شاعري

برساتن لئه ڪهڙا بارڊر

هي ڪتاب ”برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر“ خوبصورت شاعر پياري شيواڻي جي شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي، ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري شامل آهي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي ڏات ڌڻين جون لکڻيون پڻ شامل آهن،
ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. پر پيارو مٺيءَ کي ڇڏي سرحد پار هند هليو ويو، پر بارڊر به سندس محبت ۾ ڪمي آڻي نه سگهيا.
Title Cover of book برساتن لئه ڪهڙا بارڊر

سنڌ توکي ڪيئن لڳي!

سنڌ توکي ڪيئن لڳي!

پياري شواڻي جي شاعري ، ٻن ديسن وچ ۾ موجود سرحدي خاردار تارن تي، ڪنهن جهنگلي ول وانگر چڙهي آئي آهي. هن ول ۾ سُهڻا گُل ڦٽي پيا آهن. ۽ انهن گلن تي پوپٽ ۽ ڀؤنرا خوابن ۽ خواهشن وانگر ڀيرا ڏئي رهيا آهن. وقت جي ويرَ واريءَ وانگر مٺ مان هوريان هوريان کسڪي رهي آهي. اها خاردار تارن واري ڀت ڏينهون ڏينهن اونچي ٿي رهي آهي. خوابن ۽ خواهشن جا پوپٽ ۽ ڀئونرا ان خاردار ڀت سان مٿو هڻي، موٽي ٿا وڃن. پر پياري جي شاعري پنهنجي معصوميت ۽ سجلتا سان، ٻارڙن جي هٿڙن جهڙن نرم ملائم لفظن سان، انهن خاردار تارن کي ڍڪڻ ۾ مصروف آهي. ڇوته هيءَ شاعري ان اونچي ديوار کي ڊاهي نٿي سگهي، فقط ڍڪڻ جي ڪوشش ئي ڪري سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي رت گاڏئين تاريخ، انهن لوهي ديوارن جي پٺيان لڪل وحشي ۽ ڀيانڪ نيتن ۽ ارادن بابت جيڪا آگاهي ڏئي ٿي، ان مطابق پياري جي معصوم شاعريءَ جي اها ول انهن خاردار تارن مٿان هوريان هوريان سڪي، ٺوٺ ٿي، ڇڻي وڃڻي آهي- بي معنيٰ ڪک پن وانگر پَٽجي، اُڇلجي ويندي. انتها پسندي دهشتگردي ۽ مذهبي جنونيت انهن تارن کي تهائين طاقتور بڻائيندي رهندي. پر شاعرن کي به ته پنهنجو ڪم جاري رکڻو آهي. پنهنجي هجڻ جو جواز قائم رکڻو آهي. اوندهه وڌندي رهندي، ته ڇا ٽانڊاڻا ٽِم ٽِم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا؟

پياري جڏهن پنهنجي پهرئين ڪتاب “دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان” جو ڄاڻايل نالو رکيو هو، تڏهن مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو، ته مٺيءَ کان مالڻهور وڃڻ ۾ هن کي ڪهڙي رُڪاوٽ آهي؟ ۽ کيس ڪنهن روڪيو آهي؟ تيستائين شايد هُن پاڻ به نه سوچيو هجي ته هڪ ڏينهن مالڻهور جي هن شهزادي کي، اُن نگر جون بي نام ڳليون پنهنجي ڇِڪ سان ڇڪي وٺنديون، جتان جي رهواسڻ پنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ- حسن درس لکيو هو:
جوڌپور تنهنجو وطن،
سنڌ توکي ڪيئن لڳي!

گذريل ڪجهه عرصي دوران، خاردار تار جي هڪ هڪ تار پياري کي روح تائين چُڀندي رهي آهي، جڏهن هُو پهرين اسان سڀني جي محبوب صادق فقير جي وڇوڙي ۽ بعد ۾ پنهنجي والد سائين پريم جي موڪلائڻ واري مهل به مٺي پهچي نه سگهيو. تڏهن مون کي سمجهه ۾ آيو ته هن پنهنجي پهرئين ڪتاب جو اهڙو حسرت آميز نالو ڇو رکيو هو. شايد هن کي پنهنجي ڇهين حواس ايندڙ وقتن ۾ هن جي اندر سان پيش ايندڙ وارتائن جو ادراڪ عطا ڪري ڇڏيو هو. هاڻ جڏهن سنڌ ۽ راجستان تي هڪ ئي وقت بارشون وٺيون آهن، ٻنهي پاسي جا مور ٽهوڪيا آهن، ٻنهي پاسي سائي گاهه جا سلا واريءَ جي دل چيري ٻاهر نڪري آيا آهن، تڏهن ٻيهر هن کي مالڻهور ۽ مٺي اُڊڪي وانگر اُڀري آيا آهن، ۽ وطن جي پڊن ۽ پوٺن، ڏهرن ۽ ڏيئن تائين، سندس بي پهچي، کيس برساتن جي سرحدن کان ماورا هجڻ واري خوش بختيءَ سان رشڪ کائڻ تي مجبور ڪيو آهي.

ڀڳل چوڙيون ، سريل بستر ، ٻُڌائن تــه گهڻو ڪجهه ٿا،
سڄو سمجهون پيا پر هُو ، لڪائن تــ گهڻو ڪجهه ٿا.

***
چوٽ توکي لڳَي، درد مونکي ٿِيئي ،
جيئن مان ٿو جيئان، ايئن ڀي ڪو جيئي !.

***
ننگرپارڪر جي گول پٿرن وارن پهاڙن مان ور وڪڙ کائي نڪرندڙ نانگڻ نيُون، گوڙي مندر جي ڇت هيٺان نقش ٿيل تصويري ڪٿائون، روهيڙي جا رتاوان ڦول ۽ گڊي ڀٽ تان مٺيءَ تي پوندڙ جهرمر نگاهه جي ياد ڪنهن ٻار وانگر هن جي دل ۾ حسرتن جون ڀنڀوريون اُڏارڻ لڳي آهي، هن جي هن نئين ڪتاب ۾ اڪثريتي شاعري هن جي نون ۽ داخلي دردن جو مظهر ٿي محسوس ٿئي، جن جو وڏو ڪارڻ وطن کان دوريءَ جي نتيجي ۾ اندر کي کاٽ هڻندڙ ڳوڙهي پيڙا آهي.

۽ ڪهاڻي رڳو ايتري به ته ناهي- مٺي، مور جي پَر جهڙو هڪ شهر، مورَ جي رڙ جهڙو شهر به ته بڻجي ويو. مٺي جنهن جي گهٽي گهٽي پياري جي چرچن، خليل جي کجڪن، صادق جي ٽهڪن، فقير مقيم ڪنڀار جي شفيق نهارُن ۽ پريم شواڻيءَ جي بيتن ۾ موجود ٿر جي لازوال محبت سان سينگاريل هُئي، تنهن جي سموري سُونهن ڇانگجندي رهي-وڍجندي رهي، گُگر جي وڻن وانگر- ٿر جو هيءُ نِکٽ جهڙو شهر، هڪ هڪ ٿي گم ٿيل ستاري جي غم ۾، اوندهه اوڙهيندو رهيو. هڪ سرائڪي شاعر جو شعر آهي:

تيڪون آکِيا هَم، مُٺ رَيت دي هان،
مُٺ کول ڇوڙيئي، مَيڪون رول ڇوڙيئي!

مٺي ايئن پنهنجي مُٺ مان واريءَ وانگر پنهنجي دلڪشيءَ جو ڪارڻ هستين کي وڃائيندو رهيو، ۽ ان جي سونهن ۽ سوڀيا، ڪشش ۽ ڇڪ، رنگيني ۽ رواني رلندي ۽ ڇڻندي رهي. هاڻ هيءُ هڪ شهر ته آهي، پر اهڙو، جنهن تي رات لهي آئي آهي، ۽ بجلي هلي وئي آهي. هڪ نئن آهي، جنهن ۾ پاڻي گهٽ، لَيون ۽ لاڻا وڌيڪ آهن. ادب، آرٽ، موسيقي، شاعري، ٻاٻيهي جون صدائون- سڀ ڪجهه ڌنڌلائجڻ لڳو آهي. ادب کان وٺي صحافت تائين، سطحيت، سياست ۽ فيس بڪ جو ٽه-مُنهون اٺ هر چڱي روايت کي چَري رهيو آهي.

پياري جي ته ڪهاڻي ئي الڳ آهي. وٽس هڪ وڻندڙ ڪائنات هئي. دوستن جي دلفريب ٽولي، سڃاڻپ جا سهڻا حوالا ۽ وقت جي ڪميت جي واڳ هٿن ۾ هيس. پر الائي ڇو، هن کي 1947 کي ورجائڻ جو آٽو سُجهي آيو. هن جلاوطن ٿيل اديبن جون آتم ڪٿائون به پڙهيون هيون، ۽ ان ۾ موجود هنن جي لڇ پڇ ۽ بي چينيءَ کي به ڀوڳيو هو. کيس مڪمل ادراڪ هو ته وطن کان وڇڙي ماڻهو نالو ۽ ناڻو ته ڪمائي سگهي ٿو، سک پائي نٿو سگهي. منهنجي پهرئين ڪتاب “صدا بي چين آهي” جو هڪ شعر آهي:

پئسا ماڻي، پيار وڃائي، موٽي آيا آهيون،
ڏس ته اسان پرديس ڪمائي، موٽي آيا آهيون!

پياري جي نئين شاعري، جنهن لاءِ هن “برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر” جهڙي اثرائتي استعاري جو انتخاب ڪيو آهي، هن جي چپن جي مرڪ هن جي شاعريءَ جي اکين جون پنبڻيون پُسائيندي نظر پئي اچي. روئبو رڳو اکين سان ته ناهي. سڏڪو رڳو نڙيءَ مان ته نه نڪرندو آهي. تڙپ رڳو جسم جي لڇ پڇ ته نه ٻڌائيندي آهي. ان کي جاچڻ ۽ پرکڻ جا ٻيا به کوڙ نشان ۽ علامتون آهن. مون کي هيءَ شاعري لڏپلاڻ جي درد ڪهاڻيءَ جو ڀڄائيندڙ سفرنامو ٿي محسوس ٿئي. اها لڏپلاڻ جيڪا هن پيرن سان ته ڪئي، دل سان ڪري نه سگهيو. خيال سان ته ڪئي، احساس سان ڪري نه سگهيو. هاڻ اها لڏپلاڻ هن کي ماءُ جي ڀاڪر وانگر چنبڙي پئي آهي. ٻير جي ڊنگهري وانگر وچڙي وئي آهي. هاڻ هو ڇڏائي ڇڏائي ٿڪجي پيو آهي، پر ڪپڙا ٿو ڇڏائي ته بدن نٿو ڇڏائي سگهي، بدن ٿو ڇڏائي ته دل نٿو ڇڏائي سگهي. اها ئي هن جي ڳجهي ڪهاڻي آهي، جيڪا مون هن جي سٽن جي اندروني آهنگ ۾ لڪل مام مان پروڙي ۽ پرکي آهي.

جتي ڀي مران ۽، جڏهن ڀي مران پر،
وري جي ڄمان ته ، سنڌ ۾ جنم ٿئي.
***
الئه ديس ڌارا ، وڃي ڇو تون ويٺين؟
روئان ٿو مان تولا، گڍيءَ جي ته گڍ تي.

جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ ڪلام ٿورو آهي، ۽ ڪنهن به شعري مجموعي جو ايترومختصر هجڻ مناسب روايت نه آهي، تڏهن به هن ڪتاب ۾ ڪي اهڙا شعر به آهن، جيڪي پياري جي شاعرانه ميچوئرٽي جي گواهي ڏين ٿا. هن کي اهڙن شعرن طرف ئي توجهه ڏيڻ کپي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ هاڻ کيس پنهنجي شاعرانه ڪچاين جو ادراڪ حاصل ڪري، انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ به سنجيدگيءَ سان سوچڻ کپي.

هن جي هٿ ۾ روز هجڻ لاءِ
ڌاڳو ڌاڳو ٿو واجهائي

هنداڻي کي ، هُرمچ وانگي،
عشق انوکو ، ٿو چِترائي
..
ڀتوارڻ لاءِ نيڻ صبوح کان
هاري ڊاڳي ۾ ڊوڙائي!
.
هوءَ هجي شل، روهيڙي جان ،
ڏُڪارن ۾ ، نـــه مُرجهائي ،


راسوڙي جي، رقص سان ڪولهي،
ڪارونجهر جو ڪر گونجائي.

***
دلبر ڌارا ، ديوالي،
ڪپڙا ڪارا ، ديوالي!

***
نديءَ تي نينگريون وهنجي ، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا ،
ندي پئي هيکلي روئي ، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا ،
***
زمينون ، زمانا ، ڪٿي راس ايندا ؟ .
اسين هئون ديوانا ، ڪٿي راس ايندا ؟.
***
روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾
بيٺي آ هُو ، ڄڻ ٻنيءَ ۾
***
برساتن لئه ڪهڙا بارڊر ،
وسڪاري لئي ڪهڙي ويزا !
***
مُڙي موڻابائو تان ، ڏٺم ديس دڙا ،
منهنجي لاءِ مڙها، ماڙين کان مٿي هُئا .
***
مُڙي موڻابائو تان ، کنيم ٿڌو ساه ،
وطن تي ويساه ، ماڻهوئان مٿي لڳو.

بهرحال پياري جي شاعري فني طور اڃان ڪمزورين جو شڪار آهي، ۽ کيس پُختو شاعر ٿيڻو آهي ته انهن ڪمزورين مان پاڻ آجو ڪرائڻو پوندس.

منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ شاعري ڪنهن به هڪ ٻوليءَ ۾ هجڻ کپندي هئي. ٽن ٻولين جي شاعري ٽنهي ٻولين جي شاعريءَ جو مڪمل لطف ماڻڻ جي ڏس ۾، مون لاءِ ته رنڊڪ جو سبب بڻجي رهي آهي.

اسحاق سميجو
ڄام شورو