ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

3

4-8-1951ع منشو اڄ اوچتو اچي مٽيو؛ ڪجهہ مخوليءَ ۾ تہ ڪجهہ مجھولي ۾، سام کي چوڻ لڳو: ”سائين واھہ جو فقير بڻيا آهيو! وڃون ٿا تہ ڪنجون بہ پاڻ سان کنيو ٿا وڃون؛ هيڏانھن هوڏانھن پئسا اچن تہ ريڙهي کڻي ٿا ٽجوڙ ۾ وجهو؛ توهان جو دوست صوفي صاحب بہ سڄو ڏينھن ٻارن ٻچن ۽ مينھن جي سنڀال ۾ غرق آهي. باقي ٻاون کان گهٽ ڪھڙي ڪئي اٿو، جن تي نڪتہ چيني ڪندا آهيو؟“
سام چيو: ”ڀائي سچ ٿو چوين! اها ڪا مخولي نہ آهي ڪُنجون، کڻڻ انھن سان گڏ چنتائون رکڻ، سو حقيقت ۾ فقير جو ڪم نہ آهي، پر مجبوريءَڙ طور ائين ڪرڻو پوي ٿو.
منشو اڃا بہ ڪين مڙيو ۽ چيائين: ”مجبوري ............ آهي! توهان فقط مال و متاع جو موھہ ڇڏيو.“
سام چيس: ”تو وري وري پئي انھيءَ ڳالھہ کي ....... آهي. تنھن ڪري ويھہ تہ اڄ توسان ڳالھيون ڪريون. پھرين تہ چوڻ واري کي پاڻ پنھنجي ڳالھہ عمل ۾ آڻڻ گهرجي،........؟“ منشي چيو: ”برابر!“
سام چيو: ”چڱو هاڻي ٻڌاءِ تہ تو وٽ قميصون گهڻيون آهن؟“
منشي چيو: ”اَٺ، ڏھہ آهن.“
سام چيو: ”انھن مان هڪڙي هن غريب پخاليءَ کي ٿا ڏيون!“ ۽ ٻي ڇوڪري کي چيائين تہ منشي جي پيتي کڻي اچو.
منشو پھريائين تہ روئڻ جھڙو منھن ڪري پيو نھاري؛ آخر چئي ڏنائين: ”پنھنجا بہ ڪپڙا ڏيو تہ مان بہ قميص ڏيندس.“
مون اتي کيس چيو: ”سام ٻہ ٽي ڀيرا پنھنجا ڪپڙا سڀ ڏيئي ڇڏيا آهن. اهي ٿورا بہ مون زوريءَ بچايا هئا. ڏس متان اتي بہ هارائي ويھين!“
پوءِ سام منشي کي چيو: ”هاڻي ٻڌاءِ تہ پئسا جيڪي اچن ٿا سي ڇا ڪريون؟ توکي ڏيون يا ٻين کي ونڊي وراهي ڏيون؟“
منشي چيو: ”آشرم جون ڳالھيون جو ڪندا آهيو؛ انھيءَ تي ڇو نہ ٿا پئسا ڪتب آڻيو؟“
مون کيس چيو: ”اها ڳالھہ بہ تنھنجي منظور آهي ۽ اسين بہ ان لاءِ ٿا گڏ ڪريون؛ باقي ٻڌاءِ تہ هي ڪنجون اڳتي ڪير رکي.“
منشي چيو: ”برابر مان يا ٻيو ڪو هت سنڀالي ڪونہ سگهندو؛ توهان بہ اسپتال جي ڪم ۾ قابو آهيو.“
سام کيس چيو: ”پوءِ باقي اسان تي ڪاوڙ ڇو ٿي ڪيءِ؟ ڀلا پنھنجي وڏي ٻائي کي بہ ائين چئي سگهندو هئين؟“
ان بعد هو سام جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”سان توهان مان پيار مان مخولي ڪندو آهيان. مونکي سچ پچ ڪا شنڪا ڪانہ آهي.“
سام کيس آخر ۾ چيو: ”هي ڪم ڪاريون جدا جدا وقتن تي ڪڏهن ننڍا، ڪڏهن وڏا، انسان کي مالڪ جي طرفان سپرد ٿين ٿا. انھن جي ننڍائي يا وڏائي جو خيال اسانکي رکڻو نہ آهي. مگر هلڪا ۽ ڳرا ڪم سڀ ساڳئي پريم سان ڪرڻ جڳائن. شايد ننڍن ڪمن ۾ ايمانداري ۽ صفائي ڏيکارڻ وڌيڪ اهنجو ۽ اثرائتو ساڌن آهي، ڇا لاءِ جو انھن ۾ پبلڪ جي طرفان ڪا پٺڀرائي يا خوشامند ڪانہ ٿي ٿئي ۽ انھن ننڍن ڪمن ۾ تِر تِر جي سنڀال پاڻ کي ڪرڻي ٿي پوي. هڪ گهر هجي. هڪ شھر هجي، هڪ آشرم يا هڪ ملڪ جي سنڀال سپرد ٿيل هجي، فقير کي نِر موھہ تي هڪ ئي نموني پنھنجي فرض ادائي ڪرڻ گهرجي. ڪنھن بہ ڪم سان ايترو سيھہ نہ رکڻو آهي جو ان جي ڦل جي ترشنا هڪ حرص بڻجي پوي. نفس بادشاهن، قوم جي اڳواڻن، سنتن فقيرن يا گهرو زندگيءَ وارن جو ساڳيوئي دشمن آهي؛ انجي لڙائي ۾ سوڀ پڻ ساڳي خوشي بخشي ٿي، چاهي ڪھڙي بہ ميدان ۾ اُنسان لڙجي. راجا جنڪ جو مثال دنيا جي تواريخ ۾ پرسڌ آهي؛ راڄ ۽ گدي هن امانت ڪري سمجهيا؛ اسان کان هزار ڀيرا وڏا ڪاروبار ٿي هلايائين تڏهين بہ منجهس ممتا پيدا نہ ٿي. مطلب تہ انسان سان پنھنجوئي نفس وڙهي ٿو ۽ نہ دنيا يا ڪپڙا يا ساز و سامان جي گهڻائي. انسان جي دل هڪ ٻيڙي مثل آهي؛ جي ٻيڙيءَ کي ٽنگ ٿيندو تہ ٻڏندي، پر جي ممتا جو ٽنگ ٿيڻ ئي نہ ڏبو تہ درياھہ جو پاڻي انکي ٻوڙي نہ سگهندو.“
***


سام پنھنجي حياتي جا آزمودا ٻڌائيندي چيو: ”جڏهن مان هت هوندو آهيان، تڏهين گهرجي ڪم ۽ سڀني جي اٿڻ ويھڻ تي پوري نظرداري هوندي اٿم. پر جڏهين ٻاهر نڪرندو آهيان تڏهين هتان جي ڳالھين کان ايترو پري ٿي ويندو آهيان جو ڪي ڳالھيون تہ صفا وسري وينديون اٿم. هتان جي ڪمن جي چنتا اصل ڪونہ رهندي آهي. توهان کي انھن جي باري ۾ جو ڪجهہ لکندو آهيان سو بہ ڪوشش سان ياد ايندو اٿم تازو بمبئي ۾ ڇا ٿيو جو اسانجي وچين ڇوڪري هيروءَ کي پوني اڪيلو موٽي وڃڻو پيو. ان وقت ٻيا سڀ ڀاتي بمبئي ۽ رهيل هئا. مون زور لاتو تہ ساڻس ڪو گڏجي وڃي ڇاڪاڻ جو هو ننڍو آهي؛ اڪيلو گهر ۾ ڪيئن رهندو! تڏهين ٻين کي عجب لڳو ۽ پڇيائون تہ اهو انتظار هتي ڏيکاريندا آهيو يا پرپٺ بہ ٻارن جي ايتري اون رکندا آهيو؟ مون پاڻ ان ڳالھہ تي کلي ڏنو؛ منھنجي هلت برابر عجب جھڙي هئي ڇا لاءِ جو سال ۾ هڪ يا ٻہ مھينا مس ٿو ٻارن وٽ رهان؛ ان مھيني ڏيڍ ۾ ڪھڙي ٿو سندس ديکڀال ڪري سگهان! عام طرح ماڻھو جيڪو ائين چوي تہ جتي ڏھہ يارهن مھينا پنھنجي مرضي تي ٿا گذارين اتي گڏ وارو عرصو بہ ڀل، جئن وڻين پيا هلن. مگر اهو منھنجو سڀاو آهي تہ جيڪو ڪم،: جنھن وقت، منھنجي سامھون هوندو آهي، انجي لاءِ مان سڀ اپاوَ وٺڻ پنھنجو فرض سمجهندو آهيان، چاهي جو اها خاطري هجي تہ ان سان منھنجو سڀاڻي کان وٺي ڪوبہ واسطو ڪونہ رهڻو آهي.“
ان باري ۾ هڪ انگريز آفيسر جو مثال پڻ سام ٻڌايو: ”هو ڪراچيءَ ۾ فقط ٽن هفتن لاءِ ٻئي مليٽري آفيسر جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو؛ اها ڊيوٽي پوري ڪري، ٽن هفتن بعد ايندڙ جھاز تي هو واپس ولايت وڃڻو هيو؛ اهي ٽي هفتہ هو انھيءَ آفيسر جي بنگلي ۾ اچي رهيو جنھن جو شايد پورو واقف بہ نہ هو. اسان کيس بنگلي جي باغ ۾ ڪم ڪندو ڏٺو؛ حقيق پاڙان ڪڍي نئين سر پيو ويھاري. منھنجي دوست کائنس پڇيو: گل ئي ڪونہ هيءَ تڪليف ڇا لاءِ پيا وٺو؟ توهان جي وقت ۾ تہ هي ٻوٽا ڪندا! هن آفيسر کلي چيو: منھنجي اها وضع آهي تہ مان جتي رهان ڪوشش ڪري انھيءَ جاءِ کي اڳي کان ڪجهہ وڌيڪ سندر بڻايان!“
***


6-8-1951ع منشو ڪڏهين ڪڏهين پنھنجي مستاني هلت سان اسانجي خيال کي چڱيءَ پر جاڳائيندو آهي. ڪالھہ چيائين تہ مونکي پاڻي ڀريندي شرم ٿو اچي؛ مان ٻائو ٿي هن شھر ۾ رهيو آهيان؛ مون تي ماڻھو کلن ٿا. ان ڪري مون منشي کان دلو وٺي، نل تان پاڻي ڀري پاڻ گهر آندو. سام کي ڄڻڪ هڪ پراڻو ساڌن ياد اچي ويو؛ اُهو بہ دلو کڻي، هيٺان ڀري خوشيءَ مان مٿي تي کڻي آيو. اسانجو مطلب منشي کي شرمائڻ جو نہ هو، مگر هي اسانجو نشچو آهي تہ هٿ جي ڪم کان عار نہ ڪجي. اِهي ڪم نہ فقط صحت لاءِ پر اسانجي آتمڪ اڌار لاءِ ضروري آهن.“
مونکي ياد ڪندي فخر پيو ٿئي تہ طيب ۾ پنھنجي ۽ سام جي مھمان خاني جي ماني پاڻ ڪندي هيس. پريئر روم جي صفائي ۽ خاص ڪري سام جي ڪمري جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ پاڻ ڪرڻ وڻندو هيم. سام اڃا بہ چرچي ۾ چوندو آهي تہ ڪموڊن (Commodes) صفا ڪرڻ جي ڪم ۾ هندستان ۽ پاڪستان اندر تو جھڙو هوشيار ڪو ورلو هوندو! هو پاڻ بہ اهڙن ڪمن ۾ هٿ ڳنڍائيندو آهي. صوفي صاحب ڳالھيون ڪندو آهي تہ سام سان گڏ شھر جو گند گار ميڙي رستن جا رستا صاف ڪري ڇڏيندا هئاسين. اڄ مونکي اهو خيال ڪندي بيحد خوشي ٿي ٿئي تہ اسين اڃا ساڳيا آهيون ۽ وري هڪ ڏينھن پنھنجي نئين آشرم ۾، هنن ڪمن کان آجا ٿي، اهڙا نيم تن ۽ من جي صفائي جا پوريءَ طرح اختيار ڪنداسين. منھنجي تہ اهڙن ڪمن سان، جن کي ماڻھو نيچ سمجهن ٿا، خاص پريت ٿي ويئي آهي. اڄ منشي جا ڦريل خيال ڏسي مون سام جي جُتي بہ پاڻ صاف ڪئي.“
سام چيو: ”ائين بہ ٺيڪ ناهي؛ تون ڊاڪٽر آهين؛ جُتُين ۾ ڪئين جيوڙا ٿي سگهن ٿا، تون انھن کي هٿ نہ لاءِ؛ جي منشو اهو ڪم پسند نہ ٿو ڪري تہ مان پاڻ تي هموار ٿو ڪريان.“
مون چيو: ”مونکي اها خاطري آهي تہ هن مان ڪوبہ نقصان نہ ٿيندو؛ بلڪ منھنجي دل کي گهڻي راحت ملي ٿي.“
سام ڪجهہ وقت ماٺ ۾ رهي چيو: ”عشق بادشاه آهي جو ڊاڪٽرن کان چمارن جا ڪم ٿو ڪرائي؛ پريم تي ڪوبہ ٻنڌن ڪونہ آهي!“
اتي منشو وڏي صدق ۾ اچي ويو ۽ خواه مخواه ڪَن ڪوشيون ڪرڻ لڳو. از خود ڳوڙها ڳاڙيندو ڪيتري دير تاءِ انھيءَ نموني سڪ جو ساڌن ڪندو رهيو!
***


7-8-1951ع اڄ صبح جو گرڌاري جئن رستي تان لنگهيو تہ اتي هڪ ٽوڪرو ڏٺائين جو ڪنھن گاڏيءَ تان شايد ڪري پيو هو. اُهو کڻي گهر آيو؛ چيائين مالڪ ڪوبہ نظر ڪونہ آيو تنھن ڪري ٽوڪرو کڻي آيس. ٽوڪري کي هڪ ننڍڙو سوراخ هو جنھن مان ڏٺم تہ منجهس کارڪون پيئون هيون. اڃا مون هڪڙي کارڪ کڻي کاڌي ٿي تہ سام پري کان منع ڪئي؛ چيائين: ”پرائي شيءِ متان کائو! هيءَ پاڻ تي هڪ قسم جي جوابداري کنئين اٿو. هاڻي انھيءَ جو مالڪ ڳولڻو پوندو. ٿوري ملھہ واري شيءِ ڏسي ائين نہ چوڻ گهرجي تہ ڪير ويٺو ڳولا ڪري؛ تنھن ڪري پاڻ ٿا کائي ڇڏيون! پرائو لک هجي يا ڪک، ان جي تڳائڻ جو ساڳيوئي پاپ آهي. پر جنھن صورت ۾ هيءَ شيءِ جلد ڪني ٿي سگهي ٿي، تنھن صورت ۾ شام تائين مالڪ کي ڏسو. پيدا نہ ٿئي تہ صبح جو وڪرو ڪري اُهي پئسا ان مالڪ لاءِ رکي ڇڏيو يا ڪنھن ڌرمائو ڪم ۾ لايو.“
منشي چيو: ”ممي! جي هن ٽوڪري ۾ لک يا ڏيڍ جا نوٽ پيل هجن ها تہ پوءِ بہ جيڪر موٽائي ڏيو ها؟“
مون کيس چيو: ”ڪنھن غريب جي ڪمائي تڳائڻ وشٽا کائڻ برابر آهي.“
گرڌاريءَ چيو: ”ڀلا جي ڪنھن غريب جي هڏ جي ڪمائي نہ هجي ۽ ڪنھن لوڀي دنيادار جو مال هجي؟“
مون سام ڏانھن ڏٺو ۽ سندس رايو پڇيو؛ سام کلي چيو: ”اسان جي ملڪ ۾ اڃا ڪميونزم ڪونہ آيو آهي! تنھنڪري ضرور مالڪ کي ئي موٽائي ڏيڻ گهرجي. ان شاهوڪار کان ڪنھن ڌرمي ڪم لاءِ پئسا وٺي سگهجن ٿا؛ مگر پراوا پئسا هڙپ ڪرڻ هر حالت ۾ پاپ آهي.“
منشي چيو: ”سائين ائين پئسو موٽائي ڏيڻ اهنجو آهي! چئجي ٿو پر جي سچ پچ پئسا هٿ اچن تہ جيڪر توهين بہ چئو تہ ٺھيو پنھنجي آشرم لاءِ رکي ٿا ڇڏيون!“
سام وراڻيو: ”پوءِ اها آشرم هڪ چورن جي پاٿاري ٿي پوندي. آشرم ۾ جيڪي رهندا، اهي بہ تہ ڏسندا تہ اسانجو گرو ڪٿان پيو ڌن آڻي! جنھن جي بنياد ۾ ڪچ ڀريل آهي، اُها عمارت جٽاءُ ڪيئن ڪندي؟“
تنھن بعد سام پنھنجي حياتيءَ جا ڪجهہ تجربا ٻڌايا؛ چيائين: ”لک نہ تہ بہ هزارن جون رقمون پرائو حق سمجهي مون پاڻ در کڙڪائي وڃي بي گمان مالڪن کي پھچائي ڏنيون. جيتوڻيڪ ان وقت مونکي پئسي جي گهرج هئي. مونکي اهڙي گهرج گهڻا دفعا پيئي آهي، پر مالڪ اهڙو مھربان آهي جو انت گهڙيءَ اوچتو ڪو دروازو کولي ڇڏيندو آهي؛ پنھنجي گهرجن لاءِ انھيءَ داتار جي در تي وڃو؛ ٻي جي مال مان ڇا ورندو؟“
***


اڄ سام منشي کي روزانہ ڪم بنسبت ڪي هدايتون ڏنيون مگر هن پنھنجو ڪم پورو نہ ڪيو ۽ اٽڪل ڪري اهڙو لِڪ رکي ويو، جئن ڪنھن کي خبر ئي نہ پوي تہ ڪھڙو ڪم رهيل آهي. سام هن کي گهڻو ڇينڀيو ۽ چيائينس تہ ٻائو ٿي ڪري تون اهڙا ڪوڙ ڪرين، سا خراب ڳالھہ آهي. منشي انڪري ماني ڪونہ کاڌي. پوءِ سام اُٿي کيس ماني کارائي؛ ۽ کيس هن ريت سمجهايائين: ”هي ڇينڀڻ پڻ پيار جو هڪ نمونو ڪري سمجهہ؛ قانون جي سختي نيم جي پڪائيءَ لاءِ آهي؛ گناه جو اندازو ننڍي يا وڏي ڪم سان لاڳاپو نہ ٿو رکي، مگر خيال ۽ ارادي سان ڪيتريون ڳالھيون جيڪي عام طرح خسيس سمجهيون وڃن ٿيون، انھن مان انسان جي اندر جي وڌيڪ خبر پوندي آهي. وڏيون ڳالھيون انسان ساوڌان ٿي ڪندو آهي مگر ننڍڙين ڳالھين مان سندس سچو پچو سڀاو ظاهر ٿيو پوي؛ هي ننڍڙا ڪم جيڪي اسين سوچ ويچار بنا ڪريون ٿا سي اسانجي ڀاونا جا گويا چغل آهن. گناه ڀاونا جي تارازيءَ ۾ توربو آهي. انڪري ڪڏهن ڪڏهن قانون خود گناه معاف ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن گناه جي پٺيان ڀاونا بري نہ هوندي آهي. تو انھن سنھين ڳالھين لڪائڻ ۾ بري ڀاونا رکي، تنھن ڪري اهو وڏو گناه آهي.“
***


طيب ۾، ڪارخاني جا نوڪر جيڪڏهن چوريون يا ڪي خطائون ڪندا هئا تہ سام هروڀرو ايترو ناراض ڪونہ ٿيندو هو. مگر جن کي هو ڪنھن نموني پنھنجو سمجهندو آهي انھن کان جيڪڏهين ٿوري بہ غلطي ٿي ويندي آهي تہ هو گهڻو دکي ٿيندو آهي. ان ڪري منشي تي ڪاوڙ مڙيوئي پيئي ٿئيس جو منشي کي ٻارن وانگر ڀائيندو آهي. اڄ منشي هڪ ننڍڙي چوري ڪئي؛ پھريائين تہ ڪونہ باسيائين پر مون آتر سان کائنس پڇيو، پوءِ باسي ڏنائين؛ سام دک مان چيو: ”ڀائي! ڪوڙ زهر اٿو! ڪوڙ کي دل مان ڪڍو نہ تہ حياتي سڄي زهر ڪري ڇڏيندو! اهڙي نموني ڀلا آشرم ۾ ڪيئن هلنداسين؟“
مون سام جو دک سمجهيو؛ مونکي ڪجهہ انتظار ٿي پيو. ٿوري دير بعد جڏهين گهمڻ نڪتاسين تڏهين مون سندس ٻانھن پڪڙي چيو: هي ”جيتامڙو“ تہ گهٽ ۾ گهٽ آشرم ۾ ضرور هلندو! ڏک نہ ڪريو!
سام کي اکين ۾ ان وقت ڳوڙها هئا ۽ چيائين: ”ٻہ اسان؛ ٽيون رام اچي اسانجي آشرم ۾ ويھندو!“
***


9-8-1951ع ڪن دوستن اسان وٽ گڏ ٿيڻ لاءِ ٻڌر جو ڏينھن مقرر رکيو آهي. گذريل ٻڌر تي صوفي صاحب (مسٽر ڌڻي بخش) هڪ هندو ڊپوٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيا ٻہ ڄڻا آيا.
مون صوفي صاحب کان پڇيو: ”هن نموني وقت مقرر ڪرڻ اوهانکي ٺيڪ لڳي ٿو؟“
صوفي صاحب وراڻيو: ”صوفيءَ جو سڀ ۾ سئر آهي؛ هي بہ هڪڙو صحبت جو نمونو آهي.“
مون پڇيو: ”جي صوفيءَ جو سڀ سئر آهي تہ روح رهاڻ لاءِ وقت ۽ وشيءِ مقرر ڪرڻ جي صوفيءَ کي ڪھڙي ضرورت آهي؟ ڇو نہ جڏهين وڻيس تڏهين خيال جي ملڪ ۾ سئر ڪري؛ جڏهن دل گهريس تڏهين ٻولي؟“
سام چيو: ”هن ميٽنگين جو طريقو برابر مصنوعي پيو لڳي، پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بہ وقت جون اهڙيون ئي پائيبنديون آهن. هي بہ هڪ ڪلاس ڪري سمجهون، پر سوال هي آهي تہ اسان جي سڀاو وارن ماڻھن کي هن ڪلاس هلائڻ جي پائيندي رکڻ جڳائي يا نه؟ هينئر شروع ڪيو اٿو تہ هلڻ ڏيوس جيستائين هلي سگهي، جنھن کي ڇڪ ٿئي سو هليو اچي؛ ان ۾ هروڀرو اسانجي خيال کي ڪا رنڊڪ ڪانہ پوندي. خيال بادشاه آهي؛ جتي لھي اتي پنھنجو ديرو ڄمائي؛ تنھن ڪري جي اسانجي دوستن کي هينئن سڻائو ٿو لڳي تہ ائين ئي سھي! روز نہ تہ هفتي ۾ من هڪ ڀيرو درشن پيا ڪريون! هوڏانھن هو خيال بہ غلط نہ آهي؛ وقت ۽ وشيہ مقرر ڪرڻ سان اڪثر گفتگو مان تازگي نڪريو وڃي.“
***


هن ٻڌر واري ميٽگ تي صوفي صاحب هڪ وشيہ بحث لاءِ چونڊي آيو هو. چيائين تہ اڄ ان تي ڳالھائينداسون تہ ’ھمہ اوست‘ يا ’ھمہ از اوست‘ وارو خيال سچو آهي؟ يعني سڀ ﷲ آهي يا سڀ ڪجهہ ﷲ جي طرفان آهي، ٻنھي مان ڪھڙي ڳالھہ پوري آهي؟
ڊپٽي صاحب جلد انھيءَ بحث ۾ لڳي ويا. مان بہ ڀرسان ويٺي هيس، مگر مونکي سڄو بحث تمام خشڪ ٿي لڳو. سام پنھنجي خيال کي مڃائي انھن سان شامل ٿي ويٺو ۽ جيڪي هنن چيو سو ڌيان سان ٻڌندو رهيو. ڊپٽي صاحب تمام عالماڻي ڍنگ ۾ بحث جاري رکيو ۽ ڪيترا دلچسپ پرماڻ ڏنائين، جيتوڻيڪ اهي خاص سندس خيال ڪونہ هئا مگر ٻين فيلسوفن جي نظريه مطابق هئا. صوفي صاحب قرآن شريف جي ڪن آيتن جي اندروني معنيٰ ٻڌائي جا صوفياڻي خيال مطابق هئي. ڪلمه جي اکرن ”لا الہ الاﷲ“ جي ٻٽي معنيٰ ٻڌايائين: (1) ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪو ﷲ ڪونہ آهي؛ (2) ﷲ جو ڪو ضد ڪونہ آهي، يعني ان کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪانہ آهي؛ چيائين تہ پوئين معنيٰ ويدانت ۽ صوفياڻي ’ھمہ اوست‘واري خيال مطابق آهي.
ڊپٽي صاحب چيو: ”خود لا ﷲ وارو خيال ئي غلط آهي ڇا لاءِ جو ﷲ کانسواءِ جڏهين ڪجهہ آهي ئي ڪونہ تہ اها شيءِ خيال ۾ ڪيئن آڻي سگهجي؟
پوءِ هڪ دوست جو مثال ٻڌايائين سندس ڇوڪري کي اسڪول جي ماستر چيو تہ ڪوڙ نہ ڳالھائڻ گهرجي؛ جڏهين ڇوڪري اها ڳالھہ مائٽن سان ڪئي ۽ پڇيو تہ بابا ڪوڙ ڇا کي چئبو آهي، تڏهين اهي اچي ماستر تي مٽيا؛ ماستر کي چيائون تہ ڪوڙ جي خيال ئي ٻارن کي ڇو ٿو وجهين؟ ڇو نہ ٿو چوين تہ سچ ڳالھايو؟
تڏهين سام چيو: ”حقيقت ۾ اها بہ ساڳي ڳالھہ آهي؛ ماستر جي ڳالھہ کان نرالي ڪونہ آهي. ائين چوڻ تہ فقط سچ ڳالھاءِ، سا پڻ هڪ قسم جي حد وجهڻي آهي، يعني نا سچ (استيه) جي هجڻ ڏانھن اڻ سڌي طرح اشارو ڪرڻو آهي. هن مثال مان ظاهر آهي تہ اکر ۽ خيال بہ ڪنھن حد تاءِ معنيٰ جي ملڪ اندر پھچي سگهن ٿا. جڏهين ﷲ جي حقيقت سڄي معلوم ٿئي ٿي تڏهين اکرن ۾ بيان ڪرڻ جي طاقت ۽ نہ ضرورت رهي ٿي. هن معلومات جي ثابتي فقط انھن عارفن جي خوشي ۽ موج منجهان ملي ٿي جيڪي اها حقيقت ڏسن پسن ٿا ۽ انھيءَ سان هڪ ٿي وڃن ٿا. اهڙي موج ماڻڻ واري کي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪھڙي؟ جو سدائين آنند ۾ مگهن رهي ٿو، تنھن کي اُن آنند بيان ڪرڻ جي فرصت ڪٿي آهي؟ بکئي جي بک کاڌي کائڻ سان لھي ٿي ۽ نہ ان جي ويچار ڪرڻ سان. عاشق محبوب جي محلات ۾ پھچي پوءِ ڇا لاءِ ويهٺو محلات جا ڀاڱا يا ڪمرا ڳڻي هيڏانھن هوڏانھن تيستاءِ پيو نھاريندو جيستائين محبوب جي ڪمري ۾ پير ڪونہ پاتو اٿس هن جو مطلب پنھنجي محبوب سان آهي. هيڏانھن هوڏانھن واجهائڻ سو ڏيکاري ٿو تہ اڃان محبوب جو مشاهدو ڪونہ ٿيو آهي. هيڪڙائي حاصل ڪرڻ جي هڪ نشاني اها آهي تہ هو ميلاپ جي آنند ۾ محو رهي. پوءِ ’مان اهو آهيان. يا ’مان انھيءَ منجهان آهيان‘، (هم اوست يا ھمہ ازاوست)، انھيءَ ڳالھہ جو ڪو تفاوت ئي نظر ڪونہ ٿو اچي. ڇا لاءِ جو ’مان‘ خود رهي ئي ڪانہ ٿي. وحدت جي ملڪ ۾ نہ ’مان‘ نہ ’تون‘ ئي رهي ٿي.“
***


ميٽنگ بعد، اٿڻ وقت صوفي صاحب چيو: ”ٻيا بہ ڪي ماڻھو هت اچڻ لاءِ خواهان آهن؛ ٻئي ڀيري انھن کي بہ آڻبو ۽ اهڙيءَ طرح ٻوٽو ٻوٽو گڏ ڪري انشا ﷲ هت هڪڙو باغ بڻائبو!“
سام چيو: ”باغن کان جهنگ: بھتر اٿو. فقير ۽ شينھن ٻيلائي ٿيندا آهن. گهڻي جوڙ جڪ باغ ۾ ٻاهرين سونھن وڌائيندي پر ٻيلي واري اکٽ موج وڃائي ڇڏيندي. فقيرن کي ٻيلن کان وري بر بعضي وڌيڪ وڻندا آهن. ڏسجو متان گهڻن ماڻھن گڏ ڪرڻ سان هن تنھائيءَ جو مزو وڃائي ڇڏيو.“
ڊپٽي صاحب کلي چيو: ”توهين تہ وري نيم ۽ ٻنڌن کان اصل ٻاهر آهيو!“
وڌيڪ چيائين: ”جمع جمع تي اسان وٽ بہ ست سنگ ٿيندو اٿو! اُتي بہ ڪڏهين هليا اچو!“
سام کيس چيو: ”اڳئين دفعي جڏهين اسين آيا هئاسون تڏهين اسان جي ڇوڪري پنھنجو ڀڄن ڳايو هو، جنھن ۾ سنسار ساگر وغيرہ هندڪار جا لفظ هئا؛ پر اُهو توهان کي ڪونہ وڻيو ۽ توهان انکي ڳائڻ کان منع ڪئي هئي!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين برابر آهي، ڇا ڪاڻ جو اسين فقط صوفياڻو يعني توحيد جا ڪلام ڳائيندا آهيون.“
سام چيو: ”ڀلا صوفين جو ﷲ ڪو ٻيو آهي ڇا؟ ست سنگ ۾ ايتري پائيبندي رکڻ نہ جڳائي. هندو، مسلمان ۽ صوفي سڀ ﷲ جا آهن. ڀلي ڪير بہ اچن ۽ ڪيئن بہ ڀڪتي ڪن ۽ انھن تي ڪا روڪ نہ وجهو!“
ڊپثي صاحب چيو: ”آهن سڀ ﷲ جا پر اسين سڀني کي هڪ خاص دڳ سان وٺي هلڻ گهرون ٿا؛ ائين نہ تہ ڪو هيڏانھن جا خيال آڻي، ڪو هوڏانھن جا. ان نموني سنگ ۾ هيڪڙائي اچي ڪونہ سگهندي.“
***


10-8-1951ع اڄ سام ۽ مان گهاڙ ڀر واري هندو فقير جي آستان وٽان لنگهياسين. مڪان جي ڀرسان مونکي پنھنجي اسپتال ۾ ڪم هو. منھنجي موٽڻ تائين سام فقير جي آستان تي ترسي پيو؛ منشو بہ ساڻس گڏ هيو. مان جڏهين موٽيس تہ کانئن فقير بابت پڇا ڪيم. منشي چيو: ”فقير پاڻ تہ مريضن سان اندر ويٺو هو؛ باقي سندس هڪڙو چيلو ويٺو هو جنھن سان ڪجهہ گفتگو ٿيو. ان جو تتسار مون هن ريت معلوم ڪيو:
سام چيو: ”واھہ ڀائي! فقير جو آستان تہ ڪو آنند سان ڀريل آ! فقير پاڻ بہ اهو آنند محسوس ڪندو آهي يا نه؟ اسان تہ کيس گهڻو ڪري دوائون وڪڻندو ڏسندا آهيون.“
چيلو: ”هر ڪو پنھنجي ڪم ۾ آنند محسوس ڪري ٿو.“
سام: ”آنند محبت منجهان پيدا ٿئي ٿو؛ جي دوائون دل سان ڏيو ٿا تہ سو بہ ٺيڪ آهي؛ ڀلا ٻيو هت ڇا ڇا ڪندا آهيو؟“
چيلو: ”واد وواد ۽ خيالن جي ڏي وٺ! صحبت ڪرڻ بہ فقير جو فرض آهي.“
سام: ”فرض نہ پر فقير جي خود زندگي آهي؛ فرض ادائي ۽ سچي محبت جي وچ۾ هي تفاوت آهي تہ فرض ادائي ۾ اڃا ڪجهہ دوئيءَ جو ڀاو رهيٿو ۽ محبت هيڪڙائي واري خيال مان پيدا ٿئي ٿي؛ فرض ۾ احساس حيلي ۽ ڪشالي جو رهي ٿو يعني فرض ادائي ڪوشش سان ٿئي ٿي ۽ محبت وارو ڪم از خود بڻي ٿو. سچو آنند محبت منجهان حاصل ٿئي ٿو. جيڪي ڪريو سو محبت ڪارڻ ڪريو محبت سچ آهي ٻيو سڀ ڪچ آهي!“
***


11-8-1951ع منشي جو ذڪر هن ڊائريءَ ۾ مون وري وري ڪيو آهي. هن جو من اسٿر نہ آهي. ڪڏهين چوي تہ مونکي پگهار وغيرہ ڪانہ کپي؛ مونکي پنھنجو ٻالڪو ڪري سمجهو! ڪڏهين وري چوي تہ مونکي منشگيري جھڙو ڪم ڏيو پوءِ پگهار ڏيو يا نہ ڏيو، جو نوڪراڻا ڪم مونکي نٿا وڻن.
اڄ وري چيائين تہ مان سڀ ڪم، ٻهاري، باسڻ، رڌڻ، پچائڻ وغيرہ ڏيندس؛ پگهار بہ ڀري وٺندس.
اسان کي سندس ڳالھيون گهڻي وندرائينديون آهن. جڏهانڪر هو آيو آهي. تہ روزانو هنجي اها ڪار هلي اچي. ڪڏهي سام ويھي پيار مان سمجهاڻي ڏيس تہ چوي: ”بس؛ مون هينئر ئي سڀ ڪجهہ تياڳ ڪيو؛ هاڻي ڪو دل ۾ شڪ شبھہ ڪونہ اٿم. اڳتي منھنجي گهٽ وڌائي ڪانہ ٻڌندوَ؛ مونکي بلڪل پنھنجو ڪري سمجهو.“
پر وري پور پوندس تہ ائين چوندو: ”حساب رکڻ ۾ ڪو هرج ڪونہ آهي؛ آخر پگهار جو سرشتو سٺو آهي.“
اڄ جئن مان اسپتال کان موٽي آيس تہ ڏٺم هو گهر جو ڪم ڪار ڇڏي، وهنجي سھنجي اکيون ٻوٽي ورانڊي ۾ ويٺو آهي. چيائين: ”ممي اڳتي نہ پگهار وٺبي نہ ڪي مقرر ڪم ئي ڪبا! باقي ائين سڪ ۾ توهان سان رهيو پيو آهيان.“
مون کيس چيو: ”تون هڪ برج تي نہ آهين، ڇا لاءِ جو تنھنجو صدق پورو نہ آهي. مان تيرهن سال توکان اڳ سام سائين وٽ آئي آهيان. هڪ منٽ ۾ اهو خيال ڪونہ ڪيو هوندم تہ ڪو مونکي وري جدا ٿيڻو آهي. اسان کي سام سائين جي پريم ۾ سڀ ڪجهہ حاصل آهي. مان تہ ائين ٿي سمجهان ڄڻڪ هڪ اٿاه سمنڊ ۾ مزي سان تڙڳي رهي آهيان. سام جو پريم اهو اٿاھہ سمنڊ آهي! اسان لاءِ هت سدائين مزوئي مزو آهي. سڀ بار لاهي، مٿس رکون تہ سنسار ساگر مان ضرور پار پونداسين تون ڪنھن وقت خوش آهين تہ ڪنھن وقت رنج. ڇو نہ ٿو پاڻ سان ويھي هڪواري فيصلو ڪرين تہ حياتيءَ ۾ ڇا ڪرڻو اٿئي! وري ٻائو ٿيڻو اٿيئي يا هن سنگ ۾ رهڻو اٿئي؟“
منشي چيو: ”ممي! بس؛ وڌيڪ ڪجهہ نہ چؤ؛ مون اڄ کان وٺي نئين سر پاڻ دادا کي ارپڻ ڪيو ۽ وري ٻي ڪا ڳالھہ ڪانہ ٻڌندو.“
***


12-8-1951ع عجب جي ڳالھہ اها آهي جو منشي چوويھن ڪلاڪن اندر وري ٻہ ڀيرا ڦرتي کاڌي آهي؛ سندس حالتن تي کل بہ اچي ٿي ۽ ارمان بہ ٿئي ٿو. سام چيو: ”سندس خيال کي زور سان نہ موڙيو؛ سندس من کي ٿر ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو؛ ڇڏي ڏيوس تہ لوڏا لما کائي پاڻھي پڪو ٿيندو؛ حقيقت ۾ منشو انساني من جي جيئري صورت آهي. مايا ۾ من ائين ئي چئنچل رهيو ٿو. جيتر ٺوڪرون نہ ٿو کائي تيتر گيان نٿو پرائي. انھن ٺوڪرن کائڻ لاءِ ئي تہ سنسار جي رچنا رچيل آهي.“
***


گذريل ڏينھن ساڳيو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيا ڪي دوست آيا؛ صوفي صاحب ڪونہ آيو. اسان جي هڪ مھمان ٻاون جو ذڪر ڇيڙيو ۽ چيائين: ”ٻاون ۽ ٽڪاڻن واري سنسٿا سڄي خراب آهي؛ مونکي جيڪي ٻاون جون خبرون آهن انھن موجب تہ جيڪر کين ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏجي. نہ رڳو پرائي ملڪيت ۽ پرائي کاڌي تي گذارو ڪن ٿا پر ٻين جي نياڻين ۽ استرين ۾ پڻ بري نظر رکن ٿا.“
ڊپٽي صاحب جواب ڏنو: ”پوءِ ڇو نہ ٻي ڪا سٺي سنسٿا برپا ڪري ڏيکارجي؟ ٻئي جي ڪم تي ٽوڪبازي ڪرڻ جي بدران بھتر آهي تہ پاڻ وڌيڪ سٺا ڪم ڪري ڏيکارجن. تنھن ڪري اهڙي سنسٿا جاري ڪريون جو اهي سنسٿائون، جن کي خراب سمجهون ٿا، سي پاڻھي بيھجي وڃن.“
سام چيو: ”ائين ٺيڪ آهي، ڇا ڪاڻ تہ ڪا بہ سنسٿا ڪنھن ذاتي گهرج کانسواءِ پيدا ڪونہ ٿي ٿئي. ڪابہ جماعت يا هلچل جا هستيءَ ۾ اچي ٿي، ان جي شروعات گهڻو ڪري سٺي هوندي آهي ۽ عوام جي پٺڀرائيءَ سان ٿيندي آهي. هر هڪ سنسٿا ڪا نہ ڪا گهرج مذهبي، سياسي يا پنگتي پوري ڪري ٿي ۽ جيستائين اها گهرج غلط يا برابر نموني ۾ پوري ڪندي رهندي تيستائين انکي ڊاهڻ اهنجو آهي. انھيءَ کي ڊاهي تڏهين سگهبو جڏهين انجي بجاءِ ڪا عيوضي سنسٿا ان کان بھتر برپا ڪبي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تنھن کان سواءِ ڏسجي ٿو تہ اسانجو ڌرم، جنھن کي اسين هندو ڌرم چئون ٿا، سو ٻاون جي سنسٿا (Institution) کي وڏي ٽيڪ ڏئي ٿو! ٻاوا پنھنجي ڪُڪرمن جي بچاءَ لاءِ ڪونہ ڪو مثال شاسترن مان ڳولي ڏئي سگهن ٿا؛ هو ائين چئي سگهن ٿا تہ ڪرشن گوپين سان ناچ ڪندو هو؛ فلاڻي رشيءِ فلاڻي اپسرا سان ڀوڳ بلاس ڪيو؛ خود پانڊو، جي پنھنجي وقت ۾ هندو ڌرم جا اڳواڻ هئا، سي ئي جائز نموني پيءُ جي ٻج منجهان پيدا ٿيل ڪونہ هئا؛ پوءِ انھن ٻاون کي اسين ڪھڙو ٿا ڏوھہ ڏيئي سگهون؟“
سام وراڻيو: ”اِها ڌرمي تواريخ جي توهين غلط سمجهاڻي ڏيو ٿا. ائين برابر آهي تہ هندستان جي جدا جدا ٽڪرن ۾ جدا جدا وقتن تي، ڀانتين ڀانتين پنٿ يا مارڳ پڌرا ٿيا آهن، پر اهي جدا جدا حالتن ۽ آتما جي جدا جدا اوستائن سان واسطو رکن ٿا. ان ڪري مان سمجهندو آهيان تہ هندن جي خيالات يا فلسفہ کي ڪو خاص مذهب ڪري چئي نٿو سگهجي. ان ۾ مذهبپڻو (Ism) آهي ئي ڪونه. هنن مختلف قسمن جي خيالن ۽ رستن کي وقت آهر جوڳو ڏسي تسليم پئي ڪيو آهي؛ هندن جي مذهبي خيالات يا فلسفہ بہ ٻين دنيا جي وڏن مذهبن جي ابتڙ نہ آهي؛ باقي سمجهڻ کانسواءِ اوتارن يا رشين جي تواريخ مان ڪي مثال چونڊي، ان مان پنھنجو مان خيال ثابت ڪرڻ يا چوڻ تہ سڀ ڪنھن کي اهڙي نيتي اختيار ڪرڻ جو حق آهي، سو ٺيڪ نہ آهي. جدا جدا اوستا وارن انسانن لاءِ جدا جدا ڌرم جو رستو ٿي سگهي ٿو. مان تہ انھيءَ خيال جو آهيان تہ هر هڪ انسان کي پنھنجو پنھنجو ڌرم آهي؛ يعني جيترا انسان اوترا خيال يا مذهب ٿي سگهن ٿا؛ چڱائي جا هر هڪ شخص کي پنھنجي نظر ۾ چڱي لڳي ٿي؛ برائي يا پاپ اهو آهي، جو مون کي برو نظر اچي ٿو. پانڊون جي پنجن ڀائرن گڏجي هڪ شادي ڪئي ۽ سندن ماتا پنھنجي مڙس مان اولاد نہ پائڻ ڪري ٻئي مان اولاد پاتي، اهو يا ٻيا اهڙا مثال ان وقت جي رسمن جي خلاف نہ هئا. شري ڪرشن کي مريادا جو وروڌي سمجهڻ، ڇاڪاڻ جو هن گوپين سان راس ليلائون ٿي ڪيون، سا پڻ اونھي خيال واري نڪتہ چيني نہ آهي. پھريائين اهو سمجهڻ کپي تہ اهي کيل سندس ٻال اوستا ۾ ڪيل هئا؛ ٻيو تہ هن جي پدوي اوتارن جي هئي، جن ۾ نہ رڳو پاپ جي اڇا نہ هئي پر بديءَ کي مٽائڻ جي پڻ شڪتي هئي؛ ظاهري برائي هنن جي پاڇي پوڻ سان ڀلائي بڻجي ٿي پيئي. ازآنسواءِ انھن چرترن جون اندريون معنائون بہ آهن ۽ ٿي سگهي ٿو تہ پوين وڌاءُ پڻ ڪيو هجي.“
هڪ دوست سوال اٿاريو: ”جدا جدا اوسٿا ۾ ڌرم جو رستو جدا جدا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مريادا يا مذهب جا اصول سڀني لاءِ هڪ جهڙائي هئڻ گهرجن.“
سام چيو: ”شمس تبريز جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ جڏهين هو ملتان شھر ۾ آيو، اتان جي پيري کي اچي انتظار ٿيو تہ هيڏو درويش هت رهندو تہ اسان جي پيري مريدي چٽ ٿي ويندي؛ تنھنڪري هن کي بدنام ڪرڻ لاءِ پيرن صلاح ڪري شراب جي بوتل ۽ سوئر جو گوشت (جو اسلام ۾ حرام ٺھرايل آهي) کيس هڪ ڪڃريءَ سان ڏياري موڪليو؛ هو مطلب سمجهي ويو ۽ پيرن ڏي نياپو موڪليائين تہ فقير درياھہ آهن؛ جئن درياھہ م گند گار پوڻ سان درياھہ جو پاڻي ناپاڪ ٿي نٿو سگهي، تيئن فقيرن جا روح نيڪيءَ بديءَ جي اثر کان آجا رهن ٿا. مطلب تہ ڪنھن اونچي آدرش لاءِ يا ڪنھن وڏي خيال وچان قانون ٽوڙڻ خود ثواب جي صورت وٺي سگهي ٿو. اسانجي تر جي هڪڙي فقير چون ٿا تہ گئو، سوئر وغيرہ جو گوشت هڪ هنڊيءَ ۾ چاڙهائي پوءِ پنھنجي مريدن کي کائڻ جي دعوت ڏني. هو ان نموني انساني روح جي آزادي ۽ بلندي ثابت ڪري رهيو هو؛ تہ سچو مذهب بورچي خاني تائين محدود نہ آهي ۽ ڪنھن بہ ريت رسم جو ٽوڙڻ انسان جي آتما کي ناپاڪ بڻائي نہ ٿو سگهي. پر اهڙا بہ انسان آهن جن لاءِ بصر کائڻ بہ وڏو پاپ آهي. هو بہ پنھنجي خيال تي بلڪل پڪا آهن. انھيءَ نموني جدا جدا انسانن لاءِ سندس خيال جي اوسٿا موجب جدا جدا ڌرم يا فرض ٿي سگهن ٿا.
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين برابر آهي، مگر عام ماڻھن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن قانون يا شريعت جي ضرورت آهي.“
سام چيو: ”جا ڳالھہ ضروري آهي سا اوس عمل ۾ اچي ٿي ۽ اوتري ئي قدر اُها ضروري سمجهڻ گهرجي، جيتري قدر عمل ۾ اچي ٿي؛ يعني جيڪڏهن ڪو قانون عام طرح هلي ٿو تہ سمجهڻ گهرجي اسان جي خيال جي اوسٿا لاءِ اهو ضروري آهي؛ پر جيڪڏهين ڪي باغي بڻي ان قانون جي آڏو اچن ٿا تہ سمجهڻ گهرجي، اسان جي قانون ۾ ڪنھن تبديل جي گهرج آهي. جيڪڏهين اسان کي پنھنجي ضرورتن جي چڱيءَ طرح خبر هجي ۽ پنھنجي لڱائي چڱائي جي ڄاڻ پاڻ رکندڙ هجون، تہ هوند شريعت، سمرتيون وغيرہ ضروري ڪين ٿين؛ جئين ان شخص کي ڦڪين جي گهرج ڪانہ ٿي پوي جنھن کي پنھنجي غذا ۽ پيٽ جي ضرورت جي پوري ڄاڻ ٿي رهي.“
هن باري ۾ سام ڪي پنھنجا آزمودا ٻڌايا؛ چيائين: ”منھنجي پيٽ کي تہ ڪڏهين ڪوڙين شين جي بہ طلب ٿيندي آهي؛ ڪڏهين ڪُئينائين (Quinine) جھڙي شيءِ بہ ڄڻڪ وڻي پيئي؛ ان وقت، جي ڪنھن سبب ڪري ڪئينائين نہ وٺان تہ مليريا ظاهر ٿيو پوي. جڏهين سٺي شيءِ ڏي گهڻو لاڙو ٿئيم تڏهين سمجهان تہ آنڊي ۾ شايد ڪا آنڌ مانڌ آهي. گهڻو تيز ۽ چھرين شين کائڻ کانپوءِ مٺاڻ ڪجهہ قدر آنڊي کي ٺاريندو آهي. هڪ لڱا باھہ جي ڀرسان ويٺو هيس تہ پير تي هڪ ڏڍ ۾ اچي، خارش ٿي؛ سمجهان پيو تہ انکي ساڙڻ سان جيڪر راحت مليم. ازخود هڪ ٻرندڙ بنڊيءَ ڏانھن هٿ وڌي ويو، جنھنجي جڳائڻ سان خارش هٽندي ويئي. وري انھيءَ جاءِ تي ڏڍ ڪانہ ٿي اٿم. مونکي اڳ اها خبر ڪانہ هئي تہ ڊاڪٽر بہ ڏڍ کي ائسڊ (Acid) وغيرہ سان ساڙيندا آهن.
”جانورن کي ڏسو جيڪي گهڻو ڪري قدرت جي قانون پٽاندڙ رهن ٿا؛ کين اها هڪ ڏات مليل آهي تہ هو فقط پنھنجي سڀاو سان ٺھڪندڙ کاڌو کائين؛ بيماريءَ جي وقت ۾ ڪھڙو بہ هر کائيندڙ کاڌو اڳيان رکون تہ هر گز ڪين ورتائيندا جي نقصانڪار هوندو. مطلب هي آهي تہ پنھنجي من جون ذاتي مرادون چڱيءَ طرح پوريون ڪبيون تہ گناه ڪرڻ جو ڪوبہ انديشو ڪونہ رهندو. ڇا لاءِ جو قدرت جي قانون موجب هلت ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ سلامتيءَ جو رستو آهي؛ نہ رڳو ايترو، پر قدرت جو قانون اڻٽر آهي! جو وقت اسين اُن کان ٽڙي يا منھن موڙي ٻئي پاسي لڙي وڃون ٿا، سو وقت، ۽ سا ڪوشش، ضايع آهي؛ آخر ڦري قدرت جي مارڳ اتي اچڻو پوي ٿو. تنھن ڪري گناھہ فقط قدرت جي قانون کان انڪاري ٿيڻ ۾ آهي ثواب سنئين دڳ يعني قدرت جي قانون مطابق هلڻ ئي آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ان جو مطلب اهو آهي ڇا، تہ ڪنھن جو خراب رستي ڏانھن لاڙو ٿئي يا ڪا خواهش جاڳي تہ ڀل اوڏانھن هليو وڃي.“
سام وراڻيو: ”جي اها ڇڪ اڻٽر هوندي تہ اوس پوري ٿيندي ۽ هر خواهش واجبي نموني پوري ڪرڻ بہ گهرجي، توڙي جو ظاهر ۾ لوڪ انکي گناه چون، واجبي نموني پوري نہ ڪبي تہ دٻجي هڪ وڏي زلزلي يا طوفان جي صورت وٺي ايندي. حياتي جي ڏاڪڻ جي مٿين چوٽيءَ کان ڏسو تہ سڀ کان هيٺ پھريون ڏاڪو نظر ايندو. مگر ڏاڪڻ جي هيٺان بيھي ڏسو تہ اهو پھريون ڏاڪو بہ هڪ چڙهڻ جو وسيلو يعني هڪ ڏاڪو ٿي نظر ايندو. اهڙيءَ طرح ظاهري گناه ڪنھن نڪتہ نظر (View Point) کان هڪ ثواب بہ ٿي سگهيٿو. مثال طور، ڪو ڪنھن کي گار ڏئي ٿو ۽ ٻيو جوش ۾ اچي ڌڪ هڻي ٿو. اهو ڪم ڌڪ هڻڻ جو گناه چئجي ٿو مگر اهو ڪم گهٽ ۾ گهٽ ڌڪ هڻندڙ چڱو ڄاڻي ڪيو هوندو. جي چوٽيءَ واري سنتپڻي يا فلسفيانہ خيال کان ڏسو تہ اُهو هڪ وڏو جرم آهي. پر جي هيٺان بيھي بزدليءَ واري ڏاڪي کان ڏسو تہ اهو ڌڪ هڻڻ بزدليءَ کان مٿي چڙهڻ جي هڪ ڪوشش ثابت ٿي سگهي ٿي، ۽ هڪ قسم جي بهادريءَ جو اظھار ٿي سگهي ٿو. سمجهو، اهو ڌڪ هڻڻ جو واقعو ڪنھن عورت جي بي حرمتي ٿيڻ مان پيدا ٿيو آهي يا ڪنھن نٻلي انسان جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ ڌڪ هنيو ويو آهي تہ بزدليءَ جي اظھار کان ڪم از ڪم وڌيڪ تحسين جوڳو قدم ليکبو. البت ڪڏهين بي سمجهائيءَ کان بہ اهڙا ڪم ٿي وڃن ٿا ۽ گهڻو ڪري ان کان وڌيڪ چڱا اپاوَ اهڙن موقعن لاءِ ممڪن هوندا آهن. پر جيڪڏهين ٻيو اُپاءُ اهو آهي جو چپ ۾ بي عزتي سھڻي پوي تہ پوءِ يقيناً اهڙا قدم بهادريءَ ۾ شمار ٿيڻ گهرجن. ان ڪري گناه يا ثواب جو فيصلو حالتن تي منحصر آهي ۽ اهڙو ڪو ڪم ڪونہ آهي جو هر حالت ۾ چڱو ليکجي يا هر حالت ۾ برو چئجي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين توهان جي خيال موجب نڪو مقرر گناه نہ ان جي ڪا سزا آهي.“
سام چيو: ”گناه مقرر نہ آهي مگر گناه تيستاءِ آهي جيستاءِ گناه جي ڀاونا آهي؛ ڪيترا ڪم ڄاڻي واڻي ساڙ وچان فقط ٻئي کي نقصان پھچائڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا؛ انھيءَ خواهش پوري ڪرڻ ۾ قدرت جي ڪا ذاتي گهرج پوري ڪانہ ٿي ٿئي. تنھن ڪري اها ڀاونا بري آهي ۽ نہ وري ڪا اڻٽر ڇڪ انسان کي ان برائيءَ ڏانھن ٿي سگهندي. مگر انسان جو من پاڻ کي ڀلائي، بنا سچي چاھہ جي بہ ڪڏهين اُگرا ڪم رٿي يا ڪري سگهي ٿو. اهي واقعا ظاهر ظھور گناه جا ڪم آهن. ان ڳالھہ ۾ ملڪي قانون پڻ اسانجي خيال کي ٽيڪ ڏئي ٿو. جورٿيل خون جي سزا وڌي ڏئي ٿو ۽ ساڳئي قسم جي اتفاقي خون جي سزا بعضي نالي ماتر ڏئي ٿو. چڱي ارادي سان چورن کي بندوق هڻي مارڻ واري کي سرڪار پڻ انعام بخشي ٿي؛ تنھن ڪري، جئن هن حالت ۾، ڪنھنجو خون ڪرڻ بہ ثواب ٿي سگهي ٿو.“
”ٻيو گناه تڏهين ٿو پيدا ٿئي، جڏهين ٻہ قدرتي خواهشون پاڻ ۾ ٽڪرن ٿيون ۽ انھن مان هڪڙي ٻيءَ کي دٻائي انجي مٿان غالب پوي ٿي. مثال طور کاڌي لاءِ هڪ ڦل آهي؛ توهين بہ بکيا آهيو ۽ مونکي بہ بک آهي پر مان توهان جي بک جو خيال نہ ڪري ڏاڍائيءَ سان ڦل کڻي کائي وڃان ٿو. ٻنھي جون خواهشون قدرت جي قانون مواقف آهن پر تنھن هوندي بہ ان نموني خواهش جي پورائي ڪرڻ کي گناه چئي سگهجي ٿو؛ هونئن تہ ڦل کائڻ ڪو گناه ڪونہ آهي.“
ڊپٽي صاحب پڇيو: ”ڀلا سزا بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ جيڪڏهين توهان جي خيال موجب عام طور زندگيءَ ۾ ڪي مقرر گناه ڪونہ آهن تہ چئبو سزا ۽ انعام يا خود بھشت دوزخ جو سرشتو بہ اجايو آهي.“
سام چيو: ”هاڻي ان سوال تي اچون! هيڏي ساري وڏي رشٽيءَ ۾، جنھن ۾ چت يعني خيال جي موجودگي ظاهر نظر اچي ٿي ۽ جنھن جو سڄو ڪاروبار از خود يعني پاڻمرادو هلي رهيو آهي، ڇا تنھن ۾ گناه جي عيوض چڪائڻ جو رستو بہ ڪو خود بخود هلندڙ اصول موجب، ڪنھن وگياني ۽ تيز بجا ايندڙ قانون موجب هوندو يا پوءِ بھشت ۽ دوزخ تاءِ مھمل ڪيل هوندو؟ بھشت ۽ دوزخ جو طريقو اهڙي شاهي ۽ خود بخود هلندڙ ڪارخاني ۾ ائين پيو لڳي جئن آمريڪا جھڙي سڌريل ملڪ ۾ ڪاٺ جي پير ڪڙين وارا جيل خانا هجن، جن ۾ اڳئين زماني وارا مجرمن جا پير بند ڪري ڇڏيندا هئا. اڄوڪي گناه جي سزا مرڻ کانپوءِ دوزخ ۾ ڇو ملي ۽ اڄوڪي ثواب جي ڪم جي موٽ مرڻ کان پوءِ بھشت ۾ ادا ڇو ڪئي وڃي؟ قدرت کي ان وقت حساب ڏيڻ ۽ وٺڻ جي توفيق ڪانہ آهي يا اهڙو سرشتو ڪو وڌيڪ سھوليت وارو آهي؟ اها نتيجي مھمل ڪرڻ واري ترتيب انتظام لاءِ خراب ۽ نقصانڪار ٿيندي؛ ڇا لاءِ جو هڪ پاسي چڱائي جي وهنوار ۾ آلس پيدا ڪندي ۽ ٻئي پاسي برائيءَ وارن ۾ بي پرواهي پيدا ڪندي. مان اوهان کي اهو اشارو ڏيڻ گهران ٿو تہ ڪرم جو قانون اهڙو پورو، وگياني طريقي موجب ۽ تيز هئڻ گهرجي جو بڇڙن کي ڏوھہ ڪرڻ سان نہ فقط پر ارادي ڪرڻ واري وقت تي ئي سزا ملڻ کپي ۽ ڀلائي جو ڦل ساڳيءَ طرح اتي جو اتي ملڻ کپي. ائين ئي اهڙي طاقتور ايشور يا ﷲ کي ڪرڻ جڳائي جو سرو شڪتيوان ۽ هرجا حاضر ناظر آهي. ۽ ائين ئي سچ پچ آهي!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ڳالھہ جو مطلب وڌيڪ کولي ٻڌايو.“
سام چيو: ”ڳالھہ جو مطلب هي آهي تہ بڇڙائي وڌيڪ بڇڙو ۽ ڪڌو بڻائي ٿي؛ من کي مونجهو ۽ ٻڌيءَ کي ناس ڪري ٿي؛ آتما جو آنند گم ڪري ٿي. انسان کي بڇڙائيءَ جو ارادو خود اتي جو اتي ذليل ۽ بدزيب بڻائي ٿو. اها بڇڙائيءَ جي سزا آهي. چڱائيءَ جھڙو ڪم وري انسان جي روح ۾ هڪ قسم جي آنند، من ۾ طاقت ۽ جسم ۾ قرار پئدا ڪري ٿو. اهو ان جو انعام آهي. انھن جا ٻيا پڻ نتيجا از خود نڪرن ٿا، جھڙوڪ بڇڙائي مان جڳ ۾ گلا، ماڻھن ۾ بي اعتباري پيدا ٿيڻ يا همدرديءَ جو گهٽجي وڃڻ ۽ انھن سببن ڪري ٻين تڪليفن جو پيدا ٿيڻ. چڱائيءَ جا وري ان جي ابتڙ آثار اتپن ٿين ٿا، جھڙوڪ جڳ ۾ نيڪي، ڀلائيءَ وارن جي همدردي ۽ هٿ ڊگهيڙ ۽ آخر ڪار سھوليت، سک ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ شانتيءَ جو واڌارو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ڀلا چوڻ ۾ اعتبار ڪھڙي نموني جائز سمجهو ٿا؟“
سام چيو: ”چوڻ ڪرم جي قانون جو ٻاهريون پاسو آهي؛ ڪرم ان زنجيريءَ جو اندريون پاسو آهي. جيئن ڪرم ٿئي ٿو تيئن وڻ بہ اتي جو اتي مٽجي ٿي. منھنجي هن وقت جي اوسٿا صبح واريءَ اوسٿا کان البت ڦريل آهي. گذريل سال واريءَ کان گهڻو ڦريل ۽ جوانيءَ جي وقت کان بلڪل نرالي آهي، گويا من منھنجي هن عرصي اندر ڪيترائي جنم ورتا آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تنھن جي معنيٰ تہ ٻاون ٻانڀڻن وانگر، يعني جئن هندو ڌرم وارا مڃن ٿا ان نموني توهان جو جوڻين ۾ اعتبار ڪونہ آهي.“
سام چيو: ”اسڪول ۾ ظاهر ۾ ست درجا ليکجن ٿا مگر انھن ستن درجن اندر ڪئين ٻيا درجا بہ آهن. ستين درجي وارن شاگردن ۾ ئي ڏسو تہ ڪي هوشيار آهن، ڪي موڳا آهن ۽ ڪي درميانن طبقن جا شاگرد آهن. چوراسي لک جوڻيون مقرر ڪرڻ، سو بہ ائين آهي جئن مئٽرڪ ڪلاس تائين ست درجا مقرر ڪجن ٿا. مگر در حقيقت اسڪول ۾، جئن حياتيءَ جي وديالي ۾، هڪ ڳنڍيل ۽ لاڳيتو تحريڪ هلندڙ آهي. ساڳي طرح آتما جي اُڌار جو پڻ مارڳ ڳنڍيل آهي ۽ سرشتو لڳاتار جاري رهي ٿو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين اتي توهان جو خيال بہ اچي صوفين سان ملي ٿو. باقي هڪ ڳالھہ آهي، سا هيءَ تہ من جي هر خواهش پوري ڪرڻ بدران ان کي موڙي سگهجي ٿو ۽ ڪيتريون گهرجون پوريون ڪرڻ بدران ٽاري يعني گم ڪري سگهجن ٿيون. مگر توهان چئو ٿا تہ خواهشون واجبي نموني پوريون ڪرڻ گهرجن!“
سام چيو: ”من کي موڙي تڏهين سگهبو جڏهين اول ٻيو ڪجهہ عيوض ۾ ان کي ڏبو يعني ٻي ڪا اڳين کان زوردار خواهش پيدا ٿيندي تہ ننڍي خواهش کان مڙي سگهندو. مثال طور شادي ڪرڻ ۽ زماني ۾ گهرڻ کان وڌيڪ زوردار جيڪڏهين ساڌو پڻي ۽ سنياس جو شوق پيدا ٿيندو تہ من اوڏانھن لڙي سگهندو. من جي چڙي هڪ وڻ تان اٿارجي تہ ضرور ٻئي تي ويھندي؛ هوا ۾ هميشہ ڪانہ رهي سگهندي. بيشڪ خيال ۾ گم ٿي وڃي؛ پر سو سڀ پنھنجي مرضيءَ سان ڪندو، يعني جڏهين اها خود من جي خواهش بڻبي. خواهشن کي ان ريت خيال سان موڙي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ اهي مرن نٿيون مگر انھن جو رنگ روپ مٽائي سگهجي ٿو. انھن کي وڌيڪ سٺو يا ڀدايڪ رستو ڏيکاري وڌيڪ اوچ پدويءَ واري زندگيءَ ڏانھن لاڙي سگهجي ٿو. تنھن لاءِ سٺي ۾ سٺو اپاؤ صحبت يعني ست سنگ آهي. ست سنگ يعني ڀلائيءَ وارن جي صحبت ۾ ئي ڀلائي پيدا ٿئي ٿي.“
***


14-8-1951ع اسان جو گهر سچ پچ هڪ ننڍڙي آشرم بڻجي پيو آهي. پرڀوءَ جا شڪرانا آهن جو اهڙو سک اسان کي گهر ۾ موجود ڪري ڏنو اٿس، جنھن ۾ مان نہ رڳو پر اسان جا نوڪر ۽ ٻيا پڻ پنھنجي پنھنجي جيون جو لاڀ پايون ٿا؛ ماڻھن جي وچ ۾ رهي بہ ڄڻڪ پاڻ کي سنسار کان سوين ميل پري سمجهون ٿا. هي مون لاءِ ڄڻڪ هڪ بر ۾ وڏي آسائش جو آستان آهي. جا ڳالھہ اسان کي طيب جي محلن ۾ مشڪل ٿي ملي سگهي، (جيتوڻيڪ ڳوٺ ۾ قدرت جي نمائن کي ويجها هئاسون) سا ڳالھہ هت شھري زندگيءَ، هن گوڙ ۽ سوڙھہ واري ماحول ۾ اسان کي سھنجائي سان حاصل ٿي آهي. مان ڀانيان ٿي سو ان ڪري آهي، جو سام هت نلو پلو اسان جو آهي، يعني ٻيون گهڻيون مشغوليون ڪونہ اٿس؛ مان ۽ هي ڇوڪرا، سندس سعيي هيٺ ٻالڪن وانگر زندگي گهاري رهيا آهيون. ويھي ويھي ڪڏهين اهڙي محبت ۽ موج جاڳندي آهي جو عجيب ڳالھيون ڪري چڪندا آهيون. حقيقت ۾ اهي عجيب ڪونہ آهن ڇا لاءِ جو اسان جي زندگي بلڪل سڀاوڪ آهي؛ منجهس ڪابہ هٿرادو ڳالھہ ڪانہ آهي؛ مگر ٻين جي ڀيٽ ۾ اهي ڳالھيون ذرا نراليون پيون لڳن جنھن ڪري مون ”عجيب“ اکر مٿي ڪم آندو آهي.“
اڄ منشي کي اوچتوئي اوچتو اهڙو هڪ خيال آيو؛ هو ڄڻ تہ حال ۾ اچي ويو! سام کي پيرن تي هٿ رکي چيائين، دادا ٻاهر هلو تہ توهان کي تماشو ڏيکاريان.“
سام پڇيس: ”ڇا رٿيو اٿيئي؟“
منشي چيو: ”مان اڄ ميز تي مٿي چڙهي، عام سير واري پاسي کان بيھي، اٿ ويھہ ۽ ڪن ڪوشي ڪندس؛ ڀل تہ ماڻھو ڏسن!“
سام پڇيس: ”ائين ڀلا ڇو ٿو ڪرين؟ تون تہ پاڻ چوندو آهين تہ مونکي منشيءَ جو گريڊ ڏيو، جئن ماڻھو مونکي رواجي نوڪر نہ سمجهن! هاڻي ڇو ٿو ماڻھن اڳيان پاڻ کي اجايو خوار ڪرين؟ تنھن کان ڪو سجايو ڪم ڇو نہ ٿو رٿين؟“
منشي چيو: ”بس اڄ کان وٺي مون پڪو پرن ڪيو آهي تہ مان توهان جو ٿي رهندس. هي ساڌن من جي مارڻ لاءِ ڪرڻ ڏيوم؛ جي چئو تہ اصل منھن ڪارو ڪري شھر گهمي اچان!“
پوءِ اسان سڀني کي ٻاهر وٺي هليو ۽ ميز تي چڙهي، ڪنن ۾ هٿ وجهي، واڪا ڪري، رستي وارن کي سڏ ڪندو، اٿويھہ ڪرڻ لڳو. سندس واقفڪار دوست ٻين ماڻھن سان گڏ بيھي ڏسڻ لڳا. اسان سام کي ڳالھائڻ جو موقعو ئي ڪونہ ڏنو؛ نہ هي ڪم سندس خيالن موجب هيو؛ پر منشي کي ايترو خوش ڏسي سڀ کل ۾ ٻڏي وياسون. مون بہ اتساه ۾ اچي سام کان موڪل گهري تہ پاڻ مارڻ لاءِ مان بہ ڪجهہ ڪريان مگر سام چيو: ”زال ماڻھو ٿي ڪري تون هروڀرو ماڻھن جي وچ ۾ ائين نہ ڪر؛ منشي لاءِ بہ ان کان وڌيڪ سٺا پيا ساڌن ٿي سگهن ٿا. هي ڪو ضروري ساڌن ڪونہ آهي جو سڀڪو ڪري، مگر مان ڪنھنجي خيال جي آڏو اچڻ نٿو گهران.“
منھنجي دل اتساھہ ۾ ٽپا ڏيندي رهي؛ پوءِ سام جون جتيون وانديون ڏسي جهول ۾ کڻي اچي پڌر ۾ صفا ڪرڻ لڳس. سام چيو تنھنجي مريضن تي ڪھڙو اثر پوندو؟ من کي مارڻ لاءِ هروڀرو ضروري نہ آهي جو اهڙا ساڌن ڊاڪٽر ماڻھو ڪن؛ ڇو نہ ڪي اتم ساڌن شيوا جا اختيار ڪريو؟“
مون حجت وچان سام جي صلاح نہ مڃي؛ ٻيا بہ ڪي اهڙا ساڌن شروع ڪيم. منشو اچي مونسان شامل ٿيو ۽ گرڌاري بہ هٻڪندو اسان سان اچي ڳنڍيو. مونکي سري رام چندر جون چاکڙيون ياد اچي ويون جن کي مٿي ئي رکي ڀرت گهڻو آنند پراپت ڪيو هو.
سام چيو: ”توهين سڀ مونکي شرمايو ٿا! تنھن کان سوا جتين ۾ مرض جا جيوڙا ٿي سگهن ٿا.“
مگر اسين تہ ڄڻ راس ليلا کيڏي رهيا هئاسون. مان سمجهان ٿي تہ سام لاءِ ائين چوڻ جوڳ هو. مگر کيس پنھنجي دل اندر خبر هئي تہ پريم وچان اهڙي ڪم ڪرڻ ۾ ڪوبہ نقصان نہ آهي. پريم جي آڳ ۾ ڀلا ڪيئن ٿا ڪي جيوڙا بچي سگهن! ’صدق جھڙي صفائي ٻي ڪانہ آهي.‘ آخر اهي بہ سندس ئي اکر آهن. وري جوش ۾ اچي منشي پاڻ تي چماٽن جو وسڪارو ڪيو ۽ پوءِ ننڍڙي ٻالڪ وانگر روئڻ لڳو ۽ لولاٽ ڪري چيائين تہ مان وري اوهان کان ڇڄي ڪين ويندس ۽ هميشہ توهان جو ٿي رهندس! تنھن بعد اسان سڀني گڏجي سام کي ڀاڪر اچي پاتا. هن چرچي طور چيو: ”توهان جا هٿ ميرا آهن؛ پراڻن جتين هاڻا!“
پر اسين کيس وڪوڙي وياسون ۽ جڏهين سام بہ اسانکي پيار مان هٿ گهمايا، تڏهين دل کي راحت ملي ۽ اها پريم جي ليلا بند ڪئيسين. سڄو ڏينھن اسان ڄڻ عيد ڪري ملھايو آهي.
***


15-8-1951ع گهمندي گهمندي گهاڙ ڀر واري فقير وٽ وري وياسين؛ وٽس هڪڙو ساڌو ٽڪيل هو، جو ذات جو مسلمان هو، مگر ويس جوڳيءَ جو پيل هيس ۽ هندو صوفين جي صحبت ۾ آيل هو. سام کي ڏاڍو وڻيو ۽ سڏي ڀرسان ويھاريائينس؛ پڇيائينس تہ ڪھڙي درگاه جا فقير آهيو؛ طلب ڪنھنجي ورتي اٿو؟
ان فقير وراڻيو: ”بابا! مان تہ اڃا ڳولائو آهيان. يقين ڪونہ ٿو ٿئيم. خاطري ٿيڻ کان سواءِ ڀلا ڪيئن چوان تہ مان ڪنھن جو آهيان!“
سام چيو: ”اسان تہ اها ڳولا واري شيءِ خود تو ۾ ئي ڏٺي تنھن ڪري توکي ويجهو سڏيوسين. تون وري چوين ٿو تہ مونکي خاطري ڪانہ آهي!“
فقير چيو: ”بابا! مونکي اوهان مان ڄڻ ڪا چڱي بوءِ آئي، تنھن ڪري مان بہ ڇڪجي آيس؛ توهان ئي ٻڌايو تہ ڇا ڪريان؟“
سام چيو: ”ڳولا بنا ڏسڻ پسڻ مشڪل آهي؛ ڏسڻ کانسواءِ يقين ڪونہ ٿو ٿئي ۽ يقين کانسواءِ اعتقاد ڪونہ ٿو ٻجهي. پر اها ڳولا سڄي پاڻ ۾ رکيل آهي؛ درگاهن تي وڃڻ بہ هڪڙو بهانو آهي.“
فقير چيو: ”بابا! ڳالھہ کولي ٻڌايوم!“
سام چيو: ”تو کانسواءِ ٻي شيءِ ڪٿ آهي ئي ڪانه. ساڳي بازي جئن ٻاهر تئن پاڻ اندر پڻ سمايل آهي. جڏهن ان جي ڄاڻ ٿيندي تڏهين سڀ شيءِ ۾ اهوئي نظر ايندو. وچ ۾ فقط اگيان جو پڙدو آهي؛ نظر جي ڪوتاهي آهي جو هي سڀ شيون جدا جدا نظر اچن ٿيون؛ ڪنھن بہ ذره مان ساري شيءِ جي وصف معلوم ٿي سگهي ٿي. صفات ۾ ئي ذات سمايل آهي.“
فقير چيو: ”بابا! ذات ۽ صفات وارو فرق کولي ٻڌايوم.“
سام چيو: ”ذات ۽ صفات ۾ فرق ڪونہ آهي، ٻئي ساڳيءَ شيءِ جا نالا آهن؛ ساڳئي سڪي جا ٻہ پاسا آهن. هي سڀ شيون جدا جدا وصفن سان هڪ ذات جون ئي آهن جا اهي سڀ روپ اختيار ڪري ٿي، ان لاءِ تہ پنھنجو ظھور پورڻ ريت ڪري.“
فقير پڇيو: ”بابا! انھن روپن مان سندس ڪھڙو روپ اتم آهي.“
سام تڏهين کيس رشي يجنولڪيه جي هيءَ ڳالھہ ٻڌائي: ”ان درويش جو پٽ وٽس برهم وديا حاصل ڪرڻ لاءِ آيو؛ پڻس چيو، بابا تون پاڻ وڃي ڌيان ڪر تہ برهم يعني ﷲ ڇا آهي؟ اهو پٽ، سندس چيلو بہ هيو؛ ڪجهہ وقت کان پوءِ وٽس موٽي آيو ۽ چيائين، بابا مون هاڻي سمجهيو تہ برهم ڇا آهي؛ ’آنم‘ برهم آهي؛ يعني هيءُ جهان، هي سرشٽي سڄي عناصرن يعني تتن جي جڙيل آهي؛ کاڌي، اَن، مٽيءَ وغيرہ سان سندس تڳاءُ آهي. انھيءَ درويش پٽ کي چيو تہ اها ڳالھہ بہ ٺيڪ آهي؛ پر تون اڃا وڌيڪ وڃي ڌيان ڪر تہ انجو اتم روپ ڇا آهي. ڪجهہ عرصي بعد وٽس آيو ۽ ’پرانم برهم‘ جو واڪ ڏنائين، يعني برهم پران آهي؛ ڇا لاءِ جو انھيءَ جسم کي هلائڻ واري شيءِ ساس يعني پران يا دم آهي!
”اهڙي طرح وڌيڪ ڳولا ڪيائين ۽ ڏٺائين تہ ’منم‘ برهم آهي؛ ڇا لاءِ جو پران يعني ساس تي قبضو وري من جو يا خيال جو آهي؛ اڃا بہ وڌيڪ ڌيان کان پوءِ انھيءَ چيلي ڏٺو تہ من خود ٿِر نہ آهي يعني لڏندڙ ڦرندڙ آهي؛ جستائين انھيءَ ۾ گيان جي روشني نہ ٿي اچي تيستائين اهو ڀُلي سگهي ٿو. تنھن ڪري ’گيان برهم‘ جو اعلان ڪيائين. آخر ڳولا ڪندي هو انھيءَ خيال کي وڃي پهتو تہ برهم آنند روپي آهي يعني منجهس آنند يا موج سمايل آهي ۽ اهو اندروني آنند سڄو برهم آهي. پيءُ کي چيائين: ’آنند ۾ برهم!‘ پڻس هن جي پٺي ٺپي چيو تہ اهوئي برهم جو سچو روپ آهي.“
فقير چيو: ”تڏهين اسين پاڻ کي ئي اهو برهم ڪري ڄاڻون؟ پوءِ نفس ڇا آهي؟“
سام چيو: ”نه! ’پاڻ‘ کان سوا باقي جو آهي يعني نفس کان سواءِ باقي جيڪي آهي سوئي برهم آهي! در حقيقت نفس ڪا شيءِ ڪانہ آهي. اهو فقط اگيان جو پڙدو آهي.“
ان وقت واه ۾ ٿوري پري هڪڙي هندو فقير سنان ڪندي سريلي آواز سان زنده پير لعل اُڏيري جا گيت ٿي ڳاتا. زنده پير جو آستان درياه ۽ ٽڪرين جي وچ ۾ آهي. راڳ جي تڪ ۾ اهڙا ڪي اکر ڪم آندل هئا: ’جاڳ زنده پير! تون آن پھاڙن وچ ۾! تنھنجا نوڪر ننڊ ۾ وغيرہ‘! مڪان واري هندو فقير سڏ ڪري چيس تہ اهي وري ڪھڙا پيرن جا راڳ وٺي شروع ڪيا اٿيئي؟“
سام چيو: ”ويچاري جي ڳالھہ تہ ٻڌو تہ سھي؛ هو بہ سچ ٿو چوي؛ پير پھاڙن يعني هڏي جي پڃري جي وچ ۾ آهي؛ هي آتما زنده پير آهي. نوڪر سندس، هي اندريون، سي برابر حرص جي ننڊ ۾ آهن ۽ پير جا نوڪر چيو ڪونہ ٿا مڃن. هي ڀائي سچ ٿو چوي؛ پنھنجي پير کي ٿو جاڳائي!“
***
16-8-1951ع هي من ڪھڙو نہ ڀلائيندڙ آهي. پھاڙ جي چوٽيءَ تان ڪيرائي ڪڏهين پٽ تي اڇلايو ڇڏي! سام مونکي چوندو آهي تہ ڪفر پاڻ تي وشواس نہ رکڻ جو نالو آهي. هي آشرم جو آدرش، هيءُ سندر خيال ستنتر زندگيءَ جو، اُن مان منھنجو اعتبار نڪري وڃي ۽ هڪ پل لاءِ بہ مان پنھنجي جيون جي آدرش کان باغي ٿيان ۽ پنھنجي سائينءَ کي ومک ٿيان، سا ڳالھہ هينئر اڻ ٿيڻي پيئي لڳي پر گذريل مھينن ۾ جڏهين چاليھہ ڏينھن جدا رهڻو پيو، تڏهين سام جي پرپٺ مون پاڻ کي گهڻو نٻل ٿي سمجهيو؛ سندس خيالن ۽ سندس آشرم جي آدرش ۾ ڄڻڪ اعتقاد ئي ڪونہ ٿي ٻُڌو؛ سمجهان پيئي تہ هن جي ۽ منھنجي راه شايد نرالي هجي؛ ڇا لاءِ جو هن کي پنھنجي ٻارن سان بہ منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ مون کي اڪيلو هت رهڻو پوي ٿو. سندس موٽي اچڻ تي پڻ ان باغيپڻي جو ڪجهہ اثر اڃان مون تي هيو. هينئر مان ڏسان ٿي تہ اهو فقط دل جي ٻاهرين تھہ تي هيو. پر جڏهن انھيءَ اثر هيٺ اچان تہ آءٌ جوش ۾ ڪڏهين سام کي بہ ڪجهہ چئي چُڪندي آهيان، جنھن لاءِ پوءِ پڇتاءُ ڪندي آهيان؛ هو ڪجهہ جواب ۾ پھريائين چئي، پوءِ مون ۾ ڪروڌ ڏسي چپ ڪري ويھندو آهي. هن ڀيري مون کيس چيو تہ اهڙي وقت تي مون کي سزا ڏيندا ڪريو.
سام وراڻيو: ”تون ان وقت هڪ اُٺ جي مثل وڏي وڏي پئي لڳندي آهين! هيڏي ساري اُٺ جيڏي انسان کي ڪيئن سزا ڏجي!“
وڌيڪ چيائين: ”هي اگيان جي ڪڪر جون باقي ريکون آهن؛ پريم جو چندرما آسمان ۾ ظاهر بيٺو آهي. سندس سيتلتا جو اثر وڌندڙ آهي، تنھن ڪري انھيءَ پڇاڙيءَ جي ڪڪرين جو ڀو ڪونہ آهي.“
وري خبردار ڪري چيائين: ”پر اگيان يا نفس هڪ نانگ مثل آهي. هڪ ڳوٺاڻو ڀرم آهي تہ نانگ کي مئي پڄاڻان بہ پورب جي هوا اٿاري سگهندي آهي. ساڳيءَ طرح نفس جي نانگ کي ڪروڌ روپي واءُ سندس ٻڍاپي ۾ بہ ايتري طاقت وٺائي سگهي ٿي جو ڪو ڏنگ هڻي وٺي. تنھن ڪري انھيءَ بلا کان خبردار رهون! سندس زهر ڪڍڻ واري شيءِ ۽ اسان جي دلين کي وڌيڪ ملائڻ واري شيءِ ﷲ جو نالو آهي. گهر ۾ ڀڄڻ ڀاو وڌيڪ ڪريو! رام نام اسان جي دلين کي ملائي ڇڏيندو. ايشور جي قدمن ۾ قابو رهي پوءِ اسين وڇڙي وري ڪونہ سگهنداسين. ۽ اهي طوفان اسان جي پريم جي جهوپڙيءَ کي ڊاهي ڪونہ سگهندا!“
***


17-8-1951ع گهاڙ ڀر واري فقير وٽ وري صبح جو وياسين. سام کي سندس آستان وڻندو آهي، ڇا لاءِ جو اتي پاڻي ۽ وڻراه جو سٺو نظارو آهي. وڻن جي ڇايا ٿڌي ۽ وڻندڙ آهي ۽ منھنجي اسپتال جو در بہ ويجهو آهي. ان نموني هو اچي منھنجي نزد ٿيندو آهي. ”اڄ صوفي صاحب بہ سام سان گڏجي اتي آيو ۽ مان پنھنجي اسپتال مان نڪري اچي ويٺس. سام صوفي صاحب جي ڏيٺ فقير سان ڪرائي؛ توهين اسان وٽ اهڙا ماڻھو وٺي آيا جو اسان سان حجت پيا هلن فقير صوفي صاحب جو بہ پورو آڌر نہ ڪيو ۽ سام سان پڻ ڪجهہ اڇاتري نموني ڳالھائڻ لڳو؛ چوڻ لڳو تہ اڳتي اهڙي ردي ماڻھو اسان وٽ نہ آڻيندا ڪريو! سام پنھنجي خيال ۾ ويٺو هو. جنھن ڪري فقير جي ڳالھائڻ جو ڍنگ نہ سمجهيائين يا سمجهي ڪري بہ چپ ۾ رهيو. پر اوچتو صوفي صاحب فقير کي هڪل ڪري چيو: ”خبر رک؛ توکان وڏا فقير اسان وٽ طالب آهن، تڏهين بہ اسان خود ديوان ”سام“ جي صحبت ما گهڻو ڪي پرائيندا آهيون. هو تو وٽ لنگهي آيو آهي محبت جي لاءِ؛ تون وري ٿو ڪرين ابتيون ڳالھيون!“
سام چيو: ”انھيءَ ڳالھہ کي وساري ڇڏيو ۽ فقير کي چيائين تہ ڪو ڪلام يا ڀڄن ٻڌايو.“
فقير چيو هن وقت مون کان نہ ٿو پڄي. پر انھيءَ ئي گهڙيءَ هڪڙو ٻيو فقير اتان اچي لانگهائو ٿيو. صوفي صاحب چيو: ”طلب هُو تہ مِل هوُ!“
فقير ڳائڻ وارو سٺو هيو. سام جو خيال هو تہ ان ننڍڙي جهيڙي کي راڳ سان ليپو ڏيئي ڇڏجي. ٿيو بہ ائين؛ فقير ويدانت جا ڪي ٻول ۽ ڪي سنڌي صوفي جا ڪلام ٻڌايا. انھن جي ميٺاج ۽ ڳوڙهي معنيٰ جي اثر هيٺ ويٺلن مان هڪڙي چيو تہ هيءَ سڀ سمجهہ جي بازي آهي؛ جڏهي ڪو اهي راڳ ۾ چيل ڳالھيون سمجهي، تہ پتنگ ڇا آهي، آگ ڇا آهي وغيرہ، وغيرہ.
سام کيس چيو: ”سمجهي ۽ وري پوءِ اها سمجهہ خود وساري ڇڏي؛ نہ تہ هيءَ پريم جي لاءِ عقل وڃائي ڇڏيندو.“
انھيءَ ماڻھو پڇيو: ”سو ڪيئن؟“
سام چيو: ”عقل يا سمجهہ هڪ هٿيار آهي. ڪم پوري ٿئي پڄاڻان هٿيار جي ڪھڙي گهرج آهي؟ ويچار خود من تي بار آهي. هن سوڙهي پيچري ۾ هٿين خالي هلڻو آهي. عقل جو ٻوجهہ پڻ اڇلڻو آهي!“
سام ٿورو ماٺ ۾ ويھي جلد فقير کي نمسڪار ڪري کانئس موڪلايو. فقير وٽان هلي پوءِ صوفي صاحب کان سام پڇيو تہ ڇا ڳالھہ هئي. صوفي صاحب چيو: ”هو اوهان سان ’تون‘ ’تون‘ ڪري پيو ڳالھائي؛ اها ڳالھہ مونکي نہ وڻي. پاڻ کي وڏو ٿي ڄاتائين. کيس بسمي پڻ لائڻي هئي تہ ڪيتري سندس منزل آهي. (بسمي لائڻ جي معنيٰ: آزمائش لاءِ غصو ڏيارڻ يا ڇيڙڻ).“
***


18-8-1951ع هن ٻڌر تي صوفي صاحب، ڊپٽي صاحب ٻيا ڪي دوست آيا، صوفي صاحب چيو: ”اڄ مذهب جي وشيہ تي ڳالھائينداسين.“ مون وري بہ اعتراض اٿاريو تہ ائين مقرر وشيہ تي ڳالھائڻ ۾ مزو هليو ٿو وڃي؛ ڇو نہ آزاد نموني ويٺا ڳالھايون!
سام چيو: ”ائين برابر آهي تہ ان نموني هيءَ ڳالھہ ٻولھہ روح رهاڻ جي بدران هڪ اسڪولي ورزش ٿي پوندي. من جي موج وچان جيڪي نڪري ٿو، سو سچو خيال آهي؛ پر ڪوشش ڪري هيڏانھن هوڏانھن جون ثابتيون ڏيئي؛ ڪنھن بہ ڳالھہ کي ثابت ڪرڻ، سو ايترو لاڀدايڪ نہ آهي. حقيقت ڪري محبت واري موج ۾ ئي گيان جي سمپورنتا آهي. تنھن ڪري مذهب تي ڀل ڳالھايو پر ڪا حد وجهي نہ ڇڏيو.“
صوفي صاحب سچي مذهب جي معنيٰ سمجهائيندي چيو؛ ”مذهبي معنيٰ رستو؛ ۽ مرشد لفظ جي معنيٰ رُشد مان آهي؛ رُشد جي معنيٰ هدايت آهي. سڀ کان سٺو، سڀ کان سٺي هدايت، جنھن تي سڀ مذهب يڪراءِ آهن، سا آهي ڀلائي ڪرڻ، سچ ڳالھائڻ، ﷲ جي بندگي ڪرڻ وغيرہ.“
سام چيو: ”اهي اڃا بہ مذهب جا ٻاهريان پاسا آهن. اهي ڳالھيون ڪريو جن مان مذهب خود پئدا ٿئي ٿو يعني گيان ۽ پريم واريون ڳالھيون، جيڪي مذهب جو بنياد آهن!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اهي توهين ٻڌايو!“
سام صوفي صاحب کان پڇيو: ”رستو ڇو ضروري آهي؟ ڪو رستو ڇا آهي؟ ۽ رستي جو مقصد يا منزل ڪھڙي آهي؟“
صوفي صاحب وراڻيو: ”رستو معنيٰ نيم، طريقو، مذهب ۾ نيم هئڻ گهرجي.“
سام چيو: ”مان تہ سمجهان ٿو اهي ٽيئي اکر سچي مذهب جي ابتڙ آهن: ’نيم‘، ’هئڻ‘، ’گهرجي‘. مذهب جڏهين ’نيم‘ جي صورت وٺي ٿو تڏهين منجهانئس اصليت هلي وڃي ٿي ۽ ’هئڻ‘ آهي بيٺل پاڻي مثل، جنھن مان بد بوءِ شخصيت جي هڪ پاسي ۽ مذهب جا جهيڙا ٻئي پاسي پئدا ٿين ٿا.
’گهرجي‘ اکر وري ڏيکاري ٿو مجبوري، جا وقتي ضرورت مان پئدا ٿئي ٿي؛ اهي نيم وقتي ضرورت پوري ڪن ٿا؛ اسان جي قومي يا پنگتي اوسٿا موجب اهي عارضي طور مقرر ٿيل آهن. مگر مذهب ڪا نيم کان وڌيڪ اونھي شيءِ آهي. انھيءَ جو اصل بنياد ڀڪتيءَ ۽ گيان جي کوج ۾ آهي.“
صوفي صاحب چيو: ”اسين ٻاهرين، سماجڪ مذهب جو ذڪر ڪريون ٿا.“
پوءِ هن انھيءَ وشيہ تي گهڻو ڪجهہ ٻڌايو، جنھن ۾ وڏن مذهبن جي بنيادي اصولن جو ذڪر ڪيائين ۽ ڏيکاريائين تہ منجهن گهڻي ڀاڱي اتفاق آهي، جنھن ڪري انھن ڳالھين تي لڙڻ بي سود آهي. اهو سڀني مذهبن جي مکيه عقيدن جو فقط تتسار هو جنھن ڪري مان هت ڪونہ ٿي ڏيان؛ سندس گفتگوءَ جي وچ ۾ ڪجهہ وڌيڪ سوال جواب هليو، جو مان هيٺ مختصر نموني درج ڪيان ٿي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”هندو ڌرم هڪ قسم جو جهنگل آهي جنھن ۾ ڪو بہ مقرر نيم يا رستو بتايل نہ آهي.“
سام چيو: ”مان ان کي جهنگل نہ پر ٻيلي جي مثل ڪري سمجهندو آهيان. منجهس گهڻن قسمن جا ٻوٽا ۽ وڻ موجود آهن ۽ منجهس اٿاھہ پيچرا پڻ آهن؛ اتي خيال جي گهڻائيءَ سبب، جئن ٻيلي ۾ گهڻي وڻراھہ سبب، ڪن کي مونجهارو نظر اچي ٿو. مگر اها گهڻائي حقيقت ۾ خيال جي وسيعت ۽ شاهوڪاري ڏيکاري ٿي. تاهم ايترو قبول ڪرڻو پوي ٿو تہ هن ٻيلي ۾ ريت رسم جون ڪيتريون ’بي پاڙيون‘ (وليون جيڪي وڻ کي وڪوڙي ناس ڪري ڇڏينديون آهن) پيدا ٿيون آهن جيڪي قيمتي وڻن کي نقصان پھچائي رهيون آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”سوال آهي تہ ان ٻيلي مان ٻاهر ڪئن نڪرجي؟ ايترن رستن مان ڪھڙو رستو وٺجي؟“
سام کلي چيو: ”نڪرجي ڀلا ڇو؟ ٻيلو پاڻ ۾ ئي سمپورڻ آهي! منجهس ڪاٺ، ڦل ڦول، ماکيون، ميوا وغيرہ سڀ موجود آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين بہ ڪي هلڻ چلڻ لاءِ رستا تہ کپن؛ اهڙو رستو هندو ڌرم ۾ لھڻ يا چونڊڻ مشڪل آهي. ايترو مان اسلام لاءِ چوندس تہ اسلام هڪڙو مقرر ٺھيل، سڌو ۽ صاف رستو آهي؛ ان ڪري اسلام جي پيغمبر کي آخرين پيغمبر چيو اٿن ڇا لاءِ جو اڳي جيڪي پيغمبر آيا آهن تن مان سمجهو تہ هڪڙي چيو، ڀائي هن جهنگل جي ٽن پاسن ڏانھن نہ وڃو، باقي چوٿون پاسو سلامتيءَ جو اٿو؛ وري ٻيو نئون رهبر آهيو، جنھن جهنگل گهمي ائين ٺھرايو تہ هي ڀاڱا خوفناڪ اٿو ۽ هي پاسا بي خطر اٿو. پر اسلام جي پيغمبر يقين سان اچي چيو تہ هيءُ هڪڙوئي سڌو رستو توهان کي ٻاهر نڪرڻ جو ڏسيان ٿو؛ انھيءَ رستي تي گهمو ۽ انھيءَ سان ئي ٻاهر نڪرو.“
سام چيو: ”هڪ هندو ٿي ڪري توهان اسلام چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو آهي ۽ مان ڪنھنجي مذهبي خيال کي رد ڏيڻ ڪونہ ٿو گهران. پر ڪنھن بہ مذهب جي سمجهاڻي فقط اکري تشريحن تي ختم نہ آهي. اسلام جو بنياد بہ ٻين مذهبن وانگر ايشوري ڀڪتي ۽ گيان جي کوج آهي. جئن صوفي ڌڻي بخش صاحب چيو: تفاوت فقط ٻاهرين ڳالھين ۾ آهي جو قومن جي پنگتي ۽ قومي اوسٿا سان واسطو رکن ٿيون؛ اوهان انھن ٻاهرين ڳالھين تي گهڻو زور ڏيو ٿا، مگر صوفي قرآن ۾ وڌيڪ اونھيون معنائون پڙهن ٿا. منھنجي سمجهہ ۾ ائين ڪين ٿو اچي تہ ڪي بہ نيم يا اصول سڀني ماڻھن لاءِ هميشہ لاءِ مقرر ڪري سگهجن ٿا. جئن مون اڳئين ڀيري سمجهايو هو تہ ڪرم ۽ ڪرم جو ڦل از خود هڪ ٻئي مان پئدا ٿين ٿا ۽ هيڏي ساري سرشٽيءَ ۾ قانون يا اصول اهڙا هئڻ گهرجن، جي اتي جو اتي بجا اچن؛ تئن ڌرم جو سرشٽو پڻ انسان لاءِ کليل ۽ خود بخود هلندڙ هئڻ گهرجي؛ در حقيقت ڌرم جورستو هميشہ کليل آهي ۽ گيان جي کوجنا هميشہ جاري آهي. ڌرم يا مذهب بہ انسان جي ذاتي گهرجن مان آهي جھڙوڪ هوا، پاڻي، کاڌو وغيرہ. تنھن ڪري جئن انسان اُنتي ڪري ٿو تئن ڌرم جو مارڳ وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڪشادو نظر اچي ٿو؛ يعني ڪي مقرر عقيدا هميشہ لاءِ رهي ڪونہ ٿا سگهن. اونھي نظر سان ڏسبو تہ زندگيءَ جو آدرش يا ڌرم جو امنگ پاڻ منجهان ئي پيدا ٿيندڙ آهي؛ چئن ڄڻن جي رهڻي ڪھڻي ساڳي هر صورت ۾ ڪٿي بہ ڪانہ آهي. پوءِ ڪئن اسين چئون تہ اهي چار ئي مسلمان آهن يا هندو يا ڪرستان؟ منھنجو مطلب هيءُ آهي تہ هر هڪ انسان کي پنھنجو ڌرم آهي. پوءِ ڪئن ٿا اسين چئي سگهون تہ جيڪي هزارين سال اڳ چيو ويو آهي، تنھن تي سڀ انسان هلي سگهن ٿا؟ اسلام ۽ ٻڌ ڌرم خود جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا رخ ورتو آهي. اهڙي طرح ساڳي پنٿ جي ڪرستانن ۾ پڻ جدا جدا ملڪن ۾ فرق نظر ايندا.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”چڱو، اسين مڃون ٿا تہ هر انسان کي پنھنجو خيال يا پنھنجو ڌرم آهي ۽ هر ڪنھن ۾ گيان جي کوج جو ٻج سمايل آهي، پر اهو خيال يا ٻج ڪئن کلي؟ هر ڪو ماڻھو پنھنجو مالھي يا رهبر ٿي سگهندو ڇا؟“
سام وراڻيو: ”هن ريت ٿي سگهي ٿو: هر ڪنھن انسان کي پنھنجي اندروني ۽ بيروني حالات مان جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر واقف ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهين جڏهين ڪنھن قدم کڻڻ جي گهرج ٿئي، تڏهين پنھنجي دل جو پھريائين آواز پڇي، پوءِ ان موجب وک وڌائي؛ جيڪڏهين کيس ڪا صلاح مصلحت ڪنھن رهبر کان پڇڻي پوي تہ اها ڳالھہ بہ واقفيت وڌائڻ واري اصول ۾ اچي ٿي. پوءِ جي غلط قدم کڻندو تہ ضرور کيس رڪاوٽون ڏسڻ ۾ اينديون، جن جي آزمودي کان پوءِ ئي سچ پچ هو انھن کان منھن موڙيندو؛ ۽ جيتري قدر حالات مان وڌيڪ واقف ٿيندو يعني وڌيڪ گيان پرائيندو اوتري قدر ان جو قدم ثابت ۽ صحيح ٿيندو ويندو. خيال کي چورڻ ۽ قدم وڌائڻ وارو جذبو بہ ڪنھن نہ ڪنھن پريم مان ئي پئدا ٿئي ٿو. حق سان وڌيڪ پريم رکڻ مان وڌيڪ گيان پئدا ٿئي ٿو. غلطيون کڻي ٿينديون بہ پر انھن کان موڙڻ لاءِ قدرتي رڪاوٽون جھڙوڪ لوڪ لڄا، ڪو فائدي وارو نتيجو ۽ مونجهارو پيدا ٿيڻ، حياتيءَ ۾ ڪافي موجود آهن. اهي پاڻھي مڙ جهڙ سيکاري آخر نئين دڳ هلائين ٿيون. انسان کي ٻئي جي روحاني ڪمائي گهڻي ڪم نٿي اچي. رهبر بہ حق جي طرف اشارو ڪري ٿو. پر پنھنجي محبت ئي گهڻي ڀاڱي ڪم اچي ٿي. نہ وري ڪو سيد يا ٻانڀڻ ٿيڻ ۾ محبت جي گهرج گهٽ رهي ٿي. جيڪڏهين ڪو رهبر هجي تہ ان ۾ حرڪت نہ آهي. پر جيون جي بازي پاڻ کٽڻي آهي ۽ پاڻ اندر ئي کٽ هار جو فيصلو ٿيڻو آهي.
”جئن ڪرم ۽ ان جي ڦل جو سرشتو چيوسين تہ خودبخود هلندڙ آهي، تئن ڌرم جو سرشتو بہ اندروني ۽ خود بخود کُلندڙ آهي. هتي ۽ هاڻي، حاضر سمجهہ کپي؛ آواز ڌرم جو اتي جو اتي اندر مان ملي ۽ نہ ڪن ڌرم جي ڊڪشنرين يا لٿل ڪتابن جي ڏسڻ کان پوءِ ملي؛ اهوئي سچو ۽ ڪارگر طريقو زندگيءَ جو آهي. ڀلا ٻين جون ڏسيل ڳالھيون ڪيترو ياد رهي سگهنديون! سِمرتيون، شريعت يا علم اخلاق يا اصول هر ڪنھن مذهب جا خود پنڊت قاضي ۽ جج بہ بر زبان ياد نٿا رکي سگهن! نہ وري انھن جي سمجهاڻين تي سڀ ودوان سهمت آهن. پوءِ عام ماڻھو ڪئن وقت بوقت ڪنھن بہ مسئلي اٿڻ تي انھن جي پيروي ڪري سگهندا؟ جڏهين هڪ هڪ اکر جي سمجهاڻيءَ تي پادري، قاضي ۽ پنڊت ڪتابن جا مڏ لکي سگهن ٿا، تڏهين اهڙو ڌرم يا مذهب جو طريقو ڪئن عام ماڻھن لاءِ آسان ٿي سگهندو؟ اهڙو ويچار ڌرم بنسبت بلڪل پراڻو ۽ اڻ پورو ثابت ٿيندو؛ هن زماني ۾ قسمين قسمين ماڻھن جي گهرج پوري ڪري ڪين سگهندو. سچي ڌرم جي سمجهاڻي انسان کي پنھنجي اونھي وجود مان ئي ملي سگهي ٿي. اسلام خود، اسلام جي پيغمبر جي چوڻ موجب، هڪ قدرتي مذهب آهي! ڪوبہ مذهب قدرتي تڏهين ٿي سگهي ٿو، جڏهين هن کان اڳ ذڪر ڪيل ريت موجب اهو انسان جي اندر جو آواز بڻجي اچي ٿو يعني ايترو وسيع ٿئي ٿو جو نہ رڳو توهان جي چوڻ موجب هڪ باغ مثل گلن جو ميڙ بڻجي؛ نہ فقط هڪ ٻيلي مثل خيال جي شاهوڪاري رکي، مگر ايترو تہ وسيع ۽ وڏو ٿئي جو ان ۾ هر انسان جي زندگي سمائجي وڃي!“
ڊپٽي صاحب ڪجهہ قدر شامل راءِ ٿيو ۽ چيائين: ”ائين برابر آهي تہ لکيل اکر يا اصول مذهب جو سارو راز ڪونہ ٿا بتائين؛ مثلاً ڪتابن ۾ چيل آهي تہ خداهي جھان خلقيو؛ پر سو ثابت ڪرڻ ايترو اهنجو آهي جيترو جاميٽريءَ ۾ سڌي ليڪ، جنھن تي سڄي جاميٽري بيٺل آهي! هاڻي سڌي ليڪ واري خيال کي جاچيون؛ مان چوان ٿو تہ سڌي ليڪ ڪا ٿي نٿي سگهي! پھريائين تہ ڪابہ ليڪ جنھن کي سڌي چئون ٿا، سا ڪنھن خُرد بينيءَ سان ڏسبي تہ وڪڙ وڪڙ ۽ ڀڳل ڏسڻ ۾ ايندي. ٻيو تہ سڌي ليڪ جي معنيٰ ڏسي ٿي وڃي ’ٿولھہ کان سواءِ ڊيگهہ‘ هاڻي، ٿولھہ کان سواءِ ڊيگهہ چئجي ٿي مگر خيال ۾ آڻي نٿي سگهجي ۽ نہ ڪاپي تي اتاري سگهجي ٿي. پر تنھن هوندي بہ منجهس اعتبار رکون ٿا!ساڳي طرح هيءُ جھان خدا خلقيو، سا ڳالھہ نہ ڪنھن ڏٺي ۽ نہ ڪو خاص وقت جھان خلقڻ جو خيال ۾ رکي سگهون ٿا جنھن کان اڳ ۾ هي جھان ڪونہ هو؛ پر تنھن هوندي بہ ﷲ ۾ اعتبار رکون ٿا ۽ انھيءَ کي جھان جو خالق مڃون ٿا.“
سام چيو: ”اکرن سان ﷲ ڪنھن نہ لھي سگهيو آهي. اکر جيترو راز کولن ٿا اوتروئي ڇپائن ٿا. جيڪو وري ڪا ڳالھہ ڄاڻي ٿو، سو پوريءَ طرح ٻڌائي نٿو سگهي؛ جي عقل جون ڳالھيون ڪن ٿا، تن ۾ شڪ پوي ٿو تہ اهي پنھنجي مطلوب سان شايد مليائي ڪونہ آهن. ڇا لاءِ جو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ ٻہ گهرجن، بلڪ ٽي؛ يعني ٻڌائڻ ۾ ٻيائي سمايل آهي ۽ اها خبر اڻ پوري آهي، جي سچو گيان پائن ٿا، سي چپ ۾ ٿا رهن جو کين نہ ضرورت ٻڌائڻ جي رهي ٿي ۽ نہ اها ضروري دوري پنھنجي پريتم کان اٿن جنھن مان ٻڌائڻ جي ڀاونا پيدا ٿئي. جيڪي وڏا بياض پڙهي ٻڌائن ٿا انھن کي اندر جي ڄاڻ اتم آهيئي ڪانہ. ڇا لاءِ جو اکرن ۾ پوريءَ ريت سمائجي نٿي سگهي. پر احساس هڪ ڇُر يا ڇاپي مثل آهي؛ سمجهو تہ ڪنھن ماڻھوءَ جي صورت بيان ڪرڻي آهي؛ اکرن رستي پٽيءَ تي لکجي ملي ٿو تہ منھن جي ڊيگهہ ڏھہ انچ اٿس؛ چؤڙائي اٺ انچ اٿس، اکيون اونھيون اٿس، رنگ ڀورو اٿس وغيرہ وغيرہ. مگر اِهو اکري علم ان صورت جو فقط اڌورو بيان آهي؛ فوٽي جي ڀيٽ ۾ بلڪل تڇ ۽ اڻ پوري آهي. احساس خيال جي فوٽي مثل آهي. احساس جي رستي ڪابہ ڳالھہ خيال جي مٿان ائين ڇپجي وڃي ٿي، جئن ڇُر جو ٺپو ڪپڙي تي. اسين سمجهون ٿا تہ فلاڻو ماڻھو هن رخ يا وڙ جو آهي، چڱو يا برو آهي؛ ان جو اسان کي احساس چٽو آهي، مگر ڪيتري بہ ڪوشش ڪبي تہ اها سچي صورت جيڪا اندر ۾ اسان جي اڳيان صاف بيٺي آهي سا اکرن رستي ٻئي تائين بلڪل پنھنجي اندازي موجب پڄائي نہ سگهبي. وري جئن ڇاپي ۽ اکري تصوير ۾ فرق آهي، تئن وري احساس ۽ ڳوڙهي هيڪڙائيءَ واري گيان ۾ فرق آهي. ڇاپي ۾ اڃا صورت جي سچي رنگ ٿولھہ يا مائي، نرمائي وزن وغيرہ جي خبر نٿي پوي، تئن احساس جي رستي خيال تي هڪ پاڇو پوي ٿو ﷲ جي ذات جي اڃا سموري خبر نٿي پوي؛ عقلي بيان کان اندورني دايدار بھتر آهي. دايدار ڪرڻ کان وري محبت يعني ميل ڪرڻ يا مطلوب ۾ سمائجي وڃڻ وڌيڪ آهي ۽ اهوئي سڀ کان اتم گيان جو رستو آهي.
”اهو آهي پريم جو گيان يعني معرفت؛ اهو گياني جنھن جي ڄاڻ پريم منجهان پيدا ٿي آهي، سوئي سڄي خبر رکيٿو. انھيءَ سڪ ۾ هو پنھنجي مطلوب جو رنگ ڌنگ خود پاڻ پائي ٿو ۽ انريت سچو ڀيد ڄاڻي ٿو؛ ڄاڻي نٿو پر خود پاڻ اندر سمائي ٿو! پر ٻڌائڻ کان اها ڄاڻ ٻاهر آهي. جئين هڪڙو مھاتما چوندو هو، لوڻ جي گڏي هلي سمنڊ جي سئر تي؛ جي موٽي تہ سمنڊ جو ڀيد ٻڌائي؛ پر جي موٽندي ئي نہ تہ ٻڌائيندي ڇا؟ يعني لوڻ لوڻ ۾ ملي ويندو! جڏهين آتما پنھنجو پرم روپ سڃاڻي ٿي، يعني پرماتما سان هڪ ٿي وڃي ٿي، جڏهين بوند درياھہ سان ملي وڃي ٿي، تڏهين آنند کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نٿو رهي؛ پريم، گيان آنند هڪ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نٿو رهي؛ پريم، گيان آنند هڪ ٻئي ۾ سمائجي وڃن ٿا!“
صوفي صاحب شامل راءِ ٿيو ۽ چيائين: ”مذهبي مسئلو اهڙو ڳوڙهو آهي، جو ڪي هزارن ۾ ٿورا سمجهن ٿا. ان ڪري ٻاون ۽ ملن کي تہ حق ئي ڪونہ آهي تہ جو انھن ڳالھين بابت ڪجهہ بہ چون، جيڪي نہ ڏٺيون اٿائون ۽ نہ سمجهيون اٿائون!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين خيال ڪبو تہ ڪيتريون شيون آهن، جن بابت پوري، خاطريءَ جھڙي ڄاڻ ڪانھي. تنھن هوندي بہ انھن جو ذڪر ڪريون پيا ۽ انھن کي سچو ٿا سمجهو.“
سام چيو: ”هماليہ جي چوٽي ايورسٽ تي ڪو پھچي ڪونہ سگهيو آهي (هيءَ ڳالھہ ايورسٽ جي فتح کان اڳ جي آهي) تڏهين بہ انجي هئڻ ۾ اعتبار رکون ٿا. پوءِ جي چئبو تہ چوٽيءَ تي وڃڻ واري کي ئي فقط اڌڪار آهي تہ ان بنسبت ڳالھائي تہ اِها هڪ انساني گفتگو تي وڏي روڪ ٿي پوندي؛ البت ائين برابر آهي تہ چوٽيءَ تي پھچڻ کان اڳ ۾ ان جي سچي ڄاڻ ڪانہ رهندي ۽ پري کان ڏسڻ واري جو علم اڌوروئي سمجهڻ گهرجي، پر ساڳئي وقت تي اِهو بہ سمجهڻو آهي تہ چوٽيءَ کي پهتل جي چوٽيءَ تان ڳالھائيندو بہ کڻي، تہ انجي ڳالھہ بلڪل پوري سمجهہ ۾ نہ ايندي. مطلب تہ پنھنجي تجربي کان سواءِ ٻيو سڀ علم فقط اشارن مثل آهي. پر تنھن هوندي بہ اسين ڪيترن ڳالھين ۾ اعتبار رکون ٿا. ٻارن کي ننڍيئي رام رام يا ﷲ ﷲ چوايون ٿا. اهي سمجهو تہ اشارا اٿن تہ انھي پنڌ تي پاڻ ڳولا ڪن. ڪنھن کي صفا انڌيريءَ ۾ ڇڏي ڏيڻ کان پنھنجي سمجهہ موجب حق جي طرف اشارو ڏيڻ چڱو آهي. ٻاوا ۽ مولوي بہ پنھنجي جاءِ تي پنھنجو ڪم ڪن ٿا، جيتوڻيڪ هو فقط جا اشارا ڏين ٿا.“
انھن لفظن ۾ گويا ذڪر ڪيل نقطہ نگاهن جو سام ميل ڪري ڇڏيو!
***