ڳوٺ ياد ايندو
پيارو شواڻي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آهي، جنهن جا اڳ ۾ شاعريءَ جا ڪتاب دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ۽ ٻاٻيهو ٻولي ڇپيل آهي. هي هن جي شاعري جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي،ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري سرجيل آهي. شاعري جي هن ڪتاب تي لکندي ڳالهين ۾ آئون گيتا جو گيان کڻي اچان پر وقت جي ٽٽي ويل ارجن کي حوصلو ملندو الائي نه !؟. سور جي سرڪش گهوڙي جي واڳ ڪير جهلي؟ نئين سمي جي ڪروکيتر جو ڪرب به نئون آهي! درد کي دل ۾ امانت وانگر سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.زماني سازيءَ جي مئخاني ۾ واعدن جا جام روز ٽٽي حساس انسانن جي سيني ۾ شيشي وانگر رهڙ ڏئي هيٺ اترن ٿا، پر پوءِ به شڪايت انهن جي شان وٽان نه رهي آهي.
پياري شواڻي جي شاعري جي پهرين ڪتاب جي نالي واري نظم “ دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ” کي استاد شفيع فقير سوز ڀري سُر ۾ ڳايو آهي. ڪجهه سال اڳ ۾ ٿر جي مختلف محفلن ۾ انهيءَ نظم تي اکيون آليون ڪري ٿڌا ساه ڀريندي ٻڌندڙن کي ڪوي پاڻ ڏٺو هو پر هن کي تڏهن اهو پتو نه هو ته سڀاڻي هن گيت جي تخليقار کي پنهنجي ڳوٺ کان ڪوهين ڏور پرديس ۾ ڳوٺ جي ريل جي لاءِ تڙپي “برساتن لئه ڪهڙا باڊر” جهڙي شاعري تخليق ڪرڻي پوندي. هي ڪوتا جي برسات ساوڻ رت ۾ گهنگهور گهٽائن مان برسي آهي يا پيار جي پڪار ۾ اکيون اوهيرا ڪري وٺيون آهن.
گيت گوونده جو مصنف ڀڳتي تحريڪ جوخوبصورت شاعر جئه ديو پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو ته؛
جڏهن ڏکڻ ڏس جي پهاڙن مان هوائون اچن ٿيون،
۽ محبت جي ديوتا کي به ساڻ آڻين ٿيون،
جڏهن اڻ ڳڻيا گل،
پريم پنٿ جي پانڌيئڙن جي دلين ۾ ڏارون وجهڻ لئه
ٽڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن،
تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي سبب ڏکوئجي ٿو وڃي. سرحد جي ٻنهي پار واريءَ جو ريگستان ساڳي آهي، پر مينهن ۽ نينهن جي مهڪ ۾ وڏو فرق آهي، ڀنيءَ جي خوشبوءِ جيڪا ملير جي مٽيءَ مان ماڻي سگهجي ٿي اها راجپوتانان جي ريت مان ڪٿان ملي سگهي ٿي ؟ ڀالوا جي ڀٽ تي مينهن وساڙن جا منظر پوري مارواڙ کان موهيندڙ لڳندا آهن. ڍاٽ ۽ مهراڻي جي دڙن تي نه رڳو ڍاٽي ڍولا ۽ مانجهي مڙس ڦينٽن سان ڦُٽرا ۽سنڌي ٽوپي سان ٽنڊيلا انڊلٺ جو روپ ٿي روح کي وڻندا آهن پر ڍاٽڻيون به پنهنجي سونهن سوڀيا ۽ اخلاق حسن ۾ انوکيون لڳنديون آهن. لوڪ ساگر جي ڪوين پنهنجي ڪوتائن ۾ بي اختيار ڍاٽي سونهن ۽ مهراڻي جي مهانتا جي
ساک ڀري آهي.
سار وکاڻان سنڌ ري، مونگ منڏور ڏيس،
جهيڻو ڪپڙو ماڙٻو، مرد مرڌر ڏيس
(سنڌ جون ساريون(چانور) ۽ منڏورديس جا مڱ ساراه لائق آهن، ماڙٻو جو جهيڻو ڪپڙو ڀلو آهي، اهڙي ريت مرد مرڌر ديس يعني مهراڻي جي خطي جا سهڻا ۽ سٻاجها آهن)
اُرچوڙي ڪر پاتلي، جيڪاري ري ٻاڻ،
جي جاڻين سک جيء رو ڌڻ ڍاٽ ري آڻ
(ڀريل ڇاتي ۽ سنهڙي چيلهه واري سندريءَ جنهن جي مُک مان هر سڏ تي جيءُ جو آواز اچي، گرهستي جيون ۾ پنهنجي زندگي جو سک چاهين ٿو ته ڍاٽ جي اهڙي ناري پرڻجي اچ)
پياري جي پرديس پڌارڻ تي ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد سڄڻ پار جي سڄڻن جي پارت ڪندي ڪاوش مئگزين معرفت خط لکيو هو، اتي سنڌ جي نوجوان ٽهي جي نامور شاعرن حاجي ساند، خليل ڪنڀار، امر ساهڙ، ساگر خاصخيلي ، امر رائسنگهه راجپوت ۽ ٻين محبتن جي ميارن سان نظم غزل ۽ نثر سرجيا هئا تڏهن رقم الحروف جي روح به رڙ ڪندي ڪنهن ڪاغذ جي ڪنڊ تي اتاريو هوته؛
“ڳوٺ ياد ايندو ڳليون ياد اينديون”
هن ڪتاب ۾ڳهڻن جهڙن نظمن کي پڙهندي جڏهن اکيون ڪوي پاران پنهنجي ڳوٺ کي يادن جي هڙ ۾ ٻڌي سرحد جي هُن پار تصوراتي پڊ بڻائي اڏڻ جي ريت تي بيهن ٿيون، تڏهن گوندرن جا گهنگهرو وڄن ٿا ته ڇا ڪوي کي هُتي ستارن سان رهاڻيون ڪرڻ جي لاءِ مالڻهور ويڻه جهڙو منفرد ماحول ڪٿي ملي سگهي ٿو. ؟ هوا جي سرگوشين ۾ ڪنهن جي ساهن جي خوشبوءِ اندر ۾ اتارڻ جي لاءِ گڍي جي ڳولا روز ٿڪائي نه وجهندي ؟ راٺوڙڪي رهاڻ وارومهراڻ گڍ مهراڻي جي مٺي جهڙو شرميلو ڪڏهن ٿيو آهي؟ ڇاڇراڻي جي ڇيل ڀوئنرن گلابي شهر جي گل بدن کان وڌيڪ ڪاسٻي جي ڪارسرن ڦلن جو سواگت ڪيو آهي. ڀاٽين جي ڀومي جو جس پتروسوڍن جي صاحبي جي شهر امرڻي سان حسن جي هوڏ ڇا ڪري سگهندو؟ همروٽ ( امرڪوٽ يا عمرڪوٽ ) ڇتيسي جو مٺڙو ڪوي بانڪيداس چوي ٿو ته؛
مراڻو امرا پُري ڌُرا سرنگي ڍاٽ،
رهي جو سوڍو راجوي، پهه پنوارن پاٽ،
(مسافر!منهنجو امراڻو ڌرتيءَ تي امراپُري (دلڪش ماڳ) آهي. ڍاٽ جا هي دڙا، جتي پرمار سوڍن جي صاحبي آهي، ڏسندين ته اتي جي ريت سرڳ سمان آهي.)
ڪيهر لنڪي گوريان، سوڍا چُتر سُڄاڻ،
بڙ جُهڪيالانٻي سران، آيو گڊ امراڻ،
(جتي چيتي جي سنهڙي چيلهه واريون سُندر ناريون هجن، جتي مرد سياڻا ۽ بهادر هجن، جتي لانٻي جي تلاءَ تي بڙ جي وڻن جا جهڳٽا هجن، ته پڪ ڄاڻجان اهي آثار امراڻي گڍ (قلعي) جا آهن.)
ديومالائي ڌرتي جي پهاڙ ڪارونجهر جي ڪر آڏو ڪڏهن ڇوٽهڻ جو ڏونگر ڇيهه ڀلو ٿي نٿو سگهي، ڀلين آبو جي پهاڙن تي مورن ٻولندا هجن ۽ لوڪ گيتن ۾ ڳايو وڃي ته؛ “مور ٻولي ملجي آبو ري پهاڙان ..” پر صبح سرخي مائل شام سرمئي لڳندڙ ڪارونجهر جو ڏيک نيارو آهي.
ڪارونجهر ني ڪور مرئين تو پڻ مهلين نهين، (ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو(ڪارنجهر جي چوٽي مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نٿو سگهين، ان جي چوٽي تي مور نچي ٽهوڪندو آهي تڏهن ڏونگر ڏيئي وانگر ٻرڻ لڳندو آهي) پياري جي شاعري جو روپ سروپ ڪوي ڪاليداس جي اروشي جهڙو آهي يا نه پر هن جي عشق جي اروشي مٺي جي دڙن تي واري جي سمنڊ جي لهرن ۾ سرجي هئي.جڏهن جواني جو خون هن جي ڳلن تان ٽپڪندو هو، تڏهن ٿر جي واريءَ جي ريٽن تي پيار جي کٽ جي ايس تان پره ڦٽي جي روشني پڌري ٿيڻ باوجود هن کان اٿڻ وسري ويندو هو.هاڻي پويان سار جي سنگمرمر واري پٿر سان مٿو ٽڪرائي ڪوئي ڳوڙها آڻي هن جي لاءِ لوڪ گيت ڳائي ٿو ته ؛
ڪامڻ ڪري گيو ڙي.....
( هُو جادو ڪري ويو ڙي.....)
ڪلهه هن نوجوان ڪوي جي لاءِ ڪنهن البيلي ناري اوٽي جي وچ تي ويهي رومال ڀريو هو، جنهن پنهنجي ڪارين اکين ۾ هن جي لاءِ ڪجل پاتوهو، جنهن پنهنجن نازڪ هٿڙن سان ڪنڊڙن ڪاڪلن کي سنواري مک تي هن جي لاءِ لهرايو هو.جنهن چنڊ کي چونئري مان ڏسڻ جي لاءِ ڳوٺ وڃڻ جي اڪير ٿيندي هئي، تنهن سانوري جي سار ۾ ڌرتيءَ کان دور وڇوڙي جي شدت کي شاعري جي سٽن ۾ سمائي اداسي جا گيت لکڻ کان سواءِ هن ڪوي وٽ ڇا رهيو آهي!؟
درُ کُليل هُيو ، اک بند نَـ هُئي ،
راتُ جاڳيِ ڪٽيو ، مُون سان هِڪڙي ڏيئي،
***
شاعري جي سُٽن ۾ پنهنجي ڪچائي جو اقرار ڪندي مڃي ٿو ته هن کي پيٽ ڪارڻ مجبوري ۾ پيار کي پٺي ڏيڻي پئي.
پيارُ وقت گهُريو ، پيٽ ڪون ڇڏيو !،
مُئس مان ڀي ڪٿي ؟ ، پيو هُو ڀي جيئي !.
فرانسيسي شاعره پنهنجي هڪ نظم ۾ وڇوڙي جو ورلاپ ڪندي چوي ٿي ته ؛
اي منهنجا محبوب
مان ڪهڙي ويچ وٽ وڃان؟
مان ڪنهن کي پنهنجا گهاو ڏيکاريان؟
ڇا انهن طبيبن وٽ اهي اکيون آهن،
جيڪي ڏسي سگهن
”پيار جا زخم”
تو مونکي جنهن جنهن هنڌ چميو
هاڻي اتي لهو چڪندڙ زخم آهن!
تو منهنجي وجود جي
جنهن جنهن حصي تي هٿ رکيو
اهو هنڌ جلي رهيو آهي
مان گھايل آهيان
پر منهنجا گهاو ڪنهن کي نظر ايندا؟
سواءِ تنهنجي
”اي منهنجا وڇڙي ويل محبوب”
”اي منهنجا وڇڙي ويل محبوب
اهڙي ڪيفيت ۾ پياري شواڻي جي شاعري جون سٽون واهيري جي وير وارن پکين جيان ولر ٺاهي ورن ٿيون. لڪن ۾ جڏهن سج لهي ٿو تڏهن رتل راسين جو عڪس هن جي اندر ۾ جڙي ٿو، ڪارڻ اڪارڻ هن ڏي اداسي پنڌ ڪري ٿي پر سنجها ٿيڻ سان من جي وستيءَ ۾ ڏات جو ڏيئو ٻاري اونداهي ۽ اداسي کان آجو جيئڻ جي جستجو ڪري ٿو. سياري جي سرد راتين ۾ ڪتين جي ڪر موڙڻ تي اجرن انگن کي آغوش ۾ سميٽڻ جي سڪ برهه جي باه بڻجي عاشق جي ڪايا کي آلي ڪاٺي وانگر جلائيندي آهي تڏهن بي چئي من جي ميار نظم جو نئون روپ وٺندي آهي
ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون
ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟
جيئن رڃ ۾ هرڻ ۽ سڃ ۾ مسافر اڃ ۾ اتاولو ٿي پوندوآهي.تيئن ديس کان شاعر جي اندر ۾ آنڌ مانڌ اٿلي پوندي آهي.پر هن انهي آنڌ مانڌ باوجود شاعري ۾ ڪٿي نعري بازي ۽ سطحي خيال جو ساٿ نه ڏنو آهي، هن آرٽ کي اوليت ڏيڻ جي ترجيحات رکي آهي، پر وطن جي وڇوڙي جي جذبات ۽ رومانوي رنگ جي ريت ڪجهه حاوي آهي
اچوته هن جي چونڊ شعرن جي حسناڪي روح ۾ اتاريندا هلون، جن ۾ وطن جي سڪ۽ رومانوي رنگ سان گڏ سماجي اقتصادي مسئلن جي اپٽار ٿيل آهي.
مور من جو روئيِ ، روز کيڙا ڪري ،
ڊيل ڪائي هُجي ، جيڪا آنسوُ پيئي،
**
اسان منهن پاڻي ۾، ڏٺو ڪونه آهي
ملائيندو مولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي
**
اڳي ته ايئن هوندو هو . مليو ٿي انُ بازارين! ،
جڏهن کان پاڻ سُڌريا هئون ، ڏٺاسين هٽ پاڻيءَ جا ،
**
جنين جي اندر ۾ ، تڏو آ وڇايل ،
تنيين کي ترانا ، ڪٿي راس ايندا ؟
**
روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾
بيٺي آ هُو ، ڄڻ ٻنيءَ ۾
**
هوءَ هجي شل، روهيڙي جان ،
ڏُڪارن ۾ ، نـــه مُرجهائي ،
**
ڀُرٽن جيان ڀوتار ڦرن پيا
اوڍي هل ، اوڍڻ ٻني ءَ ۾
___
سـڄا ماڻهو ، مري آخر ، مٽيءَ هيٺيان ، مٽي ٿيندا ،
پوءِ ڀي ڏس ، پيارا هي ، اَڏائن تــ گهڻو ڪجهه ٿا
**
نديءَ تي نينگريون وهنجي ، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا ،
ندي پئي هيکلي روئي، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا.
**
ڳڙ جي ڳنڍ ۽ ٻاجهر ماني !
واه جو آ اولڻ ٻني ءَ ۾
هن پنهنجي ڍاٽڪي شاعري ۾ ثقافتي پابندي واري پيڙهه واري پٿر تي سر رکي آهي، هن ڪٿي به پنهنجي اڳيئن شاعري کان ناتو نه ڇنو آهي. هن جي پهرين ڪتاب ۾ موجود ڍاٽڪي شاعري کي ٿر جي مشهور راڳين ڪريم فقير ۽ نظر محمد رامسريي پياري انداز ۾ ڳايو آهي.
پيارو شواڻي ريڊيو ۽ اسٽيج جو بهترين ڪمپئر رهيو آهي. ڳالهه ڳالهه مان لطيفو جوڙڻ جو ڏانءُ هن کي ورثي ۾ مليو آهي. هن جي حاضر جوابي ڪمال جي آهي.
تاج جويي مٺي ۾ رهڻ دوران ادبي سرگرمين جي لاءِ جيڪو تحرڪ پيدا ڪيو، تنهن سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ البيلي انسان صادق فقير اهم ڪردار ادا ڪيو، صادق فقير جي اتساهه تي دليپ ڪوٺاري، پيارو شواڻي، خليل ڪنڀار، دليپ دوشي، دولت رام کتري ۽ ٻيا دوست مٺي ۾ گهڻي وقت تائين ادبي سرگرمين جي حوالي سان سرگرم رهيا آهن انهن ساٿين جي منقعد ڪيل پروگرامن ۾ اسان جهڙن نون لکندڙ کي پنهنجي تخليقي صلاحيت اڀارڻ ۾ موقعو مليو. صادق فقير مٺيءَ ۾ هئڻ دوران روز شام جو ٿر ڪتاب گهر يا ڪاڪي رتن مالهي جي هوٽل تي اچي ويهندو هو، پوءِ صادق فقير جي ڳالهين جا گفتا سڻڻ ۽ صادق سان گڏجي ٽهڪن ۾ ٽڙڻ جي لاءِ مٺي جا سماجي، ادبي متحرڪ ماڻهو ڀيڙا ٿيندا هئا. پياري شواڻي کي اعزاز رهيو ته هن ۽ خليل ڪنڀار سهڻي راڳي صادق فقير گڏ نه صرف ٿر جي ڀٽن جو سفر ڪيو پر سنڌ جي بئراجي علائقن ۽ پوري ملڪ جو وڏو حصو پيرن هيٺيان ڪڍيو. ڪڏهن انهن جو قافلو مئن جي دڙي تي رات ٺاريندو هو ته ڪڏهن کاري ڇاڻ جي چانڊوڪي ۾ ڪيٽي بندر جي ڪنڊ جهليندو هو. ڪڏهن هُو ٽنڊوالهيار ۾ جهوني شاعر سيد مرتضي شاه ڏاڏهي جا مهمان ٿيندا هئا ته ڪڏهن خيرپور جي کجين هيٺ ريڊيو پاڪستان جي راڻن ڪوثر ٻرڙي، مختيارملڪ ۽ سيد اڪبرشاه سان رس رهاڻيون رچنديون هيون. ڪڏهن انهن ٺٽي نگر ۾ ڏيئا ۽ ڏياٽيون جلايون ته ڪڏهن ڪراچي جي سمنڊ ڪناري وڏن ٻيڙن جا سڙه ڇڪيندڙ ملاحن سان ملاقاتي ٿيا. صادق فقير جي دکدائڪ مرتئي تي هن جا نظم واڍوڙن جا وڍ آهن، سٽ سٽ ڪان جي ڪڙ ڪڙ ڪري وجود مان گذري ٿي. پياري شواڻي جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ کي ٿري ٻولي جو ڍاٽڪي ويس پهرايو آهي. پڙهندڙن جي دل کي ڍاٽڪي ترجمي واري حسناڪي سان موهيندڙ ڪتاب “ ٻاٻيهو ٻولي ” جي ارپنا هن صادق فقير جي حياتيءَ ۾ ئي هُن جي نالي ڪئي هئي.،
هن ڪتاب برساتن لئه ڪهڙا بارڊر جي ارپنا به شاعر جي وڇڙي ويل دوست صادق فقير ۽ پنهنجي والد صاحب ۽ ، ٿر جي سگهاري شاعر، صحافي، ناول نويس ۽ چترڪار پريم شواڻي جي نالي ڪيل آهي. جن جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ نصيب نه ٿيو. پريم پنهنجي پٽ پياري کي ڏاڍو ڀائيندو هو، عمر جي پوئين ڏهاڙن پياري کي ساري اياز جي سٽن کي چپن تي آڻيندو هو ته ؛
جَي سُڀاڻي قدمَ چُمي پَنهنجا، ڪا به منزل ته، تُون ڪٿي هوندين؟ هاءِ، مُنهنجا جَلاوطن پيارا جَي گُهرَي دل ته تُون ڪٿي هوندين؟
زندگي تلخ تجربن جو ڊگهو داستان آهي.شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن انهن داستانن کي قلمند ڪرڻ جي لاءِ جنم ورتو آهي يانه ؟ بحث کي اڳتي وڌائڻ جي بدران ڳالهه کي اڌ ۾ کڻجي ٿي ته پيارو شواڻي ديس کان دوريءَ جي خوفناڪ خزان ۾ نه ڇڻي ها ته سنڌ ۾ رابيل جو روپ هجي ها. هن موڻابائو تان مڙي پنهنجي اباڻي وطن ڏي نهاريو ته اکيون ڀرجي آيون. خليل ڪنڀار جي نظم جو سڏ پڙاڏو ڪنن ۾ گونجڻ لڳو کن ترسين ها ، تون مان گڏجي ، اهڙو سهڻو ديس اڏيون ها......(خليل ڪنڀار)
ديس کان دور عارضي اڏيل آستاني تي پهچي لکيو ته ؛
پکي ديس واپس ،اُڏامي اچي پر،
نوان هي نشانا ، ڪٿي راس ايندا ،
جتي ڀي مران ۽، جڏهن ڀي مران پر،
وري جي ڄمان ته ، سنڌ ۾ جنم ٿي.
ڀارومل امراڻي چيلهار
3 آگسٽ 2016ع