شاعري

برساتن لئه ڪهڙا بارڊر

هي ڪتاب ”برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر“ خوبصورت شاعر پياري شيواڻي جي شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي، ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري شامل آهي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي ڏات ڌڻين جون لکڻيون پڻ شامل آهن،
ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. پر پيارو مٺيءَ کي ڇڏي سرحد پار هند هليو ويو، پر بارڊر به سندس محبت ۾ ڪمي آڻي نه سگهيا.
Title Cover of book برساتن لئه ڪهڙا بارڊر

پياري شِواڻيءَ جي خُوبصُورتِ پورٽريٽ جا قَدَرَ شَناس پهلُو

پياري شِواڻيءَ جي خُوبصُورتِ پورٽريٽ جا قَدَرَ شَناس پهلُو

ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. هن نوجوان جي پينسل ڪلر/ واٽر ڪلر يا آئل ميڊيم واري پورٽريٽ کي پسند ڪرڻ وارنَ جو ڪاٿو ؛ ڪنهن دور ۾ ريڊيي جي سگهارِي آوازِي ميڊيا ۾ پُهچندڙ ٻورنَ ڀَريل خطنَ جي ڳاڻيٽي کان گهڻو مٿي آهي. عُشاقنَ جي ميلن کان مَٿاهين هِن فهرستِ ۾ سُونهاري واري سائين نيڪڻ فقير، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جِي جاتِ سان جُڙيل سائين نور احمد جنجهي ، واحد جَنجِهي، اَمر ساهڙ، شيرين ۽ گُداز آلاپ واري گُلوڪار صادق فقير، تڙدوسي تاجدار علي اَڪبر راهمي، ساميءَ جي فلسفي تي آخرِڪار اِڪتفا ڪندڙ مير حسن آريسر، اقبال جي خُودي واري خيال سان سَوائي سَهمَتِي رکندڙ سائين شنڪر ساگر، پياري سان مانيُون ۽ سِي.ڊِيُون ونڊيندڙ محمد علي ڀٽي ۽ سِنڌُ جي صُوبيدار شاعر خليل ڪُنڀار سَميت شُمارِ کان مَٿڀرا مقامِي، پَرڳَڻي پَڌرا ۽ هم مملڪتي چاهيندڙ شامل رهيا آهن.
مالڻهور ويڻا جي مِٽيءَ جو هيءُ مَلُوڪ شبيهه شاعر، ڪمپيئر، اِسٽيج سيڪريٽري، ميل ماڊل ۽ مارُئيءَ جي ٿر جو مِثالي ميزبان پنهنجي ڪِردارِ ۽ گُفتارِ ۾ بَجا طور ڪمال جي ڪشش رکي ٿو جنهن کان ڇيڙو ڇڏائڻ جو ساهُس ڪنهن به سوڍي ۾ به سَمايو نه ٿو مِلي. مِٺيءَ شهر جي قومي بچت بئنڪ واري هاڻوڪي هنڌ تي پياري جي پِتا شِري سرڳواسي سائين پريم شِواڻي جڏهين ٽائيپ رائيٽر کان ڪمپيوٽر ايج طرف لڙندي؛ اُتي هڪ وڏي هال نما مَسواڙِي دُڪان ۾ عريضي نويسيءَ، انگريزي ٽِيُوشن ۽ صحافتي مشغُولين کي سرانجام ڏيڻ لڳو ته اِن ڪم ۾ پيارو به سائين جو خُوب ساٿ ڏيڻ لڳو بلڪه سَڄِي اِسٽامپ وينڊرِيءَ وارِي ڪِرتِ اڪيلي سر پاڻ ڪرڻ لڳو هو. اُتان ايندي ويندي لانگهائُو ٿيندي، ڪڏهين ڪڏهين آئُون به پياري وٽ وڃي ٿڪ ڀڃيندو هُئس، هُو چانهه چُڪي به پياريندو هو ته بعضي بعضي پنهنجي تازي شاعري به ونڊيندو هو. ٻه چار نوان ڀوڳ چرچا ٻُڌائي اَسان جي مايُوس مُهانڊنَ تي ڪي مُرڪون ۽ ڪي ٽهڪ به آڻيندو هو. هُونئن اَسان جي ويجهڙائپ ۽ دِلي دوستي سِنڌي اَدبي سنگت شاخ مِٺيءَ جي ٻيهر فعاليت کان پوءِ ٿيندڙ دستُوري گڏجاڻين، مِٺيءَ ۾ مُنعقد ٿيندڙ ادبي، ثقافتي ۽ سَماجي سرگرمين، تقريبن ۽ ويهڪن مُهابي اَڳي گهڻي وڌي چُڪي هُئي ۽ اَڪثر شام جو روز ڪاڪي جهامن داس رتن لال مالهيءَ وارِي مَصرُوف ترين! هوٽل جي سدائين خالي پيل کٽن تي صادق جي سَرپِئنچيءَ ۾ مچندڙ مُنافقيءَ کان آجين ۽ بي غرض ڪچهرين ۾ پيا مِلندا هُئاسين. (صادق ڇا موڪلائي ويو ڄڻ اَسان مِڙني جي مُحبتن جو مرڪزي اَڻو ڇيهُون ڇيهُون ٿي ٽُٽي ويو، اَدبِي ساٿُ جي سَنگهرُ ۾ سَلهاڙيل اَسان اَڪثر دوست بنهه ڀَڄي ڀُري هيکلا ۽ دائمي ويڳاڻا ٿي پيا آهيُون، صادق صفا سُڃِ ڪري ويو آهي! هاڻ ته مِٺيءَ جي ڪنهن به محفل، ميلي ۽ ڪچهري ۾ هن جي ڪمي مُون کي شِدتَ سان کُٽڪي ٿي ۽ سچ پچ ڪِٿي به من نٿو لڳي!)
مُنهنجي تصور ۾ ئي ڪو نه هو ته ’دِل چوي ٿي ڳوٺِ وڃان!‘ جهڙو اِنتهائي وڻندڙ نظم لکندڙ شاعر سُڪارِيو (وڌيڪ سُکيو ۽ آسُودو) ٿيڻ کان پوءِ هيئن اوچتو مِڙني دوستن يارن کان بِنا موڪلائڻ جي هُن پار هليو ويندو. نه اَسان هن جي لَڏڻ واري حتمي ۽ ذاتي فيصلي جِي خُوشيءَ ۾ اَرها ۽ نه ئي اَسان کي هن جي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ سان نئين سر پرڏيهه ۾ پَکڙا اَڏڻ تي ڪا ڪاوڙ - پر لحظي لاءِ ڏُک گاڏڙ حيرت اِها سا ضَرُور ٿي ته ظالم هڪڙو اِلوداعي ڀاڪُرِ پائي، مِلي موڪلائي ته وڃي ها!
جيئن پيارو گهڻن جي اکين جو تارو رهيو آهي يا اَڃا به رهندو اَچي تيئن پِياري کي مُون به ڪڏهين پاڻ ڌاران يا پاڻ کان بِنهه پَري ڪري ڪو نه ڀانئِيو آهي، اِها ٻِي ڳالهه آهي ته هن سان مُنهنجو ساٿُ صِرف شام توڻي جو رهيو آهي ڇو ته سَنجهي جو هيءَ ڪنڌ ڪڍائي هليو ويندو هو پر پوءِ به آئُون اِنهيءَ مراسم کي پنهنجي جيونَ جو نه وِسرندڙ باب ڪري سمجهان ٿو. اَسان جي تعلق درميان آيل هڪڙي ئي واحد تُرڇ موقعي کي؛ مُنهنجي ادبي ۽ سماجي ذميواري، عزت نفس جي آواز ۽ ضمير جي عدالت ئي جنميو هو، جڏهين پِياري اُن جو آهستي آهستي احساس ڪندي؛ مُون طرف ٻيهر هٿ وڌايو ته مُون هن کي اَڳُ جيان ڀاڪُرنَ ۾ ڀري ورتو.
هاڻ هيٺ آئُون پياري جي اُن شاعريءَ مُتعلق پنهنجا مُختصر ترين ۽ دِلي رايا قلمبند ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو جيڪا زيرِ نظر ننڍڙي ڪِتابُ ۾ توهان جي مُطالعي ڪاڻ مُيسر ڪئي وئي آهي.
پياري جي شاعري مُشاهداتي اِدراڪ جِي شاعرِي آهي. شمشير حيدريءَ مصداق هن کي هاڻ شاعري ڪرڻ جي اَٽڪل باقاعدي اچي ٿي ۽ هو شاعرِيءَ جي اهڙي هُنر سان باقاعدي نباھ ڪري ٿو وڃي. اظهار جي واٽن جا پنڌ ڀيٽيندي؛ هن مقاميت کي سڀ کان مٿانهين جاءِ تي رکيو آهي. هن جي شعرن ۾ سندس ٻال جتيءَ جي حرڪتن، سنگتن ۽ وندر وِرونهن جا اولڙا، علائقائي محرومين جي شناسائي، جوڀن رُتِ جي تجربن جي تاثير، ڳوٺاڻي نِجي پِجي ماحول جا من مسرُور ڪندڙ عڪس، دوستين ۽ دلبرين جا ڏَڍَ، وطن جا وڻ ڇڏي وڃڻ لاءِ ساڳي ريگ وارِي مُشترڪه رِيت هُئڻ جِي جسٽيفڪيشن، صادق فقير سان دِل گهُرئي سَٻنڌ هُئڻ جا جيءُ جهوريندڙ جذبا، ٿر جي سيڪيولر يا ميٺُ مُحبت وارين روايتن ۽ ڪِردارنَ جا سارُوپا، فطرت جا رنگ ۽ ’مِرُوئان موت، مَلُوڪان شڪارِ‘ واري شُغل کي دِليان نندڻ وغيره جهڙا اُتساهيندڙ، اَکِيُون ڀِڄائيندڙ ۽ پَڇتاءَ سان پُرَ مظهر بَخُوبي جَهلِڪن ٿا.
مُون کي ذاتي طور پياري جو نظم ۽ گيت سان نباھ ۽ سندس اَباڻي ڍاٽڪي لهجي ۾ ڪيل شاعراڻي طبع آزمائي وڌيڪ موهي ٿي ۽ آئُون اُن جو دِلي مُعترف آهيان. باقي پياري جا غزل ۽ بيتڙا به ڌيان ڇڪائڻ جوڳا آهن پر جي هُو خيال جي اُڏار، تخيل جي معيار ۽ سوچ سَنڀارِ کي اَڃا وڌيڪ گهري اِدراڪي سانچي ۾ ڍاليندو ته ٻين صِنفن جي صُورتگريءَ ۾ به گهڻن کان گوءِ کڻي ويندو. آئُون هتي پنهنجي ڏنل راين سان ميل کائيندڙ شعري حوالي ڏيئي اَجائي وَرجاءُ ڪرڻ کان گُريز ڪريان ٿو. پوءِ به اِهو ڪوٽ ڪرڻ (Quote) کان پاڻ کي اَصلُ جَهلي نه پيو سگهان ته پياري پنهنجي سرجيل غزلن ۾ پڻ ڪي اَنوکيُون ۽ اَڇُوتيُون تشبيهُون، تمثيلُون ۽ اِستعارا نهايت ئي نواڻ ڀري اَنداز ۾ سُهڻي ۽ سُڀاويڪ نوع ۾ ڪتبُ آندا آهن؛ جيئن مِثلن: ڀوتار کي ڀُرٽ جهڙي ڪرخت ڪنڊيدار ۽ بيحد بيزارِ ڪندڙ گاھ سان ڀيٽڻ، تار درياهه يا درياهه شاهه جي جي جوڀن کي گُوگَهٽ وارِي تمثيل اَرپڻ، ’ڏِسي ڪو ڦَٽَ پاڻيءَ جا‘ وارو اِستعارو اِستعمال ڪرڻ، غم جي تڏي ۽ خُوشيءَ جي تراني جي موزُون جڙاوت ڪرڻ، ’هاريءَ جو ڊاگي ۾ نيڻ ڊوڙائڻ‘، ’پاڻيءَ ۾ منهن ڏِسڻ‘ واري مُحاوري جو موزُون ترين اِظهار ڪرڻ، رليءَ جي پُڙِ جو ڳالهائڻ ۽ هَنداڻي تي هُرمچ ڀرت چِٽڻ جهڙيُون عڪس بنديُون وغيره
پِيارو هن ڪِتابُ جي قافين ۽ رديفن ۾ ڪُجهه اُڌارِيُون سَتيُون تقليدي پيرائي ۾ به چڙهيو آهي جن جي مُختصر نشاندهيءَ لاءِ نيڻن جي غُليل هُئڻ وارِي گِسيل پِٽيل تشبيهُه کي گوڦڻ جي اِضافت سان وَرجائي ڀيٽڻ، سٿ ۽ هٿ جو هماليائي سَهارو وٺڻ، ۽ اَڌُورِي چُمي وارا چند مِثال مَٿاڇري نگاھ طُفيل هِتي ڳڻائي سگهجن ٿا.
آئُون دِل سان دُعاگو ۽ آسوَندُ آهيان ته پياري جي اَڳُوڻن ٻن ڪِتابن يعني پهرين شعري ڳُٽڪي ’دِل چوي ٿي ڳوٺِ وَڃان!‘ ۽ شيخ اَياز جي چُونڊَ شاعريءَ جي ڍاٽڪي لَهجي ۾ ڪيل ترجمي تي ٻَڌل ڪتاب ’ٻاٻيهو ٻولي‘ جيان دَنگئي ٻنڌڻن کي فِطرتي مظهرنَ لاءِ نه ليکڻ (’سَرحدين تو اِنسانُون ڪي لِئي هين‘، پکين، ندين ۽ بادلن لاءِ ڪهڙيُون سيمائُون!) جي مرڪزي خيال تي آڌارِيل هيءُ ڪِتابڙو پڻ هِن ۽ هُن پار جي ساهتي سنگتين جو جوڳو ڌيان ڇِڪرائڻ ۾ لاريب (بِلاشڪ)سوڀارو ويندو.

-دليپ ڪوٺارِي
مِٺي، ضلعو ٿرپارڪر، سِنڌُ
اَڱارو ٻين آگسٽ، 2016