7
سام چيو: ”ان حالت ۾ نہ رڳو پاڻ مسلمان ٿيو پر ٻارن تي بہ اهڙو اثر وجهڻ اوهان جو فرض آهي؛ اهڙي سکيا ننڍيئي پنھنجي ٻارن کي ڏيو جيئن هنن جو من حق جي راه ڏانھن، جيڪا اوهان جي نظر ۾ اسلام جي راه آهي، مائل رهي؛ وڏن تي فرض آهي تہ پنھنجي خيال پٽاندر ۽ پنھنجي سچي ڌرم موجب صغيرن جي تعليم جي رٿ ڪن. توهان کي جيڪڏهين پنھنجي عقيدن تي پورو ڀروسو آهي تہ پوءِ ڳالھيون هن نموني .......... ڇڏي ڏيڻ توهان کي سچ پچ اهڙو يقين پنھنجي خيالن تي هجي ها تہ اوهان جي ڌرم پتني بہ اوهان سان شامل راءِ ٿئي ها. مگر منھنجي خيال موجب اوهان کي خود پورو يقين نہ آهي تہ اهي ڳالھيون شايد اُڇاتري نموني ڪندا هجو، جيتوڻيڪ اهڙيون ڳالھيون هلڪي نموني ڪرڻ نہ گهرجن.“
مون مھمان کان پڇيو: ”توهان اسلام ۾ خاص ڪھڙي ڳالھہ پسند ڪريو ٿا ۽ هندو ڌرم ۾ رهي اُها ڇو نہ ٿا عمل ۾ آڻيو؟“
مھمان سام جي ڳالھہ جو ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو. مگر منھنجي سوال جي جواب ۾ کلندي چيائين: ”هندو لفظ جي فارسي معنيٰ آهي ڪارو، چور، ڊاڪو يا غلام! انھن مان آءٌ ڪجهہ بہ ٿيڻ ڪين ٿو پسند ڪريان!“
سام کي سندس ڳالھائڻ جي هلڪي نوع مان ويتر خاطري ٿي تہ سندس خيال اڃا ڪچا آهن۽ سام کائنس پڇيو: ”اهي اکر توهان چرچي طور چئو ٿا يا سچ پچ ائين سمجهو ٿا.“
مھمان جوش ۾ اچي ويو ۽ چيائين: ”مون توهان کي فقط هندو اکر جي فارسي ۽ عربيءَ ٻوليءَ ۾ معنيٰ ٿي ٻڌائي، پر هاڻي مان سچ پچ چوان ٿو تہ هندو چوائڻ ۾ مون کي شرم ٿو اچي.“
سام چيو: ”مان اسلام جي خلاف نہ آهيان مگر هندو لفظ جي جا اصل معنيٰ آهي اها بہ سمجهڻ جي ڪريو. ان جي هڪڙي معنيٰ آهي اندُ يعني چنڊ جي روشن ديش جو ماڻھو؛ اُن ۾ توهان کي ڇو شرم اچڻ گهرجي. پر عربي ۽ فارسي معنيٰ ڪنھن اکر جي ڳولڻ يا مٿاڇرين معنائن مان اهڙا مذهبن بابت انومان ڪڍڻ سو گيان جو رستو نہ آهي. مون کي اسلام لاءِ ايتري ئي عزت آهي، جيتري هندو ڌرم لاءِ. مگر مان سمجهان ٿو تہ اوهان کي نہ اسلام جي نہ هندو ڌرم جي پوري ڄاڻ آهي.“
مھمان چيو: ”ڪو چئي ڪونہ ٿو سگهي تہ هندو ڌرم ڇا کي چئجي. توهين پاڻھي ڏسو تہ هندو ڌرم ۾ ڪيترا پنٿ ۽ ڪيترا فلسفہ آهن، جن ۾ هندستان جي ماڻھن وقت بوقت اعبتار رکيو آهي. انھن مان هر ڪو فرقو ائين ٿو سمجهي تہ اسان جو پنٿ ئي سچو آهي. هوڏانھن اسلام جو فقط هڪ ئي مقرر پڪو، پختو رستو آهي، جنھن تي ماڻھو بي خطري هلي، پنھنجي مقصد تي پھچي سگهي ٿو. هندو ڌرم ۾ جيستائين فيصلو ڪجي تہ ڪھڙو پنٿ سچو آهي، تيستائين انسان جي عمر ئي ختم ٿيو وڃي.“
سام چيو: .سڀني ڌرمن ۽ پنٿن ۾ پنھنجي پنھنجي سونھن ۽ چڱائي آهي، جيتوڻيڪ ڪيتريون ڳالھيون مذهبن جون اڄوڪي علم ۽ سائنس سان مشڪل ٿيون ٺھڪن. سڀني مذهبن ۾ ڪيتريون ڳالھيون آهن جن جي خلاف ۽ جن جي فائدي اڄوڪي سائنس يا اڄوڪي علم جون شاهديون ملن ٿيون. هندو فلاسافيءَ جي مشابھت نہ هڪ سڌي واٽ سان پر هڪ شاهي ٻيلي سان ڪري سگهجي ٿي، جنھن ۾ گهڻيون ئي وندرائيندڙ ۽ لاڀدايڪ شيون ملي سگهن ٿيون. منجهس گهڻائي اوچن چوٽين وارا خيال جا درخت ۽ خوشبودار ٻوٽا ۽ گاھہ، گل وغيرہ آهن. البت ٻيلي منجهان جيڪي واٽون نڪرن ٿيون سي گهڻائيءَ سبب ڪن لاءِ منجهائيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿيون. مگر ٻيلائي ماڻھو انھن ۾ مُنجهن ئي ڪونہ. ٻين کي انھن جي ڄاڻ ڪنھن گيان واري گروءَ يا گائيڊ جي معرفت ملي سگهي ٿي؛ مطلب تہ شوق ۽ شرڌا وارو ڪڏهين بہ ڪٿي ڪو نہ ٿو اٽڪي. هوڏانھن اسلام جي فلاسافي هڪ سندر، سينگاريل باغ کڻي چئجي. اسان لاءِ باغ بہ ايترائي ضروري آهن جيترا وڏا اوچن ورڪشن وارا ٻيلا، جا اونھائي يا اوچائي ٻيلي ۾ حاصل ٿئي ٿي سا ٻئي ڪنھن هنڌ ملي ڪانہ ٿي سگهي. هوڏانھن باغ جي صفائيءَ ۽ سھڻي ورڇ سا پڻ هڪ پياري چيز آهي. هيڏانھن ٻيلي جي واٽن ۾ ڪجهہ مونجهارو پيدا ٿئي ٿو تہ هوڏانھن وري صاف گهڙيل رستي واري زندگي ڪجهہ محدود نظر اچي ٿي. فقير ۽ راجا لوڪ گهڻا ٻيلا پسند ڪندا آهن. هوڏانھن وري پروفيسر ۽ عاقل گهڻا باغ پسند ڪندا آهن. درحقيقت باغ ۽ ٻيلا ٻيئي ساڳئي بادشاه جون حدون آهن. جهنگل ۽ ٻيلو بہ انھيءَ جي سلطنت جو هڪ دل لڀائيندڙ نظارو ڪري مڃڻ گهرجي.
”مذهب کي مان اُها شيءِ سمجهان ٿو، جنھن جو واسطو انسان جي سموري زندگيءَ سان آهي. مذهب نہ فقط هڪ ڀلائيءَ جي واٽ آهي پر قدرتي زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي. تاريخ ۾ اونھو وڃبو تہ ائين پڻ ڏسبو تہ سڀني مذهبن ۾ مرڪزي خيال هڪ ٻئي سان ميل رکندڙ آهن. گهڻا ليکڪ چون ٿا تہ ٻڌ ڌرم جڏهين هماليہ ۽ ٻين لاڳيتن ملڪن ۾ زور سان ڦهليل هو، تڏهين وچ ايشيا جي قومن جا ماڻھو اُن طرف ايندا ويندا هئا. ويجهي زماني جي فيلسوف سياحن مان ڪائونٽ فڪولائي رورش جي گواهي بلڪل معتبر نظر اچي ٿي. کيس روبرو ڏسڻ تي يقين ٿيو تہ هماليہ پھاڙ جي ملڪن ۾ تواريخي ثابتيون آهن تہ ڪرائيسٽ ڪنھن وقت اُتي آيل هو. هوڏانھن عيسائي اثر اسلامي تھذيب تي مڃيو وڃي ٿو. صوفي مت وارن جو وري ويدانت سان چٽو سنٻنڌ ڏيکارجي ٿو. جيڪڏهين اڳوڻي هندستان جي تجارت، جيئن چوڻ ۾ اچي ٿو، ايران، عرب ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان هلندڙ هئي تہ خيال جي ڏي وٺ ڪيئن نہ ٿي سگهي هوندي؟ هوڏانھن عربستان جي ڏي وٺ يھودي ۽ ڪرستان قومن سان گهاٽي ۾ گهاٽي هئي ۽ چون ٿا تہ سردار محمد (صلعم) عيسائي ۽ يھودين جي خيالن کان ننڍيءَ عمر ۾ ئي قافلا آڻيندي نينڍي چڱيءَ پر واقف ٿيو هو. تنھن ڪري ’نج آري خيال‘ يا ’نج يھودي خيال‘ يا ’نج عربي‘ ۽ ’عيسائي خيال‘ جدا ڪري ڏيکارڻ مشڪل آهي. هيڏي ساري باه يا الو خيال جو جيڪو هن ملڪ ۾ پنج هزار سالن کان وڌيڪ اڳ پيدا ٿيو هو ۽ جنھن جا اثر آمريڪا جي ريڊ انڊين قومن تائين پھتل هئا؛ جنھن جو اثر سيام، انڊونيشيا، چين، جپان ۽ ٻين دور پورب جي ملڪن تائين پڻ پھچي سگهيو ٿي؛ ڇا اُن جي جهلڪ لاڳيتي عرب، ايران يا ٻين وچ ايشيا جي ملڪ تائين ڪين پھتي هوندي؟ جيڪو خيال اسلام ۾ انساني برادري ۽ وحدانيت جو آهي، تنھن کان بہ ڪي پنٿ هندو ڌرم جا انڪاري نہ آهن. ڪي فرقا هندو ڌرم جا سڌي طرح ۽ ڪي اڻ سڌي طرح انھن ٻن مرڪزي اسلامي خيالن کي تسليم ڪن ٿا. هندو ڌرم ۽ اسلام جي وچ ۾ ٻي نہ گهڻي ساڳيائي خيال جي ملندي. اسين ٻنھي کي هڪ ئي سلطنت جا حصا ڪري مڃون ٿا.“
مھمان پڇيو: ”اهي وڻ اوچين چوٽين وارا خاص هندو فلاسافيءَ جي ٻيلي ۾ ڪھڙا آهن؟“
سام وراڻيو: ”اهي منھنجي سمجهہ موجب آهن ويدانت، ڀڳتي مارگ، ديا ڀاو جو اصول، گيان جي کوجنا لا يوگ جا طريقا، تپسيا، ۽ وئراڳ جا اصول وغيرہ، اگرچہ مان قبول ڪندس تہ اهي ساڳيون شيون صوفي مت ۾ ۽ ٻين مذهبن ۾ پڻ جدا جدا ڊگرين ۾ ملن ٿيون ۽ ڪو بہ سچو مذهب انھن کان غير واقف نہ آهي.“
ٿوري دير بعد سام چيو: ”مذهب هڪ خيال جي وڏي لھر ڪري سمجهڻ گهرجي جا ڳنڍيل آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهي، پوءِ ’ڌرتيءَ‘ يا ’وايو منڊل‘ (هن سنٻنڌ ۾ انساني من) جي حالتن آهر پاڻي لھر جو ڪٿ لڙاٽيو، ڪٿي صاف، ڪٿي سيتل، ڪٿي تيز، ڪٿي کارو ۽ چھرو تہ ڪٿي مٺو ئي پيو آهي، لھر ساڳي هڪ درياه جي آهي. ڇا لاءِ جو خيال تي ڪي بہ پائبنديون اثرائتيون ڪونہ ٿيون آهن؛ خيال جي رل مل ٻين سڀني ناتن کان جدا جدا قومن جي وچ ۾ گهڻي ٿي آهي؛ واپار، سياسي ناتن يا ٻين ٻاهرين ڏي وٺ جي نمونن کان خيال جي ڏي وٺ تاريخ ۾ وڌيڪ اثرائتي ۽ آزاد نموني ۾ ٿي آهي. نہ فقط ايترو پر ٻيا سڀ ناتا ۽ رشتا خود ذريعا بڻيا آهن هن خيالي ڏي وٺ جا. اها خيالي ڏي وٺ سڀني ناتن کان جٽدار پڻ آهي. تنھن ڪري سچي هندوءَ، سچي مسلمان، سچي ڪرستان ۽ سچي ٻڌ جي وچ ۾ سچ پچ گهڻو فرق ڪونہ آهي؛ بلڪ گهڻي هڪ جهڙائي آهي. چوٽيءَ وارا ماڻھو سڀني ڌرمن جا انسانيت ديا ڀاو، ديانت داري، صفائي ۽ سچائي جي انگن ۾ هڪ جھڙا نظر اچن ٿا. انھن ڳالھين کان سواءِ مذهب باقي ڇا آهي؟“
تنھن بعد سام مھمان کان اوچتو ٻہ سوال پڇيا جن جو انوقت جي گفتگوءَ سان ظاهر ۾ ڪوبہ لاڳاپو ڪو نہ هو، مگر اها هڪ قسم جي پاسيري جانچ مھمان جي اسلامي شوق جي هئي. اهي سوال هي آهن:
(1) اوهان جي اصول جي ڳالھہ تي ڪڏهين حياتيءَ ۾ سخت لڙائي ڪئي آهي؟
ان جي جواب ۾ مھمان چيو: ”مان لڙائي ٽاريندو آهيان.“
(2) توهان ڪڏهين بہ دل جي شوق يا شرڌا مان ڪو وڏو دان ڏنو آهي، يا وڏي زڪوات مال اسباب جي ڪڍي آهي؟ جواب ۾ مھمان چيو: ”نہ!“
سام چيو: ”تڏهين سمجهو تہ توهان جو لاڙو اسلام ڏانھن ڪن ٻاهرين سببن ڪري آهي ۽ نہ اندروني خيال جي ڦيري ڪري. اسلام جي راڄنتي، سماجڪ يا قومي زور ۽ گهڻائيءَ هن ملڪ ۾ شايد توهان جي دل ۾ سرخرو ٿيڻ جي خواهش پيدا ڪئي هجي. روحاني طرح توهان اڃا ڳولائو آهيو. اوهان جو پڪو يقين اسلام تي نہ آهي. ايتري پڇا ڳڇا ۽ ظاهري شوق ڪڏهين ڪڏهين عقيدي جي گهٽتائي ثابت ڪندا آهن. ورنہ توهان جيڪر گهر وارن جي مڃتا لاءِ ڪين ترسو ها.“
مھمان کلي چيو: ”شايد ائين هجي.“
وري پڇيائين: ”توهان جيڪر مون کان نفرت ڪريو ڇا جي مان مسلمان ٿيان!“
سام چيو: ”اسين توهان جو ساڳيوئي آدر ڪنداسون. ڇا لاءِ جو اسين پاڻ سچن مسلمانن ۾ مسلمان ۽ ڪرستان ۾ سچا ڪرستان ۽ هندن ۾ سچا هندو آهيون. تنھن کانسواءِ نالي مٽائڻ ڪري انساني لياقت ڪنھن جي گهٽ يا وڌ ڪانہ ٿي ٿئي.“
***
_______________________
________________________________________
[1] هو قدرت جي سڀني سھڻن نظارن کي ائين نمسڪار ڪندو آهي، نہ ڪنھن وهم وچان پر فقط انھن ۾ ايشور جي سندرتا ڏسي ڪري.
_______________________
2-8-1952ع مون سام کي چيو: ”توهان اهڙيون ڳالھيون ڪندا آهيو، جي ازخود مڃڻيون پونديون آهن. مان سمجهندي آهيان تہ توهان جي خيال جو ڪو رد ٿي ڪونہ ٿو سگهي.“
سام وراڻيو: ”ائين هميشہ نہ آهي پر جيڪڏهين هجي بہ کڻي تہ اهو ان ڪري ٿي سگهي ٿو، جو مان ٻئي جي خيال ۾ ساڳيءَ طرح گهرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جيئن پنھنجي خيال سمجهڻ جي. جيڪي ٻيو چوي ان جي اکرن کي نہ رڳو پر ڀاو ۽ مراد کي بہ جاچڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان؛ جيڪي ٻيو چوي تنھن ۾ پھريائين اعتقاد رکي ان جي خيال موافق ساڻس گڏ هلندو آهيان؛ پوءِ سندس حدون ۽ منزل خيال جي جلد معلوم ٿي وينديون آهن. گهڻو ڪري بحث مباحثه ڪندڙ ٻي جي نظريه کي جاچي نہ ڏسندا آهن. پنھنجي خيال کي ئي ورتيو بيٺا هوندا آهن. ساري حقيقت تڏهين معلوم ٿئي ٿي جڏهين خيال جو دائريو کليل رکجي ٿو. خاص ڪري جوش ۽ ضد ان معلومات ۾ رنڊڪ وجهن ٿا. ڌيرج ۽ ٿڌائيءَ سان، پاڻان خود الڳ ٿي ڳالھہ جا سڀ پھلو جاچڻ سان ئي سچ جي خبر پوي ٿي. پاڻ فقط بحث وقت ٿڌي رهڻ جي ڪوشش ڪجي، پوءِ جيڪا بحث ۾ مرڪزي ڳالھہ هوندي سا پاڻھي ظاهر ٿي پوندي.“
***
24-11-1952ع مون سام سان احوال ڪيو تہ هتان جي هڪڙي جج جي زال مون کي بي واجبي طرح خسيس ڳالھين لاءِ پيئي گهرائي، جيتوڻيڪ اهي ڪم منھنجون نرسون يا دايون بہ ڪري سگهن ٿيون، تنھن ڪري مون کيس اڄ ڪجهہ دٻايو آهي.
سام چيو: ”ائين ٺيڪ آهي؛ اسان جي ڪن آفيسرن ۾ اڃا برٽش راڄ وارو نوڪر شاهيءَ جو روح زنده آهي. آفيسر ۽ انھن جون زالون پاڻ کي ملڪ جا شيوڪ نہ پر خاوند سمجهيو ويٺا آهن. سندن بي واجبي هلت جو ڪارڻ اسان جي نٻلائي آهي. ڊڄڻ ۽ خوشامد ڪرڻ سان اسين هنن جي شيوا نہ پر هاڃي ڪري رهيا آهيون. تنھن ڪري ننڍي ۾ ننڍي انسان سان جيئن ورتاءُ ڪجي اهڙو ئي وڏي ۾ وڏي انسان سان ڪرڻ گهرجي. خاص خوشامد ڪرڻ ۾ پنھنجو ضمير خراب ٿيندو. جيڪا عزت وڏي ۾ وڏي انسان کي ڏجي سا ننڍي ۾ ننڍي انسان کي پڻ ڏجي. جيڪڏهين ڪنھن ۾ ڪي اوڻايو هجن تہ اُهي جوڳي نموني ضرور انھن کي ٻڌائڻ گهرجن، ڀَو پاپن ۾ شمار آهي. سنسار ڪُتي جي مثل آهي؛ جيئن کائنس ڊڄبو تيئن ڏاڙهيندو. ان کي ڪڏهين هڪل ڏيڻ سان ئي ماٺ ڪرائي سگهبي آهي.“
***
4-12-1952ع اڄ هڪڙو صوفي فقير اسان وٽ آيو جنھن سام سان ٻہ ٽي ڀيرا ملڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آخر شام جو مٿي گهر ۾ چڙهي آيو. سام کي اهو خيال دل ۾ پيدا ٿيو تہ ڪنھن سان روح رهاڻ ڪرڻ سو بہ هڪڙو ڪم آهي؛ اهو بہ اڀياس آهي؛ صوفيءِ جو سڀ ۾ سئر آهي. تنھن ڪري خوشيءَ سان ٻيا ڪم پري رکي نويڪلو ٿي هن صوفي فقير سان ويھي رهيو. پنھنجا شعر وغيرہ کيس نہ رڳو پڙهي ٻڌايائين پر ڳائي بہ ٻڌايائين. مون کي ان تي عجب لڳو، ڇا لاءِ جو اسين لکپڙه جي ڪم ۾ وگهن جهندا آهيونس تہ هو رنج ٿيندو آهي. فقير بہ ڏاڍو خوش هيو ۽ سام بہ خوش ٿي نظر آيو. مون سام کان ان ڳالھہ جو راز پڇيو.
سام وراڻيو: ”مونکي هنن فقيرن مان گهڻو آنند پراپت ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ هو اڻ پڙهيل ۽ سادا سودا ماڻھو آهن. جڏهن مون وٽ ايندا آهن تہ مان سمجهندو آهيان ڄڻڪ منھنجي ملڪ جا ڪي قاصد مون وٽ آيا آهن. هڪ بر ۾ جيئن درخت جو ملي وڃڻ وڏي اهميت ٿو رکي، تيئن هن سنساري جيوت ۾ درويشن جو اچڻ ۽ انھن سان صحبت ڪرڻ خود جنت جي آسائش مثل آهي.“
فقير سام کي چيو: ”ڪجهہ وقت اڃا لاڙڪاڻي ۾ آهيان. مان وري هڪ ڀيرو توهان وٽ اچان؟“
سام کيس چيو تہ توهين ڀل جڏهين وڻيو تڏهين اچو. پوءِ مون کي چيائين: ”دنيا وارن جي نظر ۾ ڪيتريون ناضروري ۽ گهٽ ملھہ واريون ڳالھيون ضروري ٿين ٿيون، جھڙوڪ دنيا هٿ ڪرڻ، پوزيشن ٺاهڻ، طاقت وڌائڻ، وڏن ماڻھن سان سرخرو ٿيڻ يا نالو ڪڍڻ! پر آخر انھن مان خوشي حاصل ڪانہ ٿيڻي آهي. ان کان هڪ سچي سادي آدميءَ سان روح رهاڻ ڪرڻ، سو پنھنجي آتما لاءِ وڌيڪ لاڀدايڪ آهي.“
***
6-12-1952ع اڄ اسان وٽ ڪراچي ۽ راڌڻ جي پاسي کان ڪي مھمان آچڻا هئا. انھن جي مانيءَ وغيرہ جو بندوبست ٿيڻو هو ۽ ٻيا پڻ گهرو ڪم هئا. مان پنھنجي اسپتال ۾ قابو هيس جو پرانت جو گورنر اسپتال ۾ اچڻو هو. ڪم سمورا سٺي نموني سماپت ٿي ويا.
سام چيو: ”اهو سٺي انتظام جو نتيجو آهي. انتظام سچي سک ۽ سچيءَ سوڀيا جو ڪارڻ آهي. اهو اصول نہ رڳو وڏن ڪمن سان لاڳو آهي، مگر گهرو، ننڍڙن ڪمن سان پڻ.“
گهرجي اسٽور يعني سامان وغيرہ ۾ پڻ، جو منھنجي نوڪريءَ کان پوءَ سام جي نظر هيٺ رهندو آهي، صفائي ۽ ٺاھہ ٺوھہ ڏسي سام ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: ”حياتيءَ ۾ اسين ڪيترو جس ۽ خوشي پوري انتظام نہ رکڻ ڪري وڃائي ٿا ڇڏيون. جيئن صفائي صحت جو مول آهي، تيئن سادگي سونھن جو بنياد آهي ۽ انتظام، سادگي ۽ صفائيءَ جو مول آهي. ڇا من جي دائري ۾، ڇا جسم جي دائري ۾، ڇا شعر ۾ يا ملڪ جي ڪاروبار ۾، انتظام هڪ تمام ضروري چيز آهي. ڪا بہ اڏاوت انتظام کان سواءِ پوري ٿي نٿي سگهي. مگر سچو انتظام اهو آهي جو ٻوجهو ٿي نہ پوي؛ ڪڏهين اهو ايترو سادو ۽ صاف طريقي جو هوندو آهي جو منجهائنس انتظام يعني هٿرادو جوڙ جڪ جي بوءِ ئي ڪانہ ايندي آهي. انتظام جي ڪماليت انھيءَ ۾ آهي جو قدرتي رٿ جيان پيو لڳي ۽ ان تي عمل آسانيءَ سان ٿيندو رهي.“
سام مون کي هميشہ ڇينڀيندو آهي تہ انتظام لاءِ تو ۾ چاه ڪونہ آهي، مگر پاڻ کي زوريءَ ڪنھن رٿيل قانون تي هلائڻ سو بہ مون کي ٺيڪ نہ لڳندو آهي، يعني پائبندي قبول ڪرڻ شايد منھنجي فطرت ۾ نہ آهي ان بنسبت مون سام کان پڇيو تہ ڇا ڪرڻ کپي؟
سام چيو: ”انتظام ذاتي يعني سڀاويڪ هئڻ گهرجي ۽ نہ زور جو مڙهيل. تنھن ڪري تون اُهي قانون قائم رک جيڪي تنھنجي سڀاو سان ٺھڪي اچن. قدرت جو نظام ڏسو؛ ان ۾ ڪا هٿرادو يا مصنوعي طرز ڪانہ رکيل آهي؛ اهو سڄو گهرجن يعني ضرورتن مان پيدا ٿئي ٿو. سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جون حرڪتون ڏسو؛ هوا، ڪڪر وغيرہ قدرت جي طاقتن جي خود کيڏ بہ آهي تہ قدرت جي نظام لاءِ ضروري بہ آهن. سي سڀ ائين پيا هلن، جيئن منجهن ڪو اٽڪاءُ نہ اچي؛ جيئن پاڻي مٿانھينءَ کان هيٺائينءَ ڏانھن قدرتي طرح پاڻھي وهي ٿو تيئن درست من ۽ درست آتما پنھنجو پاڻھي ڪنھن نہ ڪنھن انتظام ڏانھن مائل رهن ٿا. انتظام رکڻ لاءِ گهڻي ڪوشش جي ضرورت ڪانہ ٿي پوي. البت ٻئي جو مڙهيل انتظام پنھنجي من لاءِ خود بي انتظامي يا مونجهاري جو ڪارڻ ٿيو پوي. تنھن ڪري جن ڳالھين لاءِ پاڻ ۾ چاه پورو نہ سمجهو انھن جي ڪرڻ لاءِ ڪو حيلو بہ نہ ڪريو. ان حالت ۾ اول پاڻ کان ڪوشش ڪري پڇڻ گهرجي تہ جيڪڏهين هي پرائو مڙهيل انتظام نہ ٿو وڻي تہ ان کان وڌ ڪھڙو طريقو زندگيءَ جو سٺو ٿيندو؟ پنھنجي زندگيءَ جي ترتيب يا مقصد لاءِ سھنجي ۾ سھنجو ۽ سادي ۾ سادو رستو ڪھڙو ٿيندو؟ ان سمجهہ جي اچڻ سان خود سٺي طريقي لاءِ پاڻھي چاه پيدا ٿيندو ۽ گهربل انتظام پاڻھي پيدا ٿيندو.“
***
هت مان سام جي هڪ سٺي عادت جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿي. جن ڳالھين لاءِ هو مون ۾ پورو چاه نہ ڏسندو آهي، تن جي بجا آڻڻ لاءِ مون تي زور ڪونہ رکندو آهي. مگر مان ائين پئي ڀائيندي آهيان تہ ڄڻڪ مون تي بيحد زور اچي رهيو آهي. سندس اشاري ۾ يا منھن موڙ ۾ ايڏي طاقت آهي؛ مثلاً مون کي ڪا رنگدار ساڙهي يا ڪاري عينڪ وغيرہ وڻي تہ هو مون کي منع ڪونہ ڪري، مگر ايترو چوندو آهي تہ ملڪ جا ماڻھو اهڙن نمونن تي هريل ڪين آهن. انھن جي وچ ۾ سادي ڊريس ڪري گهمڻ عورتن لاءِ وڌ ۾ وڌ شان وارو ۽ سلامتيءَ جو رستو آهي. ايتري چوڻ تي وري سالن جا سال اُها عينڪ يا ساڙهي پيئي خراب ٿيندي مگر مون کان پائڻ نہ پڄندي.
ان بنسبت سام کان پڇيم تہ هيءُ زوريءَ مڙهيل اصول آهي يا خوشيءَ سان اختيار ڪيل. هن چيو: ”انھيءَ طريقي پنھنجي چاه کي روڪڻ سو مجبوريءَ يا دٻاو وچان نہ آهي، مگر ٻئي جي خيال جي احترام وچان ٿي سگهي ٿو. زوريءَ ڪنھن کان بہ ڪا بہ ڳالھہ ڪرائڻ اُن مان پھريائين مونجهارو ۽ پوءِ الٽو ضد پيدا ٿئي ٿو.“
اهڙي طرح، مان ڪيترا مھينا ڊائري لکڻ خود ڇڏي ڏيندي آهيان. ان وچ ۾ ڪيتريون ڳالھيون لکڻ جھڙيون ڪيترين وشين تي سام پيو چوندو آهي. مون کان ڪنھن سبب ڪري اُهي وسري وڃن تہ هو مون کي ياد ڏيارڻ کان بہ نٽائيندو آهي، ان لاءِ تہ متان سندس اشاري ڪري مان ڪجهہ هٿرادو نموني لکڻ شروع ڪريان. البت ڪڏهين ڪڏهين ائين چوندو آهي تہ توکي ننڍي ڪتابڙي رکڻ گهرجي. هن وشيہ تي ڳالھائيندي سام وڌيڪ هيئن چيو: ”چاه، انتظام جي گئرنٽي آهي. چاه کانسواءِ ڪو بہ انتظام جي پر گهٽ ٿي نٿو سگهي. پھريائين پنھنجي من ۾ اڇا اهڙي انتظام جي پر گهٽ ٿئي، پوءِ ئي ان جو سچو واڌارو ٿي سگهندو. ڪنھن آدرش يا زندگيءَ جي طريقي لاءِ چاه پيدا ڪرڻ تنھن لاءِ بھترين نمونو هيءُ آهي تہ اُن آدرش جو سٺو مثال چپ چاپ ۾ ٻئي جي اڳيان رکجي. خاموشي ان لاءِ ضروري آهي، جو اسان جي سچيت من ۾ پورا ۽ اڻ پورا خيال موجود آهن، جنکي زندگيءَ جي هر چيز وانگر، پنھنجي پاڻ قائم رکڻ جي تمنا آهي؛ سنئون سڌو وڃي انھن اڻپورين خيالن کي ڌوڏو ڏبو تہ اهي ککر جي ميڙ مثل لڙڻ شروع ڪندا؛ لڙائيءَ جو ڀاؤ پيدا ٿيندو ۽ ان ۾ سکيا جو ڏيڻ ڪارگر نہ ٿيندو. ازانسواءِ اهي اڻپورا خيال چڱن خيالن سان گڏ رهندڙ آهن. تنھن ڪري انھن کي جدا ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي. هوڏانھن چپ چاپ ۾ ڪنھن جي اڳيان وڌيڪ سٺو مثال رکڻ، سو آهي برائيءَ کي درستي ڏيکارڻ، جنھن ۾ پنھنجي يا انھن خيالن جي نيچتا ڏسي از خود چاه پيدا ٿيندو ڀلائيءَ لاءِ. ڏنڊي سان يا حڪم سان زندگي جي انتظام کي وڌائي نہ ٿو سگهجي؛ انريت انقلاب پيدا ٿين ٿا. سڀ کان بھتر طريقو آهي، گيان وارن سنتن جو، جي سٺي خيال کي ماٺيڻي ۽ سچي نموني اُسرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ائين برابر آهي تہ اسين سڀ اڻ پورڻ آهيون ۽ اڻ پورڻنا کي اديم جڳائي، مگر اهو اديم پنھنجي اندران جاڳي. جيتوڻيڪ Absolute يعني آخري ڪاميابي ننڍڙي حيلي ڪرڻ سان نہ بہ حاصل ٿئي، تڏهين بہ حيلي ۽ صبر وارو انسان پورڻتا کي وڃي ذري گهٽ پھچي ٿو؛ ساڌن ڪندي ڪندي هو آخر ڏسي ٿو تہ باقي گهڻو ڪجهہ حياتيءَ ۾ ڇڏيل نہ آهي، يعني حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو خزانو کائنس گهڻو پري نہ آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”انتظام سوئي سچو آهي ذاتي خيال يعني پنھنجي سڀاو مان پيدا ٿئي ٿو. ڪجهہ وقت اڳي آمريڪا جي هڪ ڊاڪٽر ائين لکيو هو تہ جيتريون اسپتالون وڌايون ويون آهن ۽ جيتري قدر جيوڙن مارڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن اوتروئي نيون بيماريون منھن ڪڍي رهيون آهن. هن وڌيڪ ائين چيو آهي تہ بيماريءَ کي روڪڻ جو سٺي ۾ سٺو طريقو آهي بدن جي طاقت وڌائڻ ۽ نہ فقط زهري جيوڙن کي مارڻ. ساڳيو اصول خيال جي دنيا سان بہ لاڳو آهي. طاقت وڌائڻ جو رستو تنھن کي کڻي چئجي سڌو (Positive) رستو ’جيوڙن مارڻ وارو‘ اصول کڻي چئجي اڻ سڌو (Negative Principal) تي ٻڌل انتظام صرف بيروني ريت رسم جي مجبورين مان پيدا ٿيندڙ آهي، جو من کي پاڻ وڌيڪ نٻلو بڻائي ٿو. مان انھيءَ انتظام جو خواهان آهيان جو تن ۽ من جي پورڻتا منجهان پيدا ٿئي ٿو. ان مان ڪوئي نٻلائي پيدا ٿيڻ جو ڀؤ ڪونہ آهي من وديا جا ماهر چون ٿا تہ ڌرم يا مذهب جو جذبو اڪثر انھن انسانن ۾ گهڻو رهندو آهي، جن جي ويرتا (Sex Instinct) پورن هوندي آهي. ساڳيءَ طرح پاڻ تي ضابطو بہ انھن جو پڪو ۽ پورڻ ٿي سگهي ٿو، جن جون جسماني ۽ جذباتي طاقتون پوريون آهن ۽ جن ۾ آزاديءَ جو روح ڀريل آهي. ٻئي جو مڙهيل قانون انسان جي ترقي تي روڪ وجهي ٿو. هوڏانھن پنھنجي چاه يا ضرورت وچان اختيار ڪيل نيم سڌارڻ جي راه ۾ مدد ڪري ٿو.“
***
16-12-1952ع گرڌاري جنھن جو ذڪر اڳ آيل آهي، 15 سالن جي عرصي کان اسان وٽ آهي؛ وچ ۾ فقط ٿورن ٿورن ڏينھن لاءِ ٻہ ٽي ڀيرا نڪري ويو آهي؛ هو مونسان گڏجي هت آيو؛ مون کيس ماتا جي پيار سان ۽ سام پنھنجي ڪڏهن پيار سان ۽ ڪڏهن سختيءَ جي نموني سان مدد ڪري سٺي راه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گهڻا ڀيرا اسان جي گرڌاريءَ بھادريءَ جھڙا ڪم ڪري ڏيکاريا آهن پر ٻين ڪن ڳالھين ۾ ڪوشش جو ڪو سٺو نتيجو نہ ڏسي اسين ڪجهہ نااميد بہ ٿيندا آهيون. سام هن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح گهڻا موقعا خيال کي جاڳائڻ جا ڏيندو آهي. سام جا رستا نرالا آهن. ڪڏهين مان بہ سندس اندروني مطلب نہ سمجهي سگهندي آهيان. ڪڏهين اضافو ڏيئي کيس منشي بڻائي خوش ڪري تہ ڪڏهين ڪڏهين هٿ گهمائي کيس دعا ڪري؛ ڪڏهين ڀاڪر پائي کيس پنھنجو بڻائي تہ ڪڏهين کيس خرچ ڪرائي سندس کيسا خالي ڪري گرڌاريءَ جي صداقت وڌائي.
گرڌاري هڪ ڀيري 125 روپين جي واچ پنھنجي لاءِ وٺي آيو. سام جي چوڻ تي اها وڃي کيس سوکڙي ڏنائين. سام گهڻو ڪري واچ ڪونہ کڻندو آهي پر هن کان تنھن هوندي بہ اها واچ وٺي رکيائين. سام جي اها مرضي هئي تہ مان هن کي ان جو عيوض ڪجهہ بہ نہ ڏيان، مگر منھنجو خيال ائين هو تہ هن پنھنجي پگهارن مان واچ ورتي آهي، سا سام مفت ۾ نہ وٺي. سام کي وري ان سبب ڪري پاڻ اها وڌيڪ وٺڻ جوڳي نظر آئي ۽ چيائين تہ شيءِ اها ملھائتي چئجي جا تڪليف سان هٿ اچي.
گهڻي عرصي کان پوءِ تہ سام بہ کيس ڪي سوکڙيون ڏيندو آهي پر ان وقت جيڪر ٻيو ڪو ائين سمجهي ها تہ سام هڪ لوڀي ماڻھو آهي جو غريب نوڪرن کان بہ سوکڙيون وٺي ڦٻائي ٿو وڃي! مان ائين ڪو نہ سمجهندي آهيان مگر تنھن هوندي بہ سام کي چوندي آهيان تہ ڇو ٿا اهڙن ماڻھن جون سوکڙيون قبول ڪريو؟ مون کي اڄ انھيءَ ڳالھہ جو جواب هڪ اثرائتي نموني ۾ مليو. اڄ منھنجي خيال تي هي اثر چٽو ويٺو آهي تہ ٻئي جي دل نہ رڳو سوکڙين ڏيڻ سان کٽي سگهبي آهي مگر ڪڏهين وٺڻ يعني سڀ ڪجهہ سويڪار ڪرڻ سان بہ ڪنھن جي دل کي ڇڪي سگهبو آهي. ڪڏهين ڌڪي ڌرم ڪرائڻ سان بہ ٻئي جو اڌار ڪري سگهبو آهي. چون ٿا تہ مھاتما گانڌي بہ شاهوڪارن جا ڳھہ ۽ زيور ريبي يا شرمائي کائن لھرائي وٺندو هو! هي پڻ ساڳيو ئي نمونو صدق سيکارڻ جو اڄ مون ڏٺو. سام بہ شايد ڪا اهڙي توڪل ڪئي آهي ۽ پاڻ ارپڻ ڪرڻ جو ڪو ارادو رکيو آهي، ظاهر ۾ منجهائيندڙ زماني جو لباس ڌاريندي بہ هن کي اهڙيون سوکڙيون وٺڻ ۾ ڪو اٽڪاءُ يا گلا جو ڀو ڪو نہ ٿئي! اڃا اهڙي ڪنھن وڏي ڪاريہ ۾ اسان جو هٿ ڪونہ آهي، جو مان ٻين کي ثابتي ڏيئي سگهان تہ اسان جي ميڙي خود پنھنجي شخصي سک لاءِ ڪين آهي، مگر اسان کي اندر ۾ هڪ آس آهي جا اميد اٿم تہ ايشور هڪ ڏينھن پوري ڪندو. اها هيءَ آهي تہ هي سڀ شيون، مال، اسباب اسان جا، منھنجي نوڪريءَ جي ميڙي چونڊي يا سام قناعت ۽ ونڊ ورڇ جو نتيجو، سو سڀ ان آدرش جو شيوا ۾ ڪتب آندو ويندو. اميد اٿم تہ اهو وقت جلد ايندو جو اسان جو دنيوي ڪمن ۾ هٿ ڳنڍڻ ۽ ڌنڌي ۾ مشغول رهڻ سو سڀ ٻيءَ روشنيءَ ۾ نظر ايندو. منھنجا گمان جنھن ۾ جو اڳي ذڪر ڪيل آهي سي سڀ اڇاترا هئا؛ سام چوندو آهي تہ جي توکي دلي طرح يقين نہ هجي ها تہ تون پڻ ايتريقدر پاڻ ارپن ڪري نہ سگهين ها.
هاڻي وٺون گرڌاريءَ جي ڳالھہ کي. ٽيون ڏينھن وري جڏهين گرڌاريءَ شوق سان پنھنجي سوني منڊي صفا ڪري پائي گهمڻ لاءِ نڪتو، سام آڱر پنھنجي ڊگهي ڪري اوچتوئي اوچتو اشارو ڪيس تہ ان آڱر ۾ پاءِ! گرڌاري دل جو اشارو جلد سمجهندو آهي. ’ها دادا‘ ڪري جيئن منڊي لاهڻ تي هيو، تيئن مون کيس هڪل ڪئي. اڳين منڊي ۽ واچ بہ سندس سام وٽ اچي ويئي، توڙي جو ڪي سوکڙيون سام بہ کيس ڏيندو آهي تڏهين بہ منھنجي دل نہ گهريو تہ هو پنھنجي شوق مان ٺھرايل شيءِ ڏيئي سڪندو وتي.
گرڌاريءَ چيو: ”ممي! منڊي مان دادا کي پائيندس.“
مون کيس وري بہ منع ڪئي پر هو هرگز ڪين مڙيو ۽ منڊي سام کي پاتائين. سام مونکي چيو: ”اسان تہ هن کي هڪ قسم جو حج ٿا ڪرايون؛ تون کيس ڇو ٿي منع ڪرين؟“
گرڌاريءَ جي اکين ۾ صدق جي روشني هئي ۽ چيائين: ”ممي اڳتي مان تنھن جي چوڻ تي اصل نہ مڙندس. جيڪي بہ دادا گهرندو سو ڏيندس.“
سندس صدق ڏسي مان بہ گهڻو خوش ٿيس ۽ گرڌاري کي چيم: ”سام کي سون جي منڊي پاتءِ ۽ پاڻ کي صدق جو هڪ جڻيو پاتءِ، جنھن جو ملھہ هيرن جي هار کان بہ وڌيڪ آهي!“
گرڌاريءَ جي وڃڻ کان پوءِ سام هينئن چيو: ”نہ رڳو سندس صدق ۽ قربانيءَ جو انگ وڌائڻو هيو پر مون ڏٺو هو تہ انھيءَ منڊيءَ ۾ هن جو گهڻو موھہ هيو. فقيري ٽولي وارن لاءِ موھہ ڪنھن بہ وستوءَ سان رکڻ چڱو نہ آهي.“
***
19-12-1952ع لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ڏينھن کان چونڊن جي ڌوم ڌام لڳي پيئي هئي. ميونسپل چونڊن لاءِ اهڙي ڪشمڪشا ورلي ڪنھن ننڍي شھر ۾ ٿي هوندي، جنھن جو سبب اهو آهي جو هن شھر ۾ ٻہ وڏيون هستيون موجود آهن جي هڪ ٻئي جي خلاف ڪم ڪن ٿيون. انھيءَ اليڪشن جي بخار ۾ عام ماڻھن جا مغز گويا پوري ٺڪاڻي نہ آهن. ڪجهہ قدر انھيءَ گوڙ شور جا پڙاڏا اسان تائين بہ پيا پھچن. اسان کي بہ انھيءَ اثر هيٺ اهو هڪ خيال اچي پيدا ٿيو تہ سام کي چونڊ لاءِ بھارجي. هڪڙي ڌر جي اڳوان خود کيس چوائي موڪليو. سام کي ڪن دوستن بہ چيو تہ ائين جلد ئي وڏين چونڊن لاءِ پڻ لڙي سگهندا، پر سام جواب ڏنو: ”اسان جي لائين اها نہ آهي. ائين برابر آهي تہ سياست ۾ بہ ڪيترن اعليٰ شڪتين بھرو ورتو آهي جھڙو شري ڪرشن.، سردار (صلعم) ۽ اسان جي وقت ۾ مھاتما گانڌيءَ. آدرشي ماڻھو حياتيءَ جي سڀ ڪنھن کيتر ۾ گهري سگهن ٿا. ڪرم يوگيءَ جي بہ هڪ وڏي پدوي آهي. مگر ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني کي سياست ۾ گهرڻ ضروري نہ آهي. هاڻوڪي جوڙجڪ ۾ عام طور گياني پرش ورلي چونڊجي سگهجن ٿا. ۽ اسيمبلين ۾ رهي ڪري تمام ٿورو ڪم ڪري سگهن ٿا. رواجي سياستدانن جو کڙڪو گهڻو آهي، مگر سندن ڪم جو نتيجو ٿورو آهي. اهو گهڻو ڪري ناپائدار ڳالھين ۽ عارضي سوالن سان واسطو رکي ٿو. گيانيءَ ۽ فيلسوف جي ڪم جو اثر وڌيڪ اڻ لک، پر وڌيڪ اونھو ٿيندو آهي. جيئن سمنڊ جون لھرون زمين جي ويجهڙائيءَ ۾ يعني تراکڙي پاڻيءَ ۾ گوڙ شور ۽ گجي ڪنديون آهن يا خالي مٽ ڀان ڀان گهڻي ڪندو آهي، تيئن هي سياستدان ميمبر ۽ وزير بہ هل هنگامو گهڻو ٿا مچائين، مگر انھن جو حياتيءَ جي ذاتي سوالن سان واسطو بلڪل ٿورو آهي. سندن اثر مٿاڇري آهي. هڪڙو گياني جو ڪو نئون خيال يا نئون نمونو زندگيءَ جو پنھنجي مثال سان دنيا جي اڳيان پيش ڪري ٿو يا هڪڙو ساڌو ۽ شيوڪ جو ڪنھن ننڍڙي آشرم ۾ ئي چئن دلين تي ڪو اونھو اثر وجهي ٿو، يا هڪڙو پروفيسر جو ماٺ ميٺ ۾ پنھنجو کوجنا جو ڪم ڪري ٿو يا وگياني جو سائنس جو ڪو نئون راز بتائي ٿو، ان جو اثر هن حياتيءَ تي وڌيڪ گهرو رهي ٿو بنسبت هڪ طاقتور وزير جي جنھن جي وڏي هستي يا ظاهري ڪم ۾ ڪو بہ اثرائتو خيال سمايل ڪونہ آهي. وقت جي تقاضا محسوس ڪري ساڌو ۽ گياني بہ پنھنجا ويس مٽائي ڪڏهن سياست ۾ گهري پون ٿا، مگر اسان غريبن جي لاءِ اهڙو ڪو اشارو ڪونہ آيو آهي. تنھن کان سواءِ پاڻ چونڊائڻ جو هي رستو ڪھڙو نہ نفرت جوڳو آهي! پاڻ چونڊائڻ جو خيال ئي خود اهنڪاري خيال آهي. خبر نہ آهي ماڻھو کي شرم ڇو نہ ٿو اچي جو پنھنجي تعريف پبلڪ پليٽ فارم تان يا ڇپائيءَ رستي هن واهيات نموني پيا ڪن! مون کي تہ انھن جا اشتھار پڙهي خود پاڻ کان لڄ ايندي آهي جيئن ڪا گهر ويٺي زال وئشائن جي ننگائپ جو احوال ٻڌي لڄائجي وڃي. هي بہ هڪ روحاني وئشاپڻو آهي. وڏي ارمان جي ڳالھہ اها آهي جو اڄ ڪلھہ انھيءَ طريقي کان سواءِ عام طرح ڪو اميدوار پاڻ کي چونڊائي نٿو سگهي! ووٽرن کي تہ ازخود خيال ٿيڻ گهرجي تہ هي ماڻھو جو پنھنجي هڏن جي ڪمائيءَ مان هزارين روپيا خرچي، دن رات در بدر ٿي اسان جي پٺيان ڦري رهيو آهي ۽ ووٽن لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، سو يا تہ پاڳل يا تہ بي ايمان هوندو. ڀلا سچي شيوڪ کي ڪھڙي پيئي آهي جو منٿون ڪري تہ مونکي چونڊيو ۽ پنھنجا گڻ پاڻ پيو وستار ڪري؟ ڪنھن آدرشي پارٽيءَ يا جماعت جو ميمبر ٿي اميدوار بيھڻ، جنھن ۾ ايتري پئسي خرچ ڪرڻ يا ماڻھن کي لالچائڻ جي ضرورت نہ ٿئي، سا البت ٻي ڳالھہ آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي تہ آدرشي طريقي کان سواءِ آدرش کي پھچڻ بہ مشڪل آهي. پر اڄ سڄي ملڪ ۾ اهڙي ڪا جماعت مان نٿو ڏسان. گهڻو ڪري ماڻھو جماعت جو سھارو وٺي پنھنجي شخصيت وڌائڻ يا مالي حالت سڌارڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ بيھن ٿا. هاڻي ويچار ڪري ڏسو تہ اسان فقير ماڻھن جي انھن جي وچ ۾ ڪھڙي جاءِ ٿي سگهي ٿي؟“
***
مٿيون خيال سام جو مان چڱيءَ طرح سمجهندي آهيان؛ خود منھنجو بہ اصل کان اهوئي خيال آهي، پر هن وقت تائين سام جي آشرم وارين رٿن جو واڌارو نہ ڏسي مون اها رٿ ڏني تہ سام سياست ۾ گهري؛ سمجهيم تہ هن طريقي شايد سندس ادبي ڪم جو بہ واڌارو ٿئي. پر سام پنھنجي ارادي تي اڳي کان بہ وڌيڪ پڪو نظر آيو. سندس خيال جي پڪائي ڏسي منھنجو وشواس بہ وري پڪو ٿيو تہ اسان جي ڪم جو ميدان نرالو آهي. سام هن باري ۾ وڌيڪ هنيئن چيو: ”آئينده واري لائين اسان جي ڪم جي ڪھڙي بہ ٿئي مگر ٽن ڳالھين جي مون کي آس هميشہ رهندي آهي: (1) تہ اها آئينده واري زندگي اسان جي ستنتر ٿئي. (2) تہ اها سندر هجي (3) تہ ساتوڪ رهي. ڪھڙا اپاو يا قدم وقت بوقت اختيار ڪبا تنھن لاءِ ايترو اڳ ۾ پڪا ويچار ڪرڻ سو بہ هڪ قسم جو اهنڪار آهي. ڪھڙي خبر آهي تہ زندگيءَ جي ڦرندڙ حالتن سان اڄوڪا ويچار اسان جا ڪي سال هن کان پوءِ ٺھڪي ايندا يا نہ. نمرتا ۽ نھٺائيءَ سان سڀ رٿون ايشور کي ارپن ڪجن؛ گهڻا پور نہ پچائجن تہ هينئن ڪبو يا هينئن ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو ٿيندو اهوئي جو ايشور کي وڻندو. فقط ائين چئجي تہ مان شيوا لاءِ تيار رهندس ۽ جو اشارو مالڪ جي طرف کان مليو، ان موجب قدم وڌائيندو رهندس. وڌيڪ ڪجهہ بہ پور پچائڻ اهم ڀاو جي هڪ نشاني آهي. سچي شيوڪ کي هميشہ ائين چوڻ کپي: ’جو نڌ ڀاوي سائي ڀلي ڪار‘. ائين چئي سام هٿ جوڙي نمسڪار ڪيو ۽ تنھن بعد مون کي پنھنجو دعا جو هٿ گهمايو. مون کي وڌيڪ پڇا جي ضرورت پڻ ڪانہ رهي.
***
22-12-1952ع اسان جي مٿان اڃا ڪيتريون سنساري جوابداريون مڙهيل آهن؛ اهو خيال ڪندي منھنجي دل ٿورو ’گائون مائون‘ ٿيڻ لڳي، مان تہ اڄ ڪلھہ هلندي ئي انھيءَ آس تي آهيان تہ آشرم جي اسٿاپن ڪرڻ جو ۽ ستنتر جيون جي شروعات جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي؛ جيئن جيئن شام جو سورج است ٿيڻ جو نظارو ڏسون يا پريئر جي وقت کان پوءِ ڪا گيان جھڙي ڳالھہ ڇِڙي تہ دل جي اڳيان هڪ قسم جو تصور ايندڙ وقت جو ٺھي ايندوآهي. انھيءَ هڪ اميد سان اسان جو هي سفر زندگيءَ جو ڏکن ڏاکڙن ۽ آزمائشن سان ڀريل پيو هلندو آهي. مگر ڪالھہ جڏهين نئين سر مٿيون خيال دل تي آيو تہ اڃا ڪيترن سالن لاءِ اسان کي هت ڳهڻو آهي، تڏهين وري ائين سمجهيم تہ شايد اهو وقت آزاديءَ سان تيرٿ ياترائن ڪرڻ جو يا سچي ست سنگ جو اڃا پرڀرو آهي. سام منھنجي نراسائي ڏسي چيو: ”ائين هرگز نہ آهي! اسان جي آشرم اڳ ۾ ئي اڏجي رهي آهي. باقي ٿوريون منجهس ڪي هاجون رهيل آهن! جتي بہ دليون گڏجي ڪا بہ سچي آس رکن ٿيون ۽ هڪ ٿي هلن ٿيون تہ اُهي سمجهو ٻہ ٿنڀا آشرم جي عمارت جا آهن. ٻيا ٻہ ٿنڀا آهن محنت ۽ سچائي ۽ ڇت آهي ﷲ جي اوٽ. باقي ٻيون سڀ ڳالھيون ۽ رٿون بيروني اڏاوت جون يا اندروني انتظام ۽ جوڙ جڪ جون سي ٿورو حصو والارن ٿيون. تنھنجي آشرم جا ٿنڀا تيار آهن؛ ڇت سائين ثابت رکندو. منھنجي مراد پوري ٿي آهي جو تنھنجي دل اندر اهو خيال ساڳيءَ طرح واسو ڪري ويو آهي، جيئن منھنجي دل اندر. پوءِ نراسائيءَ جون ڪھڙو سبب آهي؟ سائينءَ جا شڪرانا مڃڻ گهرجن جو ڏکيون منزلون لنگهائي ۽ سنسار جا مڙهيل ٻوجها گهڻا ڪلھن تان لاهي ان آدرشي زندگيءَ جي ويجهو آڻي اسان کي ڪڍيو اٿس. مان تہ ڏسان ٿو باقي هڪ ٽپي ڏيڻ جي دير آهي. اُها آشرم تون ۽ مان پاڻ اندر کنيو ٿا وتون. ياد قائم رکڻ خود اُها جادوءَ جي لڪڙي آهي جا دور منزل کي ڇڪي ويجهو آڻي ٿي. جيئن ڪا شيءِ پھريائين ڦڪي ۽ پوءِ وڌيڪ نظر ڪرڻ سان آڪاش ۾ چٽي چٽي ٿيندي وڃي تيئن اسان جي آس ۽ محنت ان آشرم جي اڏاوت کي هر روز چٽو ۽ سچو (Tangible) روپ ڏيئي رهي آهي. آس جي پينگهي ۾ ئي تہ سڀ آدرش نپجن ٿا. خيال ۾ ئي هر اڏاوت جو آرنڀ ٿئي ٿو. ايشور جي آسيس پري نہ آهي. فقط تون ڏس ۽ انجي وٺڻ لاءِ تيار ٿيءُ!”
***
2-9-1953ع هن ڊائريءَ ۾ اڳئين داخلا کي گهڻا ڏينھن ٿي ويا آهن. هيترا مھينا دنيوي ڪمن جي پيڙ ۾ تڪڙا تڪڙا گذري ويا آهن، جيتوڻيڪ انھن جو ڏينھن ڏينھن انتظاريءَ کان خالي نہ هو. سام چيو: ”انتظاري هڪ مُڏو ڏاٽو آهي جنھن سان وڍجڻ ۾ چيچلائڻ گهڻو ٿئي ٿو. زماني ۾ وڍجڻ وقت ماڻھو ائين پيو سمجهي تہ پل پل اهنجو گذري رهيو آهي، جيتوڻيڪ هيئنر ائين پيو ڀائنجي تہ ڄڻ وقت سمورو هڪ خواب مثل گذري ويو. سو ان ڪري آهي جو هڪ تہ انتظاريءَ واري پاسي من موٽڻ نہ گهرندو آهي يعني انتظاريءَ وارين ڳالھين جي ياد خود اُگري لڳندي آهي ۽ ٻيو ان ڪري جو اهو سمو گهڻي جفا ڪشيءَ هوندي بہ سچي حاصلات کان خالي رهي ٿو. جي دل جي تارازيءَ ۾ توربو تہ بيڪار ۽ اجايو ثابت ٿيندو. ان ڪري بہ خواب وانگر خالي خالي پيو نظر اچي. حرص ۾ يا انتظارين ۾ ڪيل ڪم اڌ چٻاڙيل کاڌي مثل آهن جي پيٽ تي تنگي يا ڀراءَ گهڻو ڪن ٿا، مگر رت ست يا هميشہ واري طاقت منجهائنئن بلڪل ٿوري بڻي ٿي. جيڪا شيءِ وري وري چٻاڙي کائبي آهي، تنھن ما نہ رڳو سواد ۽ نيت جو ڀرجڻ يا ڍو چڱو ٿئي ٿو، مگر منجهائنس تن کي پڻ گهڻي طراوت رسي ٿي. ساڳيءَ طرح دنيوي ڪمن ۾، انتظاريءَ واري تڪڙي حياتي گذاريل انسان جي من کي آزمودي يا اڀياس جي صورت ۾ گهٽ فائدو پھچائي ٿي، پيٽ ۾ ان زندگيءَ جي جيڪا ستنتر ۽ آدرشي آهي ۽ تن من جي سچي فائدي لاءِ ڳڻي ڳوتي، سٺن نيمن تي بيھاريل آهي. البت حياتيءَ جو ڪو بہ ڪم اجايو ڪونہ ٿو وڃي؛ ڪو بہ ڪاريہ جنھن ۾ انسان ٿورو يا گهڻو چاه رکي ٿو. يا وقت جو ڪشمڪش ۾ گذري ٿو، سو بہ گيان پرائڻ کان خالي نہ آهي. انھن اسان جي نون مھينن جي در بدر ٿيڻ ۾ پڻ ڀلائيءَ ۽ وندر جا گهڻا آزمودا هئا. مالڪ جي مھر سڀ ڪنھن رٿ ۾ هئي؛ سندس هٿ هر ڪاريہ ۾ هيو ۽ انھيءَ عقيدي جي هيءَ هڪ ننڍڙي آزمائش هئي، جنھن مان پار پئي اسان کي شڪر گذار رهڻ گهرجي.“
سام جو وڪيل جيڪو سندس معاملن کي منھن ڏيندو آهي، انھيءَ اوچتو اچي اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ قسم جو ٽاڪوڙو وڌو هو. چيائين تہ سام هتان ڪجهہ وقت لاءِ هليو وڃي جو اُن ۾ سندس فائدو آهي؛ سندس اهڙن لفظن ۾ ڏنل صلاح مون کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مون زوريءَ سام جو سامان تيار ڪري کيس اڪيلو روانو ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ آخر ۾ هي سڀ اجايو ثابت ٿيو. سام بہ هنن معاملن کان بيزار هيو تنھن ڪري گهڻو ضد هن بہ ڪين ڪيو. جنھن کي ڀلا ريلوي جي ٽائيم تي گاڏي پڪڙڻ يا مقرر وقت تي ڪنھن ڪم لاءِ ملڻ يا ڪا بہ پابندي پروگرام وغيرہ جي اڳواٽ پاڻ تي وجهڻ هڪ آزار پيو لڳندو آهي، سو وڪيلن ۽ ڪورٽن جي حاضرين کائڻ وغيرہ مان ڇا ڄاڻي؟ مون کي اهو پڻ خيال هيو تہ ملڪ جي پارٽيشن کانپوءِ هو پنھنجي زندگي پنھنجي خيال موجب گهاري نہ رهيو آهي. خاص ڪري گذريل ٻارنھن مھينن ۾ مقرر وقتن تي ڪمن جو انتظام رکڻ، سو هن جي دل جي مٿان هڪ قسم جو بوجو ٿي رهيو آهي. ان ڪري سام بہ آخر منھنجي ڳالھہ مڃي. ايترا مھينا اڳ اسان ڪڏهين بہ هڪ ٻئي کان جدا ڪين رهيا آهيون. سندس وڃڻ کانپوءِ مون لاءِ نيون انتظاريون پيدا ٿيون؛ منھنجي موڪل ملڻ جون ۽ سندس پٺيان وڃڻ جون. هندستان ۾ مائٽن مٽن ۽ دوستن جا هيڻا حال ٻڌي پاڻ کي بہ وڃڻ ۾ خاص مزو ڪو نہ پيو اچي مگر سام پيو لکي تہ يا تون جلد اچ يا مان هڪدم موٽي اچان.
جيتوڻيڪ سام جي گرهست آشرم جو عرصو اچي پورو ٿيو هو، تڏهن بہ حالتون سندس پورن آزاديءَ لاءِ سھنجون نظر نہ ٿي آيون. هن چيو ٿي تہ ڇھہ مھينا مدي کان اڳ ۾ ڪمن مان هٿ ڪڍڻ جو نتيجو اهو ٿيندو جو ڇھہ سال وري پروگرامن پورن ڪرڻ ۾ وڌيڪ لڳي ويندا. هينئر ڏسان ٿي تہ برابر ٿي رهيو آهي ۽ جي ڇھہ مھينا وڌيڪ صبر سان هت گذرن ها تہ هن وقت کيس هنن سنساري ڪمن کان وڌيڪ آزادي ملي سگهي ها. اسان جي وڪيل جي صلاح بيڪار هئي. ڪي چون ٿا حسد وچان اها صلاح ڏني هئائين تہ هي ڀل لڏي وڃن. خير جو ڪجهہ ڀي ٿي تنھن ۾ قدرت جو هٿ سمجهڻ گهرجي.
هاڻي ڏسان ٿي تہ نہ سام ۽ نہ مان ئي ساڳيا رهيا آهيون. سام تہ هندستان کان موٽي اچي ڪنھن آفيسرن يا سنساري سنٻنڌ واري سان ملڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اِن بنسبت سام چيو: ”جيئن ڪو پڪو ڦل وڻ مان هوا لڳڻ تي پاڻھي ڪري پوندو آهي تيئن سنساري ڪمن کان هينئر اسان جو خيال الڳ ٿي ويو آهي. اهي پاڻھي خيال مان ڪري پيا آهن يا چئجي تہ خيال پڪا ٿي انھن ٻنڌنن جي ٽاريءَ کان ڇڄي رهيا آهن.“
مان ڏسان ٿي تہ سام هينئر ڄڻڪ وسي رسي ئي پھاڙن نندين ۽ خيالي ميدانن ۾ ٿو. منھنجي دل بہ اوڏانھن ازخود ڇڪجيو وڃي ٿي. ظاهر طور ٻئي ساڳئي شھر ۾، ساڳيءَ جاءِ ۾ رهيا پيا آهيون؛ ساڳئي ڌنڌي ۾ پڻ لڳا پيا آهيون؛ پر آشا جي هڪ نئين کڙڪي کلي آهي. اميد آهي تہ اها وڌي هڪ دروازو ٿي پوندي، يعني اسان جي ڇوٽڪاري جو دروازو! اِن آس ۾ ٻئي هت اڪيلو جيون ڪاٽي رهيا آهيون!
وچ ۾ هي طوفان ڇو آيو؟ هي سڀ ڇا هيو ۽ هيءَ انتظاري يا در بدر ٿيڻ ڇا لاءِ هئي؟ ان بنسبت سام چوي ٿو: ”اهي انھيءَ برسات جون اڳواٽ گجڪارون هيون جنھن جي وسڻ جا ڏينھن ويجها پوندا ٿا وڃن. شايد ڪا اسان جي اندر ۾ سنساري ڪمن لاءِ چاهنا پڻ رهيل هئي. انھن کان ويتر دل کٽي ڪرڻ لاءِ سنسار وري هڪ ڏيکاري ڏني. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اها اميد رکڻ گهرجي تہ سنسار روپي باھہ جا هي آخرين اُلا هئا. حاضرين ڀرڻ ۽ دنيا جي حضورن کان خود دل هميشہ لاءِ کٽي ٿي ويئي آهي. هن اُٿل پٿل اسان جي ارادي کي ويتر پڪو بڻايو آهي ۽ ڀيٽ ۾ نئين زندگيءَ جي رٿ کي وڌيڪ موهيندڙ ۽ منوهر ڪري بيھاريو آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”آس گل جي مثل آهي. جيئن گل مان ڦل پيدا ٿئي ٿو، تيئن سچي آشا بہ ضرور هڪ ڏينھن ڦل پائي ٿي. فقط ان کي سچائيءَ جو پاڻي ڏيندا اچون تہ وڌندي رهندي ۽ هڪ ڏينھن ڦردار ٿيندي. سياڻي مالڪ سرشٽيءَ جي ڪا شيءِ اجائي نہ بڻائي آهي. امنگ ۽ ڀڳتيءَ سان نپايل آس ڦل رهت ٿي نٿي سگهي!“
***
13-9-1953ع هيءَ اڄوڪي داخلا مان اڳين نوٽن مان ڪريان ٿي جي هندستان وڃڻ کان اڳ لکيل هئا مگر ڊائريءَ ۾ آندل ڪو نہ هئا:
مون سام سان ذڪر ڇيڙيو تہ اُها زندگي آشرم واري ڪھڙي قسم جي ٿيندي؟
سام چيو: ”جيئن مون اڳ چيو آهي، اُها آشرم ڪو آرام گاھہ تنھنجي ۽ منھنجي آسائش لاءِ ڪونہ ٿيندو مگر هڪ ڪم جو مرڪز ٿيندو. ان جو پھريون آرنڀ سڀ شيءِ يا سڀ جيءَ جي ڄم وانگر تڪليفن ۽ سورن سان ٿيڻو آهي. پوءِ بہ اورچائي هميشہ ڪرڻي پوندي. پريشانيون ۽ چنتائون پڻ پيدا ٿينديون رهنديون جھڙوڪ آشرم جي سلامتيءَ لاءِ اُپاءُ وٺڻ جون، ڪاروبار جاري رکڻ جون، نيم جي بجا آڻڻ جون، خرچ لاءِ پيدائش ۽ چندن وغيرھہ جو پرٻنڌ ڪرڻ جون، وغيرھہ وغيرہ. ائين سچ آهي تہ آدرشي زندگي وڌ ۾ وڌ مزي جي ۽ راحت ڀري زندگي ٿيڻ گهرجي پر اها راحت سٺي طعام يا آرام يا ٿڌين هوائن وغيرھہ سان پيدا نٿي ٿئي ۽ نہ تڪليفن، کوجنائن، مسئلن حل ڪرڻ ۾ هپي وڃي ٿي. اها راحت وسيع زندگيءَ جي راحت آهي جنھن ۾ پھريائين آتما ۽ دل من راضي رهن ٿا. تن جو ويچار بہ واجبي آهي مگر سڀني کان اڳ ۾ رکيو نہ ويندو. هيءَ سکيا شايد اڄ ڪلھہ جي ساميوادن کان ابتڙ هجي جيڪي تن جي پرورش جي اول خيال ڪن ٿا.“
مون سام کان پڇيو: ”جيڪڏهين تڪليفن ۽ مسئلن حل ڪرڻ يا جفا ڪشي گهڻي ڪرڻ سان بہ اها خوشي قائم رکي سگهجي ٿي تہ هينئر هنن دنيوي مسئلن جي وچ ۾ ڇو نہ ٿي اسان کي نظر اچي؟“
سام چيو: ”جيتري قدر اها نظر نٿي اچي، اوتري قدر اسين روحانيت ۾ اڻپورا آهيون. روحانيت جو مسئلو سڀ مسئلن جو بنياد آهي ۽ انھن سان گڏو گڏ حل ٿي سگهي ٿو. اهو آنند هتي ۽ هينئر حاصل ڪرڻو آهي ۽ هيءَ زندگي ان ايندڙ پورڻ زندگيءَ لاءِ هڪ تياري سمجهڻ گهرجي، نہ تہ بي سود آهي.
”جڏهن ڪو ٻار ڪنھن وڏي نماءَ ڏسڻ لاءِ ڪنھن شھر ڏانھن ويندو آهي تہ تياريءَ ۾ کيس ڪيڏي نہ خوشي معلوم ٿيندي آهي! اها ٻاراڻي ۽ معصوم دل اسان کي هن زندگيءَ جي مسئلن وچ ۾ زندھہ رکڻ گهرجي ۽ ساڳي خوشي اسان کي هن تياريءَ ۾ پڻ ملڻ گهرجي. منھنجو مطلب هي آهي تہ اها آشرم يا آئيندھہ واري آدرشي زندگي هاڻوڪيءَ زندگيءَ کان ڇڳل يا الڳ ڪونہ ٿيندي. پاڻ کي متان ٺڳيندا هجون، تنھن ڪري اهو چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي تہ اها زندگي اوچتي ڪٿان پيدا ڪونہ ٿيندي، نہ ان جي برپا ٿيڻ تائين اسين پنھنجي اندروني خوشي يا پنھنجي من جو صلح وڃائي سگهون ٿا. اهي اسان جي جيوت جي سچي دولت آهن، جنھن کي هڪ پل لاءِ بہ پٺتي رکي نٿو سگهجي. پنھنجي روح جي راحت جا دروازا آشرم کلڻ تائين بند ڪونہ رکي سگهبا. جيتري راحت هينئر پاڻ ۾ پاتي اٿئون، اوتري راحت پوءِ بہ اسان جي رهندي. هينئر ان کان خالي آهيون تہ ممڪن آهي پوءِ بہ خالي رهجي وڃون. اها آشرم ظاهري روپ ٿيندي ان خيال جو جيڪو اڳ ۾ ئي من اندر موجود آهي؛ ان مال ۽ سامان تن من جي مان جو اڳ ۾ ئي گڏ ڪري رهيا آهيون ۽ پوءِ گڏ ڪيو ويندو اُها جڙندي. ڪنھن خاص وقت يا حالتن جو خيال رکي انھن جي اچڻ لاءِ ترسي ويھڻ ۽ ڪم نہ ڪرڻ يا اها اميد رکڻ تہ هندستان يا فلاڻي هنڌ يا فلاڻي شھر ۾ پھچي پوءِ هي ڪم شروع ڪبو سو خيال بيڪار آهي. اها آشرم جيڪڏهين اسٿاپن ٿيڻي آهي تہ هاڻي ۽ هتي ٿيڻي آهي. پوءِ ڪٿان اُڀ مان اوچتي هيٺ ڪين لھي ايندي!
اسان کي آشرم جي مقصد، نيم ۽ ابتدائي اڏاوت بابت چٽا خيال هئڻ گهرجن. چٽن خيالن جي معنيٰ بند خيال نہ آهي جن ۾ ٻي ڪا نئين روشني پوءِ نہ اچي سگهي. مگر جيڪي قدم پھريائين کڻڻا آهن انھن جي گهٽ ۾ گهٽ صورت صاف هئڻ گهرجي. اڳ تنھنجي ڊائريءَ ۾ شايد اهڙا ويچار ڄاڻايل آهن، مون کي هي خيال پڪي طرح من تي ويٺل آهي تہ پھريائين ضرور تڪليف وٺڻ سان آشرم جو آرنڀ ٿيندو. فقط سڌ ڪري ويھي رهڻ سو بس نہ ٿيندو. تمنا جاڳي تنھن کانپوءِ رٿ ۽ اپاءَ جي ضرورت آهي؛ اُن اپاءَ لاءِ وري پاڻ ارپن ڪرڻ جي ضرورت آهي. فقط دل کي بھاري ڏيڻ تہ هيئن اسان جي آشرم ٿيندي، تنھن مان ڪجهہ حاصل ڪونہ ٿيڻو آهي. منھنجي لاءِ اها آشرم هڪ خيال جي پورنتا، ڪرم جي آزادي ۽ اندروني خوشي جو بھانو آهي. مون پنجويھن سالن کان وٺي ان بنسبت ڪي ويچار ڪيا آهن ۽ روز ان لاءِ دعا گهرندو آهيان تہ ان آدرشي، ستنتر ۽ سمپورڻ جيون کي شل هر قدم سان وڌيڪ ۽ وڌيڪ ويجهو ٿيان؛ گويا هي پنجويھہ سال بہ ان جي اسٿاپن ڪرڻ ۾ لڳايا اٿم. تون ۽ تنھنجي ساري زندگي پڻ ان آشرم جي اڏاوت جو منھنجي نظر ۾ هڪ ڀاڱو آهيو ۽ پنھنجي هاڻوڪي حياتي بہ تون ان کان الڳ نہ سمجهہ!“
***
15-9-1953ع سام پنھنجي انگريزي ڊائريءَ ۾ هڪ ٽڪرو لکيو هو جنھن جي مون کائنس سمجهاڻي پڇي تہ اهي خيال خاص ڪري فلاڻي موقعي جي ڪري توهان جي دل ۾ آيا يا نہ؟ سام تنھن تي جواب ڏنو: ”خيال هڪ پکيءَ مثل آهي؛ ڪنھن خاص ٻُوڙي مان نڪري جڏهن آسمان ۾ وڃي ٻين پکين سان ملي ٿو، تڏهين کيس سڃاڻي ڪين ٿو سگهجي تہ هو ڪھڙي ٻوڙي جو پکي آهي. خيال جو دائرو وڏو آهي. اهو پيدا کڻي ڪنھن خاص موقع يا زندگيءَ جي وهنوار مان ٿئي مگر هڪ ڀيرو جڏهين آزاديءَ جي وسيع آسمان ۾ اڏامي چڙهي ٿو، تڏهين مٿس معنيٰ جي حد وجهڻ مشڪل ٿيو پوي. جڏهين پنھنجا شخصي ناتا ڇڏي، اصليت واري روپ ۾ اچي ٿو، تڏهين ڪنھن خاص انسان يا موقعي سان يا ڪنھن جاءِ، مقصد وغيرھہ سان لاڳاپو نٿو رکي، مگر وشو روپ ڌاري پاڻ هڪ درسني بڻجيو پوي، جنھن ۾ هر ڪو پنھنجو پاڻ پيو ڏسي ۽ پنھنجي پنھنجي معنيٰ پيو پڙهي. تنھن ڪري شاعرن يا فقيرن جا قول ڪنھن خاص مطلب وچان سمجهڻ جي ڪوشش نہ ڪجي ۽ نہ مقرر معنيٰ جي سوڙهي پيچري ۾ انھن کي قيد ڪجي، مگر جا معنيٰ دل سان لڳي اچي سا هر ڪو پنھنجي لاءِ انھن مان ڪڍي سگهي ٿو.“
***
16-9-1953ع سام کان مون مسافريءَ جي وقت ۾ گڏ ڪيل آزمودن بابت پڇيو. هن هيٺينءَ ريت ٻڌايو: ”هڪ لڱا گهمندي گهمندي سنڌيا جو وقت ٿي ويو ۽ مون کي ڌيان ۾ ويھڻ جي ڏاڍي خوشي ٿي. من جي مٿان ماٺ غالب پوندي پئي وڃي. پڪي رستي تي ناليءَ جي مٿان پوني شھر ۾ هڪ ننڍڙي ديوار مثل ٻنو بيٺل هو. مونسان هڪ ٻيو بہ ساٿي ان وقت گڏ هيو. ٻيئي وڃي ڪجهہ وٿيءَ سان ان ٻني تي ويٺاسون. منھنجي ساٿيءَ چيو: هت آمدرفت (Traffic) گهڻي آهي. مون کيس چيو: پاڻي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
”مون اهي لفظ بي خيالا چيا. حقيقت ۾ منھنجو خيال اهڙو پاڻ ۾ گم هو جو نہ مون ٽرئفڪ ٿي ڏٺو ۽ نہ پنھنجي ساٿيءَ جا لفظ ويچار هيٺ آندم. اتي ئي چپ ڪري ويھي رهيس جيئن ڪو عرصي کان بکيو ماڻھو جتي کاڌو هٿ لڳيس اتيئي کڻي کائي ۽ ڪنھن قسم جو عار نہ ڪري. ڌيان جي وقت کان پوءِ معلوم ٿيو تہ اهو وقت انھيءَ چوواٽي تي، جتان هميشہ سوين موٽرون، گاڏيون ۽ سائيڪلون پيون اچن وڃن، بلڪل ماٺ ۾ گذريو ۽ هڪ بہ موٽر يا گاڏي اسان جي رستي تان ڪانہ لنگهي!“
سام وڌيڪ چيو: ”هيءَ ڪا ڪرامت نہ آهي. مگر خيال جي تاثير جي هڪ شاهدي آهي. ڪڏهن ايشور، جنھن کي چت يا خيال جي ساري موجودات سمجهڻ گهرجي، ننڍڙن انسانن تي بہ وڏا احسان ڪندو آهي. هڪ خسيس ماڻھوءَ جي سھوليت لاءِ ٽرئفڪ جهلائڻ سان ڳالھہ انسان کي جيڪر اهنجي سمجهہ ۾ اچي، پر اهو خيال جو پرکيندڙ جنھن کي ست چت آنند چئون ٿا سڀ ڪجهہ ڪري سگهي ٿو. ان کي هڪ ڀڳت جي شرڌا جي گهڙي سون هزارن جوشيلن ڪمن ڪارين کان وڌيڪ ملھائتي نظر اچي سگهي ٿي! ان وقت مون کي شانتيءَ ۾ ويھڻ جي بيحد پياس هئي؛ خيال ڀرجي آيو تہ اتيئي ويھي رهان. ڀريل خيال جي ڪير ٿو آڏو اچي سگهي؟ ائين ڀانيم تہ موٽرون مون کي ڪا کپت يا رنڊڪ ڪونہ ڪنديون. هڪ ننڍڙي انسان جي سنڌيا ويلي کي شايد ڪو گهڻو ملھہ ڪونہ هو، مگر هڪ دل جي سچي آرزوءَ کي خود هن سرشٽيءَ جي اپائيندڙ ۽ سندس سرشٽيءَ جي پٺڀرائي هئي!“
اهڙيءَ ريت هڪ ڀيري پارٽيشن وقت جڏهين ڪراچيءَ ۾ سخت فسادن جو امڪان هو ۽ اهي افواھہ هئا تہ ڪراچيءَ ۾ جيڪو هندو رات بچيو، سو ڄڻڪ نئون ڄائو، تڏهين، انھيءَ ئي ڏينھن، سام کي منھنجي سلامتيءَ جي خيال ڪري ۽ ڪن زماني جي ڪمن خاطر رتيديري موٽڻو پيو سڀڪو پيو چويس تہ هن اهنجي وقت ۾ ننڍن ٻارن کي توهين ڇڏي موٽي نہ وڃو.
سام ٻڌايو: ”مون ان وقت پاڻ کي هي دلاسو ڏنو تہ جيڪي مان ڪري نہ سگهيو آهيان، تنھن جو بار ايشور کڻندو؛ مان برابر هڪ ننڍڙو انسان آهيان ۽ ڪراچيءَ جو شھر هڪ وڏو شھر آهي پر سائينءَ جي ديا جا ڀنڊار ڀرپور آهن؛ هو هڪ ننڍڙي انسان جي مجبوري ڏسي ساري شھر جي مٿان ڪشٽ دور ڪري سگهي ٿو. لڙاين ۾ ڪيترا مثال ٿيندا آهن جو ڪنھن پياري انسان خاطر ڪو لشڪر جو سپھہ سالار ڪنھن خاص شھر کي بمبارڊمينٽ کان بچائي ڇڏي. پر انسان کان ﷲ ڪيڏو نہ وڏو ۽ غفور آهي! جي وڻيس تہ هو پاڻھي شھر سڄي جي رکيا ڪندو. ائين پاڻ کي چئي مان طيب موٽي آيس. تڏهين روزانو اها دعا گهرندو رهندو هيس: ڌڻي تون ڪراچيءَ کي بچائج! منھنجي پت رکج! ڌڻيءَ جي مھر ٿي جو ڪراچي ان وقت بچي ويئي ۽ پوءِ جلدئي اسان جا ٻار ڪراچيءَ مان نڪري ويا.“
ان بابت سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”ڪراچي بچائڻ جي شاباس اتھان جي حڪام لھڻي اها هڪ کل جھڙي ڳالھہ ٿيندي جي مان دعوى رکان تہ منھنجي پريئر جو اهو نتيجو هوندو. مون جھڙن ٻين هزارن بہ دعائون گهريون هونديون. اهي دعائون بہ بي اثر ڪونہ هونديون. خيال هڪ بندوق آهي. ٺاهي هڻ تہ نشان کي ضرور چٽيندي. مگر اهو ياد رکڻ کپي تہ خيال جي بندوق پوري تڏهين ڀربي، جڏهين ان جو نشانو جوڳو هوندو، جنھن کي تن من دل ۽ ضمير سڀ جزا جيءَ جا نظر ۾ رکندا هوندا. جڏهين اسان جي پريئر يا خيال جي بندوق جو مقصد ساتوڪ قسم جو هوندو ۽ اها طلب سڀاويڪ دل جي دور مان يا خيال جي و يڪوجوديءَ مان پئدا ٿي هوندي، يعني زندگيءَ يا خيال جي تيزيءَ تي روڪ پيل نہ هوندي، تڏهين اهو خيال يا اها آرزو وڃي خود ڪلي خيال تي اثر وجهندي. اڻ پوريون طلبون ۽ ..... ۽ ڀاونا مان پيدا ٿيل مطلب پڻ خيال نشان ڪري سگهي ٿو، مگر انھن سان خيال جي بندوق اهڙي زوردار نہ ڀربي، جھڙي ساتوڪ، سڀاويڪ ۽ پريم وچان پيدا ٿيندڙ مطلبن واري بارود سان ڀربي، ان ڪري اڻ پوري خيال واري طلب ايتري تہ اگهائبي، جيتري پوري ۽ پوتر خيال واري.“
وڌيڪ ان بنسبت سام هينئن چيو: ”خيال خود روشني آهي. ان کي پنھنجي ڄاڻ پاڻ اندر آهي. اگهايل پريئر جي دل کي ائين خبر پئجي وڃي ٿي، جيئن شڪاريءَ جي سڌي تير يا بندوق جي نتيجي جي اڳواٽ خبر شڪاريءَ کي پوي ٿي، آزمودگار شڪاري جڏهن پاڻ يا بندوق ڇوڙيندو آهي تہ پکيءَ جي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي معلوم ٿيندو آهي تہ منھنجو ڪان وڃي لڳو. ان وقت شڪاري چوندا آهن تہ ’هٿ ٺريو.‘ اهڙيءَ طرح پورن چاه ۽ پورن ڀاؤ مان ڪيل پريئر هڻي هنڌ ڪري ٿي ۽ مقصد جي حاصل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي حاصل ٿيل سنتوش مان من کي ڀروسو ٿيندو آهي تہ ’اها وڃي سائينءَ جي در اگهائي.‘
***
17-9-1953ع آشرم بابت وري ذڪر نڪتو، سام چيو: ”اها آشرم ضروري هن ڪري آهي جو منجهس ايڪانت اندر ڪنھن خيال جي پالنا ٿي سگهندي. جيئن آفيس جي ڪم لاءِ ميز، فائيل، مس، قلم وغيرہ ضروري آهي، يا جيئن لوهارڪي ڪم لاءِ هٿوڙا، سنداڻ، ڦوڪڻيون وغيرہ ضروري آهن، تيئن آدرشي زندگي يا آتما جي پالنا لاءِ هڪ سادو، سندر آستان، جنھن ۾ ايڪانت هجي، جتي چنتائن کان اجو ٿي سگهجي ۽ قدرت سان سڌو سنٻنڌ رکي سگهجي، جو خيال کي کولڻ ۽ وسيع ڪرڻ ۾ مدد ڪري، بلڪل ضروري آهي. ائين برابر آهي تہ هڪ هوشيار ماستر اسڪول کي ڪتاب، ميزن وغيرہ کان سواءِ بہ هلائي سگهي ٿو ۽ بنا بورڊ جي سبق ڏيئي سگهي ٿو، هڪ هوشيار ليکڪ يا ڪلارڪ لکپڙه جي لاءِ سٺي فرنيچر وغيرہ جي پرواه نٿو رکي ۽ ائين بہ سٺا ليک يا خط لکي سگهي ٿو. پر پورنتا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتاب، سامان، فائيل بہ مدد ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ انھن کان وڌيڪ اهميت وارو ڀاڳ ٻيون اندر جون لياقتون والارن ٿيون. اهڙيءَ طرح هڪ ساڌو پنھنجي چئن ساٿين سان ڪٿي بہ رهي، چاهي گوڙ شور گهڻو هجي يا آس پاس ۾ گندگي هجي؛ پنھنجي خيال کي قابو رکي اندر جي شانتي حاصل ڪري سگهي ٿو. مگر اهو سندس لاءِ هڪ آدرشي وايو منڊل چئي نہ سگهبو. اهو سندس آزمائش لاءِ هڪ لڙائيءَ جو ميدان ئي ٿي سگهي ٿو، جتي خيال کي قابو رکڻ لاءِ خود جفاڪشي ڪرڻي پوي ٿي. ان کي خيال جي پالنا يا سندس ساٿين جي پالنا جو هندورو ڪڏهن بہ چئي نہ سگهبو. ڪنھن بہ پالنا جي ڪم لاءِ ستنتر صاف ۽ نويڪلو آسٿان ضروري آهي.“
***
18-9-1953ع ڪام، ڪروڌ ۽ ٻين وڪار جي هڪالي ڪڍڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان سوال جي جواب ۾ گفتگو هلندي سام هينئن چيو: ”وڪارن جي مارڻ لاءِ گهڻا فيلسوف گهڻن قسمن جون سکيائون ڏين ٿا. وڪارن جي مارڻ جو رستو آهي زهد ۽ تپسيا يعني هڪ رواجي قانوني علاج وارو رستو، جيئن ائلوپٿي جو انساني بيمارين لاءِ هڪ طريقو آهي جنھن قانوني علاج جي جاءِ ورتي آهي. مگر جيتوڻيڪ ائلوپٿي اڄ ڪلھہ وڌيڪ استعمال ۾ اچي ٿي، تڏهين بہ منجهس ڪيتريون خاميون آهن. هوميوپٿيءَ جو اصول هڪ بنيادي سچ تي بيٺل آهي، جنھن موجب جيوڙن کي دٻڻ يا مارڻ کان بھتر آهي، انھن کي للڪاري ٻاهر ڪڍڻ ۽ ظاهر ڪرڻ، اهڙيءَ ريت انھن کي هميشہ لاءِ يا گهڻي عرصي لاءِ ختم ڪري سگهبو. اڄ ڪلھہ اهو جسم جي بيمارين جي بنياد پٽڻ جو سٺو رستو سمجهيو وڃي ٿو. من جي وڪارن ڪڍڻ لاءِ بہ مان جيڪر چوان تہ ڪا ’روحاني هوميوپٿي‘ هئڻ گهرجي. وڪارن ۽ خواهشن کي دٻڻ کان بھتر آهي، انھن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ. ڪو وڏو دل کسيندڙ خيال ڪو شاهي شوق يا عشق پيدا ٿئي، جيڪو دل من کي هڪدم لڀائي وٺي تہ وڪارن کان من جلد مڙي پوندو. جيئن پتنگ يا روشنيءَ جا جيت، ننڍڙا ڏيئا ۽ ننڍڙيون جوتيون ڇڏي وڏي روشنيءَ جي مرڪز ڏانھن ڊوڙندا آهن، تيئن وڏي پريم جي اڳيان ننڍڙا شوق حرص وهوس جا، يعني وڪار، ازخود گم ٿي ويندا. انسان جي من جي عادت آهي تہ ان کي ڪا ويهڪ يا بئيٺڪ جي جاءِ کپي. من جي چڙي خالي هوا ۾ رهي نٿي سگهي. جي وڪارن جي لئن لاڻين تان کيس اُڏارڻو آهي تہ عشق جو وڏو درخت ڪو سندس اڳيان هجي جنھن ۾ آکيرو اڏي.“
”هن جو مطلب هي آهي تہ ”پسر اين م ڪن!“ واري فلاسافي ڪچي ۽ ڪسي آهي. اُها آهي وڪارن جي وڏي وڻ جي هڪ هڪ ٽاري ڪري وڍڻ مثل؛ مگر جي وڻ پاڙ کان وڍڻو آهي تہ ان جو بنياد دل مان پٽي ڪڍجي. سو تڏهين ٿيندو جڏهين دل ۾ ٻيو وڻ ان جي جاءِ تي ويھاربو، نہ تہ پراڻن وڪارن جون پاڙون وري ڦٽي ظاهر ٿينديون. اُها سڀ کان وڌيڪ دل کي لڀائيندڙ شيءِ آهي درويشن ۽ فقيرن جو سنگ، جنھن ۾ وڪار بنا لڙائي ڪرڻ جي پاڻھي هٽيو وڃن؛ جيئن روشنيءَ ۾ زهري جيوڙا اونده جا نپايل پاڻھي گم ٿي وڃن!
***
اڄ هڪ غريب لنگڙو شاگرد اسان وٽ آيو. سام کي چيائين تہ مون کي ڊاڪٽرياڻي جي (منھنجي) دوا مان فائدو ٿيو آهي. مون کي ﷲ ڪارڻ وري اها دوا ڏيو. پر منھنجي کيس پارت ڪجو. مون کي پئسو ڪجهہ بہ ڪو نہ آهي؛ مان فقط ﷲ جو نالو وٺي آيو آهيان.
هو هر هر سام جي پيرن تي پيو هٿ رکي ان لاءِ تہ جيئن سام دل سان ڪوشش سندس باري ۾ ڪري. سام کيس پيرن پوڻ کان منع ڪئي ۽ چيو: ”تون ائين نہ سمجهہ تہ غريب آهين تنھن ڪري تنھنجو خيال گهٽ رکنداسين. تنھنجو خيال پاڻ سڀني کان وڌيڪ رکبو، ڇا لاءِ جو شاهوڪار جو پئسو اسان کي وڌ ۾ وڌ گهوڙي، موٽر يا محلات تائين پڄائيندو، مگر تو غريب جي دعا ﷲ تائين پھچائي سگهي ٿي. تنھن ڪري تون يقين ڪر ۽ وڌيڪ پير نہ پؤ.“
اهي ٿورا لفظ سام جا مون کي ڏاڍا وڻيا جنھن ڪري مان هت درج ڪريان ٿي.
***
19-9-1953ع هيٺيون گفتگو اڳين نوٽن سان اتاري لکان ٿي: هڪڙو ٻروچ قوم جو ماڻھو جنھن گذريل وقت ۾ اسان جي مخالف ڪئي آهي ۽ ڪجهہ نقصان بہ پھچايو آهي، جيتوڻيڪ ڪنھن وقت اسان جو مٿس گهڻو اعتبار رهندو هيو، سو پنھنجي خيال ۾ منجهيل گهمندو نظر آيو. شام جي وقت جيئن اسان گهمڻ نڪتاسين. اهو ماڻھو اسان جي ڀرسان لانگهائو ٿيو. سام کي اڳ ۾ ٿوري خبر ملي هئي تہ هنجي ڀاءُ جي مٿان ڪا ڳوري فرياد ٿيل آهي هو ڪنھن مصيبت هيٺ آهن. هن ماڻھوءَ ڪا اميد اسان ۾ سمجهي يا اڳوڻي ضد جي ڪري پاسو ڪري رهيو هو ۽ ڪا کيڪر بہ ڪانہ ڪيائين. مگر سام ساڻس ڳالھائڻ جي ارادي سان ڏانهس نھاريو. هو بيھي رهيو؛ سام کيس ڀاڪر پائي چيو تہ هن وقت اسين ڪا بہ مدد ڪري سگهون تہ اسان کي ٻڌائجو. ان ٻروچ اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيو: ”منھنجو ڪم آهيئي توهان ۾، پر مان حجاب کان ڪونہ ٿي توهان وٽ آيس.“
سام کيس چيو: ”تون هليو اچ ۽ ڪوبہ حجاب نہ ڪر؛ جيڪي اسان جي وس ۾ هوندو، سو ڪنداسين.“
مون سام کان پڇيو: ”هيءَ اوچتي تبديل خيال جي ڪيئن آئي؟“
سام وراڻيو: ”زماني جا ماڻھو هڪ ٻئي سان وڙهندا آهن ڪنھن مطلب ڪري، مگر فقير وڙهندا بہ محبت جي ڪري آهن. فقير جو ڪنھن سان دلي جهيڙو آهيئي ڪونہ. هو مھل ڏسي مدد کان ڪين هٽندو آهن. جتي ڪو سُود يا مطلب نہ هجي، اُتي ڊڪي وڃي پاڻمرادو مدد آڇڻ، انھيءَ جھڙو فقير لاءِ ٻيو ڪھڙو سٺو موقعو ٿي سگهي ٿو؟“[1]
***
1-10-1953ع سئنيما ۾ ويٺي ويٺي سام کان مون پڇيو: ”مون کي پنھنجي ماتا جي گهڻي سڪ لڳي آهي؛ توهان کي بہ انھيءَ جي سڪ لڳي آهي يا نہ؟“
سام مشڪي چيو: ”تون ۽ مان ڀلا جدا آهيون ڇا؟ سڪون سڀ گڏجي هڪ نھر ٿي دل ۾ وهن ٿيون؛ ٻارن جون عزيزن جون، مٽن مائٽن، سنتن فقيرن جون، پھاڙن پکين، برن ۽ برساتين جون، راڳن ۽ رس ڀريل ڳالھين جون! انھن سڀني جو هڪ نالو آهي: پريم! پريم ۾ پياس آهي پر اُن ۾ تاءُ ۽ تاس آهي. اُنجو مزو ماٺ ۾ آهي. اهو پريم جي پورنتا جو هڪ شرط آهي. جا شيءِ پُورن ۽ موج ۾ آهي، سا ظاهر ۾ ماٺيڻي ٿيندي آهي. درياه ۾ اُونھو پاڻي گونگو وهندو آهي. کڙڪو ڪونہ ڪندو آهي. ان ريت سڪون اسانجون سڀ جيئريون آهن پر اُچاريندا ڪونہ آهيون ۽ انھن ۾ سڀ عزيزو خويش، دوست، واقفڪار ۽ خود اڻ واقف بہ سمايل آهن!“
***
5-10-1953ع سام جو هڪ عزيز پوني ۾ رهندو آهي. سندس باري ۾ هڪ خط آيو تہ هو ناخوش ٿو رهي ۽ گهڻو ڪجهہ ڪمائي نٿو سگهي. سام خط پڙهي چيو تہ هو سمجهندو هوندو تہ ڪاڪو مونکان اڳين ضدن جي ڪري پاسو ڪري ٿو؛ تنھن ڪري مدد نہ ڪندو. مگر حقيقت هينئن آهي تہ مان روز سندس لاءِ دعا گهرندو آهيان. هي مثال بہ مٿي ذڪر ڪيل ٻروچ جي مثال جھڙو آهي جنھنڪري مان هت آڻيان ٿي. انجو وڌيڪ ذڪر شايد هن کان پوءِ ڪجي.
***
6-10-1953ع مون سام کي چيو: ”مان تہ پنھنجا مائٽ مٽ سڀ وساري ويٺي آهيان. توهان کانسواءِ ٻئي ڪنھن سان ڪو موه ڪونہ اٿم. هتي ئي موه ۾ ڦاسي ويئي آهيان.“
سام وراڻيو: ”جيڪو ماڻھو هڪ شيءِ ۾ موه رکي ٿو، سو امڪانا ٻين ۾ بہ رکي سگهي ٿو. تنھن جي معنيٰ تہ تون بہ موه کان آجي ڪونہ آهين. جيئن چيل آهي تہ زنجير جي گڏيل طاقت ان جي ضعيف ۾ ضعيف ڪڙيءَ کان وڌيڪ نہ آهي، تيئن انسان جي من جو اُڌار بہ هڪ ئي لڪل عيب رنڊائي يا ناس ڪري سگهي ٿو. جيترو موه انسان رکين ٿو اوتريقدر تون ٻين ٻنڌنن ۾ بہ ڦاسي سگهين ٿي. ان هڪ موه مان ئي تنھن جي من جي ڦاٿل يا ڇُٽل حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. روڳ جيستائين اندر ۾ آهي، تيستائين تَن کي سگهو چئي نٿو سگهجي، پوءِ اهو روڳ هڪ منھن ڪڍي يا پنج منھن ڪڍي. جيڪڏهين تون هن اوسٿا يا هن زندگيءَ کي هڪ ڄار يا جهانسو ڪري نہ سمجهين پر ڄار جي بجاءِ ان کي اجهو ۽ جهلڪي جي بجاءِ هڪ ڏاڪو ڪري سمجهين تہ پوءِ هيءَ زندگي خود اسان جي آخرين منزل مقصود تي پھچڻ جو هڪ ذريعو ٿي پوي. هي موه خود هڪ پريم بڻجي پوندو ۽ اسان جي ستنترتا ۾ ڪا رنڊڪ ڪين وجهندو.“
***
سام وڌيڪ ويچار ڪندي چيو: ”ايشور ڪھڙي نہ عجيب رچنا رچي آهي! چنڊ، تارا، ڌرتيون، سج ۽ اسان جي ننڍڙي پرٿويءَ تي نانا پرڪارن جون چيزون، زندگيءَ جون اندروني ۽ بيروني شيون؛ اسان مان هر هڪ جي دل ۾ عجيب ۽ نراليون آسون ۽ اميدون؛ هي خيال موه ۽ اُڪيرون، سي سڀ ڇو خلقيا اٿس؟ ڪير آهي خلقڻ وارو ۽ اهو ڪٿي رهي ٿو؟ ڇا آهي مطلب زندگيءَ جو؟
”اهي سوال ور ور انسان جي من تي اچن ٿا. مگر گهڻا انھن جي جواب جي ڳولا اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا. توکي تمنا هئي تہ گهر ٻار ٺاهيان؛ ٻئي ڪنھن کي آس هوندي تہ ڪا ماڙي آڏايان يا زمين وٺان؛ ڪو عهدي يا طاقت هٿ ڪرڻ جي اميد رکي ٿو ڪو ڪنھن ڪارج پوري ڪرڻ لاءِ دعائون گهري ٿو؛ مگر اهڙن اميدن يا ڪمن پوري ٿيڻ تي انسان جي ترشنا پوري ڪانہ ٿئي ٿي، ۽ هو ڏسي ٿو تہ مون کي اُها خوشي يا آنند حاصل ڪونہ ٿيو. جنھن ڪري وري نون مقصدن جي ڪڍ پوي ٿو. ڪي ٿورا ڄاڻن ٿا تہ زندگيءَ جو مطلب ڪو ٻيو آهي.“
مون سام کان پڇيو: ”اها خبر ڀلا ڪيئن پوي تہ زندگيءَ جو سچو مطلب ڇا آهي؟“
سام چيو: ”ٻڪري جڏهن ڦَرُ ڄڻي ٿي يا عورت ويم ڪري ٿي تہ ٻچو ازخود کير ڌائڻ شروع ڪري ٿو. ڪير ٿو انھيءَ کي سيکاري تہ کير ڪيئن ڌائجي؟ ٻڪريءَ جا ٻچا وري ٿوڻو هڻي سندس اوه مان وڌيڪ کير لاهڻ جي تجويز ڪن ٿا، جيتوڻيڪ اڳي ڪڏهين انھن ائين ڪين ڪيو آهي. مطلب تہ جا شيءِ يا جو جيءُ پيدا ٿيو آهي، تنھن کي پنھنجي زندگيءَ جي قانون جي ڪجهہ قدر ڄاڻ يا سرت اندر ۾ آهي. انسان کي خيال يا چت جي شڪتي جيتري سندس زندگيءَ لاءِ ضروري آهي، اوتري ئي کيس مليل آهي ۽ جيڪا ڄاڻ کيس رکڻي آهي، انھيءَ جا اوزار کيس پاڻ ۾ ئي موجود آهن. کيس پاڻ منجهان ئي سڀ خبر پوڻي آهي!“
مون پڇيو: ”ڪنھن کي ڪھڙي خبر آهي، ڪنھن کي ڪھڙي؛ پوءِ اُهي جدا جدا ڄاڻ جا طريقا سچا ڪيئن سمجهجن؟“
سام چيو: ”اهي سڀ ڄاڻون هڪ چت شڪتيءَ منجهان پيدا ٿيل آهن. ايشور چت جو ڀنڊار آهي. ان چت جي ڀنڊار ۾ ٻيائي ڪانہ آهي، تنھن ڪري انھن منجهان ڪابہ ڄاڻ سراسر غلط نہ آهي؛ فقط ڪا سڄي ڪا مُني ڪا اڌ پڪي آهي. مثلاً ڪوئي جي ڄاڻ لاءِ اهو ڪافي آهي تہ هيءَ ديوار هڪ رستو آهي، جا مٺائيءَ واري جاري تي پھچائي ٿي؛ منھنجي ڄاڻ لاءِ اهو ڪافي آهي تہ هيءَ ديوار منھنجي گهر جو هڪ ڀاڱو آهي؛ اُها ديوار هنن ڪانؤن جي لاءِ کاڌي ڳولڻ لاءِ ويھڻ جو هڪ اڏو آهي. هن ڇيلي ۽ ٻڪريءَ لاءِ اها ديوار هڪ پاڇي لاءِ سج کان آڙ آهي. منھنجي نوڪر لاءِ اها ديوار يا گهر هڪ ٿوري وقت لاءِ اجهو آهي. سٽي سروي کاتي لاءِ اها فقط هڪ نشان يا حد آهي! اهڙيءَ طرح انھيءَ ڀت بابت ٻيون بہ ڄاڻون ۽ خبرون جيڪي آهن سي سڀ غلط نہ آهن. ايشور يا سندس اتپتيءَ لاءِ جيئن جيئن انسان وڌيڪ اونھو يا وڌيڪ شڌڀاونا سان کوجنا ڪري ٿو تيئن تيئن ان کي نوان جواب پنھنجي سوال جا ملن ٿا ۽ جيتري وڌيڪ سچائي رکندو، اوترا وڌيڪ پورا جواب پائيندو.“
هاڻي موٽي موه ۽ ٻين وڪارن جي وشيہ تي اچون: ”ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار، پنجئي وڪار آهن. جي اوُنچي پدويءَ وارو ماڻھو انھن وڪارن تي پنھنجي خيال جي اُتاهين چوٽيءَ تان نظر وجهندو تہ اهي تحقيق زندگيءَ جي هيٺين ڏاڪن ۾ نظر ايندا ۽ آتما کي هيٺ ڪيرڻ جا ڪارڻ ئي سمجهہ ۾ ايندا. مگر جيڪڏهن ٻئي پاسي کان نظر وجهبي، يعني حيواني پد کان ڏسبو تہ ساڳيائي وڪار ڏاڪا يا آتما جي مٿي چڙهڻ جا وسيلا ئي نظر ايندا، جي انسان کي حيواني ۽ سوڙهي شخصي زندگيءَ جي دائري مان ڪڍي ڪجهہ قدر وسيع زندگيءَ ڏانھن آڻين ٿا.“
مون سام کي چيو: ”اهو مان نٿي سمجهي سگهان تہ وڪار ڪيئن چڱائيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهندا. وڪار آخر وڪار آهن؛ انھن مان زندگيءَ ۾ نيڪي يا اخلاق جو دائرو ڪيئن ٿيندو؟“
سام وڏي نشچيہ ۽ اثر وارن لفظن ۾ چيو: ”اهڙيءَ طرح خيال تي ڪابہ روڪ يا پائبندي اڳواٽ وجهڻ نہ گهرجي. اهي هڪ ئي جوت، هڪ ئي موجودات (Reality) جا جزا آهن سوچ شڪتيءَ کانسواءِ نہ آهي. اها شڪتي جنھن کي ست چت آنند چئون ٿا، سا هر هنڌ سمايل آهي ۽ ان کانسواءِ ڪا شيءِ وجود ۾ نہ آهي. ڪا جاءِ، ڪو خيال، ڪا چرپر اندروني يا بيروني زندگيءَ جي؛ ڪو ڀاؤ، جوش يا حقارت، ڪا محبت خوشي يا خيال ان کان خالي نہ آهي. سڀڪجهہ پاڻ ئي رچيو اٿس ۽ پاڻ منجهان رچيو اٿس. پوءِ وڪار ڪٿي ۽ برائي ڪٿي؟ ائين سمجهڻ گهرجي تہ اُهي وڪار گڻن جا ابتا پاسا آهن يا ساڳين شين جا ٻيا نالا آهن. ڪنھن بہ هڪ وڪار تي خيال ڪريو؛ هتي موه جو سوال اُٿيو آهي، تنھن ڪري موه جو مثال اول وٺون، جنھن کي گهڻن مھاپرشن ننديو آهي؛ مگر ڏسبو تہ جيون ياترا ۾ پھرين يعني هيٺين منزلن تي ڦرندڙ آتمائن کي منجهانئنس ڪيڏي نہ استقامت ملي ٿي. هڪ طرف ڏسو تہ موه آتما جي لاءِ هڪ قسم جو پڃرو يا قيد آهي. مگر بنا موه جي ڪنھن حيوان جي هڪ موه واري انسان سان ڀيٽ تہ ڪريو. بنا لاڳاپي ۽ بنا موه جي انسان سچ پچ حيوان مثل آهي. جن کي پاڻ ۽ پنھنجي اوجهري ڀرڻ، ننڊ آرام ۽ سک کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالھہ حياتيءَ ۾ ڪانہ ٿي سجهي،. اهڙي انسان جي ڀيٽ ۾ تون ڪيتري نہ اوچي درجي تي پھتل آهين، جو تنھنجي موه (مونسان لاڳاپي) توکي پاڻ مان ڪڍي پنھنجي زندگي (منھنجي معرفت ئي) هڪ وڏي آدرش کي ارپڻ ڪرائي ڇڏي آهي! هاڻي زماني وارن، موه ۾ ڦاٿل انسانن جو ويچار ڪريون. هڪ ماڻھو جيڪو پنھن جي سک جي سامگريءَ موجود ڪرڻ ۾ پنھنجي سڄي جيو گذاري ٿو، ان کان اهو صد بار بھتر آهي جو ٻارن يا زال جي موه ۾ پنھنجي سک جي چاهنا وساري، پاڻُ پنھنجي پيارن ڪارڻ قربان ڪري ٿو ۽ پنھنجي شخصيت جي سوڙهي دائري مان نڪري قربانيءَ جو پھريون قدم کڻي ٿو. حقيقت ڪري اهڙو موه الاهي عشق جي خود شروعات آهي جو پنھنجي اڪيلي زندگيءَ مان ڇڪي اسان کي گهر ٻار جي ذريعي سچي پريم جي واٽ ڏيکاري ٿو. اهڙيءَ طرح ڪام بہ پريم جو ٻئي طرف کان پھريون ڏاڪو ڪري سمجهڻ گهرجي. مان انساني جيوت جي هڪ تصوير خيال ۾ رکندو آهيان جا هيءَ آهي، تہ گيان جي رٿَ کي ڪام جا گهوڙا ڇڪي رهيا آهن ۽ آتما مٿس سوار آهي. ڪام يعني ٻئي جي سنگ جي ترشنا سا نفس جي سوڙهي، شخصي دائري (Individual Existence) واري زندگيءَ کان ٻاهر نڪرڻ جو هڪ اپاؤ آهي. جيئن بند ٿيل بھري مان ڪو جئ ٻاهر نھاري آزاديءَ جي تمنا وڌائي تيئن اڪيلو، اگياني من جسماني سنگ جي ترشنا رکي ٿو، اها ترشنا بہ هن سرشٽئ جي مالڪ پاڻ رچي آهي. اهي موه ڪام وغيرہ ان لاءِ آهن تہ اسين شخصيت جي دائري مان نڪري ٻاهر وڌيڪ خلاصي ميدان ۾ اچون. جيئن ننڍو ٻار ٿڙندو ٿڙندو، آخر پورا قدم کڻڻ سکي ٿو، تيئن هيءُ من پڻ ترشتائن دوارا پريم جي سچي ڄاڻ وڌائي ٿو.
اهڙيءَ طرح ڪروڌ ٽئين پاسي کان اُن پريم آنند جي چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ پھريون قدم ڪري سمجهڻ گهرجي. منجهس ڪيڏي نہ طاقت ۽ نفرت يا خرابت لاءِ حقارت سمايل آهي! جنھن ۾ ڪو غصو پيدا ڪونہ ٿيو آهي، سو نادان ڪري سمجهڻ گهرجي. غصو بہ ارادي جي طاقت وڌائي ٿو. البت انھيءَ کان وڌيڪ طاقت وارا خرابت جي دور ڪرڻ لاءِ ٻيا اُپاؤ آهن.
لوڀ وري چوٿين پاسي کان اُن پريم آنند واري چوٽيءَ کي پھچڻ جو پھريون قدم آهي. وڃ لوڀ کي وڌائيندو تہ وڃي اصل شيءِ ڏي هو اسان کي ڇڪيندو. پنھنجي شخصيت مان گهر جي تمنا پيدا ڪري ٿو؛ گهر مان نڪري وري گهر کان ٻاهر دائرين ۾ طاقت رکڻ جي تمنا پيدا ڪري ٿو؛ آخر جڏهين انسان پورو آزمودو پائي ٿو تہ دنيا سڄيءَ کي پنھنجو ڪرڻ چاهي ٿو. فقط پنھنجي لوڀ ۾ سچائي رکو. خوديءَ کي بلند ڪريو ۽ بي خوديءَ جي آسمان تي وڃي پڄندا. بيشڪ وڌيڪ ۽ وڌيڪ حاصلات ڪريو. آخر اها ترشنا پاڻ وڌائڻ جي، ايمانداريءَ سان ڪتب آڻبي تہ وڃي الاهي محبت کي پڄائيندي، ڇا لاءِ جو سڀ کان وڏي حاصلات اها ئي آهي. لوڀي من نا اميد ٿي آخر ڏسي ٿو تہ هن شيءِ مان بہ سک نہ مليو، هن شيءِ مان ترپت نہ ٿيس؛ تڏهين اها ڪھڙي ڳالھہ آهي، جا من کي ترپت ڪري ٿي؟ سُتل، سست انسان کان اورچ، لوڀي آتمڪ اُنتيءَ جي رستي تي گهڻو وڌيل آهي. اهنڪار وري ٻئي پاسي کان ان پرم هستيءَ کي پائڻ جو هڪ سڌو رستو آهي. اهنڪار (خودي) ڪيترن وڏين حاصلات جي شروعات ٿي سگهي ٿو، اهو خود يا وريءَ ۽ آزاديءَ جو ٻيو روپ آهي؛ جرئت جو هڪ ٿنڀو آهي اگرچہ ڪچي ڪاٺ جو ٺھيل آهي. شخصيت وڌائڻ يا جيون جي دائري وڌائڻ لاءِ هڪ قدرتي اپاءُ آهي. ’مان‘ کي مار يا ’مان‘ کي سڃاڻ، سا ساڳي ڳالھہ آهي، سڀ کان هٺيلا وڌيڪ اُهي آهن، جي ڪنھن اُصول تي هٺ ڪندڙ آهن؛ سي ذاتي طور سڀ کان وڌيڪ نھٺا انسان ٿين ٿا.“
مون سام کي چيو تہ انھن وڪارن جي درجي بدرجي ڪم يا اهميت بابت ڪجهہ وڌيڪ کولي ٻڌايوم. اُن وقت سام چيو تہ اڄ گهڻا نوٽ ورتا اٿيئي؛ وري ٻئي وقت اهو وشيہ کڻنداسون.
***
_______________
[1] ڌڻيءَ جي مھربانيءَ سان اُن منجهيل ماڻھوءَ جو ڪم راس ٿي ويو. هو وري اسان سان ڪونہ مليو آهي. هو شايد وري ڪڏهن اچي بہ ڪونه، پر اسان کي پنھنجي تڪليف جو ڪافي ڀاڙو هن اندروني خوشيءَ ۾ ڏئي ويو.
_______________