کٽمٺڙي جهڙو شاعر
مون هن ڏانهن غور سان نهاريو، هُو اُن وقت واقعي مون کي گھوڙو لڳي رهيو هو. پهرين سوچيم ته هن تي، گھوڙي تي مضمون لکڻ واري انداز ۾ مضمون لکندس، پر پوءِ دل جي چوڻ تي، پنهنجي قلم تي سوچ کي سواري ڪري، ڪاڳر جي ميدان تي ڪنهن به طرف ڊوڙڻ لاءِ ڇڏي ڏنم.
اياز گُل نيڪ طبيعت جو مالڪ ۽ سٺي شاعريءَ جو خالق آهي. کٽمٺڙا کائڻ سندس پسند مو مشغلو آهي. هميشه کيسا ڀريون پيو هلندو. ايتري قدر جو، جڏهن ليڪچراريءَ جي انٽرويوءَ لاءِ ڪميشن آڏو پيش ٿيو ته سندس وات ۾ کٽمٺڙو هو. گھڻن کٽمٺڙن کائڻ جي ڪري سندس لهجي ۾ به ميٺاج سمايل آهي. بلڊپريشر گھٽ هئڻ سبب، کيس ڪاوڙ به قسمت سانگي ايندي آهي، پر جي ايندي اٿس ته اها ڪاري ڪاوڙ هوندي آهي. اهڙي طرح هو ڪاوڙ جا هفتا به ملهائيندو آهي. هو ڪاوڙبو به تمام معمولي ڳالهين تي آهي، جن ڏانهن هوند ڪنهن جو به ڌيان نه وڃي. مثال طور چوندو ته مان فلاڻي جاءِ تي آيس، تُون ٻين دوستن سان ويٺو هئين، پر مون سان اوپرن وانگر ملئين، يا فلاڻي گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي ڀر مان اٿي ٻي جاءِ تي ڇو وڃين ويٺئين، وغيره. ان مان سندس حساس طبيعت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ٻين سان سندس ڪاوڙ ڪيتري دير قائم رهندي آهي، ان جا پورا انگ اکر ڪونهن، باقي کيس اعتراف آهي ته مونسان ڪاوڙ ڪرڻ کان پوءِ، هُو اها ڪڏهن به برقرار رکي نه سگھيو آهي. اسان پاڻ ۾ ڪيترا ڀيرا ڪاوڙيا هونداسين، پر هر ڀيري هڪٻئي لاءِ طلب وڌي اهي. گڏ گھاريل سالن جي انهيءَ ساٿ ۾، اسان ٻنهي مان، ڪنهن به جڏهن سڪَ سڳي ۾ ڇڪ محسوس ڪئي آهي ته انهيءَ کي ڍَر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ادب جي اڱڻ ۾ بانبڙن پائڻ کان وٺي ڊوڙڻ تائين (هيل تائين) سندس سارو سفر منهنجي اڳيان آهي.گلن جهڙا ٻارڙا جون گڏجاڻيون، سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ هجن يا ادبي شامون، هر جاءِ تي گڏ رهيا سي. اهو سمورو تعلق ادب جي حوالي سان هو. تعلق به اهرو جو ڏينهن ۾ چار پنج ڀيرا نه ملون ته ماني هضم نه ٿئي. انهيءَ ويجھڙائپ جو هڪ سبب اهو به آهي جو جن جي ذات منهنجي نالي ۾ سمايل آهي، يعني مان ادل ۽ هُو دَلُ (ذات جو)
هتي سندس ذات جي حوالي سان هڪ تاريخي واقعي جو ذڪر به ڪندس، جنهن جو اڻسڌيءَ طرح، گُل جي شاعر هئڻ واري پسمنظر سان تعلق مون زوريءَ ڳنڍيو آهي. مغلياڻيءَ جي چيچ ۽ شاهه جي هٿ واري ڳالهه تان مُغل شاهه لطيف تي باهُڙيا هئا ۽ سڱُ ڏيڻ کان انڪار ڪندي في الحال لطيف کي لوڏن ۾ وڌو هئائون. مجازي محبت جي چوٽ جُدا ۽ ڪوٽڙيءَ مان ٽپڙ ٻڌرائڻ جو ڌڪُ ڌار، سو لطيف سائينءَ کي مغلن ٻنهي پاسن کان سُور ڏئي ڇڏيا. ان وچ ۾ اياز گُل جا مائٽ دَلَ، مردن جي غيرحاضريءَ جو فائدو وٺي، مغلياڻين کي ڦري لٽي، ڀينگو ڪري ويا. شاهه لطيف ان سلسلي ۾ مغلن جي مدد ڪرڻ پئي چاهي، پر هنن اها آڇَ ٺُڪرائي، شاهه صاحب کي ڪاوڙائي هيئن چوڻ تي مجبور ڪيو ته:
بيگ تنهنجي بيگڙي، ڪوٽڙيءَ مان ڪانَ
اٿم آس الله ۾، دَلَ مارينئي مانَ.
لطيف سائينءَ جي بددعا اثر ڏيکاريو، مرزا بيگ ساٿين سميت، اياز گُل جي مائٽن هٿان مارجي ويو ۽ مائين مغلياڻي ڀٽائيءَ کان معافي وٺي کيس مطلوبه سيده بيگم پرڻائي ڏني. جي دَلَ، داداگيري نه ڪن ها ته هوند مغلن جي ڪنڌ مان ڪلو نه نڪري ها ۽ شاهه کي مطلوبه محبت نه ملي ها، يعني اهو اڻسڌيءَ طرح دَل برادريءَ جو لطيف سائينءَ سان سهڪار ٿيو. موٽ ۾ ڀٽائيءَ جي دعا به دَلَ برادريءَ کي ٿوري گھڻي ضرور لڳي آهي جو شاعرن ۽ اديبن جا ڌَڻَ نه سهي، پر ٻه ٽي ان ذات ۾ ڀلا شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. جن مان ٻه نالا چڱا مشهور ٿيا آهن، هڪ دَل عبدالحئي راهي امروٽي ۽ ٻيو دل اياز گُل امروٽي. دل عبدالحئي راهي ته دبئي وڃن کانپوءِ راهه بدلائي في الحال ادب جي دنيا مان ڪک پن ٿي ويو آهي، باقي اسان وارو هي ڍولڻ، پنهنجو پراڻو سينيما اسڪوپ نالو سُسائي، ادب جي اسڪرين تي پنهنجن غزلن ۽ گيتن جا سلائيڊ ڏيکاري رهيو آهي. منهنجي ذاتي خيال ۾ هن جي شاعر ٿيڻ ۾ لطيف سائينءَ جي انهيءَ آڳاٽي دُعا جو ڪجهه نه ڪجهه حصو ضرور هوندو، پر هيءُ همراهه سيد جي دُعا سان فقط شاعر ٿيڻ واري حد تائين راضي ناهي، پر سيدن مان اڃا وڌيڪ ٻاجھَه ۽ ڪرم نوازيءَ جو طالب آهي.
دَل جي دُعا، شل قادر ڪري قبُول.
هُونئن گُل شاعر ته تمام ڀلو آهي، پر هن ۾ ڪجھه غير شاعراڻا لڇڻ به موجود آهن، جيڪي اسان شاعرن ۾ اڪثر ڪري اڻلڀ هوندا آهن. مثال ترتيب، يعني ڪتابن ۽ سامانن کي ڍنگ سان ٺاهي رکڻ ۾، هي چڱين ڀلين سگھڙ زالن کان گوءِ کڻي ويندو. هن جي ڪمري جي هر شيءِ ترتيب سان رکيل نظر ايندي. ڪتاب هجن يا ڪپڙا، رسيدون هجن يا رومال، اڳٺ کان انڊرويئر تائين سندس هر شيءِ سليقي سان رکيل هوندي. جيڪا هڪ غير شاعراڻي خاصيت آهي.
ڪتابن کي جُلد ڪرائڻ، خطن کي فائيلن ۾ محفوظ رکڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ پاڻ کي مصروف رکيون پيو ايندو. ترتيب ۾ رڪارڊ رکڻ واري عادت کان مجبور ٿي، وچ ۾ هن ڏٺل فلمن جون سئنيما واريون ٽڪيٽون ۽ هوٽل ۾ پيتل چانهين جا بل به سانڍڻ شروع ڪيا هئا، پر دوستن جي ٽوڪڻ تي هاڻي ٽڪيٽون ۽ بل سنڀالي نه رکندو آهي.
انکانسواءِ ڪتابن وانگر هي نَون ڪٽڪ نوٽن کي به سنڀالي رکڻ جو شوقين آهي. جيڪڏهن ڀرسان ويٺو هوندو ته جھٽ ڏيئي منهنجي کيسي مان ڪڙڪ نوٽ ڪڍي، ان جي جاءِ تي پراڻا نوٽ رکندو. يعني نوان ڪڙڪ نوٽ جمع ڪرڻ سندس هابي آهي. عام طور اسان اديبن ۽ شاعرن وٽ ڏوڪڙ جٽاءُ نه ڪندا آهن، يعني سُتت ئي هٿن مان ترڪي ۽ کيسي مان کسڪي ويندا آهن. ائين کڻي چئجي ته سدائين سُڃائيءَ سان سنگت هوندي آهي. پر هيءُ همراههُ پئسن کي پُٽن وانگر پاليندو آهي. هن وٽ پهچي نوٽن جا پَر ڪٽجي ويندا آهن.
گُل سائي ڀاڄيءَ کان ائين ڀڄي، جيئن جيرام ٽهي ڳائي گوشت کان، ان ڪري کيس سنگت ۾ ”گوشت خور گُل“ جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي. گوشت خور گُل جون هونئن ته ڪيتريون ئي حرڪتون آهن پر في الحال سندس هڪ يادگار حرڪت ياد اچي ٿي. اها ڳالهه ته سڀ مڃيندا ته عورت هر دؤر ۾ مردن لاءِ ڪشش جو سبب رهي آهي. ادب ۾ به عورت کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان جو مونکي به ذاتي تجربو آهي، جو شروع ۾ منهنجون به ڪچيون ڦڪيون لکڻيون، عورت جي نقلي نالن سان ايڊيٽرن خوشيءَ سان ٺاهي ٺُڪي شايع ڪيون هيون.
هن يار به شاهده بلوچ جي ڪوڙي نالي سان، قلمي دوستيءَ جي ڪشش ڏياري ڪيترن ئي قربدارن کي ڇتو ڪيو هو. آخرڪار معاملو ان حد تائين وڌيو جو همراهه اچي ڀٽا روڊ تي نڪتا ۽ مائي سڳوريءَ جو پڇائيندا پئي وتيا. انهيءَ صورتحال گُل کي سست ڪري وڌو ۽ آئيندي ان قسم جي حرڪت کان توبهه تائب ٿيو.
هن جي ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان ٿورو گھڻو لکڻ کانپوءِ اها زيادتي ٿيندي، جيڪڏهن مان هن موقعي تي هُن جي شاعريءَ تي ڪجھه فليش نه هڻندس. ائين ناهي ته ڪو گُل جي شاعري خامين کان خالي آهي، پر ههڙي خوبصورت ٿڌڙي شام تي مان گُل جي گرم گرم غزلن ۽ نرم نرم نظمن تي نقاد واري نظر نه پر، هڪ پرستار واري پيار ڀري نماڻي نظر وجھندس. ادب ۾ هونئن به کري تنقيد جي کوٽ آهي. ڇوته اهو پورهيو هڪ محنت طلب آهي ۽ ٻيو ان ۾ نيت جو نيڪ هجڻ ضرور آهي. خير محنت ته کڻي اسان ڪري وينداسين پر اسان جي نيتن تي اعتبار ڪونهي. اندر جي اوٻر ڪڍڻ ۾ اسان وڌا آڙيڪاپ آهيون. جيئن ڪجھه نقاد ان قسم جي منافقي ڪن ٿا، تيئن ڪجھه ليکڪن ۾ به صحيح تنقيد برداشت ڪرڻ جي توفيق ڪونهي. ان ڪري يار ويس ماڻهو تنقيد جي گُر کي استعمال ڪرڻ کان لنوائين ٿا. ڇو ته محنت کان علاوه ان ۾ سماجي وهنوار واري گراف ۾ ناراضگيءَ، واري لڪير جي مٿي وڌڻ جو انديشو آهي. جيئن ته مان ڪو فُل ٽائيم نقاد وغيره ناهيان ڇو ته هر نقاد وٽ ڌار ڌار ماپا ۽ فريم هوندا آهن. هُو چاهيندا آهن ته فلاڻي ڪي فلاڻي ليکڪ کي هيئن لکڻ گھرجي يا وري ليکڪ کي اڳواٽ تيار ڪيل فريم ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انڪري مان پنهنجي دوست جي شاعريءَ کي ڪنهن به ڪسوٽيءَ تي پرکڻ بجاءِ، سنئون سڌو جيئن محسوس ڪيو آهي، ان جو مٿاڇرو ذڪر ڪندس. هونئن به شامون تخليقڪار جي تخليقن جو اعتراف هونديون آهن، جن مو مقصد ان جي فن جي لڪيل خوبين کي اجاگر ڪري، وڌيڪ ماڻهن تائين متعارف ڪرائڻ آهي.
گُل جي شاعريءَ جو مکيه گُڻ، ٻولي ۽ لهجي جي سادگي آهي. هن جي سموري شاعريءَ ۾ خوبصورت عڪس، ڳوڙها ويچار، اندر جا احساس ۽ جذبا، عام فهم ۽ مروج لفظن ۾ بيان ٿيل آهن. جيتوڻيڪ ان جي شاعريءَ جو ڳچ حصو ذات جي ڏک جي حوالي سان آهي، پر ائين هرگز ڪونهي ته هن حياتيءَ جي ٻين حصن ڏانهن ڌيان نه ڏنو آهي. ڌرتيءَ جي محبت، روشن آئيندي جي اميد، همت سان مسئلن کي منهن ڏيڻ جِهڙن ويچارن سان گڏُ، هن جي شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سچائيءَ جو هر رنگ موجود آهي. هو هر سچي شاعر جيان پوري انسانيت سان محبت ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:
جيڪي انسانيت سان پيار ڪن ٿا
تن جون ئي زندگيون سجايون هِن.
اهڙِي طرح هو پوري دنيا کي محبت جي ڀيٽا ڏئي ٿو:
شاعر جا دنيا جي نالي
شعر محبت ناما آهن.
انسانيت سان محبت جو سلسلو پنهنجي ڌرتيءَ جي پيار کان شروع ٿئي ٿو. مٽيءَ جي محبت، ڌن دولت ۽ زماني جي عارضِ اعزازن کان گھڻو مٿي آهي.
سنڌ ساڻ ڀيٽجن ڪهڙيون ڪهڙيون عظمتون
پيار جي ملي پوي ڇا ڪنداسين دولتون.
اُصول پسند، وفا شعار ۽ زمين پرست
اسانجون دوست برابر گھڻيون خطائون هن.
سنڌڙي تنهنجو سُنهن ته توکي
سپُنن ۾ ڀي ساريو آهي.
توسان پيار ڪندڙ ڇا ڄاڻي
سرڪاري تمغن جون ڳالهيون.
هن پنهنجا ڏک سُک، ڌرتيءَ سان لاڳاپيا آهن، تنهنڪري ڌرتيءَ جو هر ڏُک هن جو پنهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڌرتيءَ جي درد تي هن جي ڏات تڙپي ٿي:
ياد ڪري دُک ڌرتيءَ جا
شعر رُنا ها منهنجا رات.
هو ڏات کي پنهنجي ذاتي ملڪيت نه پر ڌرتيءَ ۽ ان جي انسانيت جي امانت ٿو سمجھي. ان ڪري هن جي شاعريءَ جو عمل، وقت جي وندر بجاءِ هڪ اهم مقصد لاءِ آهي.
هي جو ڪجھه آءٌ لکان ٿو، ڪنهن تي ڪو احسان نه آ،
ڌرتيءَ جو ڪو قرض آ جيڪو آءٌ چڪائڻ چاهيان ٿو.
زماني سازي ۽ عام سماجي سوچ کي پاسيرو رکي، ڏات جي حوالي سان ڏسجي ته هيءُ ڌرتيءَ جو سڀ کان سگھارو فرد آهي، ڇو ته هي قلم تي قدرت رکي ٿو. جيئن نپوليئن چيو هو ته:
(دنيا ۾ ٻه طاقتون آهن، تلوار ۽ قلم ۽ آخر ۾ هميشه تلوار تي قلم سوڀارو ٿيو آهي.)
ان مان قلم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
گُل به پنهنجي قلم جي قوت کي صحيح رُخ ۾ استعمال ڪيو آهي. هُن اجاين ۽ بيسود خيالن جي ورجاءَ کان بچندي، پنهنجي ڏات وسيلي هيٺين پيڙهيل طبقي جي محنتي دُکي انسانن کي جيئڻ جو اتساهه ڏياريندي، انهن جي روشن آئيندي جي آس ڪئي آهي:
هَر هٿوڙا، زخمي هٿَ
منزل ماڻيندا ڏسجو.
هڪ پُر اميد انسان جي حيثيت ۾ هُن وٽ دنيا جو ڪوبه عمل ڏکيو ناهي ۽ هر خواب جي ساڀيا ممڪن ٿي سگھي ٿي پر ڳالهه آهي بيداريءَ جي:
هر ڪم سولو ٿي پوندو جي،
دل جاڳي دل وارا جاڳن.
اُميد جا گُل به ڏکن جي ٻوٽي مان ڦٽن ٿا. جيڪڏهن ڏک نه هجي ها ته سُک جو تصور نه اڀري ها ۽ اونداهيءَ ۾ ئي روشنيءَ لاءِ تڙپ پيدا ٿئي ٿي. جيئن تنوير عباسيءَ چيو آهي ته:
درد پيغمبر،
جنهن جو معجزو آهي سجاڳي.
اهڙي شاعر وٽ تخليق جو درد ضرور آهي. ڇوته اثرائتي لکڻي درد مان ئي جنم وٺي ٿي ۽ اهڙي طلب گُل به ڪئي آهي.
لُڙڪ اکين جا وڃن ٿا سُڪندا
ڪ نوان درد پرائڻ گھرجن.
تخليق جو درد يا سماجي حالتن جو هاڃو ۽ اهڙا ڪيترائي ڏک حياتيءَ سان لاڳاپيل هوندي به اها پياري ٿي لڳي، هڪ شاعر کي، شاعر جيڪو اسان جي جذبن جو به ترجمان آهي:
زندگي توڙي جي عذاب ڪوئي
ناهي پوءِ به سندس جواب ڪوئي.
هڪ پُر اُميد تخليقڪار جيئن جي جاکوڙ ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو آهي. هن وٽ انسانن لاءِ آٿت جا جذبا ۽ همت جا حوصلا هوندا آهن ۽ هو حالتن مان بيزار انسانن کي سيني سان لائي چوندو آهي:
هيءَ ڊگھي رات سهي، کُٽندي ضرور
درد نه رهندا ۽ دانهون ساڳيون.
رات توڙي گھڻي انڌاري آ
روشنين جي تلاش جاري آ.
ڪڪريون ٿر ڏي به وينديون دوستو!
بارشون آخر ته ٿينديون دوستو!.
ڏک اسان جي ڏيهه ۾
ڏينهن ٻه ٽي مهمان.
هو فقط آٿت ۽ آسري تي روشن آئيندي جا خوبصورت خواب نه ٿو ڏيکاري، پر ان لاءِ عمل جو اصول به ٻڌائي ٿو. ڇو ته الماريءَ ۾ رکيل ڪتاب ۽ ان ۾ بند ٿيل خواب، حياتيءَ کي سنوارڻ جو سبب نه ٿا بڻجن، پر ان لاءِ جلڻو ۽ پچڻو پوي ٿو، جيئن شيخ اياز چيو آهي:
آءُ ڪڙهائيءَ ڪڙهه، آءُ ته پرکيون پاڻ کي
هونئن ته پيو پڙهه، پڙهڻ مان ڇا ٿو وري.
اهڙي ريت اياز گل به پنهنجي محبوبه کي عمل جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ چوي ٿو:
اچُ ڪجھه عمل جي دنيا ۾ مٺي!
ڪيسين رهندينءَ تون دُعائن ۾ گُم.
فڪر جي لحاظ کان گل وٽ، جتي پشم جهڙا نازڪ جذبا آهن، اتي رُڪ جهڙيون سگھاريون سوچون به آهن. جيئن فڪري طور تي هُن وٽ وِيچارن جي ورائٽي آهي، تيئن فني لحاظ کان به هن وٽ مختلف رنگ آهن. هُن جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل مترنم ٻولي، تشبيهون ۽ ڪيترائي خوبصورت عڪس، هن جي فني خوبين کي اجاگر ڪن ٿا. شاعري به خيالن جي موسيقي آهي، جيڪا اسان تائين لفظن جي وسيلي پهچي ٿي ۽ اهڙا مترنم لفظ گُل جي شاعريءَ ۾ به آهن:
کيت ۾ سنگ پچن، رنگ رچن انگ نچن.
اهڙيءَ طرح پرينءَ کان ڌار گھاريل اُداس گھڙي، گُل کي ڪنهن بيوه جي اجڙيل سينڌ سمان لڳي ٿي. جيڪا هڪ سهڻي تشبيهه آهي.
توسواءِ هرگھڙي پرين آهي،
ڪنهن بيوه جي سينڌ جيان اجڙيل.
گُل جي شاعريءَ ۾ ڏنل عڪس ايترا ته خوبصورت ۽ چٽا آهن جو پڙهندڙ انهن ۾ پاڻکي گُم ٿيل محسوس ڪندو. ٿَر جي واري، ٿريلين جي چهرن ۽ چولين جي انڊلٺ رنگن سان تصوير ٺاهيندي هو پنهنجي ڌرتيءَ سان مهبت جو اظهار ڪري ٿو:
ست رنگ چوليون چلڪيل چهرا، ڳاڙهسري واري
سنڌڙي تنهنجو چاهه پئي ٿي اکڙين منجھه ڀري.
ڪنهن اداس اسٽيشن تي محبوب جي جدائيءَ جو عڪس، نگاهن کان ڏُور ٿيندڙ ٽرين، جنهن سان گڏ عاشق جي اکين جي روشني به هلي ويئي آهي.
منهنجي نظر هلي وئي آ تنهنجي گاڏيءَ سان
انڌن وانگر اسٽيشن تي بيٺو آهيان مان.
گھر کان ڏُور، هيکلائپ، رات جو پويون پهرُ ۽ جھيڻو چنڊ اهڙي ڳنڀير ڪيفيت ۾ هواجو آٿتُ ڏيڻ ان سمي جو پورٽريٽ گُل لفظن جي بُرش سان هيئن پينٽ ڪيو آهي:
رات جو پويون پهرُ، مان هيس ۽ چنڊ ٿڪل
هوا ڳراٽڙي پائي چيو اُٿي گھر هلُ.
اهڙا ڪيترائي خوبصور عڪس گُل جي مجموعن ۾ آهن. هُن ٻارن لاءِ به لکيو آهي ته يارن لاءِ به. سبني صنفن ۾ پنهنجي فڪر جو اظهار ڪندي هن غزل لکڻ ۾ پنهنجا گوهر وڌيڪ ظاهر ڪيا آهن. جنهن ڪري کيس غزلن جو بادشاهه نه سهي، پر غزل جو گولو چئي سگهجي ٿو. غزل جي راڻيءَ جو لقب ڪنهن شاعره لاءِ مخصوص آهي، جيڪا اڃا ظاهر نه ٿي آهي. بهرحال ”راڳ جي راڻيءَ“ جو خطاب جاري ٿيڻ کان پوءِ ”غزل جي راڻيءَ“ جي اعزاز جو به جلد اعلان ٿيڻ گھرجي.
غزل جو گولو اهو خوشنصيب شاعر آهي جنهن جي ڪتابن جا مُهاڳ سنڌ جي ٻن بک ڏاهن، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد ابراهيم جويي صاحب جن لکيا آهن. انکانسواءِ هيءُ انهن شاعرن مان هڪ آهي جن جي شاعريءَ جي وڻ تي شهرت جا شِڪرا جلد اچي ويٺا آهن.
شال گُل جي فن جا فانوس
سندس سوچ جي تيل سان
ادب جي ايوان ۾
پنهنجي حصي جي جوت پکيڙيندا رهن
هن سان ههڙيون خوبصورت شامون
سدائين پيو ملهائجن
پر هن جي فن ۽ فڪر جي
ڪڏهن به شام نه ٿئي.
(5 ڊسمبر 1986ع تي سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل پاران اياز گل سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيل.)