ڪھاڻيون

خوابن جا رستا

ڪتاب ” خوابن جا رستا “ نامياري ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار منور سراج جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
مَنور سراج ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي مُنفرد تخليقي اظهارَ وسيلي جيڪا رياضتَ ڪئي آهي اها کيس هڪ منفرد ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي اهم ڪهاڻيڪار واري حيثيت ڏئي ٿي.
منور سراج ننڍڙين شين/موضوعن کي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي پکيڙي من موهيندڙ ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو ، اهي ڪهاڻيون انهيءَ ڳالهه جون گواهه بڻجي وڃن ٿيون ته سنڌي معياري ڪهاڻي پنهنجي سفرَ تي اڃان به روان دوان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2363
  • 944
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منور سراج
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابن جا رستا

مُهاڳ : ساڀيائُن جو اوسيئڙو ڪندڙ خوابن جا رستا

جيڪي تخليقڪار نه آهن اهي مئنيجر آهن يا شيواڌاري آهن ۽ سنڌي ادب ۾ انهن جي کوٽ نه آهي.
پر اڄ جي تاريخ تائين نج تخليقڪارن جي سنڌي ادب ۾ کوٽ شدت سان نوٽ ڪئي وئي آهي، جنهن کوٽ جي پورائي ممڪن حد تائين اڄ جا ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا تخليقڪار ڪري رهيا آهن، منور سراج انهن ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ هن سنڌي ادب ۾ ياد رکڻ جهڙو ناول ” کاٻي اک جو خواب “ به اسان کي ڏنو آهي پر هُن جي پُکي ۾ ڪهاڻي آئي آهي، هڪ اهڙي ڪهاڻي جيڪا اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏيڻ لڳي آهي، اهڙي پڪ آهي.
ها! گذريل عرصي ۾ سموري نئين تخليقي ڪهاڻيءَ کي تنقيد/ تعريف جي سطح تي نظر انداز ڪرڻ يا دٻائڻ جون جيڪڏهن ڪي ڪامياب / ناڪامياب ڪوششون ٿيون به آهن ته، اها حقيقت وساري وئي آهي ته نئين ڪهاڻيءَ جي آمد اڻٽر آهي ۽ سچ پچ اڄ اها اڻٽر صورت ۾ سامهون به آئي آهي، انهن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ، جن مختلف فلسفن/ازمن هيٺ ڪهاڻيءَ/سنڌي ڪهاڻيءَ جو دائرو سوڙهو ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي ۽ جن ان سوڙهي ٿيندڙ دائري جون سڀ لڪيرون ٽوڙي، پنهنجي لکڻ جو دائرو ويڪرڻ لاءِ اتساهه ڀانيوآهي پاڻ ۾، انهن مان اڄ جي تاريخ ۾ اهم ۽ شايد آخري نالو منور سراج آهي.
هن پنهنجي ڪهاڻين/غير معمولي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکڻ جو اختيار، هڪ معمولي پڙهندڙ ۽ لکندڙ رکيل مورائيءَ کي سونپي، يا ان جو نالو پسند ڪري، پنهنجي پسند جي مٿان هڪ کان وڌيڪ سوالن جا نشان لڳائي ڇڏيا آهن.
ٻئي پاسي مان، نالي رکيل مورائي، هن جي سڀني ڪهاڻين کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي پر ۾ ٻه فيصلا ڪري ويٺو آهيان.
هڪ اهو ته، هن جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکي، هُن جي ليکڪ کي قتل ڪريان.
ٻيو اهو ته، هن جي ڪهاڻين تي ڪجهه به نه لکي، پنهنجي ليکڪ کي قتل ڪريان.
ساهه هر ڪنهن کي مٺو آهي، ان احساس هيٺ مان هن جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکي.......
منور سراج جي هن ڪتاب ”خوابن جا رستا“ ۾ شامل ڪهاڻين کي پڙهي، پهريئن ته مون کي هُن جي خوابن سان ريس ٿيڻ لڳي آهي، مان به اهڙا خواب ڏسي سگهان شايد!
هن اهڙا خواب ڏٺا آهن ۽ ڏٺل خوابن جي انهن رستن تي هلڻ لڳو آهي، جن رستن سنڌي ڪهاڻيڪارن جي اڪثريت کي اڃا پاڻ مٿان هلڻ کان روڪي رکيو آهي.
ٻي ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي مون لاءِ ته، سندس ڪهاڻين کي پڙهي، سندس سنڌي ڪهاڻيڪار هجڻ واري محدودگيءَ تي ۽ جيئڻ واري محدودگيءَ تي رحم اچي ويو آهي، اتي اچي محسوس ٿئي ٿو ته ٻولي به هڪ قيد/محدودگي آهي، ڪنهن به نج ليکڪ لاءِ.
۽ منور لاءِ ته چوڻ نه چاهيندس پر لکڻ چاهيندس ته هن گذريل چڱي عرصي ۾ سرجيل ڪهاڻيءَ/سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آيل فن ۽ مواد جي لحاظ کان روايت کي پري رکندي، ان جا ڪنارا ٽوڙيندي، نوان سمبلس، نوان اميجز، نوان ميٽا فورس، نيون ٽيڪنڪس، پنهنجون ڪندي، پنهنجي ڪهاڻيءَ کي هر طرح بدلائي ڇڏيو آهي، اڄ جي حوالي ۾ فلحال سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو نالو نه آهي، هن کان اڳ سنڌي ڪهاڻيءَ لکندڙن جي نئين نسل ۾ هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نالا مس آهن.
اڄ جي ذهين لکندڙ لاءِ پنهنجي هستي بچائن لاءِ ”ڪارڻ“ جو استعمال رهيو ڪونهي، ان ڪري هُو وڌيڪ سوچيندڙ آهي، ڪارڻ جي غير موجودگيءَ ۾ وري ڪميونيڪيشن نه آهي، ايئن ذهني قوتون ”ڪارڻ“ کي گم ڪرڻ طرف رڌل آهن، جيئن ئي ”ڪارڻ“ گم ٿئي ٿو، ان جي جڳهه اڪيلائي/ ويڳاڻپ والاري ٿي. ها ! اهو فطري آهي پر ان کان ڪي پل لنوائي به سگهجي ٿو ۽ ضرور لنوائڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيئڻ کي وڌيڪ سولو ڪرڻ جو هيءُ به هڪ ذريعو آهي، ٻي صورت اها آهي، جنهن ۾ اڪثر منور جي ڪهاڻين جا ذهين ڪردار جيئن ٿا، جيڪي منور جي ليکڪ جا الڳ الڳ حصا به ٿي سگهن ٿا ته سندس شخص جا الڳ الڳ آڪار پڻ !
منهنجي قبوليت اها آهي ته ڪو به تخليقڪار، فقط پنهجي تخليق ۾ پنهنجو نجي سَچُ اظهاري سگهي ٿو، ان کان ٻاهر هن جو سڀ لکڻ ڪوڙ هجي نه هجي، سندس مروج سماج سان ٺاههُ ڪري جيئڻ جي ڪوشش ضرو آهي.
سنڌي ادب جي مڙني صنفن ۾ ڪهاڻي وڌيڪ اڀري آيل صنف آهي، اهو نسبتي طور ئي سمجهڻ کپي، اڄ سنڌي ڪهاڻي، آس پاس جي ٻين ٻولين جي ڪهاڻيءَ ساڻ بر ميچي سگهجي ٿي، ليڪن اها نا اميدگيءَ ڀري حقيقت آهي ته معياري/تخليقي ڪهاڻين جو تعداد سنڌي ادب ۾ ڪافي گهٽ آهي.
سنڌي ادب جي پهريئن اهميت ڀري جڳهه وري به سنڌي شاعري والاري ويٺي آهي، ۽ آخري بينچ تي سنڌي ناول پنهجي اڪيلائيءَ ۽ اداسائيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.
گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌي ادب ۾ ڪافي ڪهاڻيڪار اُڀري آيا آهن. روايت شڪن سنڌي نوجوان ليکڪ، موجوده سياسي ۽ سماجي ڍانچي ۾ ”سنڌي“ هئڻ جي محدودگيءَ ۾ جيئڻ جي طريقي کان واقف هوندي ۽ سجاڳ هوندي به، هن پيڙهيءَ جا ڪهاڻيڪار، هڪ طرف پنهنجي تمام مڃتائن کي نظر انداز ڪندي لکي به رهيا آهن ته ٻئي پاسي پنهنجا پير کوڙي پنهنجي تخليقي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جهڙي ارادي جي به منجهن غير موجودگي آهي، سندن سفر ريگستان جي مسافر جيان آهي، پنهنجي راهه پاڻ ڳوليندي وڌڻ. راهه جي وجود سان سندن واسطو آهي يا نه – ان قسم جي سوچ وٽِن خير ڪا آهي!
آس پاس جي ٻين ٻولين جي نون ڪهاڻيڪارن جيان، سنڌيءَ جي نوجوان ڪهاڻيڪارن وٽ، تخليقي قوتون موجود هوندي به، هو ان سان اتساهه ڀرپور وهنوار ڇو ڪو نه ٿا ڪن، جنهن منجهان سندن تخليق پاڻمرادو اُڀري اچي. اڄ جيڪي نوجوان پنهنجي تخليقي قوتن منجهان اتساهه وٺي لکي رهيا آهن، انهن ۾ اڳيان اڳيان به ڪي نوجوان آهن، منور سراج انهن مان هڪ آهي، اهو هن پاڻ ثابت ڪيو آهي.
سندس ڪهاڻيون ڏهاڙي اخبار پڙهي، پڙهندڙ هجڻ واري دعوا ڪندڙن لاءِ بنهه نه آهن.
انهن لاءِ به نه آهن جيڪي هڪ نمبر کان هيٺ، ڪنهن به نمبر جو ڪالم لکي پاڻ لاءِ ليکڪ هجڻ جو ڀرم پاليندا آهن.
هن جون ڪهاڻيون انهن لاءِ آهن، جيڪي سنجيده پڙهندڙ آهن ۽ ڪجهه پڙهڻ کان پوءِ ويچاريندڙ آهن، ڪجهه محسوس ڪندڙ آهن. ڪهاڻيءَ جو روئڻ يا کلڻ، جن پڙهندڙن کي روئاري يا کلائي سگهي، هيءُ ڪهاڻيون انهن جي پڙهڻ جون ڪهاڻيون آهن، ڀلي سنڌ ۾ اهڙا ٻه شخص ئي ڇو نه هجن، يا هڪ شخص ئي ڇو نه هجي، ان جو ڪنهن به نج تخليقڪار کي اونو ڇو هجڻ گهرجي؟ پڪ سان منور سراج کي به نه آهي.
منور سراج جي ڪهاڻين جو مجموعي تاثر مان مٿي ڏئي آيو آهيان پوءِ به سندس ڪهاڻين جي الڳ الڳ عڪسن کي هتي اظهارڻ جي سڌ روڪي نٿو سگهان. مان ائين سمجهان ٿو ته منور جي ڪهاڻي.

[b]ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهو:
[/b] اعليٰ فن جي سطح تي اڀري آيل هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن کي نه هيرو جي گهرج آهي ۽ نه هيروئن جا ڪجهه حسين جملا ۽ ڪي احساس کي ڇهندڙ پل، جيڪي ڪهاڻي پڙهڻ وقت ماڻي سگهجن ۽ ڀوڳي به سگهجن. ماڻڻ ۽ ڀوڳڻ جي وچ ۾ هڪ ڊگهي لڪير ۽ الميو.
” وسارڻ جي ڪوشش ۾ شيون وڌيڪ ياد اينديون آهن.“

[b]روشنيءَ جو دائرو:
[/b] سانت جي خوفناڪ آواز جو احساس ڏيندڙ هيءَ ڪهاڻي ڪنهن به ازم/ڌارا کان مٿي اڀري آيل انهن ڪهاڻين ۾ شمارڻ جهڙي آهي، جيڪي ڪهاڻيون ڪنهن به ادب جو مرتبو وڌائينديون آهن، اتي ٻولين جو، قومن جو ۽ نسلن جو ويڇو نٿو رهي.

مسٽر ايم بي عرف سينيئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح:
هڪ احساس جهڙو خواب، جنهن کي ڪنهن به صبح جي ساڀيان نه آهي، اهو خواب ئي آهي، احساس ئي آهي ۽ شخص جي آس پاس کان ڪٽيل وجود آهي. جيڪو جيئرو ته آهي پر نه جيئڻ جهڙو آهي.

[b]آءِ ايم ناٽ جسٽ بيوٽيفل ڊسٽ:
[/b] سموٿ سفر ۾، مذهب جي لڪير کي وچ ۾ وڏي ديوار سمجهندڙ محبت جي مڃتا، ييس اينڊ نو، جي صليب تي لٽڪيل عبدالله ۽ مشعل جا احساس، فلسطين مان تبديل ٿيل ٽڪرو اسرائيل، موسيٰ جي مٽيل عصا ۽ اکين جي اوپرائپ، ڪنهن ڏٺي ۽ ڪنهن ڏٺا اس ۾ اڏندڙ ابابيل، جيڪي ڇرا بڻي علي سعيد جي زندگيءَ جي جوت وسائي ويا ۽ هڪ اميد جاڳائي ويا مشعل جي تصور ۾، هڪ ٻئي علي سعيد کي جنم ڏيڻ جي.

[b]اڌ ۾ رهجي ويل جملي جو ڏک:
[/b] هڪ کڻ ۾ اڌ ڄمار جو درد ڀوڳيندڙ شخص جي ڏک جو اظهار نه، احساس آهي، هيءَ ڪهاڻي. هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا لکي يا ٻڌائي نه سگهبي آهي، هڪ تتل روح کان ٻئي تتل روح تائين جو سفر، روح جيڪو هڪ ڊگهي ڀٽڪاءَ جو نالو آهي، جنهن جي ڪا به شبيهه توڻي تشبيهه اظهاري نه سگهبي آهي. شبيهه رڳو منور سراج جي نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ هن جي لکيل ڪهاڻي آهي. سچ ته جيڪڏهن هو، هيءَ ڪهاڻي نه لکي ها ته، اها پن ڇڻ جي رُت ۾ سندس اکين مان ڇڻي پوي ها. مان ائين سمجهان ٿو.

[b]دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف:
[/b] نواب شاهه جي ادب جي ننڍڙي آسمان تي ڇانو ڪري بيٺل ” ماڻڪ“ تي ڪيترا به ليک لکيا وڃن، پر سندس خودڪشيءَ کان پوءِ، ننڍڙي ڪمري ۾ ڦهليل وڏي ڏک کي ڪير محسوس ڪري سگهندو؟ مستقبل ۾ جن کي ان ڏک جي شدت جو تاءُ محسوس ڪرڻو هجي، انهن کي هيءَ ڪهاڻي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي معرفت ئي اهو تاءُ محسوس ڪري سگهبو. ڪنهن کي ڪجهه نه محسوس ٿيڻ جو گمان ٿئي ته اهو ڪهاڻي جو آخري جملو هڪ ڀيرو وڌيڪ پڙهي، جيڪو آهي.
”پيءُ جو ڦوٽو ٿو ساڙي
ڪافر
دوزخي
ذليل“

[b]لاهيارڻ جي سپني ۾ گلاب ٽڙن ٿا:
[/b] هڪ خواب ۾ پلجندڙ ٻه الڳ الڳ ساڀيائون، جيڪي پنهنجي پنهنجي سچ کي ماڻڻ کان محروم رهجي ويون، هڪ خواب جيڪو چئن اکين ۾ هڪ ئي وقت پلجندو رهيو، جنهن جي ساڀيان گلاب جي خوشبو وانگر پلن ۾ اڏامي ويندڙ، ڪڏهن به مُٺِ ۾ قابو نه ٿيندڙ، گلاب جيڪي ڪاريءَ چوٽيءَ ۾ مرڪڻ بجاءِ قبر جي آلي مٽيءَ تي پئجي سڪي ويا ۽ پنهنجي خوشبو انهن چئن اکين ۾ ڇڏي ويا، جن ۾ هڪ ئي وقت هڪڙو خواب پلجندو رهيو. خواب جي اڻپوري رهجي ويل ساڀيان.
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون
جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي
باغن ۾ جو انب پچائي
ويس گلن کي جو پهرائي

اڄ گلن کي پاتل هيءُ ويس آهي يا ڪفن آهي، ڪنهن خواب جي ساڀيان جو؟

[b]بوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي ڳالهه:
[/b] فنڪار جي ” اندر“ ۾ گهڙي آيل ” ٻاهر“، وقت جي تيز ڊوڙ، ساڀيان کان رهجي ويندڙ خواب، ” مڊل ڪلاس جو الميو“ ۽ نه چاهيندي به پنهنجي پٺيءَ تي لڳل ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ٽپي جو بار ڍوئيندڙ آرٽسٽ جي اذيت، سڀني گڏجي هن ڪهاڻيءَ کي هڪ عڪسي ڪهاڻي بڻائي ڇڏيو آهي.
جيئن مون پهرئين به چيو آهي ته منور جي ڪهاڻي محسوس ڪرڻ جي اول آهي، پڙهڻ جي ڪهاڻي پوءِ، جنهن کي پڙهڻ سان اهو احساس جنم وٺندو، جيڪو ڪنهن لمحي ڀٽائيءَ جي اندر ۾ به جاڳيو هئو ۽ هن اظهاريو هئو ته:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ

[b]خوابن جا رستا:
[/b] ڪجهه عڪس ۽ ڪجهه ڪڪر، ڪجهه خوشبو ۽ ڪجهه اداسائي، ڪجهه خاموشي ۽ ڪجهه مُرڪون ۽ ڪجهه ٿڌن ساهن ڀرڻ جو اداس احساس ڏياريندڙ هيءَ ڪهاڻي، تخليق جي اهڙي اڻت آهي، جيڪا شايد سنڌي ادب اڃا پرکي رهيو آهي ۽ سنڌي ادب جو پڙهندڙ هن قسم جي تخليق کي ماڻڻ يا ڀوڳڻ کان اڃا ڪوهين ڏور آهي.

[b]دل جي نديءَ ۾ ٻڏي ويل ڇوڪري:
[/b] گل فروش جي آڱرين جي ڇهاءَ ۽ گلن جي هڳاءَ جي خواب ۾ جيئندڙ ڇوڪريءَ جي نيرين اکين جي نديءَ ۾ ٻڏي ويل گل فروش جي هيءَ ڪٿا، اکين مان نه وهندڙ ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويندڙ احساس جي ڪٿا آهي، جيڪا هر شخص سان گڏ جيئندي آهي ۽ هر شخص سان گڏ مرندي آهي ۽ پويان ڇڏي ويندي آهي اداسيءَ جو اهڙو دونهون جنهن مان هُن پار ڏسي نه سگهبو آهي، سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويندو آهي.

[b]الف الفابيٽ جي اڻيل ڪاف ڪهاڻي:
[/b] ڪنهن به اڻت کي ٽوڙيندڙ، ڪي پل کڻي ايندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ ” ن“ ڪردار جي، نفيس لمحن ۾ هڪ ننڍڙو دوستاڻو موبائيل ميسيج، وڏي سوچ جي پهاڙ هيٺ چيڀاٽي ويندڙ ۽ جواب ۾ ڪنهن به صورت ۾ ان تاريخ، جيڪا اڄ آهي، سڀاڻي ٿيڻ کان پهرئين ان پهاڙ کي هٽائيندڙ ارادي جو سکُ ۽ ان ۾ باقي رات جا ٻه پهر گذاريندڙ ڇاڇا سهي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته تخليقڪار پنهنجي تخليق ۾ موجود هوندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ” ن“ ۾ منور جي موجودگيءَ کي لنوائي نه سگهبو، مان ائين سوچيان ٿو.

[b]ڊسمبر جو پهريون ڏک:
[/b] پوپٽ جي موت کي وڇوڙي جي علامت طور کڻي، شخص جي پاڻ سان گفتگو تي آڌاريل هيءُ ڪهاڻي، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نئون اسلوب کڻي ايندڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي هر اسلوب کي اورانگهي ويندڙ ۽ پنهنجو هڪ نجو دائرو جوڙيندڙ هيءَ ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه نئون آڻيندڙ ڪهاڻي ته اوس آهي ئي، پر ڪهاڻيءَ جون عام سرحدون ڪراس ڪري، ڪي نيون سرحدون پڻ جوڙي رهي آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي آئيندي جو روشن اشارو ڏيندڙ هيءَ ڪهاڻي، منور جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار طور سڃاڻ لاءِ ڪافي آهي. هڪ اهڙي سڃاڻ جهڙي ڪهاڻيءَ ڪافڪا کي ڏني آهي ۽ جهڙي سڃاڻ، رومانوادي ادبي ڌارا ۾ پوپٽ جي اڏام کي حاصل آهي. جهڙي چنڊ جي چانڊوڪيءَ کي حاصل آهي ۽ جهڙي تازگيءَ جي مڃتا بهار جي مند کي حاصل آهي، ۽ جهڙي مڃتا مائيڪل اينجلو جي آڱرين کي حاصل آهي ۽ جهڙي مڃتا موسيٰ جي عصا ڏانهن منصوب ڪيل آهي!

[b]خوابن جي بائونڊري وال:
[/b] ڳالهين جي هڪ ميرانجهڙي ڳوٺ ۾ جيئندڙ ٻه شخص، ٻن ڇيڙن تي رهندڙ. آواز جي مڌر ڌن تي سندن ڌڙڪندڙ ٻه دليون، سنگ مرمر جي بينچ، بوگن ويلا جي ڇانو، چئو ماسي جا آخري ڏينهن ۽ برسات جا وسندڙ پل، هڪ ڪهاڻيءَ ۾ پڙهندڙ لاءِ ايترو ڪجهه موجود آهي. ها! جنهن جي وچ ۾ ڪي به قصا نه آهن، ڪي جملا آهن، ڪجهه احساس آهن ۽ هڪ حسين ماحول جوڙيل آهي. ٻن شخصن جي ڳالهين وچ ۾ هڪ ڊگهي خاموشي آهي، جيڪا شايد سدائين رهڻي آهي، شخص جي چهري تي اڀري آيل خوشيءَ توڻي ڏک جي ريکائن جيان. اهي ريکائون جيڪي شخص جي سموري ڏک جي تاريخ ٻڌائي وڃن ٿيون.

[b]سموڪرس ڪارنر جي شام:
[/b] هڪ سگريٽ جي ٻاريل ۽ وسامي ويل وقت ۾ ٻڌايل زندگيءَ جو ڊگهو لمحو، هن ڪهاڻيءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ليکڪ پاڻ ڪو به تفصيل نه ڏنو آهي سڀ وقت جي دائري ۾ قيد ٿيل احساس اظهاري وڃن ٿا. سنڌي ڪهاڻي ايتري تخيلقي سطح تي اڀري ايندي، اهڙو تڪڙو امڪان ته شخصي طور مون کي اڃا به نظر نٿو اچي، جيڪڏهن مان پنهنجي مطالعي کان منور سراج جون هي ڪهاڻيون پري ڪري رکان ته!
هي ڪهاڻيون خوابن جي انهن رستن ڏانهن وڃن ٿيون. جن جي شروعات ته هوندي آهي پر انهن جي پڄاڻي ڪڏهن به اچڻي نه هوندي آهي. منور جون هيءُ ڪهاڻيون، شايد چون ٿيون ته هاڻ هو فقط خوابن سان ئي پيار ڪرڻ لڳو آهي، ساڀيائون کائنس رسي ويون آهن .
ڪيئن به هجي منور جون هي ڪهاڻيون جيڪي دراصل ڪهاڻيون نه آهن، ڪهاڻين جا احساس آهن، سنڌي مروج ڪهاڻيءَ کان الڳ ٿلڳ آهن، اهو اڄ جو سچ آهي.

[b]پنجين ڏسا:
[/b] هيءَ منور جي ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ نظم آهي ڪٿائي نظم!
۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت جي شڪايت آهي، پنهنجي سنساري ڪمن ۾ جيئندڙ مڙس کان، مڙس پاران گهربل توجهه نه ڏيڻ جي! عام زندگيءَ جي ۽ اندر جي سنسار جي ڪٿا آهي، جيڪا ظاهري جهان کان الڳ جهان ۾ پلجندڙ آهي، اهڙو جهان جيڪو هن جڳ کان الڳ آهي، جنهن ۾ اڪثر عورت جيئندي آهي ۽ مرندي آهي، جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آهي ” عورت توجهه گهرندي آهي، گل جيان“ ٻي صورت ۾ هوءَ اوس مرجهائجي ويندي. اکين جون چار ئي موسمون ۽ پيار جي پنجين موسم اندر ۾ سمائيندڙ ڪو به شخص ائين پلن ۾ جيئندو آهي ۽ پلن ۾ مرندو آهي.
ائين ”خوابن جا رستا“ ڪتاب پورو ٿئي ٿو. پڪ سان اهو سڀاڻي جي تخليقي ڪهاڻيءَ لاءِ روشن ساڀيائون آڻيندو ۽ بس.

[b]رکيل مورائي
[/b]1 فيبروري 2016ع
ڪراچي