شوق لٽي ڇڏي ٿو ۽ قدرت جي نقطہ نگاھہ کان جيڪي سچ پچ سندس اندروني اُنتيءَ يا اڀياس لاءِ ضروري ڳالھيون آهن جھڙوڪ هنر، علم، ڌرمي سکيا، فلسفہ، نقاشي يا شاعري وغيرہ وساري، انھن ڳالھين ڏانھن لاڙو رکي ٿو جن مان پئسي جو فائدو ٿئي يا ڪا پوزيشن هٿ اچي. زماني جي گردش ۾ جوانيءَ جي هٽڻ بعد پئسو ۽ ڪوڙا سک گهڻن انسانن کي وڌيڪ اهميت وارا نظر اچن ٿا. جيڪڏهين قدرت ٻالڪپڻ جا ذوق شوق يا نوجوانيءَ ۾ فراخدلي نہ آڻي تہ انسان جي سڄي حياتي جيڪر سوڙهي دائري ۾ بسر ٿئي، اسان جي ڇوڪري کي بہ اُهو 40 سالن بعد جوانيءَ جي پڇاڙيءَ جو نئون حرص جاڳيو آهي ۽ کيس فقيري يا آشرم جو جيون پوري ڪشش نہ ٿو ڪري. تنھن ڪري کيس اڃا ڪجهہ ڏينھن لڳندا؛ ڪجهہ وڌيڪ ٿڪاوٽ بعد وري پوري تور تڪ ڪري سگهندو.
ٿيو بہ ائين جو ٿورن ڏينھن بعد هن ڪارخاني وڃڻ کان ئي بس ڪري ڇڏي ۽ وري نئين سر ويچار ڪرڻ لڳو تہ ڇا ڪجي.
***
18-2-1963ع لاڙڪاڻي کان ٻاهر هڪ دوست جي دعوت ملڻ بعد ڏانهس ويا هئاسون. مون کي اها آس هئي تہ اتي وڃي ڪا راڳ جي محفل لائينداسين. ان ڪري پنھنجي ٽولي مان ٻن ڳائيندڙن کي بہ پاڻ سان کنيوسين مگر اتي ڏٺوسين تہ جن دوستن وٽ اسين وياسون انھن کي راڳ ويراڳ جو ڪو شوق ڪونہ هو. جيتوڻيڪ اسان جي قوال کي چڱيءَ خرچي ڏنائون ۽ اسان جي کاڌ پيت تي چڱو خرچ ڪيائون، تڏهين بہ هنن جو بندوبست دل پسند نظر نہ آيو. ماني وغيرہ بازاري گهرايائون ۽ خاص تڪليف وٺي ڪو رهائش جي لاءِ بندوبست بہ ڪونہ ڪيائون. ايتري قدر جو ڪاٺيون ڪليون بہ اسان جي ڇوڪرن هيڏانھن هوڏانھن جون هٿ ڪري گهٽين ۾ ويھي پاڻ گرم ڪيو. اسان جي دوست کي ٻہ گهر هئا مگر ائين ٿي لڳو ڄڻڪ هو هڪ بي گهر انسان هيو. پاڻ بہ چيائين ٿي تہ ’منھنجي زندگي سڄي بي بندوبستيءَ جو مثال آهي.‘ هو پاڻ هڪ وڏو اديب ۽ پيسي وارو شخص آهي مگر جيترو سندس ڪم ۽ آفيس ۾ اچڻ وڃڻ يا پنھنجو ڌنڌو هلائڻ بي انتظام هو اوترو ئي سندس رهائش جو نمونو بي انتظام نظر آيو. هو سام جو هڪ پيارو دوست آهي جنھن ڪري هن کي ڪا لکا پنھنجي تڪليف جي اسان ڪونہ ڏني. مگر موٽندي ڪار ۾ اسان جي پارٽي ان سڄي معاملي تي ويچار ڪرڻ ۽ راين ڏيڻ کان باز نہ آئي. سام انھن سان يڪراءِ ٿي چيو: ”اڄ ڪلھہ اسان جي شھري حياتي مصنوعي ٿي پيئي آهي. اهو ڪجهہ قدر پشچم جي سڀيتا جو اثر آهي. انھن جون بہ اسان گهڻيون بريون ڳالھيون ڪاپي ڪيون آهن ۽ چڱيون تمام ٿوريون. اُتي جيڪڏهين ماڻھن جي گهرو حياتي شخصي پڻي (Individualism) جي ڪري ٽٽي پئي آهي تہ گهٽ ۾ گهٽ انھن جون سماجڪ حالتون تمام سٺيون آهن. ريسٽارنٽ هوٽل ۽ ڪلبن جو رواج اتي گهڻو آهي تہ وري انھن ۾ جيڪي کائڻ پيئڻ وغيرہ جا بندوبست آهن سي بہ صحت جي اصول پٽاندڙ آهن. اسان وٽ مان نہ ٿو ڀايان تہ ڪنھن بہ ڊسٽرڪٽ ٽائون ۾ ڪو رهڻ جھڙو هوٽل هوندو جنھن ۾ ماڻھو صحت بگيڙڻ کان سواءِ گهڻو عرصو رهي سگهي. مون کي ياد آهي تہ منھن جا ڪيترا حيدرآبادي دوست، ملڪ جي پارٽيشن کان اڳ رات جي ماني گهر ڪندا ئي ڪونہ هئا ۽ سئينما يا گهمڻ کان پوءِ بزار مان چاپون، ڪباب ڊبل روٽي وغيرہ وٺي ايندا هئا. ننڍن ٻارن کي بہ اهو ئي کاڌو ڏيندا هئا. اهڙي طرح خفي کان ڇٽڻ جي لاءِ اڄ ڪلھہ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بہ اهڙا ماڻھو پيدا ٿيا آهن جيڪي بازاري کاڌا کائي وقت ٽپائي ڇڏين. ان ۾ هو آزادي سمجهن ٿا، هوڏانھن گهر ۾ زالون هار سينگار ڪرڻ يا پراين پچارن ڪرڻ ۾ پيون اجايو وقت وڃائين.“
سام وڌيڪ چيو: ”مون کي ائين لڳندو آهي تہ جيڪا عورت گهر هلائڻ نٿي ڄاڻي ۽ پنھنجي مرد يا ٻارن کي سڀ سھولتون ميسر ڪرڻ ۾ ناڪامياب رهي ٿي، سا سچي عورت نہ آهي. اڄ ڪلھہ ڪي عورتون فقط پنھنجي سونھن جي کٽي کائن ٿيون يعني مرد انھن تي موهت ٿي انھن لاءِ وڏا وڏا بنگلا رکن ٿا. اها ٻنھي طرفين عزت ڀري ڳالھہ نہ آهي. جيڪا عورت پنھنجي مرد کي ساٿ ڏئي ان جا ۽ پنھنجيءَ حياتيءَ جا مسئلا حل ڪري ٿي، اُها سچو سک حاصل ڪري ٿي. مگر جيڪا پاڻ خود هڪ مسئلو بڻجي پوي ٿي سا پاڻ کي ۽ پنھنجي مرد کي نرڳ ۾ گهلي هڻي ٿي. گهڻو ڪري دنيا دارن جي گهرن ۾ مون جهڳڙائي جهڳڙا ڏٺا آهن. اسان جي پراڻين ريتن رسمن پٺيان وڏو فلسفو رکيل هو. جنڊ پينھي، ان صفا ڪري ۽ ٻيا گهرو ڪم پورا ڪري سنڌ ۽ ڀارت جون عورتون نہ فقط گهر جي صحت برقرار رکنديون هيون مگر ڪم ۾ پاڻ وندرائڻ سان پاڻ کي خطرناڪ عادتن ۽ بيڪار شوقن کان بچائي سگهنديون هيون اڄ اهي ريتيون رسمون فقط ڪنھن ڪنھن گهر ۾ نظر اچن ٿيون.“
***
27-3-1963ع درازن جي هڪڙي پير سان گڏ ڪڇي مھاجرن جي طرفان اسان کي بہ دعوت ملي؛ سندن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان کي ۽ درازي فقير کي اهو خيال هو تہ شايد اُتي ڪو راڳ ويراڳ بہ ٿيندو. پر اتي وڃڻ سان معلوم ٿيو تہ هو ميلاد وغيرہ جو پروگرام پورو ڪري نماز پڙهي پوءِ شايد راڳ ڪندا. نماز هڪ نئين طريقي پڙهيائون ۽ وچ ۾ ٻہ ڀيرا بانگ بہ ڏنائون؛ تنھن بعد حلقو ٺاهي ٽيھہ يا چاليھہ ڄڻا گڏجي ذڪر ڪرڻ جي لاءِ ويٺا. اسان کي هنن بروقت چيو تہ توهان ٻيءَ ڪنھن جاءِ تي مٿي چڙهي وڃي ويھو تہ اوهان جي مرضي. مگر سام کين چيو تہ اسين بہ اوهان سان هر حال ۾ شريڪ ٿينداسون؛ توهين ڀلي پنھنجو پروگرام پورو ڪريو. پوءِ تہ اهڙو جوشيلو ذڪر شروع ڪيائون جنھن ۾ نہ رڳو آواز چوٽ چڙهيل هيو پر ڪنڌ ڌوڻ بہ سخت نموني هلي، ايتري قدر جو انھن مان جن جون ڊگهيون ڏاڙهيون هيون سي ذڪر ڪندي اچي هڪ ٻئي سان پيون ٺھڪن. ان ڳالھہ ڪرڻ جو سبب هي آهي جو اسان کي ڀؤ اچي لڳو تہ متان اسان جا ڇوڪرا کلن يا ڪنھن نموني بي ادبي ڪن. سام کي وجهہ مليو جو پير صاحب سان ٻہ منٽ ڳالھايائين ۽ کيس چيائين: ”صوفيءَ جو هر مظهر ۾ سئر آهي. هي سڀ خيال ۽ طريقا انھيءَ يار جائي ايجاد ڪيل آهن؛ سالڪ جي منزل ان ڪري سڀ کان مٿي آهي جو سالڪ هر رنگ ۾ راضي رهي ٿو. تنھن ڪري توهان اسان جو ڪو فڪر ڪونہ ڪريو. اسين هن مان پڻ مزو وٺي رهيا آهيون.“
تڏهن بہ پير صاحب جا ڪي مريد آهستي چوڻ لڳا: ”هنن تہ اسان جي محفل ئي خراب ڪري ڇڏي!“ سام ڇوڪرن کي اشارن ۾ فھمائش ڪئي تہ سٺي نموني ۾ هلجو. پوءِ گهر اچي هن بابت هينءَ چيائين: ”اسين پنھنجي لاءِ بيشڪ فيصلو ڪري سگهون ٿا تہ ڇا ڪريون ۽ ڇا نہ ڪريون مگر ٻين جي لاءِ ڪھڙو حق اٿئون جو چئون تہ هو هينئن ٿا ڪن! دنيا ۾ هزارين طريقا مذهب جا آهن. ڪنھن کي خبر آهي تہ خدا ڪھڙي نموني سان ٿو ريجهي؟ حضرت موسيٰ جي هڪ آکاڻي آهي جنھن ۾ هن هڪ ريڍار جو خيال ٽوڙي وڌو جنھن ذڪر ٿي ڪيو؛ سندس اکرن جي معنيٰ هئي ”يا چور!“ تڏهين کيس هدايت ڪيائين تہ يا چور، يا چور چوڻ جي بدران چؤ يا ڪريم! يا ڪريم! ان تي چون ٿا تہ ﷲ جي طرف کان حضرت موسيٰ کي هدايت ٿي تہ تو منھنجي پريميءَ جو پريم ڇو ٽوڙي وڌو؟
مطلب تہ هي سڀ پڪارون پنھنجي آتما کي آهن؛ من کي ڪنھن بہ حيلي جاڳائڻو آهي ۽ اهڙا ساڌن تہ هندو پنٿن ۾ بہ ٿيندا آهن؛ تنھن ڪري اسان لاءِ ضروري آهي تہ انھن جي عزت ڪريون، اگرچ خيال جي چڪاس مان ڏسبو تہ اهي سڀ هيٺين درجي جا طريقا آهن. جي روح فقط اک جي اشاري سان جاڳي پوي يا ڪنھن رنداني رمز سان کيس گيان جي پراپتي ٿئي تہ پوءِ هيءَ ڪنڌ ڌوڻ برابر اجائي آهي. پر آتما جي جدا جدا اوسٿائن لاءِ جدا جدا طريقا فائدي وارا آهن ۽ انھن سڀني جو آدر ڪرڻو آهي.“
***
10-4-1963ع آتما رام هريجن پنھنجي جاتيءَ وارن ۾ هڪ سمجهو ماڻھو ڏيکاربو آهي جنھن ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي تہ پنھنجو ڌنڌو مٽائي ڪو ٻيو سٺو ڪم ڪجي. اسان بہ کيس دڪان ڪڍڻ يا ٻارن جو اسڪول ڪڍڻ وغيرہ جي ڪم ۾ ڪيترا ڀيرا مدد ڪئي آهي؛ سندس گهر واري بہ انھن ۾ شامل ٿيندي هئي. سندن ڪوشش آخر ناڪام ٿيڻ بعد ويچارن کي ڀنگيءَ جي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڪرڻي پئي. هينئر زال مڙد ٻيئي وري صفائيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳا آهن. سندن دڪان جي ناڪاميابيءَ جو سبب اهو آهي جو سندن جاتيءَ وارا خود حسد کان سندن دڪان تان شيون وٺڻ کان عار پيا ڪن. ٻيا ماڻھو ’ڀنگيءَ‘ کان ڪا شيءِ خريد ڪن سو تہ اسان جي سماج جي هن اوستا ۾ مشڪل پيو لڳي. سام آتمارام کان اهي احوال ٿي پڇيا، تڏهن هن چيو: ”اسان جي جاتيءَ جي زندگي هڪڙي پڃري مثل آهي جنھن مان نڪري ڪونہ ٿا سگهون؛ وري وري ڦري اهوئي ڀنگين وارو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ڇا ڪجي؟“
سام کيس چيو: ”همٿ نہ هارڻ گهرجي. درحقيقت هي سنسار جا سڀ ڌنڌا پڃرن مثل آهن؛ جيئن تون پاڻ کي پڃري ۾ سمجهين ٿو تيئن اسين بہ زمينداري لائين ۾ گويا هڪ پڃري ۾ اچي ڦاٿا هئاسون، جنھن مان نڪرڻ اهنجو ٿي لڳو. نہ رڳو گهر ٻار لاءِ ڪمائڻ جي ضرورت هئي پر زمينداري حياتيءَ ۾ ٻيا ڦڏا بہ اهڙو گهيري ويا جو سمجهجي پيو تہ هن چڪر مان جلد نڪري نہ سگهبو. اگهہ اناج جا گهٽجي رهيا هئا؛ ڪيس فساد ۽ دشمنيون وڌنديون رهيون تہ هوڏانھن سياست بہ اهڙو روپ اختيار ڪيو جو انگريزن جي هونديئي هندن جي لاءِ زمينداري ڌنڌو اهنجو ٿي پيو. پر انھيءَ آشا جي ول کي هميشہ پاڻي پيو ڏبو هو تہ ڪنھن ڏينھن ستنتر جيون هلي ڪنھن آشرم ۾ گهارينداسون. اڄ بہ اڃا اها آشا پوريءَ طرح حاصل ڪو نہ ٿي آهي. اهڙيءَ طرح ٻين ڌنڌن ۾ بہ ويچار ڪري ڏسندءُ تہ مشڪلاتون گهڻيون آهن؛ درحقيقت اسان کي ڇوٽڪارو پاڻ منجهان ئي پائڻو آهي ۽ نہ ڪن ٻِاهرين حالتن مان. تون ڪوشش ڪندو ره وڌيڪ رام تي ڇڏي ڏي.“
آتما رام چيو: ”جيڪا رٿ پنھنجي پئچائت کي ڪنھن سڌاري جي لاءِ ڏيان ٿو تہ اُهي قبول ڪونہ ٿا ڪن. توهان ئي ٻڌايو تہ جيڪي مان ڪرڻ چاهيان ٿو سو غلط آهي ڇا، جو سڀ ڳالھہ ۾ مان اڪيلو ئي رهجي ٿو وڃان؟“
سام کيس چيو: ”پنھنجا سچا ساٿي ڳولھہ. اُهو سنگ ڳولھہ جنھن ۾ تون اڪيلو نہ سمجهين پاڻ کي. بر ۾ سلو پيدا ٿيندو تڏهن بہ اسرندو مشڪل پر باغ ۾ ٻين سلن جي صحبت ۾، يعني آلھہ ۽ ڇانو ۾، سندس واڌارو چڱو ٿيندو. تنھن ڪري تون بہ نئين سر پنھنجا ساٿي وڃي ڳولھہ. هت اچ يا ٻئي هنڌ جتي دل جو مزو پائين اُتي وڃي انھن سان ڪم ۾ شريڪ ٿيءُ؛ سچي سنگ ۾ وڏي طاقت پائيندين ۽ اڪيلائي محسوس نہ ڪندين.“
***
6-12-1963ع لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ساڌو رهندو آهي جو ڪيترا سال پنھنجي گهر کان ٻاهر ڪونہ نڪتو آهي. ڪجهہ عرصي لاءِ تہ پنھنجي گهر جي کڏ تان بہ هيٺ ڪونہ لھندو هو، سندس رهڻي ڪھڻي جا نيم چڱا نظر ايندا هئا، مگر سام جڏهن کيس پھرين ڀيري ڏٺو هو تڏهن سندس ٻاهرين لباس ۽ رهت سٺي هوندي بہ اهي اکر چيا هئائين تہ هي حدون پاڻ تي ڇو وڌيون اٿس؟ سالڪ پوري سمجهہ وارا تہ نہ ڪي اهڙيون حدون پاڻ تي وجهندا آهن ۽ نڪي قسم عمر لاءِ کڻي ڇڏيندا آهن؛ زنده دلي وارن جو نيم بہ زندھہ ٿيندو آهي. گويا سندن نيم شوق مان پيدا ٿيندو آهي ۽ نہ ڪنھن ٻاهرين مجبوريءَ مان.
ڪجهہ عرصي بعد ائين پڻ معلوم ٿيو تہ اهو ساڌو ڇوُت وغيرہ جا خيال رکندو آهي. تنھن بعد ڪي سندس خط اسان ڏانھن اچڻ لڳا جن ۾ ٻين ڳالھين کان علاوه هو سام کي ائين بہ لکڻ لڳو تہ توهين مشهوري پسند ڪريو ٿا؛ پنھنجا ڪلام ڳايو ٿا ۽ ان ۾ خوش بہ ٿيو ٿا. اڳين فقيرن جي اها ريت ڪانہ هئي ۽ نہ توهان وانگر بحر وزن ۾ ڪلام لکندا هئا!
سام پھريائين تہ چوندو هو تہ هيءَ فقير جي هڪ محبت جي ويڙھہ آهي؛ ڀل پيو ڪري کيس ڪو جواب ڪونہ ڏيندا هئاسون. پر هي ساڌو جلد جلد وڌيڪ اهڙا خط لکندو رهيو؛ وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳو ۽ پنھنجن سوالن جا جواب گهرڻ لڳو. تڏهن سام کيس خط آڻيندڙ سان هينءَ زباني نياپو ڏياري موڪليو:
”نئين گهوڙي جڏهين پھريائين وهو نڪرندي آهي تہ گاھہ کان، ٻوڙي کان، سڀ شئي کان پيئي ڇرڪندي آهي؛ اهڙيءَ طرح نوان فقير بہ ورت ۽ ڇوت وغيرہ جا ڇرڪ رکندا آهن. مگر جڏهن گهوڙا يا عشق جا راهي منزلن تي چڙهندا آهن تڏهن کانئن ڇرڪ سڀ ڇڏائي ويندا آهن. اهي ڦڏا تيستائين آهن جيستائين منزلن تي نہ چڙهيا آهيو. ڀلا پنھنجن راڳن ڳائڻ يا اخبارن ۾ ليکن وجهڻ ۾ ڪھڙو هرج آهي؟“ سام وڌيڪ چيو: ”اسين تہ هر جاءِ ۽ هر ڪم ۾ اهو هڪ يار ڏسون ٿا. اوهان جا حجاب اوهان جي دوئيءَ مان پيدا ٿين ٿا. جيستائين پاڻ پوريءَ طرح آرپن نہ ڪيل آهن تيستائين اُهي لڄڪا رهندا آهن. مگر جن پاڻ ۾ خود يار وهاريو آهي سي گويا پاڻ کي راضي ڪرڻ سان ان کي ئي راضي ڪن ٿا.“
***
هڪ ڀيري ان ساڌوءَ وٽ هڪڙو ماڻھو شرڌا سان گل کڻي آيو. مگر هن جي گهڻي ڪوشش بعد بہ ساڌوءَ گل ڳچيءَ ۾ نہ وڌا. آخر گلن آڻيندڙ کي کڻي اهي گل ڳچيءَ ۾ وڌائين. سام چيو: ”مون انھيءَ مھل ئي سمجهيو تہ فقير ۾ اڃان ”مان پڻو“ آهي. ظاهر ۾ نمرتا جو اظھار نڪرڻ سو بہ من جي اڀمان ۽ ڪنھن لڪل خواهش نالي ڪڍڻ جي مان پيدا ٿئي ٿو. اسان کي انھن ٻاهرين ڳالھين تي ڪو بہ ڌيان ڏيڻ نہ گهرجي مگر ساڌوءَ يا فقير جي محبت مان ئي سندس وڏائي معلوم ڪرڻ گهرجي. جيتري محبت هو دل ۾ رکي ٿو ۽ جيترو پريم جو آنند پاڻ ماڻي ٿو اوترو ئي ٻين کي ڏيئي سگهندو. باقي اهڙا نيم وغيرہ سڀ ﷲ سان اٽڪلون آهن جن مان ڪجهہ بہ نہ ورڻو آهي.“
اهو فقير خطن ۾ پاڻ کي هڪ وڏي صوفي درويش جو ”ڪتڙو“ ڪري سڏائيندو آهي؛ دستخط بہ ائين ڪندو آهي، جيتوڻيڪ پاڻ اصل هندو گروءَ جو چيلو آهي. پنھنجي نئين مرشد جو منھن بہ ڪونہ ڏٺو اٿائين. اهو ڏيکاري ٿو تہ هو نالي لاءِ خواهان آهي. خطن آڻيندڙ فقير ائين پڻ ٻڌايو تہ جنھن داتا جو ”ڪتڙو“ سڏائيندو آهي، تنھن جي پوٽي جي هٿ لڳل پيالي ۾ وري پاڻي بہ ڪونہ پيئي، اگرچ هو اُن کي بہ مرشد ڪري سڏيندو آهي! مسلمانن جي گلاس کي سندس هٿ لڳندو تہ پنھنجو هٿ ڌوئندو آهي! سام وڌيڪ چيو تہ اها ڳالھہ سنڌ جي هڪڙي چڱي گهراڻي واري هندو استريءَ جي ياد ڏياري ٿي، جنھن هڪ مسلمان آفيسر سان شادي ڪئي هئي. ان مان ٻار بہ ڄڻيائين، مگر کاڌو هندوءَ جي هٿ جو رڌل کائيندي هئي! ان ڪري هو لاڙڪاڻي اچن تہ کاڌؤ اسان وٽان گهرائيندا هئا.
”مرشد ڇا آهي ۽ ڇو ڪجي ٿو؟“ ان سوال جي سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”ﷲ ڪنھن عرش تي ڪونہ وڃي لڪي ويٺو آهي؛ هو اتي ئي پنھنجو پاڻ پر گهٽ ڪري ٿو. کيس اتي ئي تسليم ڪجي. جيڪو سندس روپ سڀ کان سھڻو ۽ سچو ڏسڻ ۾ اچي، يعني جنھن انسان ۾ ان جي جيوتيءَ جو پر ڪاش نظر اچي انھيءَ کي ئي ڀل سجدو ڪرڻ گهرجي. انھيءَ کي ئي گرو يا مرشد ڪري مڃڻ گهرجي، جنھن ۾ اسان جا سڀ آدرش سمايل نظر اچن. انھيءَ ڪري ئي گروءَ ۾ ايشور جي مورتي نظر اچي ٿي جو ان جي مثال کان وڌ ٻيو ڪو مثال پاڻ کي ان جي پورنتا جو معلوم ڪونہ آهي؛ تنھن ڪري چيلو پنھنجي گروءَ تان ٻلھار وڃي ٿو. انھيءَ محبت منجهان ئي ادب پيدا ٿئي ٿو ۽ گروءِ يا مرشد جي هر شيءِ پاڪ نظر اچي ٿي. مگر جتي اها سچي محبت ڪانہ آهي ۽ ٻاهرين مطلب ڪري ڪو گرو ڪيل آهي تہ اتي اهو ادب بہ رهي ڪين سگهندو! نہ تہ مرشد جو پيالو کيس پاڪ نظر اچڻ گهرجي. ڪا عجب جي ڳالھہ ڪانہ آهي جو مرشد جو هٿ لڳل پيالو بہ مانجي پوءِ هي ساڌو پاڻي پيئي ٿو!“
***
انھيءَ ساڌو جي هن يا هن ڳالھہ تي اعتراض واري رخ بنسبت سام چيو: ”جانور هڪڙا سچر ٿيندا آهن ۽ هڪڙا ڏچر. سچر اُهي آهن جيڪي گهڻن گاهن مان مزو وٺي سگهن ۽ جهنگ ۾ پن ٻوٽو ڊڀ ڊاڙي کائي پيٽ ڀري اچن. ڏچر اُهي چئبا آهن جيڪي ڪي گاھہ دل سان کائن ئي ڪونہ. اهڙيءَ طرح سالڪ اُهي آهن جيڪي حياتيءَ جي هر پھلوءَ مان مزو وٺن ۽ هر ڳالھہ کي ويچاري ان مان چڱو مطلب ڪڍن ۽ ان ريت پنھنجي زندگي وڌيڪ مالا مال ڪن. سندن عشق و ذوق هميشہ قائم آهي. جيڪي هنن ’ويتنو‘ فقيرن وانگر پيا ويڪون سڀ مان ڪڍن، نيم ۽ نيتيءَ جي ٻنڌنن ۾ نھوڙجي وڃن ۽ ڀانتي ڀانتي انسانن مان مزو وٺي نہ سگهن، اُهي هميشہ خيال ۾ ڏٻرا رهجي ٿا وڃن.“
***
ٿورا ڏينھن ٿيا تہ دادا جهامنداس هڪ ڪارڊ لکيو جنھن ۾ ظاهر ڪيائين تہ اوهان جي ڊائري سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي چيز آهي. سام ان ڳالھہ تي چيو: ”مون کي خوشي آهي جو تنھنجي ڊائري سنڌي ادب ۾ جاءِ والاريندي.“
مون چيو: ”ان ۾ تہ منھنجو ڪجهہ بہ ڪونہ آهي؛ خيال تہ سڀ توهان جا ۽ ٻين جا پيش ڪيل آهن؛ اُن ۾ منھنجي ڪھڙي وڏائي آهي؟“
سام چيو: ”ڏاند جي مٿان جھڙي ڀري ڪاٺين جي اهڙي ڀري تاتار جي مشڪ جي! ڇا تون هڪ اخباري رپورٽر ٿي اهي ڳالھيون لکيون آهن يا پاڻ بہ اُن مشڪ مان ڪو مزو ورتو اٿيئي؟ جي تو پرائو بوج سمجهي اُهو بار کنيو آهي تہ برابر تنھنجي حالت قياس جوڳي آهي، پر جيئن انھن ڳالھين ۾ تنھنجو ذاتي چاھہ آهي تہ اُها هڪ وڏي خوش نصيبيءَ جي ڳالھہ آهي، جو اهڙي واپار ۾ انسان جو وقت گذر ٿئي. هيرا موتي پراوا ڇو نہ هجن يعني تنھنجا پيدا ڪيل نہ هجن تڏهن بہ انھن کي هڪ سھڻي هار جي صورت ۾ پوئڻ سان ڪا گهٽ ڪاريگريءَ ۽ گهٽ خوشيءِ جي ڳالھہ نہ آهي!“
***