ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

1

27-11-1950ع ”گيان باغ“ ۾ سام سان گڏ ٿي گهميس؛ ڳالھائيندي، ڳالھائيندي مونکي چيائين، ”مون بہ ڪجهہ توکان پرايو آهي ۽ تو بہ ڪجهہ شايد منھنجي سنگت مان پرايو هجي؛ پر تو جيڪي پرايو آهي سو بي خبر ٿي ڪري پرايو اٿي، يعني تو زندگيءَ جا سبق ائين گرهڻ ڪيا آهن جيئن ڪو ننڍو ٻار کير جي ٻاٽليءَ کي چمبڙي وڃي ۽ پئڻ وقت اهو ويچار نہ ڪري تہ ميٺاج ڪٿان ٿو اچي يا ڪئين ٿو اچي، مگر هو ان ميٺاج ۾ لنولين ٿي وڃي! اسان جي گڏيل جيون جي ٻاٽلي تو هڪ ٻار وانگر کڻي منھن ۾ ڏني آهي ۽ وڃين ٿي خوب نوان نوان خيال ڳرڪائيندي، منھنجا ۽ پنھنجا آزمودا دل سان هنڊائيندي، ايتريقدر جو اها خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا مون توکي ڏنو آهي ۽ ڇا تو پنھنجو پاڻ بنايو آهي؛ ”تون“ ۽ ”مان“ ٻيئي هڪ وهڪري ۾ پاڻ وڃائي رهيا آهيون!“
سام وڌيڪ چيو: ”ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻکي بہ هڪ ٻار سمجهندو آهيان ۽ خود پنھنجي پرداخت لاءِ تو ڏانھن نھاريندو آهيان.“
مون چيو: ”مان برابر هڪ ٻار آهيان ۽ اڃا بہ وڌيڪ ننڍڙو ٿيڻ گهران ٿي، هڪ جيتامڙو يا هڪ ننڍي کان ننڍو جيءُ.“
ڪجهہ وقت کان پوءِ مون سام سان ڳالھائيندي پنھنجا ڪي ارمان ظاهر ڪيا. تڏهن سام چيو تہ ”جيتامڙو ٿيڻ معنيٰ پاڻ بلڪل وسارڻ، يعني ڪوبہ ارمان دل ۾ نہ رکڻ. مون زور سان نه، ڄاڻي واڻي نه، پر اڻ سڌي طرح شايد تنھنجي سنساري اميدن کي اُجهائي ڇڏيو هجي؛سو ائين آهي جيئن ڪنھن ڦلدار ٻوٽي جي چوٽين کي ڦر جهلڻ کان اڳ ۾ چٿي ڇڏجي، ان لاءِ تہ ان جو رس (Sap) وڌيڪ ڪارگر ٿئي؛ اجايا پن ۽ ساوڪ فقط پيدا نہ ڪري، پر نوان گونچ ڪڍي مٺاڦل پيدا ڪري؛ جيترو سنساري اميدن کان من مڙي، اوتروئي اتمڪ ڦل وڌيڪ مٺو ٿو اپجي مگر اهو موڙڻ پنھنجي مرضيءَ سان ٿي سگهي ٿو ۽ نہ ڪنھن ٻاهرين زور پوڻ سان.
29_11_1950ع اڄ سنڌيا کان پوءِ جيئن سام سان مليا سين ۽ پنھنجي نيم انوسار سکمني صاحب جو پاٺ پورو ڪري کائنس ڪجهہ خيالن يا آزمودن جي طلب ڪئي سين، تہ ڌيان ۾ ويھڻ واري وقت جو حال هن ريت ٻڌايائين: ”سنڌيا جي مھل خيال ٻئي ڪنھن ڪم ۾ نٿو لڳي؛ ان وقت سنساري ڪمن جي سامھون ٿيڻ سان ئي ڄڻ خفي پيو ٿئي؛ سو ائين آهي جيئن ڪو ٻار ماءُ جو کير ڌائيندو هجي ۽ انکي راند لاءِ سڏجي يا ٻئي ڪنھن پاسي ڇڪجي تہ هو خفي پيو ٿئي. جئين زندگي وڌيڪ ۽ وڌيڪ آتمڪ اصول تي رکجي ٿي، تيئن من پڻ وڌيڪ اندروني ميٺاج ڏانھن مائل ٿئي ٿو؛ پکين ۽ ٻين جيئن وانگر، جيئن واهيري جي مھل هو چڳي، کائي پي، پنھنجي آکيرن ڏانھن موٽندا آهن، سنجها جي وقت ساڌوءَ جو خيال پڻ ايڪا گرت ٿئي ٿو؛ جيئن ڪنھن بہ لالچ خاطر اُهي پکي وغيرہ وڌيڪ ڪٿي ڪين ترسن تيئن ساڌوءَ جو من بہ ان مھل سنساري جيوت ڏانھن منھن ڪرڻ کان بنہ انڪار ڪري ٿو. پکي جيڪڏهن واهيري جي وقت پنھنجي آکيري واري وڻ جي ويجهڙائيءَ ۾ پهتل هوندا تہ اُتان کين تڙي ٻاهر ڪڍي شڪارين لاءِ پڻ اهنجو ٿي پوندو آهي؛ اهڙيءَ ريت ڪوبہ سبب يا زماني جي مجبوري ساڌوءَ کي پنھنجي خيال کان ان وقت موڙي نہ ٿي سگهي.“
***


وڌيڪ چيائين، ”جڏهن باقي ڪمن کان آجا ٿي، پنھنجي آشرم ۾ نئين زندگي اختيار ڪنداسون، تڏهين اسين بہ قدرت جي سڀني جيئن وانگر زندگيءَ جي سچي قانون پٽاندر رهنداسون، اها زندگي ڪھڙي نہ سندر ٿيندي! جيتوڻيڪ هربات ۾ اها هڪ تات آهي تڏهين بہ باتين جو ان هڪ تات ۾ سميٽي وڃڻ، يعني نا ضروري ڪمن کان آتما جو الڳ ٿي وڃڻ، سا نشاني آهي آنند جي ڦل راس ٿيڻ جي. جيئن ميوي پچڻ تي پن پاڻھي ڇڻي وڃن تئن آهي گيان جي پراپتيءَ بعد خواهشن جو گم ٿي وڃڻ ۽ هنن سنساري ڪمن جو از خود بيهجي وڃڻ. ظاهر ۾ تہ زمينداري ڇڏي اچي بيڪار بڻيان آهيون پر دل من هن ماٺ ۾ راضي رهي ٿو ۽ وڌيڪ ايڪانت جي طلب رکي ٿو.
2- 12-1950ع اڄ ٻاهر نڪرڻ جو پروگرام هيو؛ جنھن دوست سان گڏ وڃڻو هيو سو 3 ڪلاڪ دير سان آيو. ويھي ويھي اسان سڀني جي طبعيت خراب ٿي پيئي. سام بہ ان ڳالھہ تي ناراضپي ڏيکاريو ۽ پوءِ ان ماڻھوءَ سان گڏجي هلڻ کان انڪار ڪيائين. مون کيس چيو: ”شايد هو دل ۾ ڪري!“
جواب ۾ چيائين: ”سو ٺيڪ آهي؛ ائين ئي تہ ٻئي جي تڪليف جو احساس پيدا ٿئي ٿو. اسانجي لاءَ صبر سٺو آهي پر اڻ ڳاڃ صبر کان سچي سھن شيلتا نرالي آهي؛ جيترو تفاوت ننڊ ۽ سماڌيءَ جي اوستائن وچ۾ آهي اوترو تفاوت بي خبريءَ جي ماٺ ۽ سچي سھن شيلتا ۾ آهي؛ اياڻپ جي صبر کان سجاڳي احساس جي چڱي آهي؛ هن نموني ماٺ ڪري هلڻ سان اسين اهڙي بي پرواهيءَ جي گناھہ کي همتائڻ جا ڀاڳي ٿينداسين؛ اهڙي بي پرواهيءَ ڪري جي من ۾ غصو پيدا ٿئي تہ اهو جائز آهي. غصو بہ پنھنجي حد اندر هڪ سٺو اوزار آهي مگر شخصي فائدي لاءِ ڪم آڻڻ ۾ برو نظر اچيٿو. هت شخصي فائدي جو سوال ڪونہ آهي؛ صبر ۽ غصي ٻنھين کان ڪم وٺي سگهجي ٿو، هميشہ چپ ۾ رهڻ بہ چڱو نہ آهي. اسان جي ملڪ ۾ اهو هڪ غلط خيال ڦهليل آهي تہ ساڌو يا فقير وقت جو ويچار نہ رکندا آهن. مگر سڀ ويچار رکي ڪري به، دک پسي ڪري بہ سھن شيلتا ڌارڻ سو هڪ سٺو گڻ آهي. وقتي اون نہ رکڻ ۽ انجام نہ پاڙڻ، سان اسانجي زندگيءَ ۾ هڪ عام ڳالھہ ٿي پيئي آهي. اهڙي بي پرواهيءَ کي همٿائڻ نہ گهرجي، اگرچ دل ۾ ڪو ارمان يا ڏک رکڻو نہ آهي.
***


3-12-1950ع مون سام کي چيو، ”منھنجي قلم کي شايد طاقت گهٽ آهي جو مونکي لکڻ جو ڪم اهنجو لڳي ٿو. ليکڪ ڪيئن ٿجي، سو ڏسيوم.“
جواب ۾ چيائين، ”پارڪر (Parker) پين وٺ!“
اسان سڀني کلي ڏنو. ٿوري دير بعد وري چيائين: ”منھنجي قلم کي تہ پنھنجو پاڻ مان پاور ملندي رهي مگر مان ان ۾ مس شرڌا جي وجهندوآهيان، اهڙي جو قلم هٿ ۾ کڻ تہ پاڻھي پيو هلي! لکڻ جو حرص نہ رکي، فقط ساوڌان ٿي ماڻھو پنھنجي دل من جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري تہ اندر مان ڪافي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اينديو؛ ايتري قدر جو پوءِ قلم پوروئي نہ پوندو. خيال جي شڌي ڪري پوءِ سڀ ڪم شروع ڪجي؛ بي واسطيدار ٿي پنھنجي من کان سڌو سوال پڇجي تہ هن يا هن سوال بابت سچ پچ ڇا چوڻ اٿئي يا ڇو چوڻو اٿئي؛ پوءِ هو پنھنجي سنھي ۽ سرل آواز ۾ پنھنجون ڳالھيون ٻڌائيندو. جي انھن ۾ ڪي لاڀدايڪ هجن تہ لکجن نہ تہ هرو ڀرو گهڻي لکڻ سان ڪو مطلب سڌ ٿيڻو ڪونہ آهي.“
وڌيڪ هيئن چيائين: ”لکڻ يا ڳالھائڻ جي طاقت بہ هڪ عجيب ڏات آهي. فرض ڪريو، جي رشي الميڪ رامائڻ جھڙو سندر گرنٿ نہ رچي ها يا سکديو سوامي ڪرشن ليلا (ڀاڳوت ۾) نہ سڻائي ها تہ دنيا هڪ وڏي خزاني کان محروم رهجي وڃي ها. ڪي ساڌو لکڻ ۽ ڳالھائڻ کي گهٽ ڪري سمجهندا آهن مگر لکڻ ۽ ڳالھائڻ جي طاقت بہ ٻين اوزارن وانگر آهي؛ جي چڱي ڪم لايو تہ چڱو نتيجو نڪري، جي بڇڙي ڪم لائجي تہ برائي پيدا ٿئي، فقط من مان آپو ڪڍڻ ڇڏڻ گهرجي، پوءِ تہ فقط قلم ۽ زبان پاڻھي فصيح ٿيندا، پر جيڪي چئبو يا لکبو تنھن جو نتيجو بہ عمدو نڪرندو. البت ائين قبول ڪرڻو پوي ٿو تہ ڪنھن حد کان پوءِ قلم هڪڙو گهٽ اهميت وارو اوزار نظر اچيٿو. قلم جي طرز کان وڏي طاقت آهي روحاني رمز جي. ڪجهہ سالن کان مان پڻ لکڻ کان عار ڪندو آهيان پر جڏهن خيال کڻندو آهي تہ ڪنھن حد ۾ اٽڪي نہ پوندو آهيان. ڪنہ بہ شيوا جي طرز طريقي ۾ ارادو سچو رکبو تہ اهو ضرور ڪامياب ٿيندو.“
***


پھريائين جڏهن سام ڪجهہ چوندو يا لکائيندو آهي تہ زبان سان تمام آهستي آهستي اکر اچاريندو آهي. ان باري ۾ پڇا ڪرڻ تي چيائين: ”مان ڄڻڪ ٻئي ڪنھن جا ويٺو خيال ٻڌان ۽ خبرداريءَ سان رڪارڊ ڪريان؛ کوھہ کوٽڻ وقت تڙ تي پھچڻ سان پھريائين پاڻي البت لڙاٽيو نظر ايندو آهي؛ آهستي آهستي وڌيڪ کوٽڻ سان صاف پاڻي نڪرندو آهي؛ سنساري شين مان خيال کي ڇڪي جڏهن من جي اونھن چشمن تي لاهبو آهي تہ تڙ جي کوٽائيءَ وانگر ڌيمي ڌيمي ڪوڏر جو ڌڪ هڻبو آهي؛نج خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ اکر آهستي اُچاربا آهن متان نفيس ۽ سنھڙا خيال خود پنھنجي آواز جي گهڻائيءَ ۾ گم ٿي وڃن! خاص ڪري شروع ۾ ائين ٿيندو آهي جيستائين جي ڏي وٺ (Communion) جي تار من جي لڪل ۽ اونھن طبقن سان وڃي لڳي. پر هر ڪنھن جو پنھنجو طريقو آهي. مان فقط پنھنجو طريقو بيان ڪريان ٿو.“
***


4-12-1950ع سويل صبح جو گهر ۾ ڪيترين ڳالھين گهٽ وڌ ٿيڻ ڪري پرارٿنا جي نيم ۾ ٿورو وگهن پيو، جنھن تي سام چيو: ”سھڻيون عادتون ۽ هن وقت جا سھڻا نيم اسان جي آئينده جي آشرم جا ٿنڀا ٿي سگهن ٿا؛ اُن شرم جي اڏاوت اسانکي هينئر، هن ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گهرجي؛ جڏهن ڪنھن ڀاتيءَ يا نوڪر کي غفلت ڪرڻ سبب يا صفائي ۽ وقت جي قانون بجا نہ آڻڻ سبب واجبي سزا ملي تہ ان کي خوشيءَ سا ڀوڳڻ گهرجي؛ سزا مقرر ڪندڙ کي بہ ڪوڙي ديا دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. سچي ديا سڀ لاءِ ان ۾ آهي تہ سھڻي عادت اُپجي ۽ سچي زندگيءَ جو قانون عمل ۾ اچي! قانون کان سواءِ زندگي ڦلھڙي ۽ بيڪار آهي جئڻ هڏن کان سواءِ ماس! تنھن ڪري هر روز اهڙيون ڳالھيون در گذر ڪرڻ تي هري وڃڻ نہ گهرجي. ڪنھن وقت ادار چت ٿي ڪا ڳالھہ در گذر ڪرڻ چڱي آهي، پر هميشه گندگي، بي پرواهي يا برائي برداشت ڪرڻ روحاني ضعف جي نشاني آهي.“
***


05-12-1950ع گهر ۾ نئين چلھہ ٺهرائي سين جنھن تي ماڻھو بيٺڙ ڪم ڪري سگهي. چلھين ۾ اوستو مارنگ اهڙي نموني وجهي ويو جو ديڳڙي رکڻ تي ڏٺو ويو تہ ڄر پٺيان نڪري ٿي ويئي مون چيو: ”ٺهيو؛ ٻئي ڀيري اوستو سڌاري ويندو.“
مگر سام کي اها ڳالھہ نہ وڻي ۽ گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن کي سمجهايائين تہ ڪاٺين جو انھيءَ ۾ زيان ٿئي ٿو جو آگ ڪم اچڻ کانسواءِ پٺيان اجائي نڪري ٿي وڃي؛ تنھنڪري ڪجهہ سڌارو ڪرڻ گهرجي.
ڇوڪرن کي اها ڳالھہ خسيس ۽ ذرا نئين ٿي لڳي. تنھن تي سام کين يورپ جي ماڻھن جو سھڻو مثال ٻڌايو؛ ”هوُ سڀ ڪنھن شيءِ کان پورو ڪم وٺندا آهن؛ ڀاڄين جا پن، گوبين جون مٿيون کلون وغيرہ جيڪي اسين بيڪار ڄاڻي ڦٽي ڪندا آهيون، تن سان هو ٻيون شيون ملائي شروو (Soup) ٺاهيندا آهن؛ سندن چلھين ۾ بہ اهڙي رٿ رکيل هوندي آهي جو باھہ جي گرمائش سموري ڪم اچي سگهي؛ چلھين جي وچ ۾ ٽنگ رکندا آهن جيئن وڌيڪ گرمائش ٻين خانن ۾ وڃي پاڻي ڪوسي ڪرڻ جو ڪم ڏئي ۽ اجائي اڏامي نہ وڃي.“
سام چيو، ”هي خسيس ڳالھيون ڪري سمجهڻ نہ گهرجن. بلڪ هي بنيادي ڳالھيون آهن جن تي گهرو ۽ قومي زندگيءَ جي اڏاوت ٻڌل رهي ٿي. ترقيءَ جي شروعات انھن سنھين ڳالھين ۾ آهي. ائين نہ سمجهو تہ هي منھنجو هڪ سو دائي خيال آهي، مگر مون انھن ڳالھن تي گهڻو ويچار ڪيو آهي؛ ملڪ جي پٺتي پوڻ جو ڪارڻ اهو آهي جواسانجي گهرو زندگي ٺيڪ نہ آهي. گهر جي آسودگي ۽ صحت جو مدار انھن سنھين ڳالھين تي ڪيترن وڏن ماڻھن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا؛ جن قناعت جي اصول تي زور ڏنو آهي.“
ان کان پوءِ مھاتما گانڌيءَ جي جيون مان هڪڙو سھڻو مثال پنھنجي هڪ دوست جو بيان ڪيل ٻڌايائين: ”مھاتما گانڌي سابرمتي آشرم ڇڏڻ بعد هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي رهيو؛ سندس رهڻ واري جاءِ جي ٻاهران اچ وڃ واري رستي تي برسات سبب گندگي ۽ پوسل ٿي پيئي. هنکي اها ڳالھہ نہ وڻي، مگر ٻئي ڪنھن کي حڪم ڪري رستو پڪو ڪرائي ڇڏڻ سو کيس ٺيڪ نہ لڳو؛ ڇا لاءِ جو اهو هڪ دنيا داريءَ جو اپاءُ ٿئي ها ۽ عام ماڻھن جي لاءِ مثال نہ بڻي ها. تنھنڪري هڪ ڏينھن اوچتوئي اوچتو روزاني تفريح کانپوءِ، جيئن گهر ٿي موٽيو تہ واٽ تان ننڍا پٿر جهول ۾ وجهندو آيو. ساڻس گڏ گهمندڙن کي عجب لڳو، مگر هن ڳجهہ جي خبر تڏهين پين جڏهين گهر وٽ پھچي انھن پٿرن سان هن چڪڙ واري رستي جي هڪ ننڍڙي ڪنڊ پڪي بڻائي ڇڏي. ان کانپوءِ ساڻس گڏ گهمندڙن پڻ ساڳيو نيم اختيار ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينھن ۾ اهو رستو گپ کان آجو ٿي پيو. هي خود يا وريءَ جو مثال ڏسي ڳوٺ وارن ماڻھن يا آشرم نواسين تي ڪيڏو نہ اثر ٿيو هوندو.
”قناعت فقيريءَ جو هڪ مول متو آهي. ڪا بہ آدرشي زندگي قناعت کانسواءِ برپا ٿي نہ سگهندي. جي گهڻي پئسي خرچڻ سان ڪا آشرم اڏي بہ سگهياسين تہ اها ڪارگر نہ ٿيندي ۽ جٽاءُ نہ ڪندي. محنت انسان جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي ۽ جي ساڻس محبت ملايو تہ ڪابہ منزل دور نہ آهي.“
***


6-12-1950ع سام کي ٿورو مليريا جو بخار هو. تنھن کان اڳ هن چيو ٿي تہ ڪئينائين جهڙيءَ شيءِ جي ڄڻڪ منھنجي معدي ۽ زبان کي طلب ٿي رهي. اسان کي ان ڳالھہ تي ٿورو عجب لڳو، ڇا لاءِ جو ڪئينائين هڪ ڪڙي دوا آهي، ان جي طلب زبان کي ڪيئن ٿي سگهي ٿي! ان بابت پڇا ڪرڻ تي چيائين: ”جيئن ڪي جانور بد هاضمي کانپوءِ مٽي کائيندا آهن جا هنن جي آنڊي کي ٺاريندي آهي، يا گهوڙا لوڻ جي کارن ڳوڙهن کي پاڻھي پيا چٽيندا آهن جڏهن هنن جي معدي کي اهڙي گهرج ٿيندي آهي، تئن انسان بہ جيڪڏهن پنھنجي ڀلائيندڙ خواهشن تي نہ هلي ۽ پنھنجو ذاتي گهرجون چڱيءَ طرح سمجهي تہ هن جون سچيون چاهنائون خود هن جي مرضن جو علاج ٿي پون. مگر اسانجي زندگي اڄ مصنوعي ۽ اُڇاتري ٿي پئي آهي ۽ اسانکي پنھنجن سچين گهرجن ۽ ڪوڙين خواهشن جي وچ۾ تفاوت ڄاڻڻ جي ٻوجهہ نہ رهي آهي، جنھنڪري وڏيون بيماريون پيدا ٿيون آهن ۽ ايتري ڊاڪٽرن جي ضرورت پويٿي نہ رڳو جسماني مرض پنھنجي بدن جي گهرجن صحيح سمجهڻ سان ٽاري سگهجن ٿا مگر اندروني يعني من جا مسئلا پڻ پنھنجي واجبي خواهشن ۽ سچين چاهنائن جي پوري ڪرڻ سان حل ڪري سگهجن ٿا. مان سمجهان ٿو تہ جيترو انسان بيروني دنيا ۾ پاڻ پتوڙي ٿو اوترو يا ان جو ڪجهہ حصو ئي اندروني جيوت جي سنوار ۾ لڳائي تہ انسان جي جيوت جي بي مرض ۽ پوتر ٿي پوي ۽ سندس هر خواهش آتمڪ انتيءَ جو ڪارڻ ٿي پوي. پر اسين اجاين سجاين ڪمن ۾، ٻين کان پرايل عادتن جي پٺيان لڳڻ ۾ ۽ ڪوڙن سکن جي ماڻڻ ۾ پنھنجي طاقت وڃايون ٿا؛ پنھنجي سچي خيال تي ڪين ٿا هلون جنھنڪري خود پنھنجي گهرجن کي سمجهي نٿا سگهون. جيڪو اسانجي اندر ۾ سچو خزانو خيال ۽ احساس جو آهي، جنھن منجهان سمورو گيان ۽ وگيان پيدا ٿئي ٿو، ان جي فائدي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿا رهون ۽ حياتيءَ ۾ ڪيترا هٿرادو مسئلا پئدا ڪري ٿا ڇڏيون.
***


گهرو ڪمن جي نيم جو سام کي گهڻو خيال رهندو آهي. جيڪي ڪم خاص ڪري سندس حوالي هوندا آهن، انھن جي هو ائين پالنا ڪندو آهي ڄڻڪ ڪو ڌرمي نيم پورو ڪرڻو اٿس. اهي ڪم نوڪر بہ ڪري ٿا سگهن، تنھنڪري مون کيس چيو: ”توهان پنھنجو امولڪ وقت نہ وڃايو. ڀل ٻيا ڪن: ٿورو گهٽ وڌ ڪيائون تہ ڇا آهي؟“
سام چيو: ”طيب ۾ زمينداري ۽ راڄوڻا ڪم گهڻا هوندا هئا؛ اهي ڪم مونکي ڌرمي نيم وانگر پالن ڪرڻا پوندا هئا. هينئر لاڙڪاڻي ۾ انھن جي ڀيٽ ۾ هي ننڍڙا ڪم گهرو سنڀال جا فقط ڪرڻا ٿا پون، پر انھن جو پالن ڪرڻ مان ساڳيوئي ڌرم سمجهانٿو. نيم جي پالنا ڪرڻ سان جيڪو فيض رسي ٿو سو ڪم جي ننڍائيءَ يا وڏائيءَ تي يا مالي نقطه نگاه کان جيڪو انجي اهميت هجي انتي مدار نٿو رکي؛ بلڪ انھيءَ جي چڱي نموني پالن ڪرڻ سان ئي ملي ٿو. ننڍي ۾ ننڍو ڪم ڪو بہ رواجي انسان اگر پاڻ تي هموار ڪري ۽ ايمانداريءَ سان پورو ڪري تہ انھيءَ جو فيض سندس روح کي ايتروئي رسندو جيترو دنيا جي وڏي ۾ وڏي حڪمران کي سندس مکيه ڪاروباري ڪمن مان رسي سگهي ٿو. ڇالاءِ جو فيض رسائي ايمانداري ۽ شد ڀاونا منجهان آهي ۽ نہ ڪم جي ننڍائي ۽ وڏائي منجهان ڪم جي نتيجي جو مالڪ ايشور پاڻ آهي. هن جي نظرن ۾ وڏن ۽ ننڍن ڪمن جو ڀلا ڪيترو تفاوت ٿي سگهي ٿو؟
***

ٽڪر جي چوٽيءَ تان يا هوائي جھاز مان ڏسندڙ ماڻھون کي ننڍي يا وڏي قدواري شين جي وچ۾ تفاوت بنھہ ڪو نظر اچي ٿو. پرما تما جيڪو شاهن جو شاه آهي، تنھن جي نظر ۾ اسانجي ننڍي يا وڏي ڪم جو ڪوبہ فرق نہ آهي. نہ رڳو ايترو پر حق جي تارازيءَ کي وزن جا وٽ ٿين ئي ڪونه. البت انکي گڻ يا وصف جي خاصي خبر رهيٿي. موٽائي تہ مڻ، جي اگهائي تہ ماسو بہ اگهي وڃي! ڪبير هڪ ڪوري هو؛ راما نند موچيءَ جي گهر جنم ورتو؛ سدنو ڪاسائي هو؛ مگر انھن جي مھما سندس آتما جي اوچ پدوي ۾ هئي ۽ نہ وڏن ڪمن ڪرڻ ۾ تنھن ڪري ننڍي يا وڏي ڪم کي نہ ڏسي انسان حياتيءَ جي هر طبقي ۾ ايمانداري ۽ اوچ آدرش سان رهي. انجي زندگيءَ جو نتيجو شايد ظاهر ۾ گهڻو نہ ڏيکارجي، مگر اهڙي انسان جا اثر اونھا ٿين ٿا ۽ جن شين يا جن جيئن سان سندس واهپو رهيٿو، انھن جي مٿان سندس عالى شخصيت جو پڪو رنگ چڙهي وڃيٿو. اخبارن جي ذريعي مشهوري يا ماڻھن جي واھہ واھہ جي اهڙي انسان کي تمنا رکڻ نہ گهرجي. هو گوشي نشين ٿي پنھنجي زندگي ڀل تہ ڪنھن ننڍڙي دائري ۾ گذاري؛ دنيا جي تختي تان ڀل تہ اڻ ٻڌو، اڻ ڏٺو مٽجي وڃي، تڏهن بہ سندس ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جو اثر ڪٿي، ڪنھن اڪيلي انسان جي دل ۾ زنده رهي، ڪنھن وقت، سندس مئي پڄاڻان خوشبوءِ جو ڪو خزانو کولي سگهيٿو. هن جو پورهيو هرگز اجايو نہ ويندو. اهو ڀلائيءَ جي واٽ وارن جو ايمان آهي اهو اسانجو عقيدو ۽ سچو مذهب ٿيڻ گهرجي. ايماندار ٿي رهڻ ۽ مالڪ جي سچي نوڪر وانگر ٿي هلڻ، ۽ جيڪو بہ ڪم هو سونپي انھيءَ کي سچائيءَ سان چهٽي وڃڻ، زندگيءَ ۾ ان کان اتم موکشيه جو ڪوبہ مارگ ڪونہ آهي. جيتر جيئرو رهبو تيتر ڪرم کان منھن موڙي نہ سگهبو. هي بہ ڪم انھيءَ جا، ٻيا بہ انھيءَ جا؛ جو ڪم ملي سو خوشيءِ سان ڪبو.“
***

نيمن جي باري ۾ وڌيڪ ذڪر ڪندي سام چيو: ”ڪو اصول مقرر ڪجي تہ انھيءَ کي پوري آزمائش کانسواءِ ڇڏي ڪين ڏجي، ڇا لاءِ جو اصول يا نيم جي چڱائيءَ ۽ برائي جي خبر آزمائش کانپوءِ ئي پئجي سگهي ٿي.
ٿوري تڪليف ڏسي تڪڙ ۾ پنھنجو اصول ڇڏي ڏيڻ وارو انسان پنھنجي زندگي سڦل ڪري ڪين سگهندو. ڀل تہ لوڪ ننداڪن يا اسانکي چريو چون، پر جيڪڏهن اسان پنھنجو آدرش ايمانداريءَ سان چونڊيو آهي تہ انھن جي پچار جو اثر اسان تي پوڻ نہ گهرجي. ايمانداريءَ ۽ محڪم ارادي وارو ماڻھو آخر عام جي راين تي فتح پائي ٿو. دنيا جي پيغمبرن ۽ قوم پرستن جا اهڙا مثال اسانجي اڳيان آهن. پر جيڪڏهن خاطري ٿئي تہ اسان جو اصول يا رستو ٺيڪ نہ آهي، تہ پنھنجي سڄي عمر جي محنت پڻ رد ڪري ان اصول کان منھن موڙڻ گهرجي. مون اڪثر ائين بہ ڏٺو آهي تہ ايمانداريءَ سان اختيار ڪيل نيم شروع ۾ اگرچ ڪچو تڏهن بہ سائين جي مھر سان پڪو ۽ لاڀ دايڪ بڻي پوي ٿو. پنھنجن سچن ڀڳتن جي راھہ پرڀو پاڻ اچي صاف ڪندو آهي. سندن اوگڻ معاف ڪري انھن مان ڳڻ پيدا ڪندو آهي. پر هيءَ هڪڙي اندروني تجربي جي ڳالھہ آهي جنھن جي اکري ثابتي ڏيڻ اهنجي آهي.“
***

7-12-1950ع مونکي دل ۾ ڪجهہ سورهيو؛ طبعيت ٺيڪ نٿي سمجهيم؛ پنھنجي هميشہ جي ريت موجب سام جي هٿن جي ڪا شيءِ، رومال وغيرہ ٿي ڳوليم تہ انھيءَ سور واري جڳھہ تي گهمايان تہ جئن راحت مليم. هڪ ڪم آندل رومال هٿ آيم جو اتي گهمائي پوءِ پيشانيءَ سان لڳايم. سام انھيءَ ڳالھہ تي هميشہ وانگر گهڻو ناراض ٿيو ۽ چيائين: ”ڊاڪٽر ٿي ڪري ڪابہ ڪم آندل شيءِ ڪيئن ٿي پنھنجي جان سان لڳائين؟ منجهس بيماريءَ جا جيوڙا ٿي سگهن ٿا. انھيءَ ڳالھہ کي مان هر گر نٿو پسند ڪريان.“
مگر مونکي جو راحت ملي، تنھن ڪري مون وري بہ ائين ڪيو ۽ چيم: ”مان انھيءَ ڳالھہ کان اصل ڪون مڙندس.“ پوءِ گرڌاريءَ[1] جي مٿان ساڳيو رومال رکي کانئس پڇيم تہ ڀائي ڏس، توکي بہ راحت ملي ٿي يا نه؟“
سام آخر ڪاوڙ ڇڏي مشڪي ڏنو ۽ چيائين: ”توهان جو عقيدو ئي توهانکي کٽائي ٿو. اها راحت ۽ خوشبوءِ توهان جي آتما ۾ آهي ۽ نہ منھنجي هٿن پيرن يا کرن ۾. پريتم جي ڪا بہ شيءِ پياري لڳندي آهي؛ ان جي وسيلي پريتم جو پيار دل ۾ وڌي ٿو. جھڙي طرح ڪنھن تيرٿ تي وڃجي ۽ انھيءَ آستان تي ايشور جي رچل ليلا ياد ڪرڻ سان دل ۾ امنگ اٿن، يا ڪنھن پريميءَ ۽ پوج انسان جي ڏنل سوکڙيءَ ڏسي سندس سڪ وڌي، تهڙيءَ طرح هيءُ پراڻي اڳڙي بہ ڪو امنگ اٿاري سگهي ٿي. مگر تنھن هوندي بہ مان ائين پسند نہ ڪندو آهيان تہ ساڌن يا فقيرن جي عام ماڻھو پوڄا ڪن يا انھن چرن ڇهن، ڇا لاءِ جو انھيءَ مان جيڪو ڪن ٿورن اٽل ڀڳتيءَ وارن کي فائدو رسي ٿو سگهي تنھن کان وڌيڪ عام ڀرمي ماڻھن کي، جيڪي عادت طور اهڙي هلت ڪن ٿا، نقصان رسي ٿو. تنھن ڪري ٻين جي ڀلي لاءِ توهان بہ اها ريت ڇڏي ڏيو.“
***

ساڳي وشيءِ تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”گذريل رات سنڌيا جي وقت کان اڳ تو پنھنجي ڏينھن جي ڪمائيءَ جا پئسا مون وٽ آندا هئا، جي مون ان وقت ٻاهر رکي ڇڏيا. سنڌيا جو وقت اچي رهيو هو ۽ سج لٿي کانپوءِ خاص ڪري پئسي جھڙي شيءِ کي هٿ لائڻ نٿي وڻيو مگر سنڌيا کانپوءِ اوچتوئي هي خيال آيو تہ اهي پئسا منوءَ جي هٿڙن جو پورهيو آهن؛ متان اتي گم ٿي وڃن! تنھن ڪري گهڻي شرڌا سان وري کڻي مٿن پيار مان هٿ گهمايم؛ پوءِ ڪٻٽ ۾ ٺاهي رکيم. جيڪا شيءِ رواجي طرح ميري ۽ خيال کي اڻ وڻندڙ ٿي لڳي. خاص طور سنڌيا جي مھل، سادل جي شرڌا سا ايتري پياري ۽ پوتر ٿي پئي جو نہ رڳو سانڍي رکيم پر پيار مان مٿس هٿ بہ گهمايم! اهڙي طرح تنھنجو هڪ اڳيون رومال بہ مونوٽ آهي ۽ ڪي ٿوريون شيون منھنجي ٻارن ۽ دوستن جون بہ مونوٽ سانڍي رکيل آهن؛ اهي سندن مالي ملھہ جي ڪري نه، مگر ڪنھن ياد يا پريم جي ڪري امولڪ آهن. ان مان ثابت آهي تہ امنگ ۽ احساس انسان جي سچي دنيا آهي؛ احساس جيوت جو هڪ خزانو آهي ۽ گيان جو دروازو آهي. ان جي صفائي ۽ سينگار ۾ انسان جو اُڌار آهي. پريم احساس جي شڌيءَ لاءِ سڀ کان اتم اپاءُ آهي پر تنھن هوندي بہ ڪنھن شخصي، ڪم آندل شيءَ کي سر سان لڳائڻ جي ڳالھہ مونکي ٺيڪ نٿي لڳي؛ اها ڳالھہ گويا عقل ۽ ويچار کي ڌڌڪو ڏيئي ٿي ڇڏي.“
***

9-12-1950ع ”جن شين سان پريم شامل ٿئي ٿو، سي وري پريم کي وڌائين ٿيون ۽ جن شين سان اگيان يا نفس شامل ٿئي ٿو، انھن جي صحبت اگيان کي وڌائي ٿي.“ اها سمجهاڻي سام مونکي ڪالھہ چٽيءَ طرح ڌرشٽانت سان ڏني. هيئن ٿيو جو اسانوٽ رهندڙن ڇوڪرن مان هڪڙي جو فوٽو سندس هٿ آيو جنھن ۾ هو ٻيڙي وات ۾ وجهي هڪڙي ٻاهرين رولو ڇوڪري جي سنگت ۾ بيٺو آهي، سام اهو فوٽو مونکي ڏيکاريو ۽ چيائين تہ ڏس هن مان ظاهر آهي تہ هنجو لاڙو اهڙو سنگت ڏانھن اڃا ايترو تہ آهي جو هي فوٽو ڏسي هو خوش ٿئي ٿو. هن فوٽي ۾ هو نہ فقط ٻيڙيون ڇڪي رهيو آهي يا واهيات نموني ۾ بيٺو آهي پر دل جي خوشيءَ مان انھيءَ واقعي جو بيھي نقش چٽرائي ٿو، يعني انھيءَ صحبت ۾ فخر رکي ٿو.“
اهو فوٽو ڇوڪري انوقت واپس گهريو. سام کيس چيو تہ اهو ڪنھن کي ڏيکارڻ بہ چڱو نہ آهي، تنھنڪري ڦاڙي ڇڏڻ گهرجي. تڏهن فوٽو مونوٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو جنھن تي سام چيو: ”تو شايد اهو خيال ڪيو تہ اهڙي شيءِ جنھن تي رپيو يا ٻہ خرچ ٿيو سا ناحق ڇو ڦاڙي وڃي. مگر برائيءَ کي ناس ڪرڻ لاءِ اسانکي همٿ هئڻ گهرجي. جنھن شيءَ سان بروخيال شامل آهي سا ڪيتري نہ قيمتي يا هنر سان ٺهيل هجي تہ بہ ان مان چڱائي پيدا ڪونہ ٿيندي. بڇڙي ارادي سان سٺيون شيون شامل ٿي بڇڙائي جو ڪارڻ بڻجيو پون.“
پوءِ مھاتما گانڌيءَ جو هڪ مثال ٻڌايائين: ”مسز گانڌيءَ کي پنھنجي زيورن سان بيحد موھہ رهندو هو. مھاتما گانڌي انکي زيورن جي موھہ کان ڇڏائڻ ٿي گهريو؛ مگر اهو زنانو موھہ اهنجو ٿو ڇڏجي؛ آخر چون ٿا تہ جھاز جي مسافري ڪندي مھاتما گانڌي اهو ڳهڻن جو دٻلو کڻي سرن درياھہ ڪيو، ڇاڪاڻ جو اهو خود موھہ جي هڪ جڙ بڻجي پيو هو. اهڙي ريت سلطان محمود غزنوي پنھنجي خيال موجب سومناٿ جومندر ڊهرائي پنھنجي آدرش جو ثبوت ڏنو، اگرچ انھيءَ کان وڌيڪ اوچو ٻيو هڪ آدرش هو جنھن جو قرآن شريف ۾ خود ذڪر ٿيل آهي، اهو تہ تنھنجو مذهب توتاءِ ۽ اسانجو اسان تاءِ. پر محمود چيو: ”مان بتن جو وڪڻندڙ ڪونہ آهيان مگر ٽوڙيندڙ آهيان!“ هنکي لکين روپيا آڇيا ويا مگر هن پنھنجي اصول جو ملھہ پئسن کان وڌيڪ سمجهيو. بتن ٽوڙڻ واري اصول جي مان پٺڀرائي نٿو ڪريان، مگر سندس اصول جي پڪائي جو فقط ذڪر ٿو ڪريان. اهڙي طرح قطع تعلقات جي هلچل وقت وديشي ڪپڙن جي جلائڻ (Bonfire) جو مثال پڻ اسانجي اڳيان آهي. انساني هٿن جي پاڪ ۽ نازڪ پورهئي کي هندستان جي آزادي جي آهوتيءَ ۾ جلايو ٿي ويو! حقيقت ڪري ڪپڙي جي جلائڻ جي ضرورت نہ هئي، پر ڪپڙن سان گڏ يا چئجي کڻي تہ ڪپڙن جي لباس ۾ وديشي خيال ايترو تہ لڪل هو جو سندس بوتي جي جلائڻ جي ضرورت سمجهي ويئي. جيتوڻيڪ مون پاڻ پنھنجي شڪتيءَ آهر ان خيال جي برخلافي ڪئي هئي، ڇا لاءِ جو هڪ غريب اگهاڙي ديش لاءِ اهو هڪ غلط قدم هو ۽ سمدرشٽيءَ وارن جي نگاھہ کان پڻ هڪ تنگ خياليءَ جو مثال هو، تڏهن بہ انوقت جي مرض لاءِ مھاتما گانڌيءَ کي اهو هڪ صاف ۽ سڌو رستو نظر آيو. سمدرشٽيءَ وارن لاءِ ڪابہ شيءِ وديشي نہ آهي. مگر قوم پرستن کي هندستان جي جيوت ۾ وديشيپڻي جو ذرو بہ قومي غلاميءَ جو ڪارڻ ٿي لڳو. جيئن ڪنھن جاءِ جي اڏيندڙ کي اڏاوت لاءِ پڌر صاف ڪرڻو پوي ٿو، تئن هڪ ڪرم يوگيءَ کي پنھنجي رستي صاف ڪرڻ لاءِ ڪڏهن شوشڪتيءَ مان يعني ناس ڪرڻ واري طاقت مان ڪم وٺڻو پوي ٿو. خاص ڪري هن حالت ۾ تہ ان ڳالھہ بنسبت ڪو شڪ ئي ڪونہ آهي. هي فوٽو ڪا ڪار گرشيءَ ڪونہ آهي. تنھن ڪري هن ڇوڪري کي پاڻ اهوناس ڪرڻ گهرجي تہ جئن اهڙي صحبت کيس ياد بہ نہ رهي.“
***

اسانجي ننڍڙي دنيا ڪھڙي نہ سندر آهي! اسانجي نماڻي جيون ۽ اسانجي ننڍڙن ڪمن مان اسانجو سام خيال جي مانڌاڻيءَ سان ڪھڙي نہ گيان جي ملائي ۽ مکڻ ڪڍي پيو ڏئي! هي رام، تنھنجا اسين بار بار شڪرانا مڃون ٿا. سچ پچ وڏي اڊ مبر وارن ڪمن ڪارين ۾ ڪڏهين انسان جو من مد ۾ ڀرجي وڃي ٿو. هن نماڻي ڳوٺاڻي جيوت ۾ بہ اسان سان ڀڳوان پنھنجي ڀلائي ڪري ٿو. هن کان اڳ ڏکين وقتن ۾ پڻ ائين ئي چوندا هئا سون: ”جو تڌ ڀاوي سائي ڀلي ڪار!“ اي سائين اسان تہ تنھنجا ننڍڙا جيتامڙا جيءَ آهيون. اسان وٽ ڪي وڏا ڪم ڪاريون ڪين آهن. تون پنھنجي راھہ ۾ هلڻ جي اسانکي همٿ ڏئي! دنيا ۾ ڀل اسانکي اڃا بہ وڌيڪ ننڍڙو بڻاءِ؛ هئڻ ۽ هستي اسانجي مٽاءِ؛ فقط پريم پنھنجو دان ڏي اسانکي؛ جيئن هڪ ڦڙو ساگر ۾ سمائجي وڃي تيئن هي ننڍڙي جيون اسان جي شل تو ۾ سمائجي وڃي! اسين پنھنجي ننڍائيءَ ۾ نھال آهيون. آسيس ڪر هي سائين، جيئن تنھنجي پريم بنا ٻي ڪا تمنا دل ۾ نہ رهي! ڪم اهو ڀلو جنھن ۾ تنھنجو پريم ملي.
10-12-1950ع احساس جي وشئي تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”احساس کان وڌيڪ اتم خزانو ٻيو آهي. احساس انساني جيوت جي پھرين پرھہ واري روشني مثل آهي. پريم ان جي ڪماليت آهي. احساس جو رستو گيان جي طرف رجوع آهي، مگر پريم ۾ گيان خود سمايل رهي ٿو. پريمي پنھنجي پريم جي ذريعي منزل مقصود سان گويا مليل رهي ٿو. احساس فقط معلومات ڪرڻ جي شڪتي آهي. مگر پريم ان ۾ مطلب يعني معنيٰ وجهي ٿو. احساس تصور جو اڇو پڙدو آهي؛ پريم انھيءَ جي چٽسالي آهي، جنھن جي ذريعي صورت خود ظاهر ٿئي ٿي. خالي اڇو پڙدو بيڪار آهي جيستاءِ مٿس پريم جي پر ڪارسان تصور نہ ٿي کينچجي. احساس گيان ڪمائي ٿو يعني هتان هتان ڪٺو ڪري ٿو، پريم گيان کي پاڻان پائي ٿو! گيان جڏهن ڪامل ٿئي ٿو تڏهن نہ رڳو من مقصد پنھنجو ڏسي ٿو پر پنھنجي مطلوب سان هڪ ٿي وڃي ٿو؛ گيان تڏهن عشق ٿي پويٿو، جنھن جي محسوسات جو دارو مدار اندرين يا من جي عقلي هلچل تي نہ پر ڪنھن الھامي اعلان يا انتر گيان تي رهي ٿو. جسماني دائري ۾ خواهشن جو راڄ آهي. جذباتي دائري ۾ احساس جو رنگ آهي. مگر مانسڪ يا دماغي دائري ۾ گيان اتم چيز آهي. روحاني يعني آتمڪ دائري ۾ فقط پريم ۽ آنند جو واسو آهي.
”سچو پريم جيڪو پاڻ ۾ ڀرپور آهي، انکي ديا آهي پر ديا جو ڏيک نہ آهي. ڪنھن سان ظاهري پنھنجائي رکڻ يا خاص سڪ ۽ رغبت جو نمون اختيار ڪرڻ سو ڪڏهن ڀڳتين کي وڻي ٿو تہ ڪڏهين وري هو سڀ کان الڳ الڳ نظر اچن ٿا. مگر چپ چپ ۾ رهندي هو ديا ڀاو سان ڀرپور رهن ٿا. ديا ڀاو گويا پريم سان مليل ئي آهي. جنھن جي ثابتي پريمين جي سنگ مان ملي ٿي. پريمي پرش جي ويجهي اچڻ تي ديا جي ڄڻڪ ڄر پئي اچي. ظاهر ۾ ڀڳت جن ڪڏهين اداس ۽ بي پرواهي لڳندا آهن گر اها ڏسڻ وارن جي سمجهہ جي گهٽتائي آهي؛ هو احساس رهت هرگز نہ آهن؛ ديا پريم سان ايترو تہ ڀرپور آهن جو ان جي مزي ۾ سدا مگهن آهن ۽ انھيءَ جو اظھار فقط ماٺ ۾ ڪري سگهن ٿا يا چئجي کڻي تہ پاڻ خود انھيءَ جي اظھار جو هڪ نمونو آهن، ڇا لاءِ جو پريم آنند روپي آهي. مگر اهو آنند چت ۽ ڀاونا رهت نہ آهي. احساس يا انڀو، چت ۽ گيان يا سمجهہ ۽ علم انجي اتم جوڙ جا جزا آهن.“
وڌيڪ هن باري ۾ سام چيو: ”اکرن جي رستي سمجهاڻي فقط ايتري ملي ٿي. زيادہ پنھنجي سمجهہ سان پرائي سگهجي ٿو. آتما جو خزانو اکٽ آهي. ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ کان وڌيڪ اتم رستو ڏسڻ يعنيٰ درشن پائڻ جو آهي. مگر ڏسڻ کان بہ وڌيڪ آهي ”ٿيڻ“ مطلوب سان هڪ ٿي وڃڻ! جا شيءِ اسين ڏسون ٿا. يا جنھن جو اسنڀو ڪيون ٿا اها ڪجهہ قدر اسان پاڻ ٿي بہ وڃون ٿا. نہ رڳو ايترو پر جيتري قدر اسين اها شيءِ ٿيون ٿا، اوتري قدرئي فقط ڪنھن شيءِ جي سچي ڄاڻ يا سمجهہ رکون ٿا! ان نموني حقيقت ڪري ڏسڻ ۽ ٿيڻ وجودي هلچل جا ٻہ ڇيڙا آهن. پر ٿيڻ معنيٰ هڪ ٿي وڃڻ گيان جي چوٽي آهي ۽ ڏسڻ شروعات وارو ڇيڙو آهي.
”هن ديش جي رشين جي اها هڪ نرالي واٽ هئي ۽ آهي تہ نہ فقط ﷲ جو آواز ٻڌون يا سندس درشن پايون، پر ان ۾ خود سمائجي وڃون، يعنيٰ ايشوري پدويءَ کي پاڻ پھچون. ٻين اکرن ۾ تہ پاڻ ﷲ ٿيون! آتما جي ياترا جو انت فقط پرماتما ٿي سگهي ٿو!“
***

________________________________________
[1] نوٽ:- ڇوڪرو جيڪو اٺن (8) سالن جي عمر کان وٺي اسان سان رهندو آهي ۽ پنھنجا مٽ مائٽ ڇڏي آيو آهي.
23-12-1950ع سنڌيا جي ڌيان کانپوءِ گهڻو ڪري سام اڳيان وڃي سکمني يا ٻيو ڪجهہ پڙهندا آهيون. ڪڏهن پاٺ يا ڀڄن ڪري نہ سگهندا آهيون تہ گهٽ ۾ گهٽ پريم سان گهر جا ڀاتي نوڪر وغيرہ سام جي ڪمري ۾ اچي ملندا آهيون. جيئن صبح جو ننڊ مان اٿي رام رام چوڻ سان هڪ ٻئي کي کيڪاربو آهي يا انگريز ”گڊ مارننگ“ چوندا آهن ۽ ٻيون قومون ڪي ٻيا لفظ استعمال ڪنديون آهن، جن سان نئين ڏينھن لاءِ گويا سٺي شروعات ڪئي ويندي آهي، تئين سنڌيا کان پوءِ، جڏهن من پريم جي ڀاو سان ڀرپور رهي ٿو، هڪ ٻئي سان وندنا ڪري ڄڻڪ اسين نئون جيون شروع ڪندا آهيون؛ ائين سمجهندا آهيون تہ هڪ دنيا کان نڪري هاڻي ٻيءَ ڏانھن وڃي رهيا آهيون؛ محنت ۽ پريشانيءَ واري کيتر مان نڪري پنھنجي آتما جي آکيري ڏانھن موٽي رهيا آهيون. انوقت جو مزو نرالو آهي. مان تہ گهڻو ڪري پريئر روم جي ڪنڊ ۾ سوڙهي ٿي، ڪجهہ دير تائين ماٺ ۾ ويٺي رهندي آهيان ۽ ائين سمجهندي آهيان تہ اها ماٺ ڄڻڪ منھنجي خود آتما تائين پھچي وڃي ٿي؛ ان گهڙيءَ جو سک سرڳ جي سکن کان وڌيڪ ڀائيندي آهيان.
مگر اڄ گهرو ڪمن سبب مان سنڌيا جي وقت تي پھچي تہ سگهيس ۽ جڏهن سام مونکان انھيءَ بابت پڇيو، تڏهن پاڻ انکي الٽو جواب ڏنو. دل ۾ انھيءَ موقع وڃائڻ جو ڪو لڪل ارمان هو جنھن ڪري مٺو نہ ڳالھايم. سام چيو: ”تنھنجي خفي ٿيڻ جو سبب اهو آهي جو توکي پنھنجي آتمڪ خوراڪ اڄ نہ ملي؛ ان ڪري ڪجهہ کٽي ٿي پيئي آهين. سنساري ڪم جڏهن منھن ۾ اچن ٿا، تڏهين انھن جي وڏي ضرورت نظر اچي ٿي؛ اهي طرحين طرحين غرضن جا پوش پھري اچن ٿا، جنھن ڪري سڄو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪيو وٺن، پر پوءِ جڏهن ويچار ڪجي ٿو تہ آتمڪ اڀياس ۽ دل جي آنند جي ڀيٽ ۾ اهي تمام تڇ نظر اچن ٿا. ڪن کي تہ عمر لاءِ، جئن توکي اڄ لاءِ، ارمان رهجي وڃي ٿو تہ هي! جو وقت اجايو هليو ويو؛ اسان ڪجهہ ڪين ڪيو!“
سام وڌيڪ چيو: ”انھن ڪمن مان جيڪو لاڀ پيدا ٿئي ٿو سو جي دل جي تاراضي ۾ ان وڃايل نعمت سان توري ڏسبو تہ اهو ڪجهہ بہ نظر نہ ايندو. تنھن ڪري ڪجهہ وقت ڪم ڪاريون بند ڪري سنگ ۾ اچڻ يا الڳ ٿي ڌيان ۾ ويھڻ سو اجايو وقت وڃائڻو نہ آهي. حضرت محمد (صلي ﷲ عليه وسلم) جن کي پنجن وقتن تي نماز پڙهائڻ جو طريقو مان سمجهان ٿو ان ڪري وڻيو هوندو جو انسان لاءِ باربار پاڻ جهلي، پنھنجي خيال جا جزا کڙيل پکڙيل گڏ ڪري، پاڻ ۾ يڪو جودي آڻڻ ضروري آهي. اها خبر پڻ تڏهن پوندي تہ ڪھڙي ڪم جو ڪيترو ملھہ آهي جڏهن خيال جي يڪوجودي حاصل ڪبي. ڪمن ڪارين جو خود مطلب اهو آهي تہ آتما جسم جي سوڙهي پڃري کان ٻاهر نڪري؛ ڪمن ۾ هٿ وجهڻ انسان جي آتما لاءِ آزادي ڳولڻ يا پورنتا لاءِ جهاتيون پائڻ جي برابر آهي؛ انھن ڪرمن دوارا آزمودا پرائي آتما خود پرماتما لاءِ واجهہ وجهي ٿي. مگر هڪ لحظي پريم جي ۾ اهو سارو فائدو ملي سگهي ٿو جو جنمن جي ڪرمن مان ملي سگهي. سڀ گيان پر ڀوءِ جي پريم اندر اچي وڃن ٿا. سڀ حاصلات ان آنند ۾ سمايل آهن، ڪرم ۽ ڪشالي جو مقصد بہ انھيءَ گيان جي پراپتي آهي يا صوفين جي ٻوليءَ ۾ چئجي تہ ان يار جو ريجهائڻ آهي.“
***


ان بابت وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي، سام چيو: ”مان اهو ساڌوپڻو يا سنياس توهان کي نٿو ڏسيان جو خود مطلبي يا آلس مان پئدا ٿئي ٿو. مھر جڏهن آتما ڪرمن دوارا يا گيان جي کوجنا سان پنھنجو سچو روپ ڏسي ٿي تڏهن باقي ڪنھن ڪم يا شيءِ جي خاص چاهنا نٿي رهي. جيوت جا ڪم ڪاريون پيا ٿين ۽ پيا ٿيندا. انھن لاءِ نہ انتظاري رکڻ گهرجي نہ انھن کان هروڀرو منھن موڙ ڪرڻ گهرجي. انھن کان زوريءَ پاڻ ڇنائڻ سو آهي وڻ مان ڪچي ميوي ڇنڻ جي مثل. جڏهن ڦل پاڻھي رسي تيار ٿئي ٿو، تڏهين ان جي ڪري پوڻ لاءِ فقط هوا لڳڻ جو بهانو بہ ڪافي آهي.
”جڏهين جيو آتما پنھنجو پرم روپ ڏسي ٿي، تڏهين اڇا ۽ ڪامنا، جن مان ڪرم اپجن ٿا، سي سڪل پنن وانگر پاڻھي ڇڻيو پون. پوءِ ڪرم فقط نالي ماتر رهن ٿا؛ يا چئجي کڻي تہ ڪشمڪشا جي هيٺين ميدان مان نڪري آتما اوچ طبقن تي واسو ڪري ٿي ۽ ڪرم وڌيڪ سوکيم ٿين ٿا! مثال طور هر ڏيڻ، ڪوڏر هڻڻ يا بار ڍوئڻ، انھن جي ڀيٽ ۾ ساڌو پرشن جو ڳائڻ يا ڳالھائڻ هڪ سوکيم ڪرم آهي. آخر ماٺ ۾ مشڪڻ يا نج ماٺ خود آتما جو ڪرم بڻجي پوي ٿي. زوريءَ ڪم ڇڏائڻ ڪنھن کان ڪين گهرجي؛ مگر سنسار جيوت کان وڌيڪ مٺي ۽ ڦلدار جيوت ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ سو آتمڪ اڀياس جو هڪ ضروري اپاءُ آهي. جي ڇيت سان هيءَ چاشني هڪ ڀيروئي چکن ٿا تن کان ترش طعام طمع جا وسريو وڃن.“
***


سام ٻڌايو، ”هماليہ پھاڙ تي مون هڪ ٻوٽي ڏٺي، جنھنکي هٿ لائڻ سان ڏينڀوءَ جھڙو ڏنگ ٿي لڳو؛ پر ان جي هيٺان ڇا نوري ۾ هڪ ننڍڙي ٻوٽي اسريل هئي جنھن جي لڳائڻ سان ڏنگ جو اثر مٽي ٿي ويو! ساڳئيءَ طرح پر ڀوءَ پنھنجي پورڻ گيان سان سنساري ڪمن ۾ ٿڪ جو اثر وجهي ڇڏيو آهي؛ اهو ٿڪ ڪوڙي چاهنا کي ماري ٿو، يعني سنسار جي ٻوٽيءَ ۾ جيڪو ڏنگ يا زهرلا لاڳاپي (Attachment) جو آهي، تنھنکي آهستي آهستي ناس ڪريٿو ڇڏي. تنھن ڪري اهو ٿڪ بہ روحاني زندگيءَ لاءِ هڪ اميد ڀري نشاني آهي. البت پھريائين انھيءَ مان کٽائي پيدا ٿئي ٿي، جئن هن وقت تو ۾ آهي؛ مگر آهستي آهستي جئن چاهنا گم ٿي وڃي ٿي تيئن کٽائي ۽ ٿڪ بہ پاڻھي گم ٿي وڃن ٿا. هيءُ جيوت جو هڪ عجيب قانون آهي جو انسان جومن خود پنھنجي حاصلات مان ٿڪ جيو پوي! سنساري ڪمن مان ٿڪ جي پوڻ کانپوءِ وري جيئن گيان ۽ پريم وڌي تئين ٿڪ جي جاءِ تي شوق پيدا ٿئي ٿو. انھيءَ مان ئي سمجهي سگهجي ٿو تہ هي سنساري ڪرم فقط ڪامنا کي نھوڙڻ جا حيلا آهن، جي انسان جي من کي ٿڪائي، ڀٽڪائي آخر ڦيرائي پنھنجي سچي مقصد ڏانھن وٺيو وڃن!
جڙگهوڙو جڏهن ڊڪي ڊڪي ٿڪبو آهي تہ پوءِ سياڻو سوار انکي دڙڪي يا گام سھنجائيءَ سان سيکاري سگهندو آهي؛ تيئن سنساري ڪمن مان ٿڪل من ۾ گيان جي روشني سولائي سان سمائبي آهي. ان ڪري ئي شايد شاسترن ۾ گرهست آشرم پالن ڪرڻ جو تاڪيد ڪيل آهي. آخرڪار هنن ڪمن جو مطلب خود انھن ڪمن ۾ سمايل نہ آهي، پر جيڪا گيان جي روشني منجهائن اتپن ٿئي ٿي، ان ۾ ئي رکيل آهي. تنھنڪري گيان جي پراپتيءَ کانپوءِ ڪرم بلڪل اجايو نظر ايندو آهي. ڪرم ۽ گيان جو انت پريم ۾ آهي.
***


23-12-1950ع پريئر کانپوءِ گفتگو ڪندي سام چيو: ”ڪرم جو نتيجو ڀاونا سان ڳنڍيل رهي ٿو؛ جنھن خيال يا امنگ مان ڪرم پيدا ٿئي ٿو، سوئي سندس ملھہ جو هڪ ماڻ آهي. ايشور هيءَ سڄي جوڙ هڪ پاڻمرادو هلندڙ مشين وانگر رچي آهي. آتما جي سچي ڀاونا جا ازخود وڃي ٿي پرماتما وٽ پھچي. جيڪڏهن ڪنھن ڪم ڪندڙ کي پنھنجي هٿ ۾ کنيل ڪم جي ملھہ يا مقصد جي خبر نہ بہ آهي، تڏهن بہ اهو ڪم پنھنجي اصلوڪي ڀاونا موجب يعني جنھن اندروني امنگ مان پيدا ٿيل آهي ان موجب آخر وڃي ٿو پنھنجو مقصد پائي! ڀاونا آتما جو هڪ گهوڙو آهي؛ جتي سا گهري اتي ٿو کيس هڪدم پڄائي. ڪيترا ست پرش چڱي ارادن سان غلط رستو اختيار ڪن ٿا مگر سندن شڌ ڀاونا آخر نيئي کين سنئين دڳ لائي. ڪيترا بدانديش وري دل ۾ بري ڀاونا رکي ٻاهران سٺو لباس رکن ٿا. مگر سندن بڇڙيون ڀاونائون کين وڃي ڪنھن اوڙاھہ ۾ اڇلن، جيتوڻيڪ ان اوڙاھہ ۾ بہ ڪنھن ڀلائيءَ خاطر اڇلايا وڃن ٿا. عجيب آهي هيءُ قدرت جو قانون! هن پاڻمرادي هلندڙ سرشتي کي ڪنھن ڌاري طاقت جي ضرورت نہ آهي. ڀاونا خود بجليءَ جي مثل مونکي ۽ امنگي رفتار سان، سوچ ويچار جي رنڊڪ دور ڪري، وڃي ٿي منزل تي رسي. ان ڪري ئي سنتن چيو آهي تہ سنگ سڀ کان اتم ساڌن آهي، ڇا لاءِ جو ست سنگ ۾ ڀاونا جي شڌي ٿئي ٿي. مگر ڪسنگ ۾ اها برو ۽ ڀيانڪ روپ اختيار ڪري ٿي ۽ بي لغام گهوڙي مثل سوار کي نيئي ڪنھن کڏ ۾ هڻي ٿي.“
ڀاونا جي وشيء تي وڌيڪ ويچار ڪندي سام چيو: ”ڏسو تہ ڀاونا نہ فقط ڪرم جي قدر ۾ پر بيجان شين جي ملھہ ۾ پڻ تفاوت آڻي سگهي ٿي! مثال طور تون ڪنھن آدرش لاءِ وڏي شرڌا سان ڪم ڪري رهي آهين؛ ان مان اپت ڪيتري بہ ٿوري ٿئي ٿي تڏهن بہ ان جو ملھہ اڪٿ آهي؛ پريم سان ڏنل پائي بہ هڪ وڏو خزانو آهي، ڇا لاءِ جو انھيءَ سان شامل آهي دل جي پوتر ڀاونا!
”اهڙي طرح ڪنھن پياري ماڻھوءَ جو ڪو پراڻو وستر يا ننڍڙي سوکڙي وڏين سوغاتن کان وڌيڪ ملھائتي ٿي سگهي ٿي. شرڌا سان دان ڪيل سڌامي جي مٺ چانورن جي بہ اگهائجي ويئي. ان ڪري ئي فقير چوندا آهن ”اگهائي تہ ڪڻو نہ تہ مڻ بہ موٽائي ڇڏي؛“ مطلب تہ ڪرم کان وڌيڪ ضروري آهي ڀاونا جي شڌي؛ ڪرم شرڌا کان سواءِ بي سود آهي!“
ٿوري دير بعد مورتي پوڄا جو ذڪر هليو؛ سام چيو: ”جيڪي مورتي پوڄا کي نندن ٿا سي ائين نٿا محسوس ڪن تہ مورتي بہ هڪ محبوب جي نشاني ٿي سگهي ٿي. جڏهين مورتيءَ جا انگ ايشور جي گڻن جا درشٽانت خود نظر اچن ٿا، تڏهين مورتي پوڄا ۽ خيالي عبادت جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونہ ٿو رهي؛ نہ رڳو ايترو پر مورتي ڪڏهين ڪڏهين وڌيڪ آسانيءَ سان من کي نيو منزل تي پھچائي؛ خيال کي مٿي کڻڻ جو هڪ اُپاءُ ۽ بهانو بڻيو پوي. جيئن اليڪٽرڪ بٽڻ تي آڱر رکڻ سان لفٽ اسانکي مٿي کڻي ٿي وڃي، تئن مورتيءَ جي ڪنھن سھڻي انگ پسڻ سان پريميءَ جو من خود مالڪ وٽ پھچي وڃي ٿو. جئن رواجي اخبار کان تصويرن واري اخبار (ll Lustrated Magazine) وڌيڪ چٽو احوال پيش ڪري ٿي، ڇا لاءِ جو تصوير اکري بيان کان وڌيڪ ڪجهہ ٻڌائي ۽ ڏيکاري سگهي ٿي، تئن مورتي پوڄا، ڪن حالتن ۾، اکري جپ تپ ۽ خيالي پوڄا کان وڌيڪ ڪارگر ٿي سگهي ٿي، ڇا ڪاڻ تہ ان جي وسيلي من آسانيءَ سان ايڪاگر ٿئي ٿو.“
***

24-12-1950ع گيان باغ ۾ گهمندي، ڦرندي سام کان پڇيم: ”اڄ جو پڙهيلن ماڻھن ۾ خود، قانون شڪنيءَ جي عام عادت ٿي پيئي آهي ۽ ڪلارڪ، آفيسر وغيرہ ائين پيا سمجهن تہ ڄڻڪ آفيسون ۽ آفيسن جا سامان سندن خانگي ملڪيت آهن، تنھن لاءِ توهان ڪھڙي ٿا سمجهاڻي ڏيو. ٻئي پاسي وري ائين ٿو ڏسجي تہ آفيس جا سڀ رول يا قانون هر حالت ۾ پوري طرح بجا آڻڻ اهنجا آهن.“
سام چيو: ”قانون جي ڀڃڪڙي برابر هڪ ڏوھہ آهي جيتوڻيڪ، فرينچن جو هڪ پھاڪو آهي تہ قانون ڀڃڻ ڪاڻ پيدا ٿيو آهي؛ مگر اهو بہ هڪ وڌاءُ آهي. عوام جي مثال لاءِ ڪوشش ڪري مريادا جا ڪي نيم ضرور قائم رکيا آهن، جئن بي واجبي ڀڃڪڙي قانون جي عام ماڻھن جو هڪ ڪرتيو ٿي نہ پوي. ڌرم جو چڪر قائم رکڻ ۽ پڻ چرخو ڪاميابيءَ سان هلائڻ، اهو اسانجو ٻٽو آدرش ٿيڻ گهرجي. مگر اکري طرح ڪوبہ قانون بجا آڻي نٿو سگهجي ۽ حد کان وڌيڪ پائبندي قانون جي ڪڏهن سرشتي جو هلائڻ ئي محال بڻائي ڇڏي. گيان ۽ وويل جي قينچي هر حالت ۾ تکي هلائڻ گهرجي. اُها جيترو غير واجبي خواهشن کي ڪترڻ لاءِ آهي اوتروئي اجاين ڀرمن جي ڪاٽڻ لاءِ آهي. اکرن ۾ جيڪي اٽڪي ٿا پون سي ڪاميابيءَ کي رسي نٿا سگهن؛ وڏي ڳالھہ سڀ کان آهي پاڻ ارپن ڪرڻ. جن جو پاڻ ايشور کي ارپن ٿيل آهي، اُهي ڪڏهن اتفاق سان رولن جي ڀڃڪڙي ڪري بہ وجهن تڏهن بہ ڪو فرض نہ آهي جو وتن قانون ٽوڙيندا ۽ اصول مريادا جا اولنگهن ڪندا. اهڙو غرور هر حالت ۾ چڱو نہ آهي جو ڪوئي سمجهي تہ مان پهتل شخص آهيان، تنھن ڪري مونکي ڪوئي پاپ نہ لڳندو. ان ڪري ئي چيو اٿن: ”ڪت ڀي، ڪنب ڀي، جو اڳيان تورڻ وارا تکا.“
***
25-12-1950ع مون سام کي چيو تہ هيءَ ڊائري جيڪا مون لکڻ شروع ڪئي آهي، تنھن مان هڪ سٺو ڪتاب ٺهي پوندو! اسانجو ڀاءُ ماستر ڌڻي بخش (صوفي) تہ چوي پيو هيءُ هڪ گرنٿ آهي؛ تنھنڪري منھنجي آشا آهي تہ جڏهين هڪ جلد جيترا ليک لکجي وڃن تڏهين اُهي ڇپرائي پڌرا ڪريان. مگر سام ورائي ڏني: ”هن ڊائريءَ جي ڇپائڻ ۾ اڃا ڪجهہ دير آهي. جيتري ماڻھوءَ جي هستي هجي اوترو ئي هوڪو ڏيڻ کيس جڳائي ۽ نہ وڌيڪ. اسانجي هن وقت ظاهري هستي هڪ گرهستي ماڻھوءَ جي آهي، جنھن ڪري تنھنجو ڪتاب شايد قدر نہ پائي؛ مگر جڏهين اڃا اڳتي وک وڌائي سين يا ڪو الاهي اعلان ٿيو، تڏهين هي پستڪ پريمين کي ڀيٽ رکجو. جيترو قد اوترو قدم!“
مون سام کان پڇيو: ”اُهو الاهي اعلان ڪڏهين ايندو؟“
سام چيو: ”جڏهين اهو وقت آيو تڏهين ماڻھو پاڻھي تنھنجي هٿن مان هي ڪتاب کسي ويندا ۽ پاڻ پنھنجي جوابداريءَ تي ڇپائيندا يا ڪجهہ چاھہ ڏيکاريندا تہ پوءِ ڇپائي ڪتاب جي سولي ٿي پوندي. هن حالت ۾ ڇپائي جي بندوبست جو بوجو سمورو پاڻ تي هموار ڪرڻو پوندو جو اسانجي خيال جي وهڪري ۾ رنڊڪ وجهندو؛ جيڪڏهين ڪو لوھہ جو واپاري گلن جو ٽوڪرو دڪان تي رکي ويھندو تہ ممڪن آهي هنجو سودو ڪين کپي. جڏهن گلن جا واپاري ٿياسون، تڏهين گل ڀي وڪڻداسون! حال ڪجهہ سال ماٺ ۾ گذار!“
سام ٿوري دير بعد وري چيو: ”مان ڪڏهين ڪڏهين ائين سمجهندو آهيان تہ ڪتابن جو ڇپائڻ بہ هڪ حرص ٿي سگهي ٿو. پاڻ جاچي ڏسڻ گهرجي تہ ان ۾ ڪا نالي ڪڍڻ جي تمنا تہ لڪل ڪانہ آهي؟ ڪنھن بہ حالت ۾ گيان جي پرچار لاءِ اهو اول درجي جو اوزار نہ آهي. سڀ کان اتم اوزار صحبت يعني سنگ جو آهي. جيڪي سنگ صحبت ۾ ڏيئي وٺي سگهجي ٿو، سو ڪتابن رستي ڏيڻ وٺڻ ممڪن نہ آهي. دنيا ۾ سوين هزارين ڪتاب روز ڇپجن ٿا، مگر انھن مان ڪيترا سجايا آهن ۽ ڪيترا اجايا، تنھن جو ويچار ڪبو تہ ڏسڻ ۾ ايندو تہ انھن مان ڪي ٿورا فقط ڪا ضرورت پوري ٿا ڪن؛ ٻيا مڙيوئي وقت ۽ طاقت جو زيان آهن؛ نہ رڳو ايترو پر مونجهاري جو ڪارڻ آهن؛ جيڪڏهين هت هرڪو پيو هوڪا ڏيندو تہ حق وارن جو هوڪو جو اڪثر سنھڙي آواز ۾ ايندو آهي، سو ڪير ٻڌندو؟ تنھن ڪري ڪتاب ڇپائڻ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ لازمي نہ آهي.“
وڌيڪ پنھنجو هڪ شخصي آزمودو ٻڌائيندي چيائين: ”ڪيترا سال اڳ اڪبر آشرم جي ماهورا مخزن (New Age) جي ڪم ۾ مان مشغول هيس؛ هڪ ڏينھن هڪڙو مستانو آدمي منھنجي ڪمري جي هيٺان سڏ ڪري چوڻ لڳو، ”او امبا! او امبا! (امرت) اڙي، پنڊت نہ ٿيءُ؛ رشي ٿيءُ، رشي!“
”هي چريو ماڻھوءَ جي واتان مونکي ڄڻ هڪ اندر جو اعلان ٿيو. اهو آواز دل مان ايندو رهيو ۽ جلد ئي اهڙيون حالتون پيدا ٿيون جو ڪتابي ڪم بند ڪرڻو پيو. مون بہ ان ۾ قدرت جو هٿ ڏٺو ۽ بس ڪري ويھي رهيس. اڄ ان ڳالھہ کي 27-28 سال ٿي ويا. گمنام ٿي رهڻ ۾ پڻ آتما جو ڪو مقصد پورو ٿيو. ويتر سنساري ڪمن مان اهڙي مدد ملي جو ان جڙتو، ادبي ماحول کان، جنھن ۾ خشڪ عقل جي کيڏ هئي، خيال بلڪل آزاد ٿي پيو؛ خوديءَ جو خيال ظاهري ساڌو پڻي جو ويس پائي من کي لڀائي ٿو ۽ حرص شيوا جي شوق کي بيڪار بڻائي ٿو ڇڏي. انھن کان دور هيءَ نماڻي، ڳوٺاڻي زندگي چڱي آهي. وري شايد سمو اچي جو ڪجهہ قدر، ڪنھن ماٺيڻي نموني ادبي ڪم شروع ڪجي، جيڪڏهين پريم جي واپار وڌائڻ لاءِ ائين ضروري ٿيو؛ مگر اها آس رکان ٿو تہ جو ڪجهہ پرماتما اسان کان ڪرائي سوشڌ ڀاونا سان فقط ان جي وريم جي خاطر ڪريون. شل حرص ۽ لالچ جو لڀائيندڙ هرڻ پريم جي شڪاريءَ کي ماريچ مثل نہ هر کائي! شل ڪين جي واٽ ۾ هيءُ نفس نجس نسورو نگهوسار ٿي وڃي! ڪتاب يا نہ ڪتاب، آشرم يا سنياس، ڪم ننڍا هجن يا وڏا، تنھن ۾ اسانجو ڇا؟ جا ڪار سائين کي وڻي سا ئي ڀل اسان کان ڪرائي!“
16-4-1951ع هن ڊائريءَ کي ڇڏئي اٽڪل چار مھينا ٿيا. اهي چار مھينا ڊائري ڇو نہ لکيم، تنھنجو هي جواب آهي: سام چيو تہ تون پوري طرح نوٽ نٿي وٺين ۽ ان ڪم لاءِ ڪافي شرڌا توکي نہ آهي؛ ڪيتريون ڳالھيون سام چيون هيون، جي منھنجي خيال تان ترڪي وييون؛ سندس اهو بہ خيال هو تہ کيس ڪافي اڌ ڪار اهڙين سمجها ڻين ڏيڻ جو شايد ڪونہ آهي، تنھن ڪري مون ۾ لکڻ جو اُتساه گهٽ آهي. سام کي ان خيال کان باز آڻڻ ۾ مونکي ايترا مھينا لڳي ويا. جڏهين اهڙو ذڪر ڇيڙيندي هيس تہ هو چوندو هيو: ”اُهو ماڻھو ڪتاب ڇپي جنھن جا وچن ۽ عمل پورا هجن.“ هن باري ۾ وڌيڪ هڪ دفعي هينئن چيائين: ”پريم کي فقط اڌ ڪار آهي سکيا ڏيڻ جو ۽ نہ علم کي. جا شيءِ پوري شوق بنا، جڙتو نموني ۾ چئي يا لکي وڃي ٿي، سا ڪيترو بہ کڻي علم ۽ عقل جي نڪتن سان سينگاريل هجي يا ٽوٽڪن ۽ نظيرن سان سجايل هجي، تڏهين بہ انجو ملھہ ايشور جي اڳيان ڪجهہ نہ آهي. سندس ڀنڊار ۾ اکت هيرا گيان جا اڳيئي سمايل آهن. مگر هو پنھنجي ڀڳتن جون ڪوڏيون بہ خوشيءَ سان قبول ڪري ٿو ۽ انھن کي پنھنجي خزاني ۾ هڪ اهم جڳھہ بخشي ٿو. محبت وچان چريا کريا ٻول، سادا سودا شعر بہ گرنٿن تي چڙهي وڃن ٿا. بنا پريم جي سڀ پورهيو اجايو آهي. تنھن ڪري اسانکي ڪجهہ بہ تڏهين چوڻ يا لکڻ گهرجي جڏهين ضرورت يا شوق ان لاءِ مجبور ڪري؛ نہ فقط پستڪ وڏي ڪرڻ لاءِ ويھي من گهڙت سوال يا جواب ريٿون.“
***


22-4-1951ع ڇوڪري جو فوٽو جنھن جو اڳ ذڪر ڪيل آهي، سو هن وري مونکان واپس گهريو، اُهو فوٽو سندس، جو هڪ نوجوان سنگتيءَ سان ٻيڙيءَ جي سُوٽن لڳائڻ جو درشيہ ڏيکاري رهيو آهي. سام چيو: ”هي فوٽو کيس ان ڪري ٿو پيا رو لڳي جو هي سندس جيون جو هڪ پسند ڪيل نمونو (Pattern of life) آهي. ماڻھوءَ کي سمجهڻ لاءِ فقط انجي ٻاهرين چال چلت، جا هو جيون جي کلئي ميدان ۾ کيڏي رهيو آهي، سا ڏسڻ نہ گهرجي، پر پنھنجون آزاد ۽ اڪيلائيءَ جون گهڙيون هو ڪيئن گهاري رهيو آهي، سو اول جاچجي؛ پنھنجي خوشيءَ لاءِ ڪھڙا وندر جا رستا اختيار ڪريٿو ۽ ڪھڙن ماڻھن سان سنگ چاهي ٿو، ان مان سندس سچو رنگ ظاهر ٿي سگهي ٿو ۽ انھيءَ مان ئي سندس پڇاڻ ڪرڻ گهرجي. اسان جي دوستن مان گهڻي قدر اسانجي لياقت جي خبر پوي ٿي. هو ڪير آهن تنھن مان سڌ پوي ٿي تہ اسين ڪير آهيون. ائين برابر آهي تہ ڪي وسيع خيال وارا انسان ظاهر ۾ مختلف قسمن جي ماڻھن سان واهپو رکن ٿا، مگر باطن ۾ هو پنھنجي اصلوڪي شخصيت قائم رکن ٿا. اهي ڪنھن بہ ماڻھوءَ يا شيءِ سان خاص دلچسپي نٿا رکن مگر هر شيءِ ۽ هر انسان کي پنھنجي اُڌار جو ذريعو ڪري ٿا سمجهن. انھن تي برائي جو اثر ڪونہ ٿو پوي ڇا لاءِ جو برن سان خود هو ڀلائيءَ خاطر واهپو رکن ٿا. مگر اهڙا ماڻھو ڪي لکن ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ ٿين ٿا.“
***


سام سڄو ڏينھن اڄ ان ڇوڪري سان ٿوري گهڻي ڳالھہ تي ناراض پئي رهيو آهي؛ مونکي عجب ٿي لڳو تہ هو ساڻس ڇو ٿو کهرو پوي. ظاهري سبب ايترو سختيءَ جو نظر ڪونہ ٿي آيو مگر اندروني سبب، جنھن جي هنکي شايد پاڻ بہ خبر نہ هئي، جلد ظاهر ٿي پيو. پاڻ فقط ايترو ٿي چيائين تہ اڄ هن ڇوڪري جي من ۾ ڪا برائي آهي؛ اسان جي سامھون نہ اچي تہ چڱو. پوءِ ظاهر ٿيو تہ سندس سنگتين جو ٽولو کيس خراب پاسن ڏانھن وٺي هلڻ لاءِ ڇڪي رهيو هو ۽ هي انھن سان لڪ چوريءَ ملي ڪجهہ بندوبست ڪري رهيو هو. سام چيو: ”خراب شين ۾ فقط بد بوءِ نہ ٿيندي آهي پر خراب رٿون ۽ خيال پڻ پنھنجا پاڇا اڳواٽ اڇليندا آهن. هن ڳالھہ تي وڌيڪ زور ڏيڻ بہ نہ گهرجي، ڇا لاءِ جو بندو مڙيوئي گندو آهي؛ عيب کان ڪو انسان آجو نہ آهي. جڏهين حضرت عيسى جهڙائي چئي ويا، ”مونکي چڱو نہ چئو“ تڏهين اسين ڪير آهيون جو چئون تہ ڪنھن انسان مان بڇڙائيءَ جي بوءِ ٿي اچي! برائيءَ کان پاسو ڪرڻ، سا انسان ذات لاءِ نفرت نہ مگر هڪ روحاني پرهيز آهي جنھن ۾ اهنڪار جو ڪو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. تنھن هوندي بہ ايترو محسوس ڪجي ٿو تہ جا مان ڀلائي ٿو سمجهان سا ٻيو ڪو برائي سمجهي سگهي ٿو ۽ جا منھنجي نظر ۾ برائي آهي تنھن ۾ ٻي ڪنھن کي پنھنجي جيون جي مقصد سڌ ڪرڻ جو شايد ڪو ذريعو نظر ايندو هجي.“
***


ڪن وڏن ساڌن ۽ فيلسوفن جون ڳالھيون ڪندي، سام مونکي اڄ عجب ۾ وجهي ڇڏيو. جن جا نالا اڄوڪي زماني جي رشين ۽ مھاتمائن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، انھن جي اندرين جيوت جا طبقا، جي لوڪ کان لڪل آهن، سي ڪيترو نہ ڪام ۽ ترشنا سان ڀريل آهن! اهي ڳالھيون ٻڌي انسان جو ڄڻڪ ايمان ئي روحانيت مان نڪريو وڃي. جيڪڏهين اهڙا مھاپرش جن جا اکين ڏٺا مثال مون اڄ ٻڌا، ڪام جي وس ٿي سگهن ٿا تہ پوءِ باقي رواجي انسانن لاءِ ڪھڙو چارو آهي؟
هن وشئي تي ويچار ڪندي سام چيو: ”گهڻو ڪري برائي لڪ ۾ زور وٺي ٿي، ٽڪاڻن ۽ آشرمن وغيرہ ۾ ڪامديو جو خاص واسو نظر اچي ٿو. لڪ يا ڪوڙ پاپن ۾ شمار ان ڪري فقط نہ آهي جو منجهس دغا سمايل آهي مگر خاص هن ڪري جو لڪ ۾ هر برائي موٽي ۽ مضبوط ٿئي ٿي. قدرتي خواهشن کي دٻائڻ سان ٻيو غير واجبي خواهشون پيدا ٿين ٿيون.بکئي انسان جي واجبي گهرجن پورين نہ ٿيڻ ڪري انقلاب پيدا ٿين ٿا. سڪايل دل ۽ من ۾ خطرناڪ خواهشن جو واسو ويتر وڌيڪ ٿئي ٿو. ڌرم جي پالنا جيتري سنڀال ۽ پرهيز گهري ٿي اوترو ئي آزاد هوا جي کيس ضرورت رهي ٿي. هٿرادو ٻنڌن وجهي، تن ۽ من کي سڪائڻ يا سُڪائڻ سان تمنا پاڻ تيز ۽ طاقتور بڻي ٿي. جيتوڻيڪ ستنتر جيون لاءِ پوترتا ضروري آهي، تڏهين بہ ائين سمجهڻ تہ ماس يا شراب ورتائڻ يا عورت جو سنگ هر حالت ۾ خراب آهي، سو بلڪل غلط آهي. هيءَ ساڳي تنگ خيالي آهي، جنھن جي زوريءَ مڙهڻ جا نتيجا انھن مثالن ۾ ظاهر آهن جيڪي مون اڄ توکي ٻڌايا. جيتوڻيڪ خراب سنگ جو نتيجو خراب آهي، تڏهين بہ ائين سمجهڻ تہ فلاڻو ماڻھو خراب سنگ ۾ آهي، تنھن ڪري منجهس ڪا چڱائي ڪانہ هوندي. سا تنگ خيالي آهي. انسان جي جوڙ قادر اهڙي رچي آهي جو هو ايترو ذليل ڪڏهين بہ ٿي نٿو سگهي جو سڌاري جي اميد منجهس ڪين رهي. نہ وري اعليٰ روحانيت ڪنھن هڪ ٻن ڪچين، پڪين عادتن جي ڪري گم ٿي سگهي ٿي. عام طور انسان جي سچي پروڙ لاءِ ڪو اڻٽر اصول اختيار ڪري نٿو سگهجي، ڇا لاءِ جو حقيقت ۽ روحانيت اصولن کان ٻاهر آهن. ڪئين گهٽ پيشي وارا ماڻھو روحاني رنگ ۾ رچيل آهن ۽ ڪيترا اُتم پيشي وارا نيچ ڀاونائن سان ڀريل رهن ٿا. سڀني کان اتم گڻ آهي نمرتا جو؛ برو ٿي بہ ماڻھو نمرتا پاؤ رکي تہ هو ڇوٽڪاري جو اميدوار ٿي سگهي ٿو. مون فقط توکي انھن مھاپرشن جي جيوت جو ٻيو پاسو ٻڌايو، ور نہ اُهي سچ پچ پوڄا جي لائق آهن.“
***

16-5-1951ع منشو جو پاڻ هڪ ٻائو هو ۽ پوءِ اسان وٽ رسويو ٿي رهيو، سو ڪجهہ عرصي کان اسان وٽان نڪري ويو آهي؛ هو ڪڏهين ڪڏهين ڇڪجي اسانوٽ گهڻ ايندو آهي. سام ساڻس ڳالھائيندي معلوم ڪيو تہ هو هڪڙي ٻائي سان گڏ ٻيڙين جي پڙي ڪڍي ويٺو آهي. سام کائنس دڪان جون ڳالھيون پڇي رهيو هو؛ سندس ڀائيوار بابت پڻ پڇيائين تہ هو ڪير آهي؛ ڪو گهر ٻار اٿس ڇا جنھن جي لاءِ هو ڪمائي پيو؟
منشي چيو: ”هو هڪ ٻائو آهي ۽ ٻار يا زال ڪجهہ ڪونہ اٿس؛ نڪو ٻيو ڀاتي مدار رکي ٿو.“
تنھن تي سام عجب ۾ پئجي کانئس پڇيو: ”پوءِ باقي ڇا لاءِ ويٺو هي ٻائو ٻيڙين جو دڪان هلائي؟“
منشي چيو: ”سائين، اوهان پاڻ بہ تہ اڃان زماني ۾ ويٺا آهيو؛ پوءِ ٻائي باقي ڪھڙو ڏوھہ ڪيو؟“
سام انھيءَ تي ٿڌو ساه ڀري کيس چيو: ”اڙي ڀائي، هو ٻائو آهي! سنسار مان جند ڇڏائي، گرهست کان پاسو ڪري، ايشور جي شرن وٺي پوءِ هنکي ڪھڙي پيئي آهي جو تماڪوءَ جو دڪان ڪڍي؟ اهڙي ڌنڌن مان پئسا ٺاهي ۽ ويٺو ليکا چوکا رکي فقط ان لاءِ تہ چڱو کائي يا سينيمائون ڏسي؟ اهو ڪنھن بہ ٻائي لاءِ جوڳ نہ آهي، ڇا لاءِ جو هن سنسار کان هيءَ املھہ آزادي ٻائي ٿيڻ سان ان ڪري نہ ورتي آهي تہ گرهست جي گپ کان بچي وري شخصي سوارٿ جي گپ ۾ گهڙي ۽ نفس جا پاڻ تي نوان بوج مڙهينديو وڃي. اُن جي ڀيٽ ۾ گهر ٻار لاءِ ڪمائڻ صد بار سٺو آهي. ويتر جي اهو خيال رکجي تہ ٻالڪ ۽ گهر بہ ايشور جو آهي ۽ رواجي موھہ جي بدران ديا ڀاو رکي يا فرض ادائي جي خيال کان انھن جي پالنا ڪجي تہ اهو هڪ اتم مارگ موڪشيہ جو ٿي سگهي ٿو.“
وڌيڪ سام چيو: ”جيون ساگر ۾ اسين سڀ پنھنجي پنھنجي، ننڍي يا وڏي ٻيڙيءَ ۾ مسافري ڪريون ٿا؛ ڪنھن کي فقط شخصي سوارٿ هي ٻيڙي آهي؛ ڪنھن کي مسافريءَ لاءِ گرهست جي بر سان ڀريل ڪا ڪشتي آهي؛ ڪنھن قوم يا ملڪ جي شيوا جو ٻيڙو هٿ ڪيو آهي؛ ڪنھن انسان ذات جي خدمت يعني پر اپڪار جو شاهي جھاز هلايو آهي! پر ٻيڙين ۽ ٻيڙن جي پار پوڻ يا ٻڏڻ ترڻ لاءِ درياھہ جو هڪ ئي قانون آهي. جي تمنا جو ٽنگ ٿي پوندو يا سڙھہ سچيتائيءَ جا ٽٽي پوندا تہ نفس جو نير اندر ڪاهي ايندو. ائين نہ ڪو چوي تہ مان وڏو ڪم پر اپڪار جو ٿو ڪريان تنھن ڪري ضرور پار پوندس! نہ؛ خوديءَ جو طوفان ننڍي ۽ وڏي ٻيڙن کي هڪ کن ۾ ٻوڙي سگهي ٿو. تنھن ڪري گهرجي تہ جنھن بہ ٻيڙن ۾ رهون، ان کي ٽنگ ٿيڻ نہ ڏيون؛ نہ غفلت ۽ حرص جي هوا کان غافل رهون. اهو ايمان هرگز نہ ڪريون تہ اسانجي مضبوط يا وڏي ٻيڙي کي ٻڏڻ جو خوف ڪونہ آهي.“
***

16-6-1951ع سام ڪجهہ وقت ٻاهر ويو هو. سندس موٽڻ تي هڪ يو پي (اتر پرديش) جي مھاجر دوست سان ملڻ وياسين جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي. هو پنھنجي بنگلي ۾ اڪيلو ويھي قرآن شريف پڙهي رهيو هو. هن خوشيءَ مان اسانکي کيڪاريو ۽ چيائين:
”مونکي اڄ ڪلھہ ٻئي ڪنھن ڪم مان مزوئي ڪونہ ٿو اچي؛ رمضان جو مھينو آهي؛ روزا بہ رکي ڪونہ ٿو سگهان؛ مگر اُهو دل جو مزو قرآن شريف جي پڙهڻ مان پيو وٺان؛ هڪ هڪ اکر پڙهي دل يان پيو ويچاريان؛ سچ پڇو تہ منھنجي دل هن ڪتاب مان ڍاپي ئي نٿي!“
وڌيڪ چيائين: ”الاجي ڇا ٿي ويو اٿم؛ رمضان کان اڳ بہ منھنجي من جي حالت ڦريل هئي پر هينئر تہ نہ آهي آفيس جي ڪم جي چاهنا نہ گهرجي مشغول؛ سچو سک هنن ڪمن مان ڪونہ ٿو ملي.“
سام چيو: ”جنھن کي اسين سک چئون ٿا، اُن شيءِ جي ڏيڻ لاءِ هيءُ سنسار جڏهين پيدا ئي ڪونہ ٿيو آهي تہ پوءِ اُن مان سک ڪيئن پراپت ٿيندو؟ جنھن وڻ جو ڦل شروع کان رٿيل ئي کٽو ۽ کارو آهي، سو ڀلا ڪيئن مٺا ميوا کارائيندو؟ اڪن مان انب بہ اهڙائي ملندا جھڙي اڪ جي ذات هوندي سنساري زندگيءَ جو ڦل دک ئي آهي پر اُهو خالق چڱي مطلب سان جوڙيو آهي.“
تنھن کان پوءِ سام هڪ ننڍڙي ڪتاب ”بھشت جو شڪاريءَ (Hound of Heaven) جو ذڪر ڪيو؛ ان ۾ انسان جي هڪ تصوير ڏيکاريل آهي جو پنھنجي ڪلھن تي هڪ ماڙي سامان سان ڀريل کنيو بھشت ڏانھن وڃي ٿو. تصوير جي هيٺان لکيل آهي ڪجهہ بوج هلڪو ڪري هل! ان ڪتاب ۾ وڌيڪ ڏيکاريل آهي تہ انسان سک جي ڪڍ پوي ٿو پر ايشور هڪ شڪاري جو روپ ڌاري هن کي ورائيندو وڪوڙيندو آخر پنھنجي رستي تي آڻي ٿو.“
سام چيو: ”هي دک بہ ﷲ انسان کي محبت وچان موڪلي ٿو. هو اسانجو ويري ڪونہ آهي. جنھن بہ رستي سان سنسار ۾ هلون اتان دک اچيو منھن ڪڍي! سو ان ڪري آهي جو ايشور چاهي ٿو تہ اسين ڪوڙن سکن جي ڄار ۾ هميشہ لاءِ ڦاسي نہ وڃون. ”بھشت جو شڪاري“ جتي وڃون اُتي اسانکي بيٺو آهي! آخر ڇوٽڪارو تڏهين ملي ٿو جڏهن آڻ مڃي اُن جي پيش ٿو پئجي.“
مھاجر دوست چيو: ”مان سمجهان ٿو تہ دک ۽ مفلسي هميشہ فائديمند آهن.“
سندس مطلب شايد اهو هو تہ اهي روحاني زندگيءَ لاءِ ضروري آهن. مگر ڳالھہ جو ٻيو پاسو سمجهائيندي، سام چيو: ”آخر مطلب نفس جي مارڻ ۾ آهي. ڪيترو بہ ماڻھو غريب هوندو ۽ ممتا سندس مئل نہ هوندي تہ اها غربت روحاني حاصلات ۾ شمار ڪري نہ سگهبي؛ مگر هڪ رنڊڪ ٿي پوندي. پر جيڪڏهين ظاهر ۾ گهڻا سک هوندا يا دولت گهڻي هوندي پر من انھن ۾ اٽڪيل نہ هوندو ته، اهي سک يا اها دنيا داري روحاني ترقيءَ ۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ وجهندا.“
پوءِ سام کيس سچي سنياس جا ڪي مثال ٻڌايا: ”راجا جنڪ کي ’وديھہ‘ ڪري ڪوٺيندا هئا،. يعني ديھہ کان الڳ! راجيه ڪاروبار ۾ سدائين مشغول رهندو هو؛ زماني ۾ هنکي اوچ پدوي حاصل هئي؛ لشڪر، هاٿي، گهوڙا وٽس گهڻا هئا؛ مگر هن جي آتما انھن هاٿين گهوڙن يا راجنيتي ڪمن ۾ قيد ڪانہ هئي، جنھن ڪري راجائن ۾ سريشت هوندي بہ هو سنتن مھاتمائن. ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هنجو راڄ ڀاڳ سندس روحاني رستي ۾ ڪڏهن رڪاوٽ ڪين بڻيو.“
ٻيو مثال نوشھري واري مخدوم گهراڻي جي هڪ بزرگ جو ٻڌايائين؛ ”چون ٿا تہ شاه صاحب وٽ هڪڙو غريب ماڻھو طلب وٺڻ لاءِ آيو يعني شاه صاحب کي پنھنجو گرو ڪرڻ ٿي چاهيائين. سندس درگاه تي اچي ڏٺائين تہ هو پٽ جي چادرن ۽ گديلن مٿان بر اجمان آهي؛ قسمين قسمين طعام پيو کائي؛ ڪچھري سندس پڻ بادشاهن وانگر لڳل هئي. چون ٿا تہ مخدومن جي درگاھہ جا ڪڪڙ بہ سونن سان ٻڌبا هئا! غريب کي دل ۾ گمان جاڳيو تہ مونکي ڪھڙو ڏس پنڌ ﷲ جو ڏيندو جيڪو پاڻ عشق ۾ غرق آهي! پر مخدوم صاحب هڪ ڪامل فقير هو ۽ هن کي انتر گيان جي ڏات مليل هئي، سو هن غريب جي منھن مان سندس من جي حالت سموري سمجهي ويو. سج لٿي کانپوءِ هنکي سڏي چيائين: ابا تون ڪير آهين؛ ڪٿان آيو آهين؟ اُن ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ مان پنڌرهن يا ويھن ميلن جي مفاصلي کان پنڌ ڪري آيو آهيان، جنھن تي شاه صاحب چيو: تو پنھنجو گهر ٻار ڇو ڇڏيو؟ تنھنجا تہ اڄ رات، عصر جي وقت دم پورا ٿيندا. هاڻي تہ پنھنجي عزيزن کي هن پاري ۾ پھچي بہ ڪونہ سگهندين! پوءِ پنھنجن فقيرن کي سڏي چيائين: هي ويچارو راتو ڪي رات فقط هن جھان ۾ مھمان آهي. هنکي کاڌو ۽ هر قسم جو عيش ڪرايو.
”ان شخص کي فقير مھمانن جي ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ کيس ريشمي بسترو وڇائي ڏنائون ۽ سٺي ۾ سٺو طعام ڏنائون. عصر جي وقت جيئن شاه صاحب اٿيو تہ ان ڪمري وٽان اچي لنگهيو ڏٺائين تہ اهو مھمان جاڳي رهيو آهي ۽ طعام رات وارا جيئن جو تيئن اڳيان ڍڪيا رکيا اٿس. شاه صاحب پڇيو: ماني ڇو نہ کاڌي اٿيئي؟
”مھمان چيو: سائين مونکي تہ نہ آرام آيو آهي ۽ نہ ماني ٿي مٺي لڳي. جڏهن جهٽ پل ۾ مرڻو ئي آهي تہ باقي کائي ڇا ڪريان؟
”تڏهين شاه صاحب کيس سندس شنڪا جو جواب ڏنو تہ توکي من ۾ ڪو گمان هو؛ فقط هڪ رات موت جي سامھون ٿيو آهين تہ ماني ۽ ننڊ مٺي نٿي لڳئي! اسانکي، موت هر وقت ياد آهي. هي طعام ۽ لٽا اسانجي دل نٿي کائي يا هنڊائي، نہ اسان حقيقت ۾ هن سيجن تي سمھون ٿا؛ اسان تہ پنھنجو پاڻ ۾ گم آهيون! فقير کي ان ريت اها سمجهہ ڏنائين جنھن جي لاءِ هو پنڌ ڪري آيو هو.
”هيءَ ڳالھہ ٻين نمونن ۾ بہ ڪندا آهن پر مطلب هي آهي تہ جن مرڻ کان اڳ پاڻ ماريو آهي تن جيئڻ جي بازي کٽي آهي. انھن جي دلين ۾ سيج ۽ سک دنيا جا ڪو بہ فرق نٿا آڻي سگهن نہ ڪم ڪار ۽ ڪشالا دنيا جا انھن کي پريشان ڪري ٿا سگهن.“
18- 6- 1951ع مون سام کي خوش مزاجيءَ ۾ چيو: ”توهان صوفين ۾ جو ايتري حسن پرستي آهي، پوءِ توهين آشرم ڪيئن اڏي سگهندا؟ عام طرح لوڪ حسن پرستيءَ کي خراب ٿا سمجهن“
منھنجي سوال پڇڻ جو اهو مطلب نہ هو تہ صوفين جي رهڻي ڪھڻيءَ ۾، اها اعليٰ جذبات موجود نہ آهي جا انسانن کي ڪشش ڪري سگهي مگر ان ڳالھہ ڏانھن منھنجو خيال ڊوڙي ويو جو صوفين جي واتان سڄو ڏينھن ”حسن“ ”حسن“ پيو ٻڌجي؛ زلفن، ۽ نگاهن وغيرہ تي پيا شعر ڳائن؛ دل ۾ خيال آيو تہ انھن جي سنگ ۾ ڪا پوري يا ننڍي عورت ڪيئن رهي سگهندي؟
سام جواب ڏنو: ”آشرم جي اڏاوت خود انساني پريم تي مدار رکي ٿي. جنھن دل ۾ پريم جو واسو ڪونہ آهي، سا مرده دل آهي. فقيرن ۽ سنتن جي دل صاف چادر مثل آهي. برائي، چڱائي، صفائي ، گندگي، سچي سونھن ۽ بدزيبائيءَ جو هنن تي جلد اثر پوي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندن آستان گهڻو ڪري سندر پھاڙن، ندين، باغن يا نويڪلن برن ۾ اڏيل هوندا آهن. جيڪڏهن هنن کي حسن جي ڄاڻ نہ هجي تہ جيڪر ائين بہ نہ ٿئي. مگر اها سونھن روپ جي ڪاراڻ يا اڇاڻ تي مدار نٿي کي، جنھن جو من سندر نہ آهي تنھن جو چھرو سندر ٿي نٿو سگهي. جيئن هڪ شعر ۾ چيل آهي: سيرت کان سواءِ صورت ڪٿي؟ جتي صورت خلقي اٿس، اُتي سيرت بہ ضرور آهي. ڪي سندر ٻوٽا، سندر گل، سھڻا جانور، پکي ۽ ورکشيہ وغيرہ آهن جن جي جوڙ پنھنجي ذات وارين ٻين شين کان نرالي نظر ايندي آهي؛ نہ ڪنھن اتفاق يا قدرت جي بي پرواهيءَ کان پر ڇاڪاڻ جو هوا، پاڻيءَ ۽ کاڌي جا جزا انھن ۾ سٺا سمايل آهن؛ يعني انھن ۾ ڪي سٺا گڻ آهن؛ خيال انسان جي جوڙ ۾ هڪ خاص چيز آهي؛ تنھنڪري انسان جو روپونت آهي سو ضروري گڻونت بہ آهي. گڻ روپ جي روشني آهي؛ گڻ ۽ خيال جي خوبيءَ کان سوءِ حسن جٽادار نہ آهي. برا خيال چڱن چھرن کي بدزيبو بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ سھڻي سنگ ۾ ڪروپا انسان بدلجي سھڻا ٿي پوندا آهن. سڀني سندر شين مان، بي جان پھاڙن، ندين ۽ ٻين حسين نظارن مان فقير کي ساڳي هڪ پريم جون پلڪاورن پيون اينديون آهن. سھڻيون شيون سڀ فقير جي من جو ٺڪاڻو آهن. سھڻن شين جي صحبت سندس روح جي سفر جو سامان ۽ زندگيءَ جو خزانو آهي؛ انھن کان سواءِ هن جو رهڻ مشڪل آهي.
”برائيءَ جو لڪل ڪارڻ آهي، ممتا، ڊپ ۽ لڪ؛ ممتا ڪوڙ ۽ برائي لاءِ گويا دروازا کولي ٿي ڇڏي جي اچي سندرتا کي جلد هڙپ ڪيو وڃن. مگر حسن خود برائي جو ڪارڻ ٿي نٿوسگهي ۽ نہ سچو پريم. پياس جا ذاتي سڀاو مان پيدا ٿئي ٿي، سا خود بڇڙي نہ آهي مگر ڪنھن حرص جي ملڻ سان اُها بري بڻجيو پوي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مان ڪڏهين ڪن ظاهري سھڻن انسانن کي چتائي ڏسندو آهيان سندن روش ڪيترا بہ چڱا هجن تڏهين بہ هو بدزيبا پيا لڳندا آهن؛ خاص ڪري جتي پئسي جي ممتا هوندي آهي يا پريم وڪيو ويندو آهي، جيئن وئشائين ۾، اُتي سچي سندرتا ملڻ مشڪل آهي. ٻئي پاسي وري ڪيترا ڪارا ماڻھو جن جا روش هرو ڀرو خاص ٺاهوڪا نہ هوندا آهن. پنھنجن اکين ۽ خيال جي نزاڪت ڪري دل کي ڏاڍا مھڻا لڳندا آهن ڇا لاءِ جو اکيون ۽ منھن انسان جي دل جي درسني آهي. تنھن ڪري صوفي جڏهن حسن کي سلام ڪن ٿا، تڏهن اُن اَتي سندر، اَتي سوڀياوان، آدپرش ڀڳوان يعني نج آتما کي خود تسليم ڪن ٿا جنھن مان هيءَ ساري سونھن اپجي ٿي؛ جڏهين ڪنھن وڻ وڇڙي، ڪتي، گل يا انسان کي اسين پيار ڪريون ٿا، تڏهين ان سندر، سرو وياپڪ، سڳنڌي آتما کي نمسڪار ڪريون ٿا، جنھن پاڻ مان هي سڀ روپ رچيا آهن. زلفن ۽ چشمن وارن شعرن ۾ پڻ صوفين جون اونھيون معنائون رکيل آهن؛ انھن ۾ فاهش ارادا نہ ڏسڻ گهرجن.“
***
مٿين وشئ تي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”هي جھان جيڪر حسن و عشق جي راند کان سواءِ ڪھڙو نہ سڃو لڳي! عاشق جن کي اسين مجاز يا روپ جا قائل سڏيون ٿا، سي حقيقت ۾ سچا سورهيہ ۽ انسان ذات جا خدمتگار آهين؛ ڇا ڪاڻ جو اهي مايا جي ممتا کان ڇٽل آهن. هن سنسار ۾، جي ڪروڙين انسان ڏينھن رات پيٽ پالنا جي فڪر ۾ ڦاٿل آهن، جتي آسودا لوڀي، اڃا بہ وڌيڪ آسودا ٿيڻ چاهين ٿا ۽ هن فاني مٽيءَ جي پتلي کي عياش خوش رکڻ لاءِ ڪوڙ پاپ جي مايا گڏ ڪري ان سان من جي مليتا خريد ڪن ٿا ڇا اُتي بي خود عشق جي توتاري کڻڻ يا نينھن جو نغارو وڄائڻ نفس جي مٿان جيت حاصل ڪرڻ نہ آهي؟ ان کان وڌيڪ ٻي سچي شيوا ڪھڙي ٿي سگهي ٿي؟ انھن غريب اگهاڙن، بي وس عاشقن جا روح انساني جيوت ۾ ڪيتري نہ سڳنڌ ٿا آڻين! جيڪي مجنون ممتا کان منھن موڙي، پاڻ کي وساري، سادگيءَ جي واٽ وٺي هن دنيا جي مسافرخاني ۾ ڪڏهين شاعر ۽ ڪڏهين سيلاني ٿي رهن ٿا يا عشق جي باغ ۾ ڀونرا بڻجي روح جون مزاجي ۽ حقيقي لاتيون لنون ٿا، انھن جي ڀيٽ ۾ پئسي جا پوڄاري سچ پچ گپ جي ڪيڙن مثل آهن؛ انھن جا دل من بند ٿيل گهرن مثل آهن؛ هو ڪيترو بہ اونچا اڏامن، سندن نظرون سرڻين ۽ ڳجهين وانگر هميشہ هڏن جي ڍير مٿان رهن ٿيون. هوڏانھن انھن روپ جي پريمين کي اها خبر نہ ٿي رهي تہ هو پاڻ ڪو خدمت جو ڪم ڪن ٿا؛ تڏهين بہ هنن جي جيوت سچي قربانيءَ جي جيوت آهي. ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جي نفرت ۾ رهندي بہ روح کي دنوي ٻنڌنن کان آزاد رکن ٿا؛ پريم خاطر هو سڀ ڪجهہ قربان ڪن ٿا. پريمي چئبوئي انھيءَ کي آهي جيڪو پتنگ جيان پاڻ قربان ڪري. انھيءَ پريم جي پئداش خود اسانجو ادب يعني ساهتہ آهي جنھن بنا ٻيون سڀ حاصلتون جيوت جون ائين آهن جئن سر بنا ڌڙ، گل بنا ٻوٽو، منار بنا مسجد يا مورتيءَ بنا مندر.“
ٿوري دير بعد وري سام چيو: ”مزاجي يا حقيقي پريم ۾ ڪو فرق نہ آهي. حسن هڪ آهي ۽ عشق بہ هڪ آهي. مگر روپ سوين هزارين آهن. هيءَ ڳالھہ اندروني تجربي جي آهي، جنھن لاءِ عقل جون ثابتيون ڏيئي نٿيون سگهجن. مطلب تہ ذات حسن جي هڪ آهي ۽ قانون پريم جو مجازي توڙي حقيقي دائري ۾ ساڳيوئي آهي. جيڪو ڪنھن چيز سان سچو پريم رکي ٿو، سو ضرور اول پنھنجي هستي ان ۾ سمائڻ مشڪل آهي. پريم نفس جو ويري آه. آهستي آهستي دوئيءَ کي دور ڪري ٿو؛ وڃي ٿو خوديءَ کي کائيندو. عاشق پريم جي رستي تي وک کڻندي کڻندي آخر بيخود ٿي وڃي ٿو. پوءِ هر شيءِ ۾ حسن ڏسي ٿو. پاڻ کي ان سان هڪ سمجهي ٿو ۽ اناالحق جو نعرو هڻي ٿو. مگر ائين برابر آهي تہ عام ماڻھو هي ڳالھيون سمجهي ڪونہ سگهندا آهن. تنھن ڪري بعضي سنت لوڪ اهڙا خيال پاڻ سان ئي سانڍي رکندا آهن ۽ عام جي آدرش کي ڪين ٽوڙيندا آهن. مگر هن ڳالھہ جو يقين آهي تہ سندر روپ ۽ سندر خيال جو انھن تي اثر گهڻو ٿيندو آهي. بعضي اهڙن شخصن لاءِ گهڻي غلط فھمي پڻ پيدا ٿئي ٿي. شري ڪرشڻ ۽ ڪرست ڀڳوان جھڙن اوتارن جي اتھاس ۾ نہ رڳو پر ٻين ويدانت ۽ صوفي مت جي بزرگن جي تواريخ مان پڻ تسلي ملي ٿي تہ هنن کي حسن جي ڄاڻ هئي. ڪيتريون حديثون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سردار محمد پيغمبر اسلام جو پڻ حسن جي پڇاڻ رکندو هو. مگر تمنا حسن کي قيد ڪرڻ جي هر حال ۾ خراب آهي. اهڙي خواهش ۽ سچي پياس جي وچم وڏو فرق آهي. حسن جي پياس فقير ۽ ڪامي پرش کي شايد هڪ جيتري رهي ٿي. مگر ان پياس پوري ڪرڻ لاءِ فقير اهي رستا اختيار ڪين ڪندو، جيڪي ڪامي پرش ڪندو. ڪنھن جي گهر ۾ يا دنيا ۾ وڳوڙ وجهڻ جي بدران فقير پسند ڪندو حسن جي پياس فقط ديدار يا دعا ڏيڻ سان پوري ڪرڻ، مگر ڪامي پرش ديدار کي ڪجهہ حاصلات نٿو سمجهي. هو پنھنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ نہ فقط عزت پنھنجي پريتم جي پر خود هنجي جان وٺي سگهي ٿو. سچو پريمي پنھنجي پريتم جي جان وٺڻ تہ ٺهيو پر سندس نالي تي ڪولبيءُ لڳائڻ بہ نہ ٿو سھي؛ انکي پاڻ قربان ڪرڻ ۾ ئي آنند ملي ٿو. سچو حسن پرست اهو آهي جو هر جا صاحب جي سونھن ڏسي ان تان ٻلھار ٿئي ٿو؛ ڪو سھڻو گل، ڪو سھڻو پکي يا خوبصورت انسان ڏسي محويت ۾ اچي خود ايشور کي ان روپ ۾ پسي ٿو. معشوق سندس ويجهو اچي يا نہ اچي. هو سندس حسن جو تجلو ڏسي آنند ۾ سمائجي وڃي ٿو. ڪامي پرش حرصي ۾ حيران ٿي حيلا سوچي ٿو تہ ان گل يا ان انسان کي ڪيئن بہ پنھنجي وس ۾ آڻيان، پوءِ ڀل تہ اهو سندس مٺ ۾ نيسائجي وڃي، پر سنت فقير سڀاو جا دياوان ٿين ٿا؛ هنن جي پسندي جي نگاه مھر ۽ ديا جي درشٽي آهي جنھن ۾ اهو انسان جنھن تي آرو رکن سو سدائين پيو اسري. اهڙي مھر سوامي رام ڪرشن پرم هنس ڪجي نريندر (وويڪانند) تي هئي مگر مطلبي انسان جي نظر ڪاري واءُ مثل آهي؛ جنھن تي پوي تنھنکي نيست ڪري ڇڏي. سنتن جي نظاري يا پيار مان ڪنھن کي نقصان ڪونہ پھچڻو آهي. هو بد شڪل نٻل ۽ نيچ انسان تي بہ ساڳي مھر جي نظر رکي سگهن ٿا سندن نظر سان ستل آتمائون جاڳرت ٿين ٿيون.“
پوءِ سام مشڪي چيو: ”اسين بہ اها نگاه رکنداسون، جنھن سان تنھنجي آشرم جا گل اسرن ۽ نسائجي نہ وڃن!“
***