پيرن جيان پوڄڻ جهڙو پيارو ماڻهو
هي 1995 جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ڪاليج جي پڙهائي لاءِ مٺي ۾ اچي رهائش پذير ٿيو هئس. گھر ۾ علمي ادبي ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو ماحول هجڻ سبب ننڍي هوندي کان ادب سان ذوق هو ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سبب مختلف ٻاراڻن رسالن ۽ ادب ذوق نوجوانن ۽ ڪجھ نامور اديبن ۽ شاعرن سان رهنمائي يا علمي دوستي لاءِ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي ته ان جو ڏس پتو پوسٽ آفيس مٺي جو هڪ شيلف هو ، اتفاق سان پيارو شواڻي جي ٽپال به ساڳي شيلف ۾ هوندي هئي، هڪٻئي جي خطن جا ڍڳ ڏسي پڇا ڪرڻي پئي ته هي همراھ ڪير؟ نيٺ هڪٻئي کي ڳولي لڌوسين. ايئن ان ادبي جهان جي خط و ڪتابت واري سلسلي اسان کي هڪ ٻئي جي ويجھو آندو ۽ ان خلوص ڀري تعلق جون ڳنڍيون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿينديون ويون. منهنجي طبيعت جي سخت مزاج ۽ کارو هجڻ باوجود دوستي، اعتماد ۽ خلوص جي رشتي جو جيڪو ڀرم رهندو آيو اهو صرف پياري جو ظرف ۽ محبتون هيون ۽ سندس سهپ واري عادت هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن پيارو پرديس پڌاريو ته مون پاڻ کي تمام گھڻو اڪيلو محسوس ڪيو. ڪافي ساريون اهڙيون شيون هونديون آهن جن سان دل جي يادن جو رشتو گَهرو هوندوآهي پر جيتري گَهرائي روح جي رشتن ۾ هوندي آهي ايتري رت جي رشتن ۾ شايد هُجي!
رشتن کي سنڀالڻ جو فن ڄاڻندڙ هن نفيس طبيعت جي مالڪ شخص جي سادگي ۽ سچائي مون هن جي لکڻين ۽ شاعري ۾ به ڏٺي آهي. هن جي شخصيت جا گھڻا پهلو آهن. هو حاضر دماغ، ڀوڳائي طبيعت، فائين آرٽ جو ماهر، وڏي تحقيقي ڄاڻ رکندڙ، ليکڪ، شاعر، سٺو مقرر ۽ مشهور اسٽيج ۽ ريڊيو ڪمپيئر آهي.
سندس شاعري ضرور هن وانگر صفا سادي آهي پر منجھس وڏي تخليقي سگھ موجود آهي. خيالن جي نواڻ جو هن وٽ هميشه خزانو رهيو آهي. ڍاٽڪي، مارواڙي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ خاصي ڄاڻ رکڻ ڪري هُو لفظن جو محتاج ناهي. هن پنهنجي شاعري ۾ ديس جي درد جي اپٽار به ڪئي آهي ته ظلم و جبر کي ڏات ذريعي آئينو به ڏيکاريو آهي. سندس شاعري ۾ ٿر جي حسناڪين جا عڪس به چٽا نظر اچن ٿا ته پنهنجي ٻولي جو به هن خوب خيال رکيو آهي. هن کي چوٽي جو اديب سڏڻ، وڏو يا ننڍو شاعر ڪوٺڻ بجاءِ هن لاءِ بس ايترو چئبو ته هن پنهنجي حصي جو ڪم مستقل مزاجي سان ڪيو آهي. اهائي ڳالھ هن جي ادبي قد ڪاٺ کي واضع ڪري ٿي ۽ کيس مرتبو ۽ مان بخشي ٿي.
جيتوڻيڪ هو شاعري جي فن جي عروج تي ناهي پهتل پر سندس شعر جي خيال، گھاڙيٽي ۽ رواني مان هو پختو شاعر لڳي ٿو. شعر جي هر صنف تي عبور يا فني مهارت هجڻ وڏو ڪمال آهي پر پياري شاعري جي مختلف صنفن تي مختلف زبانن ۾ طبع آزمائي ڪري ادب جي آبياري ڪئي آهي.
مهان شاعر شيخ اياز جي شاعري جو هن جيڪو ڍاٽڪي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو اهو اهم ڪارنامو آهي، هن ٻولي جي ترقي جي هڪ راھ ڏسڻ سان گڏوگڏ ادب ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. ان ڪم ۾ ڪي ڪوتاهيون به ٿيون هجن تڏهن به اها ادب جي تدريج و ترويج ڏانهن اهم وک آهي. ان عمل ۾ پياري جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. علمي ادبي گھراڻي ۾ اُهو به سائين پريم شيواڻي جهڙي شخصيت پاران پرورش جو اثر به سندس ڪم تي ضرور رهيو آهي. هن سنڌ توڙي ٿر جي علائقائي ثقافت کي هٿي ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مختلف وقتن تي اهڙيون سرگرميون عمل ۾ آنديون آهن جن سان معاشري ۾ پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ جو پيغام ملي ٿو.
هن جي ادب سان سنجيدگي ۽ سپردگي جو عڪس هن جي ڪم جي تسلسل ۾ نظر اچي ٿو. ايئن هن سنڌي ادبي سنگت، موهن ڀڳت آرٽ اڪيڊمي، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ ٻين پليٽ فارمز تان مختلف علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکيون. ٿرپارڪر ۾ علمي ادبي سماجي ۽ ثقافتي ميڙاڪن جو مور ليکيو ويندڙ هن سٻاجھڙي ماڻهو جو ٿرپارڪر ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ خاص ڪردار رهيو آهي.
ريڊيو مٺي جي قيام دوران سندس رضاڪانه خدمتون به قابل تعريف آهن ۽ مسلسل 8 سال هن پنهنجي ٻڌندڙن کي نئين ڄاڻ، نوان رنگ ۽ بي پناهه محبتون ارپيون جنهن جي ڪري اڄ به ڪيترائي ٻهراين مان ريڊيو جا ٻڌندڙ پياري جون پڇائون ڪندا آهن. هڪ ئي وقت سنڌي ، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ ريڊيو جو انائونسر ۽ ڪمپيئر هجڻ جو اعزاز به کيس حاصل آهي.
هن سان منهنجو جيڪو حجت جو رشتو رهيو آهي انکي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي پر مون اسانجي 21 سالن جي هن خلوص ۽ ڀائپي جي رشتي ۾ هن کان ڪڏهن شڪايت نه ٻڌي ۽ نه ئي ڪاوڙ ڏٺي. شايد هُن سان رشتو جوڙيندڙ هر ماڻهو اهي ئي خيال رکندڙ هجي. هن سان جيڪو هڪ دفعو مليو ۽ هن جي مريدي ۾ نه ويو ته جهڙوڪ هو ماڻهو احساسن کان خالي کوکو هو.
مون ڪڏهن هن جي ماٺيڻي مزاج ۾ نه ذاتي حسد جو هينئون ڏٺو ۽ نه ئي ادبي ساڙ. ٽوڙڻ بدران جوڙڻ جي ڪاروبار ۾ مون هن کي ان آتڻ جو هيراڪ ڏٺو ته ، “ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نه سِکيا”.
شوڪت تبسم ڪنڀر