خوابن جو تعزيتي نوٽبُڪ
پيارا !، مون لاءِ اڄ به تُنھجي شاعريءَ تي ڳالھائڻ يا لکڻ ايترو ئي مُشڪل ڪم آهي، جيترو ڪالھ تائين تُنھنجي گھڻ رُخي شخصِيت ۽ اُنھيءَ جي سحرانگيزي جو اُپٽار ڪرڻ ڏُکِيو هو. تُنھجي اِهائي اِهم خُوبي رهي آهي ته تو زندگيءَ جي هر اهم خُوبيءَ کي اهڙي ته سُندرتا ۽ سليقي سان سميٽي رکيو آھي جو مُون سُميت ڪيترن ئي دوست کي توتي رِشڪ ٿيندو آھي .
مُون جڏھن اسڪولي دور ۾ توکي ٿُلھي ليکي هر ادبي ڪاج ۾ اسٽيج تي ذميواريون نڀائيندي ڏٺو ته سچ پُڇين ته مون هر انھي ويلي ڪمپيئر ٿيڻ چاھيو. تُنھجي مسڪراھٽن ڀري نفيس گفتگو هر اهلِ دل کي موهيو ٿي. وري جو تُون شاعري ۾ ڪاھي نڪتين ته تو پاڻ کي هڪ روايتي ڀِيڙ کان پاڻ کي پرڀرو رکيو. اسان کي ته تُنھجو هِيءَ انداز ۽ اسلوب ئي ڪوتا جي ڪاڄ ۾ گھلي آيو.
اڙي هان يار، تو ته ڪھاڻي جي ميدان ۾ به پنھجي قلم کي جنبش بخشي. ياد اٿئي نه اُها ڪھاڻي ”توکان ٿيندي ڌار“، ( هزار داستان 1999 ) اُن ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترو نه روليو هئيي ويچاري فوزي کي. منھجي سانڀَر موجب اُهو اڄ کان پُورا سارا سَترنَھن سال اَڳ جو قِصو آھي. پر شايد تُنھجا خط سنڀالي روئندڙ فوزِي جي پاراتن توکي ڪھاڻين جا پلاٽ ته ڇا اُگھاڙين پيرين گھر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ تو شاعريءَ جي آغوش ۾ اچي پاڻ کي سھيڙيو ۽ سنڀاليو.
اهو تُنھجي لفظن جي اُڻت ۽ پيشگي جو ڪمال چئجي جو شاعري کي ٺيٺ ڳوٺاڻو ماحول ڏنو آهي، جنھن جو اولڙو تُنھجي هڪ مقبول نطم ”دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان“ ۾ نظر اچي ٿو. جنھن ۾ سُمورو ڳوٺ هرمچ جي ڀرت سان ڀريل آھي. اُن ۾ شھري گھُٽ ٻوسٽ کان ڀڄي تو ڳوٺ وڃي چونئري مٿان چنڊ ڏسڻ کي فوقيت ڏني آھي.
هر پل ٿو هت ساھ مُنجهي،
هن شهر جا، سارا رنگ ڇڏي،
ڪنهن چؤنري مٿان چنڊ ڏسان
دل چوي ٿي، ڳوٺوڃان.
دل چوي ٿي، ڳوٺوڃان.
يار، هاڻ تون ئي ٻُڌاءِ ته آئون توکي اهو ڪيئن لکي اُماڻيان ته اُنھي چونئري مٿان اُڀرندڙ چنڊ کي الائي ڪيترا ڀيرا گِرھڻ لڳو آھي، ۽ انھيءَ درد جي وسعت کي هڪ شاعر ئي بيان ڪري سگھي ٿو. جنھن جي شاعري جي محور سُونھن، سرتي ۽ سِڪ هوندا آهن.
مون ويس تُنھجي کي ڀيٽڻ لاءِ
هن ديس سڄي کي جاچيو آ
پر هِڪڙي پاسي آھين تُون
۽ هِڪڙي پاسي راڄ سڄو،
پر تُنھجو پاسو ڀاري آ
۽ تُنھنجي سُونھن ڏياري آ.
چيو هئم نه پيارا، تُنھجي شاعري جي حسن آھي اهوئي ته انھي ۾ لفطن جي ڀرتي ناھي. عام فھم لفظن ۾ هڪ پنھجن احساسن جي ترجماني ڪرين ٿو. تون به ته مزاق ۾ چيو هو ته مائٽ ڀرتي اھا شئي آهي جيڪا شاعري ۽ ماڻهو ٻنھي کي تڪليف ڏيندي آھي. تُنھجي شاعري جي سگھ اها پنھجو هڪ الڳ ٿلڳ مرتبو ٺاھيو آھي. تُنھجي شاعري ۾ تنھنجو مقامي مشاھدو به حسين آھي.
ڀتوارڻ لاءِ نيڻ صبوح کان
هاري ڊاڳي ۾ ڊوڙائي .
تو جھڙيءَ ريت شيخ اياز جي شاعري کي ڍاٽڪي (ٿر جي مقامي ٻولي) جو ويس اوڍايو، اهو سُمورو انھي محبت جو مثال آھي جنھن خمير جا پاڻ سڀئي جُز آھيون. تو ان خطي جي مقامي ٻولي سان به بخوبي نڀايو آھي، جنھن ٻولي ۾ تو لوليون ٻُڌيون هيون.
او آکا پايا ڪيڻ گيا ؟،
او ڀُونگا ٺاهيا ڪيڻ گيا ؟،
او ڏاگي لاريا کيتر ۾ ؟،
هڙ تي واهيا ، ڪيڻ گيا ؟
وقت نان کائي وقت گيو !
ڪيڻ اسان جو بخت گيو ؟
رومانس ۽ ڳوٺ سان گڏوگڏ دوستي تنھجي شاعري جو مکيه موضوع رھيو آھي، اُھو دوستي جي ڀرم تو فاصلن تي هوندي به ڪسُو ٿيڻ نه ڏنو توڻي جو خنجر خنجر سامھُون هٿ واري واردات جا به ته پاڻ اکيئن ڏٺا ساکي آھيون . ڏس سائين صادق فقير جي وڇوڙي تي سُموري سنڌ جيان تون به ٻه اڌ ٿي پيو آھين. صادق فقير تُنھجي دوستي جي ميِڙيل ڪُل پونجي هو. هُن لاءِ تو ڪيترو رُنو ان جي ڪٿ ڪٿي! درد جو ڪو ڇيڙو ڪونھي.
ڀِتِين جا ها ، ڪن ٻُڌا سين ،
ها پر توکان پوءِ فقيرا،
ڀتين جا مون نيڻ ڏٺا هِن،
جن جي ڀرسان لنگهندو هُئين تون،
تن مان اڄ ڀي نير وهي ٿو،
روئي سُڏڪي ، سنڌ چوي ٿي ،
صادق ، تولاءِ هند ، چوي ٿي .
تو پاران مٺي ڇڏڻ توڻي جو اسان لاءِ اڄ به انجسٽيفائيڊ آهي، پر تون ته ساھ سريکن کان به ويجھو آھين. اڄ به اسٽيجن جا شوقين جڏھن پنھجي ڪارجن ۽ ظرفن ۾ کُٽيو پون ته پنھجو اندر جو لِڪل زھر توتي اوڳاڇيو توکي ياد ڪن. اھو به توڻي جو اسان کي ڀانءُ نٿو پوي پر تُون کين ايترو ئي پيار ڏين جيترو پنھنجي يار خليل کي چاھين ٿو.
مُڙي موڻابائو تان ، ڏڪي پيو ڏيل
مونکان ڪنهن خليل ، جوڀن ۾ جدا ڪيو.
پاڻ سڀني ٿرين جو هڪڙو ئي مامو آھي، ان جي محبت کي به تو شاعريءَ ۾ ڳايو آھي. مامي وشن ٿري تي لکندي به يار تو ڪنھن لٻاڙ يا نعري بازي کان ڪم ناھي ورتو. هن جي جذبي کي تو جيئن ڏٺو آھي تيئن پيش ڪيو آھي نه ته توکي به خبر آھي ته جن ڪاسٻو ڪڏھن ڏٺو ئي ڪونه، سي به طويل نظم ڪاسٻي جي ڪامڻين تي لکيو ڇڏين ٿا.
تو ۾ رتُ رهيو ئي ناهي !
پوءِ ڀي رتُ ڪرين تو ڀيڙو ؟ ،
ماما ! ڇا ته مسيحا آهين ،
ڪيڏو ستُ ڪرين ٿو ڀيڙو.
خير پيارا، توکي ۽ تنھجي شاعري کي ڪنھن جُڳاڙي جي سرٽيفڪيٽ جي ڪا ضرورت ناھي. تُون جيڪو اڄ به سرحدن جي وچ ۾ اٽڪيل ڌرتي جو وجود آھين. سچ پڇين ته مون کي تنھجي شاعريءَ ۾ اُھي خواب لھندا ۽ مرندا محسوس ٿا ٿين، جيڪي خواب ڪڏھن خودڪشي ڪن ٿا ته ڪڏھن تون پاڻ کين گھوگھو ڏيو ڇڏين ٿو. مون کي ايئن ٿو لڳي ته اها صرف شاعري ناھي، اهو مري ويل خوابن جو تعزيتي نوٽبڪ آھي. جنھن ۾ سُڏڪا به آھن ته اُڍڪا به !!
ڏينهن سمورو ڏيه کان ٻاهر
ويزا تي مان ويهندو آهيان ،
تارا ٿيندي، تار ٽپان ٿو ،
ويزا کي مان ڪين ڏسان ٿو
۽ پوءِ موذن جاڳي تيسين
سپني ۾ مان ڳوٺ گهمان ٿو
هڪڙي ڪن مان ٻانگ ٻُڌان مان،
هڪڙي ڪن مان رام ٻڌان مان ،
آءُ ٻنهي جي جهڳڙي وچ ۾
اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان .
هڪڙي پاسي من رهي ٿو ،
هڪڙي پاسي تن رهي ٿو.
امداد حُسيني الائي ڪڏھن ۽ ڪٿي چيو آهي ته ”شاعر اهم آھي يا شاعري؟ يا وري ٻئي اِهم!. اِھڙو تعين به هڪ صحتمند تنقيد ئي ڪري سگھي ٿي، جيڪا في الحال اسان وٽ ناھي ۽ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا شيءِ آهي اُن ۾ ميرٽ ۽ معيار بدران ياري باشِي آهي “. پيارا، تُنھنجي شاعر هُجڻ ۽ تُنھنجي شاعريءَ جو قد ڪاٺ ڪَڇڻ وارا ڀلين فوٽ اِسڪيل کڻي پيا بحر ۽ وزن جا اُتر ڏکڻ ماپين، پر هڪ پڙهندڙ جو پيار ۽ مُحبت تُنھجي اُنھي سُموري پورهئي جي مزوري آهي. جيڪو پورھيو ڪڏھن به رائيگان ناھي ويو ۽ ھر ذوق ۽ ظرف رکندڙ دل محبتون موٽائڻ ۾ کوٽائي ناهي ڪئي.
تو لاءِ اڄ به اُهوئي پيار
تُنھجو پنھنجو
مُڪيش راجا سُوٽھڙ
صادق فقير ڊگري ڪاليج
مِٺي ٿرپارڪر
8 آگسٽ 2016