اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!!!
اوچتو ڪافر گُم ٿي ويو. گھڻا ڏينهن گُذري ويا جو پاڙي ۾ نظر نه آيو، سو همڪلاسي ڇوڪرن کان پڇيم ته ”ڪافر ڪاڏي ويو آهي؟“ هنن جواب ڏنو ته: ”هو هڪ ٻئي وڏي ڪافر سان هندستان ملڻ ويو آهي.“ ان وقت فقط اهو سمجھه ۾ آيو هو ته هندستان ڪو وڏو ملڪ آهي، جنهن جو هُو سئر ڪرڻ ويو آهي. اُستاد عبدالله جمعي جي خطبي ۾ ٻڌائيندو هو ته: ”ڪافر کي الله تعالى گھڻي دولت ڏيندو آهي ۽ مؤمن کي تڪليفون ڏئي امتحان وٺندو آهي.“ سو پڪ ٿي ته هو پنهنجي دولت کپائڻ هندستان ويو آهي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته هو هندستان کان موٽي آيو آهي ۽ پاڻ سان ڪجھه بتَ آندا اٿائين جن جي هو عبادت ڪندو آهي. مون اڳ ۾ بت ڪڏهن به نه ڏٺا ها، سو انهن کي ڏسڻ جي اندر ۾ آس جاڳي. جيئن ته ان جا ڪيترائي مٽ مائٽ ڇوڪرا اسڪول ۾ پڙهندا ها، ان ڪري هڪ ڏينهن انهن سان گڏجي مان هن جي گھر بتَ ڏسڻ ويس. ان وقت هو پاڻ گھر ۾ موجود نه هو تنهنڪري اسين بي ڊپا ٿي سندس ڪمري ۾ وياسين. سڄي ڪمري ۾ چئني پاسن کان ڪتابن جون الماڙيون هيون. ۽ هڪ جاءِ تي ٻه ٽي بتَ به رکيل ها. مان انهن ننڍين مورتين کي چڱي دير تائين غور سان ڏسندو رهيو هوس پر ڳالهه منهنجي سوچ کان مٿي هئي.
عيد جي ڏينهن جڏهن نوان ڪپڙا پائي بابا سان گڏجي جاگيراڻي محلي ۾ استاد محمد عارف واري مسجد ۾ عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويس ته مون کي ان وقت گھڻي حيرت ٿي، جڏهن ڏٺم ته هو به عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويٺو هو. ان وقت استاد جا لفظ ياد آيا ته: ”ڪافر نماز نه پڙهندا آهن نه ئي الله تعالى کي مڃيندا آهن.“
پنجون درجو پاس ڪري مون هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جيئن ته محلو ساڳيو هو، انڪري وقت به وقت هو مونکي نظر ايندو هو، خاموش پنهنجي دنيا ۾ گُم. اٺين درجي کان منهنجو ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سائين ممتاز علي مغل صاحب جي نصيحت تي عمل ڪندي ڏيهاڙي معصوم شاهه لائبريري ويندو هوس. جيئن اڀياس جي رفتار وڌندي وئي تيئن مون پنهنجي ذهن ۾ تبديلي محسوس ڪئي. مئٽرڪ تائين مون کي لڳو ته منهنجي ذهن جي اونداهين ڪمري ۾ آهستي آهستي روشندان کلي رهيو آهي. انٽر تائين ذهن جي ڪمري ۾ چڱي روشني ڦهلجي چڪي هُئي. ان وچ ۾ شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ لڳو هوس. جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ آيس ته مؤمن ـ ڪافر جون سموريون حقيقتون ظاهر ٿي پيون. اهو ڪافر هاڻي هڪ مانائتي ليکڪ رشيد ڀٽيءَ جي روپ ۾ منهنجي سامهون هو. مونکي خبر پئجي وئي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي!. مونکي محسوس ٿيو ته منهنجو ذهن جيڪو اڳ ۾ سوڙهو اونداهو ڪمرو هو، هاڻي ڪشادو ميدان ٿي پيو آهي.
سائين فتاح ملڪ جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اجلاسن ۾ ڀَٽي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. هو نوجوانن جي لکڻين تي سُٺي نموني ڳالهائيندو هو ۽ صلاحون ڏيندو هو. پاڙيسري هجڻ جي ناتي گھڻو ڪري روز گڏجڻ ٿيندو هو. ائين ئي ڀَٽي صاحب جي شخصيت واضع ٿيندي وئي.
چند ستارا راهون آهن،
منهنجون عبادتگاهون آهن.
تُون ته چوين ٿو ملحد آهيان،
ڪائنات جو چپو چپو.
مون لئه مسجد وانگر آهي،
۽ ماڻهوءَ جي دل مون لئه آ
جامع مسجد وانگر.
ڪلهه کان مان ۽ فيض انهيءَ ۾،
پهرين صف ۾ آهيون.
ساڳي صف ۾،
بُلي شاهه، ڀٽائيءَ پارا.
ڪيئي ملحد آهن
ڪيئي ملحد آهن.
(شيخ اياز)
”اسان تي الزام آندا،“ جڳ جيئڻ جا، وانگر تنگ نظر ۽ تعصبي ماڻهنجون فتوائون بي معنى آهن. سائين جمال ابڙي جي لفظن ۾ ته: ”روزا اسين رکون، نماز ۽ تهجد اسين پڙهون، خدا جو خوف دل ۾ سدائين، پوءِ به اسين ڪافر سڏجون.“
سچل سائينءَ چواڻي:
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي
مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
رشيد ڀٽيءَ جو جنم 20 آگسٽ 1933ع تي سکر جي علمي ادبي گھراڻي ۾ ٿيو. سندس والد مولوي عبدالحميد ڀٽي پنهنجي دؤر ۾ ناميارو عالم، اديب ۽ صحافي هو. پنهنجي والد جي ڪري، رشيد ڀٽيءَ کي ننڍپڻ کان ئي نامور علمن ۽ اديبن جي صحبت حاصل رهي، جنهن ڪري سندس تربيت ۽ سوچ ۾ پختگي ننڍپڻ کان ئي شروع ٿي.
نوجوانيءَ واري دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران، هڪ انگريزي اخبار ۾ ڪمپازيٽري ڪري کيس خرچي حاصل ڪندو هو، جنهن ڪري هن ۾ شروع کان ئي خودداريءَ جو مادو پيدا ٿيو. اهڙي ريت هن آخر تائين پنهنجي پيرن تي بيهي محنت ڪري کائڻ جي روايت برقرار رکي. کاڌي کان ڪپڙي لٽي تائين، سادگي پسند رهيو. شخصيت ۾ اجائي ٺاهه ٺوهه ۽ نماءَ جو مخالف هوندو هو. دوستن جو پيارو ۽ بيرونق ڪچهرين ۾ ٽهڪن جي رنگيني پکيڙيندڙ. علمي ادبي، سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو ته لکڻ ۾ به تيز. ناول، ڪهاڻيون، ترجما، شاعري، جيل جون ڊائريون، ڪالم، مهاڳ، خاڪا ۽ مقالا وغيره، هر موضوع تي لکڻ جي ڀرپور صلاحيت جو مالڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق. وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن عمل ۾سجايو ڪندڙ. ڪُتبخانن کان بنديخانن تائين سندس پيرن جا نشان پکيڙيل. عام زندگيءَ ۾ خاموش خاموش محسوس ٿيندڙ پر دوستن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندو هو.
سنڌي ادبي سنگت، ادبي سوسائٽي سنڌ مسلم ڪاليج، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، شاهه عبداللطيف فائونڊيشن، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين علمي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو. علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ ڪري سندس وڪالت وارو پيشو گھڻو متاثر ٿيندو هو. اهوئي سبب آهي جو هو وڪالت جي حوالي سان گھڻي شهرت حاصل ڪري نه سگھيو. پڇاڙيءَ ۾ ڪجھه سالن کان آغا بدرالدين دُراني لاڪاليج ۾ قانون جو آنرري پروفيسر هو. صحافين ۾ به ڀٽي صاحب پٺتي نه هو. هُُ روزانه الوحيد ڪراچي ۽ روزانه نئين سنڌ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ روزانه هلال پاڪستان جو ايڊيٽر به رهيو. سندس مستقل ڪالم، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، هفتيوار برسات ڪراچي ۽ ماهوار سوجھرو ڪراچي ۾ شايع ٿيندا هئا.
سندس ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
1. آدرشي ڪهاڻيون. ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي 1962ع.
2. گھڙي گھڙي هڪ گھاءُ (ڪهاڻيون) پاڪستان رائٽرس گلڊ.
3. دنيا جا عظيم افسانا (ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 1958ع.
4. آڏي ڍال مَ ڍار. (ترتيب) پاڪستان رائٽرس گلڊ سکر 1966ع .
5. رياست ۽ آزادي (ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 1966ع.
6. عاشق زهر پياڪ (ناٽڪ) مهراڻ پبلشر سکر 1968ع.
7. ڪميونسٽ پڌرنامو (ترجمو) عوامي ڪتاب گھر 1975ع.
8. سچ جو فلسفو (تجزيو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع.
9. پاڪستان جا پراڻا شهرـ سنڌي ادبي بورڊ 1981ع.
10. پاپ ۽ پيڙا (ناول ـ ترجمو) اڻ ڇپيل.
11. باغي (شاعري ـ ترجمو) اڻ ڇپيل.
12. چتر ليکا (ترجمو) زندگي پبليڪيشن حيدرآباد.
13. سياري جي رات (طنزيه ڪهاڻيون) شهباز پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع.
14. اوڀاريون لهواريون (ڪالم تقريرون) سنڌي ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع.
15. ديس سُتا دل وارا جاڳيا (ڪهاڻيون) سنڌي ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع.
16. جڏهن جھوڪ جھُريو (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1985ع.
17. ويرن جي وسندي (ناول ـ ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع.
18. سنڌ ۽ هند جي ادبي شخصيتن جي خطن جي چونڊ (ترتيب هيٺ).
19. ادبي تنقيدي مضمونن جو مجموعو (ترتيب هيٺ).
20. تقريرن جو مجموعو (ترتيب هيٺ).
21. اخباري ڪالمن مان چونڊ (ترتيب هيٺ).
22. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ ادبي هلچل جي تاريخ (زير تصنيف).
23. ڪليمن جارو جي برف (ڪهاڻيون ـ ترجمو) اڻپورو.
24. گُڊارٿ (ناول ـ ترجمو) اڻپورو.
25. شاهه عبداللطيف آف ڀٽ (ترجمو) اڻپورو.
26. اسين لوچون لوهه ۾ (جيل جي ڊائري) پريس ۾. سنڌي ادبي اڪيڊمي حيدرآباد.
27. تضاد بابت (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 1986ع.
مختلف ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ، سنڌي ٻوليءَ جو، ناميارو اديب رشيد ڀٽي، نثر جي ايترن ڪتابن جي تخليق ۽ ترجمي ڪرڻ کان سواءِ شاعريءَ ۾ به دلچسپي رکندو هو. سندس مزاحيه شاعري گھڻي مقبول آهي، جيڪا اڪثر ڪري مشهور گيتن ۽ غزلن جي پيروڊي طور جوڙيل آهي. جنهن ۾ وزن بحر به ساڳيو ئي رکيو اٿائين. خاص طور تي مشهور شاعر نياز همايوني جي گيت:
تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا.
جي پيروڊي، ڀٽي صاحب هن ريت ڪئي آهي:
تنهنجي دنيا سُرخي سينڊل
مون وٽ سُوٽ نه ڪو فُلسوٽ الا.
اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو مزاحيه شعر آهي؛
وري ياد آيا بهانا اوهان جا
هي ڏاڏا اوهان جا هي نانا اوهان جا
اسان جي ته دنيا آ ٺيڙهي پڊعيدن
هي لنڊن هي پيرس ويانا اوهان جا.
ڀٽي صاحب پنڌ ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. جنهن لاءِ پنڌ گھمڻ جا فائدا ٻڌائيندو هو ۽ روز، چڱي مفاصلي تائين ڇنڌ ويندو هو. هڪ ڀيري مان، سائين فتاح ملڪ ۽ ڀَٽي صاحب، سچل جي عرس جي موقع تي درازن وڃي رهيا هئاسين. راڻيپور پهچي ڀَٽي صاحب چيو ته: ”هتان سچل جي درگاهه تائين پنڌ هلنداسين. گھمڻ سان ورزش به ٿي ويندي.“ سو راڻيپور کان پنڌ شروع ڪيوسين. واٽ تي ڀَٽي صاحب جي ڪيترن ئي دوستن گاڏيون روڪي گڏ هلڻ جي صلاح ڪئي. جيئن ته ڀَٽي صاحب کي پنڌ ڪرڻو هو سو ڳالهه ٺاهي سڀني کي چيائين: ”يار مون سچل جي درگاهه تي باس باسي هُئي ته عرس جي موقعي تي راڻيپور کان پيرين پيادي درازن تائين ايندس، سو توهان هلو مون کي پنڌ پڄڻو آهي.“
حاضر دماغ هو ان ڪري پنهنجي هر ڳالهه کي وزن ڏياري ويندو هو. وري جڏهن سچل سائينءَ جي درگاهه تي پهتاسين ته اتي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ وڏو ڪمرو ڏنو هئائون جنهن ۾ گلم وڇايل هو ۽ فقط هڪ کٽ پيل هئي. ٻيا سڀُ هيٺ گلم تي ويهي رهيا ۽ سائين غلام محمد گراميءَ کي مٿي کٽ تي ويهاريائون. اتان لنگھندڙ ماڻهن لاءِ اهو منظر ڌيان ڇڪائيندڙ هو ته هڪ بزرگ کٽَ تي ويٺو آهي ۽ ٻيا سڀُ هيٺ ويٺا آهن. دروازي جي ڀرسان ڀَٽي صاحب ۽ نياز همايوني صاحب جن ويٺا ها. هڪ همراهه کان رهيو نه ٿيو، سو در وٽ ويٺل ڀَٽِي صاحب کان پڇيائين:
”ڀائو! ڪر خبر، اهو کٽَ تي ويٺل ڪير بزرگ آ..؟“
ڀَٽي صاحب ٺهه پَهه وراڻيس: ”بابا! اهو اسان سڀني جو مرشد سڳورو آهي.“ اهو ٻڌي همراهه بوٽ لاهي، نهايت عقيدت سان ٻانهون ٻڌي گرامي صاحب کي پيرن تي هٿ رکي وڃي مليو.
ان کان پوءِ اتان قطارون ٻڌجي ويون. هڪڙا ويا ته ٻيا آيا پئي. گرامي صاهب اچي پريشان ٿيو. ماڻهن کي گھڻوئي چيائين ته: ”بابا مان پير مرشد ناهيان.“ پر هو نه ٿي مُڙيا ۽ ان کي مرشد جي انڪساري ٿي سمجھيائون.
خوش مزاجيءَ وارو انداز ڀٽي صاحب جو پڇاڙيءَ تائين رهيو. پڇاڙيءَ ۾ جيتوڻيڪ گھڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر ان هيڻائيءَ جو احساس سندس شخصيت تي ڇانيل نه رهيو. پاڻ کي هردم خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو. پنهنجي بيماري ان جي علاج، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ دوائن وغيره جي ڄاڻ هيس ۽ ڊاڪٽرن سان اڪثر ڪري دوائن ۽ بيمارين جي حوالي سان بحث ڪندو هو. جڏهن به مان جاگيراڻي محلي مان گذرندو هوس ته سلام جي موٽ ۾ ڪونه ڪو اهڙو جملو چوندو هو جو خود به خود گھڙي پل ساڻس ڪچهري ڪرڻ تي دل چوندي هئي. رک رکاءَ وارو ماڻهو نه هو. جيڪي چوڻو هوندو هوس سڀني کي منهن تي چئي ڏيندو هو. جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو سندس مان ناخوش به هئا. انسان هو ۽ انسانن سان اختلاف به ٿي سگھن ٿا، پر سندس ادبي پورهئي کان سندس مخالف به انڪار نه ڪري سگھندا.
سائين شيخ اياز جي اڻڇپيل شاعريءَ جي مجموعي ”ڀٽ جي ڇانوَ اڳي کان گھاٽي“ ۾ ڪيترن نظمن جو تاثر نمايان آهي. هڪ نظم جو مفهوم ڪجھه هينئن به آهي ته ”ٽيبل تي هي اڻپورا نظم ائين پيا هوندا ۽ مان هن دنيا کي ڇڏي ڏور هليو ويندس.“ ڀٽي صاحب ائين ڏهاڙي مختلف ادارن پاران مليل ٽن ڪتابن جا ترجما ڪندو هو. ڪتابن جي خوشبو سان واسيل سندس اهي اڻپورا ترجما ائين پيا آهن، ڄڻ هينئر ڪجھه دير لاءِ ڀٽي صاحب ٻاهر وي هجي ۽ موٽي اچي رهيل ڪم پورو ڪندو.
موت برابر مهڻو ناهي، پر ائين اوچتو وڇوڙو ايذائيندڙ آهي. دوست يار سڀ انتظار ۾ ها ته اجھو ٿو ڀَٽي صاحب علاج لاءِ ٻاهر وڃي، پر هو اهڙي پار هليو ويو، جيڏانهن وڃڻ جي واٽ آهي پر ورڻ جو ڪو گسُ ڪونهي. جاگيراڻي پاڙي ۾ حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، غلام رباني ۽ مرغوب بخاري جن هونئن به اڪثر ايندا رهندا هئا ۽ ڀَٽي صاحب سان وڏيون ڪچهريون ڪري وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا، پر 16فيبروري جي ملاقات ٻئي رنگ جي هئي. سڀني کي کلائڻ وارو خاموش ابدي ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس چؤڌاري ساڻس گڏُ کلڻ وارا اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا. شيخ اياز، فتاح ملڪ، تنوير عباسي ۽ محبوب شيخ جن ته سڏڪن ۾ پئجي ويا هئا. ڀَٽي صاحب ڄڻ ان سمي کين کلندو چئي رهيو هجي:
”سنڌڙي رهي..
اسان نه رهيا سون ته ڇا ٿيو......!!!!“