خوابن جا رستا
اڪثر پنهنجي پاڻ سان همڪلام ٿيندي چوندو ”جڏهن مان توکي وڃائي ويهندس ته ڪيئن محسوس ڪندس؟!“.
۽ پوءِ سندس سموري سوچ انهيءَ سوال جي جواب ۾ الجهي ويندي.
هو اڪثر سوچيندو ”جڏهن تون منهنجي نه رهندينءَ ته مان به شايد پنهنجو نه رهندس.“ ۽ پوءِ هو مرڪڻ لڳندو. شايد اها سندس پاڳلپڻي جي پڇاڙي هئي!!
هو اڪثر سوچيندو هو ته هوءَ مون سان ملندي ته مان کيس کوڙ ڳالهيون ٻڌائيندس ۽ انهن ڳالهين ۾ سڀ کان اول هڪ خواب جو ذڪر هوندو، جنهن مطابق هو کيس ٻڌائيندو ته: منهنجو هڪڙو خواب آهي!
ان خواب جا ٽي ڪنارا آهن، خواب جا ٽئي ڪنارا هڪ شام جي ڇيڙي تي پاڻ ۾ ملن ٿا، جنهن ۾ مون کي تو کان هڪ بوسڪي جهڙي ٻه پهري اڌاري وٺڻي آهي.
جنهن مهل تون مون کي اها ٻه پهري اڌاري ڏيندينءَ ته مان ان کي ٽن حصن ۾ ورهائيندس:
هڪ حصي ۾ لائبرريءَ جو شيلف هوندو، شيلف جنهن ۾ ٻين کوڙ ڪتابن سان گڏ منهنجا به ڪجھه ڪتاب رکيل هوندا. تون ڪجھه لمحن لاءِ مون سان گڏجي شيلف ۾ پيل منهنجا ڪتاب ڏسجانءِ ۽ مان خوشيءَ سان توکي ڏسندس!
ٻه پهريءَ جي ٻئي حصي ۾ (جيڪو شام جي ڪجھه ويجهو هوندو) پاڻ گڏجي ڪجهه دير ڪئمپس جي اداس وڻن جي هيٺان ڦهليل خاموش رستن تي هلنداسين ته جيئن انهن رستن سان پاڻ ٻنهي جو گڏيل تعارف تخليق ٿي سگهي.
۽ پوءِ آخر ۾ ان ٻه پهريءَ جي ٽئين حصي ۾ (جيڪو حصو شام جي هنج ۾ هوندو) پاڻ ٻئي پارڪ جي تنها سيمنٽ واري بئنچ تي ويهنداسين ۽ شام سان ائين گفتگو ڪنداسين جيئن ننڍڙا ٻار رانديڪن سان ڳالهائيندا آهن.
انهيءَ دوران پاڻ ٻئي هڪڙو نئون درياهه دريافت ڪنداسين. هڪ گمنام خوشبوءِ سان ملنداسين.
هڪ طويل جدائيءَ جي ريهرسل ڪنداسين.
ريهرسل کي سچ سمجهي اکين کان اکين تائين لڙڪ لڙڪ ٿي وينداسين ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ سنڀالي مرڪي پونداسين ۽ هڪڙو خواب پنهنجي ڪناري تي پهچي ويندو.
پر اهو سڀ ته فقط تڏهن ئي ممڪن هو جڏهن هو ساڻس ڳالهائي سگهي ها. هو ته اڳ ئي پنهنجي ڊائريءَ ۾ اعتراف ڪري چڪو هو ته ”منهنجي لاءِ توسان ڳالهائڻ ڏکيو ۽ تو بابت نظم لکڻ سولو آهي. مان جيترو گهڻو توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو (۽ نه ٿو ڳالهائي سگهان) اوتري شدت سان تو بابت نظم لکندو آهيان. نظمن ۾ توسان ڳالهائيندو آهيان، کلندو آهيان مرڪندو آهيان ۽ خوش رهندو آهيان ڄڻ توسان منهنجو تعلق ئي ڪاغذن جهڙو آهي. پاڻ ڪاغذن ۾ ئي ملياسين. ڪاغذن ۾ ئي ڳالهايوسين، ڪاغذن ۾ ئي محبت ڪئي سين ۽ ڪاغذن ۾ ئي زنده رهياسين.“
سو بس هو کيس وڃائڻ کان اڳ ئي وڃائي ويهڻ جي ڏک ۾ مبتلا رهڻ لڳو هو.
نيٺ هو اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اڄ هو هرحالت ۾ هن سان ڳالهائيندو ۽ کيس اهو سڀ ڪجھه ٻڌائيندو جيڪو گهڻن ڏينهن کان ٻڌائڻ پيئي گهريائين پر ٻڌائي ڪو نه پئي سگهيو. توڻي جو هن ڄاتو ٿي ته هن سان ڳالهائڻ سولو نه هو. هن سان نه ڳالهائڻ به ته مسلسل پلصراط تي هلڻ جهڙو هو.
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه جڏهن هو محبت جي نالي هڪ حادثي مان گذري آيو هو ۽ ٻئي حادثي ۾ داخل ٿي چڪو هو!
سر محمد سلطان پاور پوائنٽ تي ريسرچ ميٿڊ جو سبجيڪٽ پئي پڙهايو. سڄو ڪلاس شاگردن سان ڀريل هو، ٽئين سيمسٽر جو امتحان ويجهو هو پر هن جو ڌيان سر محمد سلطان ڏي نه هو.
هن جي ڌيان جو محور رڌم هئي.
(هن جي ڌيان جو وکراءُ به رڌم هئي)
جڏهن ته رڌم پاڻ وکريل ڪانه هئي. گهٽ ۾ گهٽ ٻاهران ته بلڪل به وکريل ڪانه هئي. روز جيان ٺهيل ٺڪيل سجئل سنواريل ۽ سڄر گل جئان ٽڙيل ٽڙيل ۽ مهڪيل مهڪيل هئي. البت پنهنجي اندر ۾ اها به وکريل هئي !
شايد جيڪي ماڻهو اندران جيترو گهڻو وکريل هوندا آهن ٻاهران اوترو وڌيڪ سنوريل رهندا آهن.
ان ڏينهن رڌم کي مئرون ڪلر ننڍي هيل واري سئنڊل ساڻ ڦڪي رنگ جو وڳو پاتل هو.
جهڙو سورج مکيءَ جو گل.
پنهنجي سج کان باخبر.
پنهنجي سج کان بي خبر.
ڪلاس آف ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي دير هئي.
هن لاءِ ته هڪ سيڪنڊ به ڪلاڪن کان وڏو هو ۽ مسلسل سوچي رهيو هو ته اڄ هو رڌم کي ڇا ٻڌائيندو؟ ڪيئن ٻڌائيندو ؟ ٻڌائي به سگهندو الاءِ نه ؟
ڪجھه ٻڌائڻ کان رهجي ته نه ويندو؟ ڇا هوءَ کيس ايترو وقت ڏيندي جو هو اهو سڀ ڪجھه ٻڌائي سگهي جيڪو ڪجھه ٻڌائڻ چاهي ٿو. ڇا هوءُ اهو ڪجھه ٻڌڻ چاهيندي جيڪو ڪجھه هو ٻڌائڻ ۽ چوڻ چاهي ٿو؟
مثال طور: هن کيس ٻڌائڻ چاهيو ته :
ڪلاس ۾ پروفيسر جو ليڪچر ٻڌندي مان رکي رکي تنهنجي اکين ڏي ڏسندو آهيان، تنهنجي اکين جي معرفت دل جي درگاهه ۾ پهچي ويندو آهيان.
درگاهه جنهن ۾ تون آهين! جنهن ۾ مان آهيان! جنهن ۾ سوين هزارين ڪبوتر آهن، مٿان هڪڙو وشال نيرو آسمان آهي، ٻي تون آهين ۽ ٽيون مان آهيان....
ڪلاس ليڪچر، آواز، پروفيسر سڀ ڪجھه دونهين ۾ تحليل ٿي ويندا آهن!
۽ هيءُ ته :
”مون هي سڀ موسمون هي سڀ شامون، هيءَ ڊائري ۽ ڊائريءَ جا سڀ ڪاغذ توتي نظمن لکڻ لاءِ مختص ڪري ڇڏيا آهن،“
۽ ٻيو هيءَ ته :
”جڏهن کان منهنجي ڊائريءَ جو نيرو ڪور تنهنجي نگاهه جو مرڪز بڻيو آهي، تڏهن کان منهنجي ڊائري نظم ۾ تبديل ٿي وئي آهي،“
۽ هيءُ به ته :
”زندگيءَ جي مارڪيٽ ۾ سچ ۽ ڪوڙ گڏ گڏ هلڻ لڳا آهن! پر زندگيءَ کي بهرحال مارڪيٽ نه ٿيڻ گهرجي. زندگي کي زندگي ئي هجڻ گهرجي“.
پر هن ڌڙڪندڙ دل سان اڪثر اهو محسوس ڪندي اعتراف ڪيو ته هو انهن ڳالهين مان شايد هن کي ڪابه ڳالهه ٻڌائي نه سگهندو، ڇو ته هو ڳالهائڻ جي معاملي ۾ هميشه ناڪام ۽ ڪمزور ڳالهائيندڙ ثابت ٿيو هو !
هن ڪيترا ڀيرا چاهيو هو کيس چوڻ ته :
”هن يونيورسٽيءَ جي سڀ کان وڌيڪ حسين ڇوڪري السلام عليڪم!“ پر کيس ڪڏهن به چئي نه سگهيو !
ان منجهند کيس ڪئنٽين کان ڪمپيوٽر ليب ڏي ويندي هلڪي سائي وڳي ۾ ملبوس ڏسي چوڻ چاهيو هئائين:
”ٻڌو؟“
”جي!“
”هڪڙو ڪم ته ڪيو.“
”جي چئو!“
”ڳچيءَ ۾ ڪارو ڌاڳو پائي ڇڏيو.“
”ڇو؟“
”ڏاڍا حسين ٿا لڳو نظر نه لڳيوَ!“ پر چاهيندي به چئي نه سگهيو.
جڏهن کيس ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو مليو، سلائيڊ، نوٽ بوڪ يا ڪوئي ڪتاب ڏيڻ وٺڻ جي بهاني ۾ ته هو ساڻس فقط رسمي جملا ڳالهائي سگهيو ۽ بس. هڪ به اهڙو جملو، لفظ نه جنهن جو سڌو تعلق اندر جي دنيا سان هجي!
دل سان هجي، ڌڙڪن سان هجي!
ڪجهه ڳالهائي نه سگهڻ.
ڪجھه چئي نه سگهڻ.
ڪجھه پڇي نه سگهڻ.
هڪڙو ڏک، هڪ اداسي، ٻه چار لڙڪ ۽ بيوسيءَ سان ڀريل خاموشي. هن سان ”نه ڳالهائي سگهڻ“ جو ڏک هن جو خاص ڏک بڻجي ويو هو. کيس ائين لڳندو هو ته شايد هو پنهنجي ڪنهن گذريل جنم ۾ هن کي گهڻو ڳالهائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو هو ان ڪري هن جنم ۾ سندس چپن تي چپ جا تالا لڳل آهن.
پڇتاءُ ....... کيس وڃائڻ جو .
ڏک .......... کيس وڃائڻ جو .
چپ ........ گهري چپ ..... ڊپ جو احساس ...... پڇتاءُ جو رد عمل ......... شايد ..... ڪجھه اهو ئي هجي سبب سندس خاموشيءَ جو ....
پر.... پر ڪٿي ائين نه ٿئي جو مان هن جنم ۾ وري کيس نه ڳالهائڻ جي ڪري وڃائي ويهان ..... پر ڇا ٿو ڪري سگهجي ...... شايد ڪجھه جاين تي ماڻهو پنهنجي وس ۾ نه هوندو آهي ....... قطعي به نه هوندو آهي پنهنجي وس ۾ !! ان ڏينهن مينهوڳيءَ جي موسم ۾ جنهن مهل هلڪي هلڪي بارش پئجي رهي هئي ۽ فرش تي پوندڙ ڦڙين جو آواز ڪنهن رقاصه جي پيرن ۾ ٻڌل پايل جي ڇن ڇن جيان پئي ڀاسيو ۽ هوءَ پئراڊائيز پوائنٽ وٽ جتي ڏکڻ جي هوا ماڻهوءَ جي پيشانيءَ جو پگهر سڪائي اتر ڏي هلي ويندي آهي ۽ سڄي ڪئمپس ۾ اها پوائنٽ ئي وڌ ۾ وڌ هوادار، کليل ۽ خوشگوار احساس رکندڙ آهي، پنهنجي تنهائي سان گڏ بيٺي هئي ته هو، دل جهلي وڌي وڃي سندس ڀر ۾ بيٺو هو.
”ڪيئن آهيو؟“ رڌم کائنس شايد اهو سوچي پاڻ ئي پڇيو جو کيس اندازو هو ته هو ڳالهائي ڪو نه سگهندو ......
”بلڪل ٺيڪ ...“ ”ڪالهه شام مون گهر جي بالڪني ۾ ويٺي اوهان جو ڪتاب پئي پڙهيو .“ هن مرڪ جي بارش ۾ پسندي چيو.
”ٿينڪ يو.... ها ..... ان مهل مينهن پئي وسيو ... ها نه .... !! ؟ .....“
”ها.... مينهن پئي وسيو ڏاڍو ..... ۽ ....“ رڌم کليل آسمان ۾ بيٺل ڪڪرن ڏي ڏسندي ائين چيو ڄڻ هوءَ ڪڪرن سان ڳالهائيندي هجي.
”۽ .... مون پڙهيو پئي.“
”ها.... توهان پڙهيو پئي .... مون محسوس ڪيو هو.“ نيٺ هو اعتماد سان ڳالهائڻ جي سطح تي اچي ويو.
”توهان ڪيئن محسوس ڪيو؟“
”الاءِ ڪيئن ..... پر محسوس ٿيو ته توهان .....“
”هون ....“
”ٻڌو!“
”جي ....چئو!“
”هون .... الاءِ ڇا ٿي چيم .... “
موٽ ۾ هوءُ انڊلٺ جهڙي مرڪ ۾ ڍڪجي وئي هئي ۽ هو کيس ”خدا حافظ“ چئي انڊلٺ جا رنگ سهيڙي ڪلاس ڏي موٽي آيو هو.
سر محمد سلطان پروجيڪٽر تي جرڪندڙ آخري سلائيڊ ڏي ڏسي چئي رهيو هو:
Primary Data:
Secondary Data:
The Sources of Primary Data are: - Interview, phonic call. face to face conversations and the Sources of Secondary Data are magazines, internet, research etc.
۽ هو ڌڙڪندڙ دل سان سوچي رهيو هو ته کيس اڄ رڌم سان ڇاڇا ڳالهائڻ گهرجي؟ ۽ کيس ڪجھه به سمجھه ۾ نه پئي آيو .... سواءِ ان جي ته سامهون واري ڪرسيءَ تي ڦڪي وڳي ۾ ملبوس رڌم ويٺي آهي ۽ مانيٽر تي پکڙيل ريسرچ ميٿڊ جي هڪ اسائنمينٽ جو مواد ڏسي رهي آهي ..... رکي رکي ڪنهن مهل ڏانهس، ڪنهن مهل دروازي ڏي ڪنهن مهل پروجيڪٽر ڏي ته ڪنهن مهل سر سلطان ڏي ۽ وري ڪنهن مهل پنهنجي هٿن ڏي نهاري رهي آهي.
پيرڊ آف ٿيڻ کان چند لمحا اڳ هن ڪجھه ڏينهن کان ذهن ۾ آيل هڪ ڳالهه کي چپن تي آهستي آهستي ان لاءِ دهرايو ته جيئن سندس دل جي ڌڙڪن ترتيب ۾ اچي سگهي.
”محبت، برسات، شام، اداسي ۽ شاعريءَ ۾ ڪهڙي نه هڪجهڙائي آهي“.
ٻئي پل پيرڊ ختم ٿي چڪو.
تقريبن سڀ شاگرد ڪلاس مان نڪري چڪا.
پوئتي رڌم ۽ هن کان سواءِ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد ئي ليب ۾ موجود هو. ليب انچارج پنهنجي ڪرسيءَ تي ٿڪل ذهني ڪيفيت ۾ اوٻاسيون ڏيندي پئي نظر آيو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ رڌم جي ڪرسيءَ ڏي وڌي ويو.
”رڌم مون کي ڪجھه هيلپ جي ضرورت آهي“.
”جي ...... ها ....... بلڪل ...... چئو.“ رڌم ائين بي ساختگيءَ سان وراڻيو ڄڻ کيس اڳواٽ ئي خبر هئي. ته هو کيس ڇا چوندو.
”هتي نه ... ٻاهر .... ٻه ٽي منٽ ڏيو.“
”ٺيڪ .... هڪڙو منٽ.“ رڌم يو.ايس.بي، سي پي يو ۾ لڳائي تڪڙ تڪڙ ۾ مائوز گهمائي ضروري مواد پنهنجي يو ايس بي ۾ وجهي سسٽم بند ڪري، يو ايس بي پرس ۾ رکي، پرس ڪلهي ۾ وجهي فائل هٿ ۾ کڻي اٿي بيٺي ۽ ڏانهس ڏسڻ بنا چيو؛
”اچو!“
هو هن سان گڏ گڏ ليب مان نڪتو، ٻاهر موسم ڪافي خوشگوار هئي.
ٻئي خاموشيءَ سان هلندا اچي پئراڊائيز پوائنٽ تي بيٺا. ڏکڻ جي هوا هميشه جيان پنهنجي مهربان ڇهاءَ سان سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اهي بهار جي آمد جا ڏينهن ڪو نه هئا.
اهي ڊسمبر جون شامون نه هيون.
اهي اونهاري جا صبح نه هئا.
اهي پڻ ڇڻ جا ڏهاڙا نه هئا.
اها محبت جي بي نام موسم هئي.
اهي بي سبب خاموشيءَ جا ڏينهن هئا.
اُها ”ڪجھه نه چئي سگهڻ“ جي ڏک جي رت هئي.
اُها پنهنجي پاڻ سان ناراضگيءَ جي موسم هئي.
اهي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ جون شامون هيون.
”جي .... چئو!“ رڌم پئراڊائيز پوائنٽ جي پلر تي ٽيڪ ڏيندي چيو.
”رڌم ..... مان ٺيڪ نه ٿو محسوس ڪيان پاڻ کي، اداس ٿو رهان ڏاڍو.“
”خوش رهڻ جي ڪوشش ڪيو.“ هن ڪنهن مسيحا جيان مشورو ڏنو هئس. اهڙو مشورو جنهن تي عمل ناممڪن هو.
”اکين ۾ حادثا کڻي ماڻهو خوش رهي نه سگهندو آهي رڌم! مان پنهنجي اندر ۾ اداس ٿي پيو آهيان. منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڪو حادثو رونما ٿيو آهي. مان ڇا ڪيان ....“
”ٺيڪ ته آئون به نه ٿي رهان. منهنجي دل جي ڌڙڪڻ بي ترتيب ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر تائين وڃي پهتي آهيان.“
رڌم ذخمي لهجي ۾ چيو ۽ هو چاهيندي به کيس چئي نه سگهيو ته رڌم حادثو ته مون سان پيش آيو آهي زخمي تون ڪيئن ٿي پئي آهين؟
”بهرحال اوهان خوش رهڻ جي ڪوشش ڪيو. هونءَ به پاڻ ٻنهي ۾ ڪافي فرق آهي. پاڻ ٻئي الڳ الڳ دنيائن جا ماڻهو آهيون.“ هوءَ ساڻس اکيون ملائي ڳالهائڻ بنا جملو مڪمل ڪري اڻ مڪملتا جي احساس ۾ ڀرجي وئي.
هو پري پري تائين اداس معنيٰ سان ڀريل جملن ۾ ڍڪجي ويو.
”معصوميت جي شاهراهه تان ڀٽڪي چالاڪيءَ جي چؤواٽي تي ڦاسي پيل ڇوڪري، تنهنجا نيڻ تنهنجي چپن جو ساٿ ڇو نه ٿا ڏين؟“
تون به رڌم !!
رڌم تون به !!
تون مون کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ بدران شايد پنهنجي ڪنهن حد کان گهڻي ”سياڻي“ سهيلي جي نگاهن سان نهارڻ لڳي آهين ....
ان مهل ڪنهن قديم مقدس روح تي ڪنهن ڏائڻ جو پاڇولو پئجي ويو ..... ۽ هوءَ اهو ڪجھه ڳالهائڻ ۽ سوچڻ سمجھڻ لڳي جيڪو دراصل هن نه ٿي چاهيو ته ڳالهائي .... سوچي .....
ڊپ ۽ ڏک جي لهر بيٺي بيٺي هن جو وجود اورانگهي وئي. هو لفظن کان محروم ٿيندي ٿيندي بچي ويو.
۽ هن اهو چوڻ جي حالت ۾ هوندي به کيس نه چيو ته :
”روشن ٻه پهريءَ جي ڪناري تي بيٺل نظم جهڙي ڇوڪري! توسان منهنجو تعلق ته خوشبوءِ جهڙو آهي ۽ خوشبوءِ جهڙا رشتا ناتا سوالن جوابن جي جهنگل ۾ نه ڦاسندا آهن ...... منطق ۽ دليل جي ڌٻڻ ۾ نه ڪرندا آهن .... “ هو مطمئن هو.
هن وٽ اعتماد هو.
هن کي محسوس ٿي چڪو هو ته رڌم جي آواز ۾ سندس دل جو ڌڙڪو شامل نه آهي ! هوءُ اهو ڪجھه ڳالهائي رهي آهي جيڪو ڪجھه دراصل هوءَ ڳالهائڻ نه ٿي چاهي!
روح تي پئجي ويل پاڇولو!
هڪ ڏک، هڪ گهري اداسي.
”ٺيڪ آهي. توهان صحيح ٿا چئو. پنهنجو هڪٻئي سان ڪو اهڙو تعلق ڪونهي جنهن کي محبت چئبو آهي. وڏو فرق آهي پاڻ ٻنهي ۾ ... پر گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ڪلاس فيلوز ته آهيون ...... دوست ته آهيون!“
”ها .... اهو ته آهي.“ رڌم هٿن مان سرڪندڙ پرس قابو ڪندي چيو.
”ته پوءِ توهان ٿورو وقت مونکي ڏيو. منهنجي ڪائونسلنگ ڪيو.... ته جيئن مان حادثي مان ٻاهر نڪري اچان. نارمل ٿي سگهان.“
هوءَ کيس خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي.
هو ڪنهن مهل رڌم جي رئي تي ڇپيل هلڪن گلن ڏي ته ڪنهن مهل برسات ڏي ڏسندو رهيو.
تان جو ٻه پهري لڙي وئي.
کوڙ ڳالهيون اڌوريون رهجي ويون.
اداسي ۽ سرهائي هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسندي رهجي وئي.
”بس خوش رهڻ جي ڪوشش ڪجو.“
هڪ دفعو وري کيس رڌم ان ڳالهه جي تاڪيد ڪئي جا هن جي وس کان ٻاهر هئي.
هو اداس ڦڪي مرڪ مرڪي پيو، ڏک ۽ ڪاوڙ جي هڪ تيز ڇولي هن جي ڇاتيءَ ۾ لٿي ۽ هڪدم خيال آيس ته کيس چئي: رڌم ڪوڙ ڇو ٿي ڳالهائين! ٻڌاءِ! تون مون سان نه، گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ته سچي ٿي. پاڻ سان ته ڪوڙ نه ڳالهاءِ.... پاڻ سان ته....“
پر هو خاموشيءَ جي ڪناري تي بيٺو رهيو.
”چڱو هاڻي مان هلان ٿي.“
رڌم جو جملو نديءَ مان لهر جيان اڀريو ۽ هن جي اکين جا ڪنارا آلا ڪندو ويو.
”ها..... ٺيڪ آهي.“ هن رسمي طور چيو.
هوءَ رجسٽر ۽ پرس سنڀالي ڪامن روم ڏي وڃڻ لاءِ ڏکڻ طرح پنج ڇهه قدم کڻي چڪي ته هن جي وات مان ڪجهه لفظ ائين ڇڻي ڪري پيا جيئن خزان ۾ هوا جي جھوٽي تي ٽاريءَ تان اوچتو پنج ست پن ڇڻي پوندا آهن.
”رڌم هڪ ڳالهه ٻڌايو!“
”جي چئو!“ رڌم پنهنجا قدم روڪي اداس اکين سان ڏانهس ڏسندي ائين ڳالهايو ڄڻ هوءَ ڪنهن شخص سان نه پر برسات سان مخاطب هجي!
”رڌم! ڇا دل جو ڌڙڪو ڪوڙو هوندو آهي؟“
”نه..... قطعي به نه....“
رڌم يڪدم هڪ شاندار ۽ باوقار مرڪ سان وراڻيو ۽ اڳتي وڌي ويئي.
هو پئراڊائيز پوائنٽ وٽان اتر طرف هلڻ لڳو.... هلندي کيس محسوس ٿيو ته رڌم ۽ هو ٻن مختلف ڏسائن ڏي نه پر هڪ ئي ڏسا ڏي ساڳين رستن تي هلي رهيا آهن، جيڪي رستا دراصل خوابن جا رستا آهن.
”نه.... قطعي به نه!!“ هن مرڪي چپن ۾ رڌم جو جملو ورجايو.