پيارو شواڻي دردن جو ڪيسو ٻاءِ
سنگت ، پياري شواڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ڇپائي رھي آھي ۽ مون لاءِ سندس شاعري ۽ شخصيت تي لکڻ يقينن ڪنھن امتحان جي گھڙيءَ کان گھٽ ڪونھي. پيارو جيڪو منھنجو سوٽ به آھي ته بچپن جو ساٿي به. ٻاروتڻ ۾ اسان چڊا پائي اٽي ڏڪر به گڏ کيڏي آھي ته انڌلو ڀوپو به، سِروٽي جي اڌڙ ۾ رسو ٻڌي ٻاراڻي زندگيءَ جون گاڏيون به گڏ گھيليون آھن ته خالي ماچيس جي کوکن مان ويڇن کي ويجھا آڻيندڙ ٽيليفون به ٺاھيا آھن، ٿر ۾ آسودگي جي مينھن کي پڪاريندي آکي پايي لاءِ گھر گھر داڻا به پنيا آھن ته ٿر جي واريءَ دڙن تي اميدن جا ڀونگلا به گڏ ٺاھيا آھن. ايئن ئي ننڍپڻ ۾ شرارت ڪندي ٻيڙيون چورائي گڏ پيتيون آھن ته کٽ جي پاگي سان اڻھوند ۾ بصر ڪڻا ڀڃي اُن سان رُکيون مانيون به گڏ کاڌيون آھن. اسان نه رڳو پنھنجو سنھري بچپن گڏ گھاريو آھي پر حسين جوانيءَ جا ھڙئي لمحا پڻ جنت مثل ٿر جي واھڻن ۽ وستين ۾ ايڌي، مسڪين جھان خان کوسو، ڊاڪٽر ڊريگو، ڊاڪٽر ھرچند ۽ مامي وشن جھڙن ڪردارن جي نقشقدمي ۾ ائين ئي گڏ گھاريا آھن جئين پياري جي شاعري جي ھن مجموعي ۾ سارو نقش چٽيل آھن. اڄ جڏھن پياري شواڻي تي لکڻ خاطر اسان جي تعلق جي تاريخ کي تحقيقي اک سان پروڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھئس ته شدت سان محسوس ڪيم ته ڄڻ منھنجي خوبصورت يادن جي اثاثي ۾ ھن سان گھاريل ڏک ۽ سک جي ھر هڪ گھڙي ھڪ روحاني اڻٽُٽ تعلق جي ڪڙي ڪڙي مثل بڻجي اسان جي رشتي کي ھڪ مظبوط سنگھر ۾ سوگھو ڪري چُڪي آھي. جئين ڀٽائي چيو آھي ته؛
ڪڙو منجھه ڪڙي جئين لوھارن لپيٽيو،
منھنجو جيءُ جَڙي ، سُپرين سوگھو ڪيو.
ھا انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته پيارو جنھن جو به ٻيلي آھي اُ ن ھر ڪنھن لاءِ ھو سندس ئي شعر جئين ھڏڏوکي رھندو آھي؛
چوٽ توکي لڳَي ، درد مونکي ٿِيئي ،
جيئن مان ٿو جيئان ، ايئن ڀي ڪو جيئي !.
شايد اھو ئي سبب آھي جو منھنجي زندگيءَ جي ھر اھم فيصلي ۾ مون پياري جو ۽ پياري منھنجو اثر قبوليو آھي، ايستائين جو ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ جو موت مثل ڪڙو فيصلو به اسانجو مشترڪه فيصلو رھيو. ان حوالي سان جيتوڻيڪ سنگت وٽ ڪئي سوال آھن اسان لاءِ پر اسان وٽ اڃا پڻ ڪوبه جواب ڪونھي ڀٽائي جي انھن بيتن کانسواءِ ته؛
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
اُڀا ائين چون، متان پانڌ پُسائين۔
جي سنگت کي اھو به نه وڻي ته کڻي ائين چئجي؛
ڪنهن جو ڪونهي ڏوھه،امر مون سين ايئن ڪيو
بھرحال ڪنھن اردو ۾ سچ چيو آھي ته ’داني داني پي لکا ھي کاني والي ڪا نام‘. ڌرتيءَ جي دُوري ھڪ گھري درد جو نانءُ آھي. پيارو جيڪو ظاھري طور سڀني کي لطيفن ۽ مزاح سان کلائيندو وتي تنھن کي آئون سڃاڻان ته ڪئين ھو اندر کان تمام حساس ھئڻ ڪري پنھنجي عام زندگيءَ ۾ به ڪجھه ججھيرڙن دردن جي پيڙاه کڻي جيئندو رھيو آھي ۽ تنھن لاءَ ڌرتيءَ جي دوري يقينن ڪنھن زخم جي ناسور بڻجڻ کان گھٽ ڪونھي ۽ انھيءَ ناسور کي گنڀير روگ بڻجندي مون تڏھن ڏٺو جڏھن اسان جي دوست ۽ پياري شواڻي جي ساه سريکي ٻيلي صادق فقير جي ديھانت واري خبر پياري کي پئي. ھن کي پھريون ڀيرو مون ميڻ بتي وانگر ٻرندي ۽ گرندي ڏٺو. ھو دانھون ڪرڻ ۾ ھو ۽ مونکي چوڻ ۾ ھو يار مونکي سنڀالجان. اڃا ھو صادق جي صدمي مان نڪتو ئي ڪونه ته سندس والد صاحب اسان جو محترم سائين پريم شواڻي به پرلوڪ پڌاريو کيس ڪلھو به نصيب ڪونه ٿيو. ڄڻ اسان سسئي ھجون ۽ ھي ڏک صرف اسانجو ئي نصيب ھجن. ھن پنھنجي ئي شاعري ۾ صحيح لکيو آھي ته ھو دردن جي گھري ۽ ڊگھي پيڙاه کي سياري ۾ ڪوري دلي جيان ڪئين پيئي ٿو؛
گهڙي ڪوري جيان آئون،
سنجهي کان صبوح تائين
سياري کي پيئان آئون.
جيئان تــ ڪيئن جيان آئون ،
اسان تي هي صدين جيڏيون
ماڪوڙي جيان مٽيون راتيون
ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟
ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون !
پر بھرحال پياري سان تمام ويجھو ھئڻ ڪري گھٽ ۾ گھٽ آئون ھن کي سڃاڻي سگھان ٿو ته ھو اندر کان بلڪل چُورا چُورا ٿيڻ جي باجود ڪيئن نه رڳو پاڻ پنھنجا درد خلق کان لڪائي جيئڻ ڄاڻي ٿو پر پنھنجي چھري تي مصنوئي کِل جو ئي صحيح پر ماسڪ لڳائي سنگت ساٿ کي مشڪل ۾ به زنده دلي سان کِلي گذارڻ جو ڏڍ ڏيندو رھي ٿو.
پر ٻئي پاسي جڏھن مون جھڙا ڪمزور دل ماڻھو کيس ڌرتي وڇوڙي جي درد جي دانھن ڏين ٿا ته ھو حقيقت پسند ٿيندي پنھنجي فطري جذبن تي وڏي بردباري سان قابو پائي مشڪل حالتن جو زنده دليءَ سان سامهون ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪري ٿو ۽ پنھجي ماتر ڀومي واري ٿر جي عڪس کي راجسٿاني ٿر ۾ ڏسڻ جي منظرڪشي ڪندي اھو ويساه ٿو ڏي ته ماترڀومي ڪڏھن به ۽ ڪٿي به ڪنھن کان دور ناھي ھوندي. آئون سچ ٿو چوان پياري جي ھيٺين ڪويتا ۾ مون منھنجي جنم ڀومي کي راجسٿان ۾ جرڪندي ڏٺو آھي جنھن سان پناهگير ھئڻ جي باجود منھنجو زندگيءَ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ويساه وڌي ويو نه ته پناهگيري اھلِ دل ماڻھن کي پٿر بڻائي ڇڏيندي آھي.
دل چوي ٿي هاڻ پيارا،
ڳوٺ سڄي کي هڙ ۾ ويڙهي
رکجي راجستان سڄي ۾ ،
جنهن ۾ جوڌاڻو ٿو جرڪي ،
جنهن ۾ پاراڻو ٿو پَسجي ،
جنهن ۾ ڏُونگر ڌورا آهن
تنهن ۾ مُحب گُهرائي پنهنجو،
چونئرو اَڏجي ، لانڍِي اَڏجي،
جن جي چوٽين چنڊ اُهو ئي ،
پنهنجو پيارو روپ ڏيکاري،
تڏهن پنهنجو ڳوٺ سنڀاري
مُحب مٺَي کي مالهاڻي جيان
ڇاتيءَ لائي مور ڏيکاريان،
هِت ئي پنهنجو ڳوٺ سنواريان
جنهن جي هر ڪنهن کيت ڪناري
هرڻ هزارين ڇالُون آهن
تنهن ۾ پنهنجا چونئرا ڇاڄيان،
مالهاڻي کي تنهن ۾ آڻيان،
پيارو شواڻي جي ٻي شاعراڻي جرئت اھا به آھي ته ھو مذھب ۽ سرحدي تار واري تاثر جي بنياد تي سنڌ واري ٿر ۽ راجسٿاني ٿر جي ھٿرادو وڌل ويڇن واري تصوراتي لڪير کي مٽائي پنھنجي شاعري معرفت حقيقي زندگيءَ جي آئيني ۾ ائين پيش ڪري ٿو ڄڻ ھو برصغير جي ورھاڱي کان ڪنھن اڳين نسل جو باشندو ھجي.
جوڌاڻي کان امراڻي ڏي ،
رات سڄي ، هُئي آوت جاوت ،
برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊ ر ؟
وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟ !
ساڳي ٽاڻي گڏُ ڀنا پئي ،
ڍاٽي ، ڪاڇي ، جهيڻي جهُڙ ۾ ،
توکي ساري تنهنجي وينگس
ڀِڄندَي ڀيڙيا ، ڀاڪُر ٿُــڙ ۾
برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر ؟
وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟!
صادق ٻُڌجي ٻنهي پاسي ،
حيدر جي ڀي هاڪ اڃان آ
ٻيجل تُنهنجن ٻولن جي پڻ ،
مٺياڻي ۾ ڌاڪ اڃان آ ،
برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر ،
وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟
کُنڀيون ، چڀڙ هيڪُو جهڙا ،
ٻنين ونين ساڳي رنگت
ڇوهوٽڻ واري ڏ ونگر جهڙي ،
ڪارونجهر جي آهي بيهڪ ،
برساتن لئه ڪهڙا بارڊر ،
وسڪاري لئي ڪهڙي ويزا
جيتوڻيڪ ڌرتيءَ کان دُوري ھر اھلِ دل ماڻھو لاءِ زندگي جو سڀ کان ڪٺن ۽ ڪڙو تجربو ھوندو آھي جئين ورھاڱي وقت ٻنھي پاسي ڪئي نامور شخصيتن زندگي جو اھڙو درد ڀوگيو جنھن ۾ سعادت حسن منٽو ۽ فيض احمد فيض جھڙا ليکڪ ۽ شاعر پاڪستان ۾ رھيا يا اھڙا انيڪ ھندو سنڌي اديب وري ھندستان ۾ اچي رھيا. ايئن ئي يقينن پياري جھڙي حساس شاعر ۽ ادب ذوق ماڻھو لاءِ پڻ ھي درد اُن کان گھٽ ھرگز ڪونه ھوندو جئين ھو پنھجي شاعري ۾ ئي چوي ٿو؛
مُڙي موڻابائو تان ، ڏسي لوهي تار ،
اکين تي انڌار ، اوچتو اچي ويئي.
توڻي جو سرحدي تارن سبب سالن جي ساه سريکن خليل جھڙن جگري دوستن جو وڇوڙو پياري کي پويان ھر پل پڪاريندو به رھي ٿو؛
کن ترسين ھا، تون مان گڏجي،
اھڙو سھڻو ديس اڏيون ھا،
۽ وري ساڳي ريت پيارو به وڇوڙي جي انھي درد کي اندر کان محسوس ڪندي پنھنجي شاعري ۾ چوي ٿو؛
مُڙي موڻابائو تان ، ڏڪي پيو ڏيل
مونکان ڪنهن خليل ، جوڀن ۾ جدا ڪيو
پر باوجود انھي جي پيارو مذھبن ۽ سرحدي تارن ذريعي الڳ ڪيل ڌرتيءِ جي ٻنھي پاسن پنھنجي تصوراتي زندگي ۾ جيئڻ واري احساس کان ھرگز مڙي نٿو ۽ ائين ھو پنھنجي پناهگيري واري احساس کي قابو ۾ رکڻ ۾ ڪامياب رھي ٿو، جئين ھو پنھنجي ھن نظم ۾ لکي ٿو؛
هڪڙي پاسي من رهي ٿو
هڪڙي پاسي تن رهي ٿو
من چوي ٿوهُوءَ صحيح آه
تن چوي ٿو هُوءَ صحيح آه
آءُ ٻنهيءَ جي جهڳڙي وچ ۾
اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان ،
ڏينهن سمورو ڏيه کان ٻاهر
ويزا تي مان ويهندو آهيان ،
تارا ٿيندي، تار ٽپان ٿو ،
ويزا کي مان ڪين ڏسان ٿو
۽ پوءِ موذن جاڳي تيسين
سپني ۾ مان ڳوٺ گهمان ٿو
هڪڙي ڪن مان ٻانگ ٻُڌان مان،
هڪڙي ڪن مان رام ٻڌان مان ،
آءُ ٻنهي جي جهڳڙي وچ ۾
اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان
ھر پل سُلجھي اُلجھندڙ ۽ اُلجھي سُلجھندڙ پيارو ڌرتيءَ کان ۽ پنھنجن ساه سرکين کان ٿيل وڇوڙي کي پنھنجو مقدر سمجھيو ۽ اُن وڇوڙي جي دردن جي پيڙاه ۾ سرُور ڳولھي جيئڻ ڄاڻي ٿو. انھي خاطر ھو ولايت ۾ ويھي جتي ٿر جي يادن کي پنھنجي شاعري ۾ ساريندو رھي ٿو اتي ھو ٿر جي حالتن تي پريشان پڻ رھي ٿو؛
الئه ڪيستائين ، ٿر ، ٿر رهندو ؟ !
ڪُڏي ٿي ڪرولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي .
يا وري ھڪ ٻئي شعر ۾ لکي ٿو؛
ڪُسن ٿيون روجهڙيون رڻ ۾ ،
روئي ٿو روز چتراسر ،
کڄن ٿيون جيئن بندوقون ،
روئي ٿو تيئن ڪارونجهر
ايئن ئي ھو ڪڏھن ڪارونجھر جي عڪس کي چوھٽڻ ۾ پسي ٿو ۽ ڪڏھن ٿر جي ڪولھين کي پنھنجي شاعري جا ڪردار ٺاھي کين گڏ رکي ٿو؛
راسوڙي جي، رقص سان ڪولهي ،
ڪارونجهر جو ڪر گونجائي
اڃا وڏي ڳالھه اھا آھي ته ھو جوڌپور جي ھينڊيڪرافٽ واري صنعت ۾ شايد واحد ڪاروباري ھوندو جنھن سنڌ کان آيل پناهگير ڪولھين کي ئي پنھنجي فيڪٽري ۾ واڍن جي تربيت ڏيئي ساٿ رکيو آھي ۽ پنھنجي زندگيءَ جا گھڻا پل انھن سان ئي گھاري ٿو. اھڙيءَ ريت پياري جي پناهگيري واري زندگيءَ جا انيڪ عڪس آھن جنھن ۾ کيس اباڻو ديس ٿر ھر گھڙي جرڪندي نظر ايندو رھي ٿو.
بھرحال انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته جنھن کي لڳي تنھن کي ڪل نه ته پاڙي وارن کي ڪھڙي پچار، ۽ اھا به حقيقت آھي ته ڌرتيءَ جي وڇوڙي جي درد جي پيڙاه صرف ڌرتي کان وڇڙيل ئي ڄاڻي سگھن ٿا. اڄ آئون جتي پنھنجي نصيب ۾ آيل پناهگيريءَ واري زندگي تي بدنصيبي جي احساس ۾ گھيريل رھان ٿو اُتي اھا فخر ۽ خوشي پڻ آھي ته آئون پنھنجي ٻيلي پياري شواڻي جي روپ ۾ اڄ جي دور جي ھن ڪيسوٻاءِ سان پڻ ھر پل گڏ آھيان جنھن کان مون اھو سکيو آھي ته جنم ڀومي کان دور دنيا ۾ ڪٿي به رھجي پر دل ۾ ۽ پنھنجي آسي پاسي ۾ ماتر ڀومي کي تصوراتي طور موجود سمجھي سسئي جھڙا سور سھندي به مارئي جيان ملير سان جُڙيو رھي سگھجي ٿو.
اشوڪ سوٽهڙ ،
جوڌپور ، راجسٿان .
آگسٽ 3 ، 2016