شاعري

برساتن لئه ڪهڙا بارڊر

هي ڪتاب ”برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر“ خوبصورت شاعر پياري شيواڻي جي شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي، ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري شامل آهي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي ڏات ڌڻين جون لکڻيون پڻ شامل آهن،
ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. پر پيارو مٺيءَ کي ڇڏي سرحد پار هند هليو ويو، پر بارڊر به سندس محبت ۾ ڪمي آڻي نه سگهيا.
Title Cover of book برساتن لئه ڪهڙا بارڊر

ڪهڙادنگ دلين جا

ڪهڙادنگ دلين جا

تواريخ جي تاريڪ راهن خدا جي خلق کي جيترو لوڙايو آهي ، ڀوڳايو آهي،تنهنجي ڪٿ ڪوئي ڪري نه سگهيو آهي ڇاڪاڻ جو درد کي ماپي نه سگهبو آهي ، سُور جي پُور کي ڪٿَي نه سگهبو آهي، اها پيڙا لکين انسانن جي گڏيل پُونجي آهي جنهن جون شاهد صديون هونديون آهن يا وري ڌرتيءَ جو سينو ۽ اُڀ جي وسعت انهي صدمي ۽ سُور جي شاهد هوندي آهي. مورخ به جيڪا تاريخ لکن ٿا اها به گهڻو ڪري واقعن ۽ وقوعن جو اهڙو احوال هوندي آهي جيڪو گهڻو ڪري هڪ طبقي جي ترجماني ڪندو آهي. رڪ وهندي راند ۾ کلون ڪندڙ کڙڳن جي تاريخ تي ته قلم گهڻوئي هليو آهي پر دلين جي ڌڙڪڻ جي زيروبم جي ڪٿا ادب ئي ڪري سگهيو آهي.تواريخ جو دامن انهي پالوٽ کان پالهو آهي. ادب ۾ وري شاعري ادب جي پيشانيءَ جو اهڙو موڀي مو ڙ آهي ، جنهن کي پنهنجي سونهن آهي. جنهن کي پنهنجي جامعيت آهي. جنهن ۾ الکي اليک آهي. شاعري شايد انسان جي ٻولپڻي (ناطقيت) سان گڏ ڄائي آهي تنهنڪري انسان جو درد ۽ شاعري هڪٻئي جا مجيجي آهن، شاعريءَ ۾ انساني سفر جا اهڙا جگري احوال آهن جيڪي ٻئي ڪنهن به علم ۾ ناهن. تڏهن ته سائين جلال الدين رومي جهڙو يگانو شاعر، شاعريءَ بابت هيئن چئي ويٺو؛
شاعري جزواست ازپيغمبري، جاهلانش ڪفرداندازخري
انساني رويئي ۽ محسوسات بابت شاعري جيڪو ڪجهه بيان ڪري ٿي اهو ادب جي ٻي ڪنهن صنف ۾ ممڪن ناهي. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ سمورا گهاڙيٽا آزمايا ويا آهن پر اڄ به بيت وائي ، ڪافي جي عوامي مقبوليت کي ٻي ڪا به صنف پهچي نه سگهي آهي. رڳو نظم اهڙو فارم آهي جيڪو سنڌي شاعري ۾ عوامي مقبوليت ۾ ڪافي اڳتي آهي.
شاعري ۽ درد جاڙا ۽ سڳا آهن . درد ملندو آهي ته شاعري جي ڏات نکري نروار ٿي پوندي آهي. درد هونئن به فن کي جلا بخشي ٿو. پيار، محبت ۽ عشق هڪڙي بلا جا نالا آهن رڳو زهر جي شدت جو فرق آهي. خبر کاڌن کي پوي جهڙي سٽ چئي سونهين ڀٽائي، ڳالهه سنئين ڪري ڇڏي آهي. انهي پن لڳڻ کانپوءِ ته شاعريءَ جا بند ڀڄي ٿا پون ڇاڪاڻ ته سڪ جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو. اسان جي پياري شاعر پياري شواڻي به اهڙي اونهي اوهري ۾ ٽُٻي هنئي آهي جو جڏهن به هو ساهي پٽڻ لاءِ سسي مٿي ٿو کڻي ته شاعريءَ جي صورت ۾ دل جي تصوير ڪشيءَ جو تحفو آڇي ٿو. پياري جي انهي ڪلاونت ڪم ۾ جتي پنهنجي حساس طبيعت جو حصو آهي تتي سندس والد صاحب سائين پريم شواڻي جي تربيت به شامل آهي ، ڇاڪاڻ جو سائين پريم ليکڪ ، شاعر۽ صحافي هجڻ جي ناتي سڀني محفلن جو مور هوندو هو پر انهن سڃاڻپن پويان جيڪو سائين پريم لڪل هو اهو پريم عاشق پريم هو جنهن جي عشق جي ريلي پياري کي به عشق ۾ رڱي ڇڏيو ۽ هو به ڀلوڙ شاعر ٿي اُڀريو جنهن سڀ کان پهريان ”دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان“ جهڙو من کي مهٽا ڏيندڙ شعري مجموعو ڏنو. ان کانپوءِ هن شيخ اياز جي شاعري جو ڍاٽڪي ٻوليءِ ۾ پهريون دفعو منظوم ترجمو ڪري، ”ٻاٻيهو ٻولي“ جهڙي ڪتاب جي نرالي سوکڙي ڏني. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ موجود شاعري جنهن به پڙهي هوندي انهيءَ کي اندازو هوندو ته پيارو ڪيترو نه حساس آهي. وري اهڙو واءُ وريو جو ڳوٺ سان دل رکندڙ نرم دل وارو پيارو شواڻي پنهنجي دل جي چوڻ کي ٻوٽي ، پرانهين پار اڏامي ويو. ڇواڏامي ويو؟ اها شايد کيس ئي خبر هجي يا ڪنهن تاڙي ماري نه اُڏايو هجي؟ ڳالهه جي اها ڳنڍ شايد ئي کُلي. لڙڪ لڪائي ، سدائين ٽهڪ ڏيندڙ محفلن جو مور پياروشواڻي ، ليڪو اڪري هن پار هليو ويو . انهي درد ۽ ميار کي هو به محسوس ڪري ٿو ته سندس گهڻگهرا پڻ. لوڪ منهن موڪ آهي ان تي ميار ناهي.
لڏپلاڻ انساني ترقيءَ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ته انسان کي جيڪي وڇوڙا ڏنا آهن تنهن جا وڍ وقت جو امرت ڌارا ملم به ايري نه سگهيو آهي. اهي سدا چڪندڙ ناسور وانگر سموريءَ پرٿويءَ تي هرکنڊ ۾ نظر ايندا. لڏپلاڻ ادب کي به پنهنجي تلخ تخليقن سان مالامال ڪيو آهي جنهن جا ٻه وڏا مثال ڪرشن چندر جو ناولٽ ”غدار“ ۽ سعادت حسن منٽوءَ جو افسانو ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه “ مشهور آهن. درد جي اهڙيءَ پالوٽ پياري شواڻيءَ کي به چُپ رهڻ نه ڏنو ۽ گرنار جو موريو ، ڪهڪاءَ ڀري ڪوڪ ڪري ويٺو جيڪا توهان جي هٿن ۾ ”برساتن لئه ڪهڙا بارڊر“ جي صورت ۾ آهي. نالي مان ئي ظاهر آهي ته شاعر وڇوڙي جي انهي درد کي برساتن ۾ محسوس ڪندي، اظهاري ٿو ته برسات کي ڪوئي بارڊر ناهي. برساتن وانگر دلين جا دنگ به نه ٿيندا آهن. روح جو ريلو اوهيرن جي اوت وانگر ڪنهن ويزا جي ٺپي جو محتاج ناهي. هن مجموعي ۾ سنڌي، ڍاٽڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري آهي جيڪا نه رڳو شاعر جي دل جو آواز آهي پر هر درد منديءَ دل جي واڻي آهي. پياري جي شاعري جي موضوعن ۾ غربت، محبت، دنياوي پابنديون، انياءُ مکيه موضوع آهن جن جي چوڌاري سندس شاعري گهمي ٿي. هتي اسين سندس شاعريءَ جي فٽ پٽيءَ سان ماپ نٿا ڪريون پر سندس خيال جي ڌارا جي ڳڻ ڳوت ڪنداسين ته اهو ڪهڙن گلن جا واس وٺي ڇا ڇا آڇيندو رهيو آهي. هن ڪتاب جي سموري شاعري پڙهڻ يا ٻُڌڻ وٽان آهي پر خاص ڪري اهي نظم جيڪي دلين ورهائجڻ ۽ ٻاراتڻ جي يادن جي خيال جي مالها آهن تن ۾ رس چس سرس ۽ سوايو آهي. محبت سان گڏوگڏ غربت ۽ ٻالجتيءَ جي ڳالهه به سندس شاعري ۾ آهي. ديوالي خوشي جو ڏڻ آهي جيڪو اُپت لهڻ واريءَ مند ۾ اچي ٿوپر غريب ماڻهو ڏڪار ۽ ڏک حاليءَ ۾ ڪهڙي ديوالي ملهائيندا . هو انهن ٽنهي خيالن کي هڪ غزل ۾ هن ريت سمائي ٿو؛
دلبر ڌارا ، ديوالي
ڪپڙا ڪارا ، ديوالي
ٻاروتڻ ٿو ياد اچي ،
ڏ ٻليون تارا ، ديوالي
مسڪينيءَ ۾ ڪيئن ڪندا؟
سانگي سارا ، ديوالي

پياري جي شاعريءُ ۾ سندس محبوب دوست صادق فقيرجي وڇوڙي جو ذڪر به آهي. سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻنهي ٻولين ۾ هن صادق فقيرکي ڀيٽا پيش ڪئي آهي
هيينئون هٿان مان جائي تو
صادق ، ڪُوڻ وجائي تو ؟

پياري جي شاعريءَ ۾ سرريئلزم به آهي. سندس تجربي جي اونهائي کيس انهي وٿ سان نوازي ٿي تڏهن ته هو ههڙو شاهڪار شعر سرجي ٿو
نديءَ تي نينگريون وهنجي ، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا ،
ندي پئي هيکلي روئي ، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا ،
هو ٿر ۾ رهجي ويل سندس ڪُل پُونجيءَ جهڙن پنهنجي دوستن کي به ساري ٿو ته مامي وشني لاءِ به عقيدت جو اظهار ڪري ٿو . سندس ڏات جي اڏام جوڌاڻي کان مالهاڻي تائين اڻ ڳڻين کنوڻين جيان چمڪي ٿي پرسندس مونجهارو کيس ڪٿي به وسڻ نٿو ڏي. پشاورجي اسڪول ۾ معصومن جي مارجڻ تي به سندس خيال تڙپي اٿي ٿو ۽ خوبصورت اردو نظم جي صورت ۾ پنن تي نروار ٿي پوي ٿو. ڪارونجهر جي ڪور ويجهو ڳوٺ چتراسر ۾ ڪي ماريا ماري روجهه مارين ٿا ته به پيارو تڙپي پوي ٿو ۽ نظم لکي ٿو.
ڪُسن ٿيون روجهڙيون رڻ ۾ ،
روئي ٿو روز چتراسر ،
کڄن ٿيون جيئن بندوقون ،
روئي ٿو تيئن ڪارونجهر

پياري جي شاعريءَ ۾ وڇوڙو به نمايان نظر اچي ٿو. موڻابا ريلوي اسٽيشن تان بيهي جڏهن هو پٺتي سنڌ ڏانهن ڏسي ٿو ته سندس روح رت جا ريلا هاري ٿو ۽ انهي ڪيفيت ۾ هو جيڪي بيت لکي ٿو سي پڙهندڙ جي بُت ۾ سيسراٽ وجهي ٿا ڇڏين. برساتن جي ڳالهه ڪندي بارڊر جي ڳالهه ڪري ٿو ويزا جي ڪهاڻي به ورجائي ٿو ۽ پوءِ انهن تلخين جي ڪهڪ گهٽائڻ لاءِ هو روايتي حل آڇيندي مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪري ٿو پر دنيا ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪا شئي بازار جو واپار ٿيندي آهي ته پوءِ انسانن لاءِ اتياچار ٿي پوندي آهي.مذهب کي به جڏهن کان بازار ٻولي ۽ ڀرتي ڏني آهي ته نه رڳو دنيا ورهائجي ويئي آهي پر دلين جي ورهاڱن جو به ڪارو ڪيس ٿيو آهي.
پياري جي هن مجموعي ۾ سندس ٻالجتي جي اڪير بابت سنڌي توڙي ڍاٽڪي شاعري سڀني کان زور آهي. شاعري جيترو نج خيال تي ٻڌل هوندي اوترو ئي پُر اثر هوندي. شاعريءَ ۾ ڀرتي هلي وڃي ٿي پر شاعري ڀرتيءَ تي بيهي نه سگهندي. شاعريءَ ۾ خيال جي ڪنوارپ کي سڀ کان وڌيڪ مڃتا ملندي رهي آهي. پياري جا نظم اهڙي نج خيال تي ٻڌل شاهڪار نظم آهن جيڪي دنيا جي انهي قسم جي شاعريءَ کي ڪلهو هڻي سگهن ٿا.
اونهاڙي ري ويڪيشن ۾ ،لڪ لڪوٽي ، روج رميا تي ،
آکو پايو ، ميه رو سايو ،گهر گهر ڏاڻا ، ڪين پنيا تي ؟
ٻاڙوتڻ را ، ڏينهن سنڀاري ، نيڻ مانهانجا، رات ڀِجيا تي

انهي نظم ۾ بچپن هڪ اسڪرين وانگر با تصوير ٿي اکين اڳيان گذري ٿو. هر ٿري ٻار جو ٻاراتڻ اهي ڏاڪا پار ڪري ٿو. پيرن ۾ پڳ رکي (جُتي ) نه هوندي هئي اڪن جا پُڙا ٻڌي جتي ٺاهبي هئي. سرن جي اٽوڙن ۾ ڏورو ٻڌي لاري ٺاهبي هئي ڇاڪاڻ ته لاري ٿري ماڻهو لاءِ خواب رهي آهي . هاڻي ته ڀانت ڀتيليون لاريون ٿر۾ ڏائڻن وانگر اچي ٽٽيون آهن ، نه ڄاڻ ٿر جو ڇا ٿيندو؟ ڪاڪي پُونجي جي ڪوٽڙيءَ مان چورايل ٻيڙين ۽ ٽوٽن پيئڻ ۾ جيڪو مزو آهي اهو شايد دنيا جي ولايتي ۽ مهانگن سگريٽن ۾ مشڪل هجي. ٻاراتڻ جي اها اڪير اندر ۾ ويٺل ان ٻارکي ٿئي ٿي جيڪو زماني جي سموري گدلاڻ کان پاڪ هجي ٿو. باقي وڏو ته جڏو آهي جنهنجو وک وک تي موه ۽ مڏو آهي جنهن کي هو سدائين پاڻ سان کڻي هلڻ چاهي ٿو.پر اندر جو ويٺل ٻار کيس انهن اصلي وٿن جي اهميت ياد ڏياري ٿو ته هنن رنگن روپن تي موهجي تو پنهنجو پاڻ وڃايو آهي. تڏهن اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي ورندا آهن ۽ ماڻهو جڳ کان ته ڀڄي ويندو آهي من کان ڪيڏانهن ڀڄندو. اونهاري جي وئڪيشن جي لڪ لڪوٽي وسارڻ ڪنهنجي وس ۾ ناهي.
بچپن جي اُتم ڌن بابت پياري اڙدوءَ ۾ به نظم بچپن ڪي باتين لکيو آهي جنهن ۾ به اهائي اڪنڊ ۽ اڪير آهي. اهائي سانوڻ گهاٽن مينهن جي ڳالهه آهي ته اهوئي ڪاغذ جي ٻيڙيءَ وارو قصو آهي، جنهن جيتري ٻي ڪا حسين ڪهاڻي نه آهي. دنيا بانوري آهي جيڪا ڪبير ڀڳت جي بقول رڱيل کي بي رنڱ چوي ٿي .اهڙي طرح دنيا ۾ جڏهن ماڻهو ٻار هوندو آهي ته کيس ننڍو چيو ويندو آهي ۽ جيئن عمر گذرندي ويندي آهي ته کيس وڏو چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ معاملو ان جي ابتڙ آهي. ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ ماڻهو وڏو آهي ۽ وڏي عمر۾ هو پنهنجي حصي جي ڪوٽا کپائي چڪو هجي ٿو ۽ ننڍي ٿي وڃي ٿو پر پنهنجي ڀوءَ کي لڪائڻ لاءِ هن اهي لفظ ابتي استعمال ۾ آڻي ڇڏيا آهن يا وري جڏهن ننڍو آهي ته وڏي ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ وڏي ٿيڻ جواحساس منجهس ننڍڙي ٿيڻ جو احساس اڀاري ٿو ۽ هو ان لاءِ انيڪ ناڪام جتن ڪري ٿو ۽ ڦانڦون ڏئي ٿو پرٻاراتڻ موٽي نٿو ملي. اها تانگهه ۽ طلب کانئس هن نظم جهڙا شعرلکرائي ٿي؛

بچپن کئ کيا باتين کهون ؟،
بچپن کي کيا يادين کهون ؟ !
بچپن اُتم هوتا تها ،
واپس ، سب کچه ملتا تها ،

اهڙي اتم بچپن جا نوحا ڳائيندڙ پياروشواڻي ، دل ۾ دردن جا درياهه سمائي زندگي گهاري رهيو آهي تنهنڪري ، برساتن جو دنگ ته ٿي سگهي ٿو پر دلين جو دنگ ڪائنات کان به وسيع آهي . پياري جي درد دلي واري ڪيفيت کانئس ههڙا شعر تخليق ڪرائيندي رهندي ۽ هو پنهنجي شعرن جي ڪيفيتن کي معنى ڏيندي ، مُڙي ڏسندو ته روهيڙي جي وڻ کان وٺي، رليءَ جي رنگن تائين گهڻو ڪجهه موجود آهي. سندس ياد جو اهو سمورو املهه ورثو لڙڪن ۽ مرڪن جي امتزاج سان ٽمٽار آهي ۽ ادب جي دنيا کي محبت جي موتين جون سوکڙيون آڇيندو رهندو. پيارو پنهنجي دردکي سمجهي به ٿو ته ڳيتي به وڃي ٿو ۽ دردجي اها ڳيت ڳيتان خوبصورت غزلن، نظمن، گيتن ۽ بيتن جي برکا ٿي بن برسات وسندي رهي ٿي ۽ وسندي رهندي.

نوراحمد جنجهي
جنجهي هائوس، ڌرماڻي ڪالوني
مٺي ٿرپارڪر
28 جولاءِ 2016