ڊسمبر جو پهريون ڏُک
سڄي تاريخ حادثن سان ڀري پئي آهي.
تاريخ جي ورقن ۾ حادثا جاڳي رهيا آهن.
تاريخ جي ورقن کان ٻاهر رهجي ويل حادثا مري رهيا آهن.
تحرير نه ٿي سگهيل حادثا بذات خود هڪ حادثو آهن.
ڊسمبر جي گهميل هوا.
آس پاس ڇانيل نيرو ڪوهيڙو.
آفيس جو غير ضروري حد تائين آوازن سان ڀريل ماحول.
ٽيبل تي رکيل چانهه مان نڪرندڙ ٻاڦ.
سامهون پارڪ ۾ جھومندڙ چمپا، گلاب، رابيل ۽ نازبوءَ جا ٻُوٽا. پريان ڀت جي مٿان ڦهليل بوگن ويليا جا آسماني گُل ۽ انهن جي پريان ٽيرس جي مٿان، بجليءَ جي تار ڏي توجهه ڏيڻ بنا ديوار تي کاڏي رکي بيدمشڪ جي وڻن ڏي ڏسندڙ سائيءَ ول جا ناسي گل. خالي خالي آسمان!
يونين جي فضول سرگرمين تي ان کان به وڌيڪَ فضول بحث ڪندڙ اڌڙوٽ ڄمار نمائندو آسمان جي خاليپڻي، موسم جي اُداسي ۽ اڄوڪي تاريخ جي حادثي کان بي خبر آهي. سڄي دنيا حقيقي حادثن کان بي خبر آهي. فضول بحث ۽ بڪواز ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل ٻن جاڙن پوپٽن جي موت ۽ منهنجي زندگيءَ جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪري رهيو آهي.
آفيس جي هال مان اُٿي ڇت تي هليو ٿو اچان.
گهٽ ۾ گهٽ اڄ ڪا به بڪواز برداشت نه ٿو ڪري سگهان.
ڇت تي خاموشيءَ جي حُڪمراني آهي.
کيسي مان جاڙا پوپٽ ڪڍي هٿ تي رکان ٿو.
هٿ جي تري رنگن سان جَرڪڻ ٿي لڳي. ڪنهن بي نام خوشبوءِ سان مهڪڻ ٿي لڳي.
۽ ياد ٿو اچڻ لڳي اُهو لمحو، جنهن لمحي تو پنهنجو ريشمي هٿ منهنجي هٿ تي رکيو هو ته لڳو هئم ڄڻ ڪهڪشان لهي آئي آهي منهنجي هٿ تي!
ڪير ٿو چئي ته پوپٽ مري ويندا آهن؟
پوپٽ ڪڏهن به نه مرندا آهن! پوپٽ حسين يادگيرين جيئان ائين هميشه زندهه هوندا آهن جيئن محبوبه جي هٿن تي ڏنل پهرين چُمي!
هڪ دفعي تو چيو هو ”توساڻ منهنجي هيءَ محبت پوپٽن جي حسين، نرمل ۽ رنگين وجود جهڙي آهي. جنهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جي خبر نه پوندي آهي. شايد اُها هميشه کان هوندي آهي ۽ هميشه لاءِ هوندي آهي.“
شايد توکي خبر نه هجي ته هن مهل مان ڪٿي آهيان، ڪيئن آهيان ڇا پيو ڪيان! تون جيڪا خزان ۾ مون سان ملي هئينءَ ۽ بهار ۾ وڇڙڻ جو ارادو ڀوڳي رهي آهين.
مان به ڀوڳي رهيو آهيان.
منهنجو شاعر دوست به ڀوڳي رهيو آهي.
اسين سمورا ڀوڳي رهيا آهيون. سڄي دنيا ڪجهه نه ڪجهه ڀوڳي رهي آهي. هوءَ جنهنجون اکيون اداسيءَ جو استعارو آهن، اڪثر چوندي هئي ”مان هميشه تنهنجي اُها محبوبه بڻجي رهنديس جنهنجي اکين تي ڪڏهن به خزائن جو پاڇولو نه پوندو آهي.“
هن سچ ئي ته چيو هو!
هن جي اکين تي خزائن جو پاڇولو ڪونه پيو. مان خزائن جو پاڇولو بڻجڻ لڳو آهيان.
مون اڄ صبح واري روڊ تي ڏٺل مئل پوپٽن واري حادثي مان گذرڻ کان هڪ پل اڳ تائين ائين ڪونه پئي محسوس ڪيو جيئن حادثي مان گذرڻ کانپوءِ محسوس ڪرڻ لڳو آهيان.
اڄ صبح ساڻ روڊ تي واڪ ڪندي ٻه مئل پوپٽ نظر اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هوءَ واقعي به مون کان ڌار ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪري چُڪي آهي!
شايد موت، محبت، جدائي ۽ حادثا هڪ ئي قبيلي جا فرد َ آهن. ان ڪري هر وقت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهندا آهن.
پوپٽن جو موت محبت جي موڪلاڻيءَ جو پڪو اشارو آهي.
۽ مان سوچان ٿو ته آخر پوپٽ ڪيئن مُئا؟
ٻئي پوپٽ گڏ ڇو مُئا؟ ڪنهن ماريا؟
ڇا انهن گڏجي خودڪشي ڪئي آهي؟ ڇا پوپٽ خودڪشي ڪندا آهن؟ يا انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي! ٻنهي کي ڪهڙي ڏوهه جي پاداش ۾ قتل ڪيو ويو آهي؟ ڪير آهي قاتل؟ هوا؟ موسم؟ ڪهڙي تيز رفتار گاڏيءَ جو شيشو؟ آخر ان ڪيس جي ڪير ۽ ڪيئن پوئواري ڪندو؟ ان موت جي ڪير تحقيق ڪندو؟ ڇا ان موت جي تحقيق نه ٿيڻ گهرجي؟؟ شايد پوپٽن جي قتل جي ڪڏهن به تحقيق نه ٿي آهي ۽ نه ئي ٿيندي. پوپٽ قتل ٿيندا رهندا ۽ دنيا هلندي رهندي. ۽ نيٺ سڄي دنيا پوپٽن کان خالي ٿي ويندي.
مان هونءَ به گهڻن ڏينهن کان اُداس هُئس.
گهڻن ڏينهن کان؟ ڪڏهن کان؟ اهو سوال ڏاڍو ڏکيو آهي.
ڏينهن، تاريخون، وقت، مهينو ۽ سال ياد نه رهندا آهن.
ياد رهن به ڇو؟ ۽ ڪيئن؟ ڪا به شيءِ ياد رکڻ سان ٿورو ئي ياد رهندي آهي. ياد رهڻ جهڙيون شيون ته پاڻ ياد رهجي وينديون آهن. اهي پاڻ کي پاڻ ياد رکائينديون آهن. وسرنديون ئي ناهن!
جيئن مون کي اهو ياد رهجي ويو آهي ته هڪ شام هُن چيو هو ”پرين! منهنجي زندگيءَ ۾ اچڻ لاءِ تنهنجي مهرباني!“ ۽ موٽ ۾ مون دل جي بي ترتيب ڌڙڪن سان چيو هو: تون ئي ته منهنجي زندگي آهين. تو سوا زندگي ڀلا زندگي ڪٿي آهي،“ ۽ مون کي پنهنجي شاعر دوست جو هي جملو به ياد رهجي ويو آهي ته ”يار منهنجي شاعريءَ تي ڪجهه لِکُ! ظالم ڪيڏيون منٿون ڪرايون اٿئي“.
۽ مون لکيو هو ”يار! سچي ڳالهه هيءَ آهي ته مان پنهنجي پاڻ کان وڃائجي ويو آهيان.وساري ويٺو آهيان پاڻ کي به ۽ اهو به ته ڪو مان ليکڪ به آهيان. مان ته پنهنجي اندر ۾ صفا خالي ٿي ويو آهيان. دعا ڪر پنهنجي پاڻ ڏي موٽان.... پوءِ ضرور لکندس تنهنجي شاعريءَ تي به ۽ توتي به“.
سچ ته هن سان ملي پاڻ کي وساري ويٺو هئس ۽ هُنَ کان وڇڙڻ جي ڪناري تي پهچي به پاڻ کي وساري ويٺو آهيان. هوءَ جيڪا ڪنهن سانوري شامَ جيئان منهنجي دل جي آڳنڌ ۾ لٿي ۽ ٻئي پل هڪ اونداهي رات ۾ الوپ ٿي وئي. پنهنجي اڪيلائي ۽ اُداسيءَ کي اظهارڻ لاءِ لفظن کان به محروم ٿي ويو آهيان!
سوچيان ٿو گهڻو وقت ٿيو آهي جو ڪجهه به لکي نه سگهيو آهيان؟ شآيد ورهيه گذري ويا آهن جو مون آخري ڪهاڻي لکي هئي. ڪهڙي ڪهاڻي هُئي؟ ڇا هئو ان ڪهاڻيءَ ۾؟ اها مقتول محبت جي ڪهاڻي هئي؟ الاءِ ڪا ٻي ڪهاڻي! اهو سڀ مون کي سارڻ جي گهرج محسوس نه ٿي ٿئي.... پر مون کي اهو ياد رکڻو آهي ته اُها جڏهن هڪ ڪمرشل رسالي ۾ ڇپي هئي ته هڪ پياري دوست مون ڏي ڪهڙو ميسج موڪليو هو؟
جاڙن پوپٽن جي حادثي مون کي ڇا ڇا نه ياد ڏياري ڇڏيو آهي؟
لکيو هئائين ”پيارا سون جهڙيون تخليقي ڪهاڻيون چاندنيءَ جهڙن ڪمرشل رسالن ڏي موڪلڻ ڇا تخليقي رسالن سان نا انصافي ناهي؟ ان سوال تي ضرور سوچجان.“
موٽ ۾ ان پشم جهڙي پياري شاعر سان ڪا به وضاحت نه ڪري سگهيو هئس. نه ئي ڪرڻ جي ضرورت سمجھي هئم، رڳو ساڻس اهو واعدو ڪيو هئم ته هاڻي جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکندس اُها تو ڏانهن اُماڻيندس.... پر ڪيئي مهينا گذري ويا، ڪا به ڪهاڻي لکي نه سگهيس. جي لکيم ته رُڳو اُهي اڌورا جُملا ۽ نظم، جن جو تعلق ان محبوبه سان هو، جنهن جا ذلف ڪنهن گھاٽي جھنگل جيان مون کي پاڻ ۾ گم ڪري ويهي رهيا. سڀ رستا معدوم ٿي ويا. مون سڀ لفظ، جُملا، اکر، ڪاعذ، ڪهاڻيون، اکيون ۽ آڱريون هُنَ جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ کان ڌار ٿي ويس. ڪهاڻيءَ کان پري ٿي ويس. ڪهاڻي مون کان پري ٿي وئي. اڃا تائين پري آهي. شايد هاڻي ڪڏهن به ويجھو نه ايندي. ڪهاڻي ۽ مان هڪٻئي لاءِ اوپرا ٿي ويا آهيون. اهو منهنجي لاءِ ڊسمبر جو پهريون ڏک آهي. پر آخري ڏک ناهي.
مان مئل پوپٽن جي تڏي تي ويٺل اڪيلو سوڳوار آهيان.
پوپٽن جي موت جو سوڳوار!!
محبوبه جي جُدائيءَ جو سوڳوار!
ڪهاڻيءَ جي وڇوڙي جو سوڳوار!
سوڳواريءَ جو سوڳوار!
ٻه پوپٽ منهنجي اندر ۾ مري ويا آهن.
پنهنجي پاڻ کان ناراض آهيان. پنهنجي پاڻ تي ناراض آهيان. ۽ جڏهن ڪوئي پنهنجي پاڻ سان ناراض هجي ته ان کي ڪير به پرچائي نه سگهندو آهي!! اهو ڪنهن سان به نه پرچندو آهي. ڪنهن سان به نه! بس اهو سدائين رٺل رهندو آهي.
اهو به چڱو ٿيو جو صبح سان ان روڊ تان گذريس جنهن تي جاڙا پوپٽ مئا پيا هئا ۽ مون کڻي ورتا، نه ته انهن جي بي حُرمتي ٿئي ها. اهي ڪنهن خاڪروب جي ٻهاري سان ٻهارجي گندَ جي ڍير تي پهچي وڃن ها! ڪنهن گاڏيءَ جي ٽائرن هيٺان اچي ٽُٽي پون ها. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اهي پنهنجي پرن ۽ رنگن سميت ڪنهن اهڙي ڪِتابَ جي ورق ۾ فريز ٿي ويندا جنهن ورق تي ڪنهن اهڙي ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس هوندو جنهن ۾ هڪ نائڪه پنهنجي دوست سان ڊسمبر جو ڏک ونڊيندي پنهنجي ڪلهن تي پيل شالَ ۾ تحليل ٿي ويل هوندي.
ڊسمبر جي اکين مان لڙڪ وهي پيا هوندا.
مون هن ڊسمبر جي شروعات ۾ ئي ته هن ڏانهن لکيو هو:
”ڊسمبر جي اُسَ ۾،
پنهنجار وار سُڪائيندي،
تون مون کي ساريندينءَ ته
تنهنجون اکيون آليون ٿي وينديون.“
پر ڇا منهنجي ان دعويٰ ۾ ڪوئي دم آهي؟
ها، منهنجي ان دعويٰ ۾ دم آهي. هوءَ ڊسمبر جي اُس ۾ وار سڪائيندي مون کي ساريندي ته سندس اکيون آليون ٿي وينديون. عاشق، آرٽسٽ ۽ پيغمبر ڪوڙي دعويٰ نه ڪندا آهن.
انهن کي پنهنجي دل تي خدا جهڙو اعتبار هوندو آهي. انهن جي دل ڌوکو نه ڏيندي آهي. پر اکيون ته منهنجون آليون ٿي ويون آهن ڊسمبر جي هن گهميل پل ۾!! ۽ هوءَ منهنجي اکين جي آلاڻ کان بي نياز پنهنجي گهر جي آڳند ۾ بيٺي شايد پنهنجي وڏن وارن ۾ ڦڻي ڦيريندي ۽ وار ڇنڊيندي اهي سڀ يادگيريون پاڻيءَ جي ڦڙن جيئان ڇنڊي رهي هجي جن سان هن جو ۽ منهنجو مشترڪ تعلق آهي.
چون ٿا جن عورتن جا وار وڏا ۽ گھاٽا هوندا آهن اُهي ڏاڍا ڏک ڏسنديون آهن. شايد ائين هجي! ڪاش ائين نه هجي!
ڇا پوپٽ ڏک ڏسندا آهن؟ ڇا پوپٽ ڏک نه ڏسندا آهن؟
ڀلا ڇا پوپٽن کي ڏک ڏسندا آهن؟ ڇا پوپٽن کي ڏک نه ڏسندا آهن؟
گهڻي دير کان مسلسل پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان ۽ محسوس ٿو ڪيان ته پاڳلپڻي جي آخري ڪناري تي پهچي چڪو آهيان. ڪنارو مون تائين پهچي چُڪو آهي.
ان ڏينهن هن ئي ڇت تي اُنَ پَل اڪيلو اچي ٻارن وانگر ڪو وقتُ رُنو هئس جنهن پل اهو اطلاع مليو هئم ته هاڻي هوءَ مون سان ڳالهائي نه سگهندي. هوءَ جنهن سان ڳالهائڻ کي مان پنهنجي ساهه جي ضمانت، جيئڻ جو جواز ٿو سمجھان.
الاءِ ڇا ٿيو هئم اوچتو!
ڄڻ ڪنهن غريب گهراڻي جي يتيم ٻار کان ڪوئي پيارو ۽ نيارو رانديڪو کسجي ويو هجي! ۽ کسيو به اهـڙن هٿن هجي جن تائين ٻار جي ڪا پهچ نه هجي! سڏڪا ۽ ڳوڙها رُڪيو نه ٿي رُڪيا!
پوءِ ڪيترائي ڏينهن، ڪيتريون ئي شامون، ڪيترائي پَلَ ۽ الاءِ ڪٿي ڪٿي مسلسل اکيون ٽمنديون رهيون هيون. ائين ٿي لڳو ڄڻ اوچتو ئي اوچتو زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو هجان. خوابن کان محروم ڪيو ويو هجان. خوشيءَ کان محروم ڪيو ويو هجان.
اکيون هر پل ڀريل ڀريل، دل خالي خالي. اندر مضطرب. جهڙو بي چين سمنڊ.... جهڙوخودڪشيءَ جو خواب.... جهڙو ڦاهي گھاٽ!
پوءِ ڇا ٿيو!
پوءِ ائين ٿيو جو مان خدا نه هوندي به خدا جيان توکي مُشڪلات مان ڪڍڻ لاءِ ۽ تولاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ماحول کي هڪ ڀيرو وري سازگار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳس.
(مشڪل ۾ تون هئينءَ يا مان هئس؟ ڪيئن چئجي؟)
مون ڇا ڇا نه ڪيو؟
ڪنهن ڪنهن کي نه پرچايُم سرچايم؟ منٿون ڪيم؟
مهرباني ڪري کيس ڪجهه نه چئجو. کيس ڪنهن ڪوسي جملي جي لهس به آئي ته سندس رنگ ۽ پر سڙي ويندا. هوءَ ته هڪڙو پوپٽ آهي. خوشبو آهي!
اکين ۾ هي لڙڪ ڏسو!. مون سان ليکا نه ڪيو. منهنجو چهرو ڏسو!. ڪيئن ڳري ويو آهيان. هن سان منهنجو تعلق عِبادت جهڙو آهي. اوهان اعتبار ڪيو. ڪا به بُرائي ناهي! سجدي جهڙو سنگ آهي هن سان منهنجو. منهنجي لاءِ محبت ۽ هَوس ٻه ڌار ڇيڙا آهن.
توهان اعتبار ڪيو منهنجي لڙڪن تي.
۽ هنن سڀني کي آخر چاهيندي نه چاهيندي منهنجي لڙڪن تي اعتبار اچي ويو. اُهي سڀ جيڪي تنهنجي منهنجي تعلق تي ڏکارا، ناراض ۽ اداس هئا، سڀ خاموش ٿي ويا. انهن جو ڏک جھڪو، ڪاوڙ هلڪي ۽ اداسي ختم ٿي وئي.
انهن ڄاڻي ورتو ته منهنجي اکين جي اداسيءَ سان ڀريل آلاڻ ڪوڙي ناهي.
منهنجي لڙڪن جو ذائقو سمنڊ جئان کارو آهي. مان خودڪشيءَ جي موسم ٿي ويو آهيان. پر عجب اهو ته تون پنهنجو اعتبار وڃائي ويٺينءَ! ڄڻ منهنجو اعتبار وڃائي ويٺينءِ!
الاءِ ڇو؟
الاءِ ڪيئنءَ؟
شايد تون ڊڄي وئينءَ؟
۽ تو انهن جي اڳيان پنهنجي غلط هجڻ جو اعتراف ڪيو، جيڪي منهنجي لڙڪن جي اعتبار ۾ هئا. جن کي يقين ٿي ويو هو ته پنهنجو تعلق عِبادت جهڙو آهي، تو انهن کان معافي وٺندي چيو ته توکان وري ڪڏهن به اهڙي غلطي نه ٿيندي!
تون جنهن ڪجهه شامون اڳ ئي مون کي ٻڌايو هو ته ”هو مون کي چون ٿا ته تون نمازون پڙهه، قرآن جو دور ڪر، عِبادت ڪر... مان ڀلا انهن کي ڪيئن سمجھايان ته محبت کان وڏي ڪا به عِبادت ڪانهي... ۽ اُها عِبادت مان ڪيان ٿي... ۽ مسلسل ڪيان ٿي... رڳو جاڳ ۾ ئي نه ننڊَ ۾ به ڪيان ٿي.... اٺ ئي پهر ڪيان ٿي.... هر پل هر گهڙي ڪيان ٿي.“
پوءِ ٻُڌاءِ ! تنهنجي اُها عبادت ڏوهه ڪيئن بڻجي وئي؟
هان، ٻڌاءِ ! پوءِ تنهنجو سجدو گناهه ڪيئن ۽ ڇو ٿي ويو؟
ٻڌاءِ! پوءِ تنهنجي عبادت غلطي ڪيئن بڻجي وئي؟
ٻڌاءِ توکي قسم آهي هٿ جي تريءَ تي موجود مُئل پوپٽن جو!
ممڪن آهي تو اهو معافي نامو پاڻ کي بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هجي! مون کي بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هجي! اسان سان لاڳاپيل رشتن ناتن کي بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هجي. اڃا به ممڪن آهي ته تو اهو سڀ ڪجهه تنهنجي منهنجي تعلق کي سلامت رکڻ لاءِ ڪيو هجي.... ڪجهه به هجي، ڪجهه به هجي پر توکي ائين نه ڪرڻ گهربو هو.
تو مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. تو محبت کي ڏوهه سمجھي ۽ ڏوهي هجڻ جو اعتراف ڪري مون کي هڪ لمحي ۾ ڏوهارين جي قطار ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي قطار جنهن جو پهريون ماڻهو به مان آهيان ته آخري ماڻهو به مان آهيان. جنهن جو اٺون ماڻهو به مان آهيان ته ستون ماڻهو به مان آهيان.
جنهن قطار ۾ رڳو مان ئي مان آهيان. مون کان سواءِ ڪو به نه آهي ان قطار ۾! ڊسمبر ۾ پيش آيل محبت کي غلطي سمجھڻ وارو واقعو منهنجي لاءِ ڊسمبر جو پهريون ڏک ئي نه آهي، وقت جو هڪ وڏو حادثو به آهي. اهـڙو ۽ ايترو وڏو حادثو جهڙو ۽ جيترو وڏو حادثو روڊ تي مئل جاڙن پوپٽن جي موت جو حادثو آهي. ان حادثي مون کي توکان ڏاڍو پري ڪري ڇڏيو آهي!!
ها توکان ڏاڍو پري ٿي ويو آهيان. تون مون کان پري ٿي وئي آهين. اسين ٻئي هڪٻئي کان ڏاڍو پري ٿي ويا آهيون.
شايد مان پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان. الاءِ هن سان؟ الاءِ ڪنهن سان؟ پر ٻُڌ! مان توسان هاڻي ڪڏهن به نه ڳالهائيندس. ڪڏهن به نه.... ڪٿي به نه! پر ڇو؟
بس منهنجي دل نه ٿي چئي. هاڻي مان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس توسان... ڪڏهن به نه! اکين مان ڳوڙها ڇو ٿا وهن تنهنجي پوءِ؟ هان.... ٻڌاءِ !
الاءِ ڇو.... خبر نه آهي ڇو... پر تنهنجو ڪهڙو واسطو منهنجي ڳوڙهن سان؟ ناهي تنهنجو ڪو به تعلق منهنجي ڳوڙهن سان، نه ڪو مون سان.... ڏس ڊسمبر جي شامَ ڪيڏي گهري ۽ ٿڌي ٿي وئي آهي. آفيس جي ڇت کان گهر جي آڳند تائين ايندي ايندي صفا ٿڪجي چُور چُور ٿي پيو آهيان.... بخار ٿي ويو اٿم شايد.... اکيون سڙن پيون. لِڱَ تپي ويا اٿم.... الاءِ ڇا ٿيو آهي.... منهنجي هٿن ۾ ڪجهه ڪونهي... نه ڪاغذ... نه قلم... نه ڪِتاب.... ڪجهه به نه... پوپٽ مري ويا آهن... ٿڌ ڏاڍي آهي... پليز پوپٽن کي ٿڌ کان بچايو.... گرميءَ کان بچايو... طوفان کان بچايو.... تيز رفتار ٽرئفڪ کان بچايو... ڇا ٿيو اٿئي... ڇو ٿو ڳالهائين پنهنجي منهن؟ اهڙو ڇا ٿيو آهي؟ ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي.... ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي مون کي. ڇا ٿيندو مون کي؟ ڇو ٿيندو ڪجهه به مون کي ڀلا؟ ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي.... روڊ تي ٻه پوپٽ مري ويا آهن!