سنڌسلامت پاران
مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.
ھي ڪتاب 2025ع ۾ بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون نياز ڳاھي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي .
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
