چچريل زندگيءَ جا قافلا
ٿلهن شِيشن واري عينڪ پائيندڙ هڪ دوست ڪريم بخش قاسميءَ مون کي ٻڌايو ته، مون واري دوست غلام نبي عر گُل جي سؤٽ غُلام رسول، ڇپر ئي ڇپر ۾ گھڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر اڃا تائين سندس ڪهاڻيون ڇپيون ناهن، جڏهن ته کيس ڇپجڻ جو تمام گھڻو شوق آهي. هن مون کي چيو ته ڪڏهن مان ساڻس ملي سندس ڪهاڻيون ڏسان ۽ کيس ان سلسلي ۾ صلاح مشورو ڏيان.
مون ان وقت تائين رسول ميمڻ کي فقط پري کان ڏٺو هو. هاءِ اسڪول پڙهڻ دوران به ڪڏهن ويجھو وڃي ساڻس ملاقات ڪونه ٿي هئي. ان ۾ سندس اڪيلائي پسند طبيعت جو به هٿُ هيو. هو هميشه چپ چاپ اڪيلو اڪيلو پنهنجي منهن گھمندي يا بيٺل نظر ايندو هو.
ڪريم بخش قاسميءَ جڏهن ٻڌايو ته هو ڪهاڻيون وغيره لکندو آهي ۽ ڪتابن سان ڪافي دلچسپي اٿس، ته منهنجي دل ۾ ساڻس ملڻ جو چاهه وڌيو. سو جشن مهراڻ جي ڪارڊ کي بهانو بڻائي، سندس گھر جي دروازي تي وڃي پهتس. ٿوري دير کانپوءِ ڄاتل سڃاتل ڳنڀير شخصيت وارو نوجوان رسول ميمڻ سامهون هو. جنهن سان آءٌ پهريون ڀيرو ڳالهائي رهيو هوس. هو به مون کي نالي کان اڳ ۾ ئي سڃاڻيندو هو ۽ ٻڌايائين ته سوجھري ۾ شايع ٿيل منهنجي مزاحيه ڪهاڻي پڙهي اٿائين. بهرحال اها اسان جي پهرين ۽ مختصر ملاقات هُئي ۽ مون کيس مشاعري ۾ اچڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو ۽ هن اچڻ جو پڪو واعدو ڪيو.
رسول ميمڻ جي ڳنڀير ماٺيڻي شخصيت تي سوچيندي آءٌ کيس ماضيءَ جي ڌنڌلن عڪسن ۾ ڳولڻ لڳس.
اسين هاءِ اسڪول جي ميدان تي سٽَ ڪُٽ راند کيڏندي، کينهونءَ سان هڪٻئي کي سٽي رهيا آهيون. ڌوڙ اڏامي هڪٻئي کي ڀڀوت بڻائي ڇڏيو آهي. اوچتو اسان جون کينهون، سامهون سرنهن جي وڻ تي بيٺل هڪ ڊگھي ڇوڪر جي ڀرسان وڃي ڪري ٿو. هو ڊگھو ڇوڪر ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، حوض جي ڀرسان پشم جي وڻ ڏانهن هليو ٿو وڃي.
موڪل جو گھنڊُ وڳو آهي. اسين هنبوڇيون هڻندا، هڪٻئي سان ڀوڳ چرچا ڪندا، گھرن ڏانهن وڃي رهيا آهيون. بئريج روڊ تي محمد بخش ڀٽيءَ جي محمدي بوڪ اسٽال وٽ ڪجھه دير ترسي ڪتاب ڏسون ٿا. اُتي روڊ جي پرئين پاسي، فوٽ پاٿ تان اهوئي اڪيلو اداس ڊگھو ڇوڪر ويندي نظر اچي ٿو.
هڪ ڏينهن منهنجي دوست غلام نبي عرف گُل، جيڪو اسان سڀني ۾ تمام ٽڻڪ ۽ شرارتي هوندو هو، مونکي جنن پرين واري فلم گُل بڪاولي ڏيکارڻ جي قربائتي ڪوٺ ڏني. آءٌ پروگرام موجب سندس گھر ويس. غلام نبي گُل، گھر جي ٻاهران تمام گھڻو هُل ڪيون، پاڙي جي ڇوڪرن سان اکر مورت کيڏي رهيو هو ۽ آهستا آهستا پنهنجا پئسا هارائي رهيو هو. اوچتو اهو ئي اداس ڇوڪر اتي نظر آيو، هو هميشه جيان چپ چاپ ٻين سڀني ڇوڪرن کان پرڀرو پنهنجي دنيا ۾ گُم هيو. جڏهن غلام نبي عرف گُل پنهنجا سمورا پئسا هارائي تريون ڇنڊي ڪاوڙ مان اٿيو ته مون کي گُل بڪاولي وارو پروگرام گڙٻڙ ۾ نظر آيو. پر گُل هٿ جي صفائي ڏيکاريندي، اوطاق ۾ ستل پنهنجي ڏاڏي جي ڪوٽ مان ڪجھه ڏوڪڙ کسڪائي آيو ۽ اسين ٻئي گل بڪاولي ڏسڻ لاءِ روانا ٿيا سين.
مون هلندي غلام نبي عرف گُل کان اڪيلي اداس ڇوڪر بابت پڇندي چيو، ”گُل! اهو ڊگھو ڇوڪر جيڪو تنهنجي گھر وٽ بيٺو هو، ڪير آهي؟“
”اهو ڙي! منهنجو سؤٽ اٿئي.“ غلام نبي گُل وراڻيو.
ان ڏينهن مونکي ان ڊگھي اڪيلي اداس ڇوڪري جي نالي جي خبر پئي هئي. غلام رسول، سڀني کان الڳ پنهنجي دنيا ۾ گُم.
ماضيءَ قريب جا اهي ڌنڌلا عڪس وڌيڪ ڌنڌلا ٿي ويا.
ماضيءَ جو اهو ئي اداس اڪيلو ڇوڪر رسول ميمڻ اڄ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ آيو.
جشن مهراڻ جو مشاعرو شروع ٿئي ٿو.
صدارت جي ڪرسيءَ تي شيخ اياز ويٺو آهي ۽ خاص مهمان آهي پير حسام الدين شاهه راشدي. رسول ميمڻ مائيڪ تي اچي پنهنجا بيت پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ادبي دنيا جي اسٽيج تي اچي اهو ان جو پهريون قدم هو. سندس بيتن جي ٻولي ۽ اڻت ڏسي اعتبار نه ٿي آيو ته اهي بيت هڪ نئين شاعر جا آهن. رسول ميمڻ جڏهن بيت پڙهي پورا ڪري ٿو ته پير حسام الدين شاهه راشدي کيس پاڻ ڏانهن سڏي، کانئس اهي بيت وٺي پاڻ پڙهڻ لڳي ٿو.
اهو ئي اڪيلو اداس رسول ميمڻ، پوءِ اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿي ويو. هو سنگت جي هر ميڙ ۾ ايندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجھه پڙهندو هو. انهن ئي ميڙن، رسول ميمڻ کي لکڻ لاءِ اتساهه ڏياريو. جنهن جو اعتراف هن پاڻ به پنهنجي ڪتاب، ”اُوشا جي آشا“ جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. فتاح ملڪ جي پراڻي آفيس ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪهاڻيون ۽ شاعريءَ جا ديوان ڪڇن ۾ کڻي، سج لٿي مهل اسين چرچ واري لاهي لتاڙي وڃي فتاح ملڪ جي آفيس ۾ رسندا هئاسين. ڪڏهن فتاح صاحب جي نه هئڻ ڪري نشاط ريسٽورنٽ ۾ به ويهي پنهنجي ٻاڙ ساريندا هئاسين. پوءِ واري سنگت جي ميڙ رشيد ڀٽي صاحب جي اوطاق تي ٿيڻ لڳا. رسول ميمڻ اتي به ايندو هو. انهن ميڙن ۾ رسول ميمڻ جڏهن به ڪهاڻي يا شعر پڙهندو هو. تڏهن سندس آواز ۾ عجيب قسم جي تبديلي اچي ويندي هئي ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو آواز ريگستان مان پڙاڏا ٿيو پيو اچي. اداس اڪيلي ڇوڪر جي اندر ۾ ٻرندڙ جبل هو، جنهن جا لاوا ڄڻ ته انهن ساعتن جي اوسيئڙي ۾ هئا. ماضي قريب جي انهن ميڙن کي ياد ڪندي هاڻ ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسين سڀُ پوڙها ٿي ويا آهيون ۽ پراڻين يادن کي ساري ٿڌا شوڪارا ڀري رهيا آهيون.
انهن ساروڻين کي سارڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته اسانجن دوستن هاڻي لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر اهي قربائتيون محفلون جنهن ۾ سڀ پنهنجون پنهنجون لکڻيون پڙهندا هئاسون، هاڻي نٿيون ٿين.
هونئن نه ته مان به مڙئي لکندو ۽ ڇپجندو پيو اچان. حبيب بروهي به ڇپر ۾ سنڌيءَ سان گڏُ بروهڪي، اردو، پنجابي ۽ انگريزي شاعريءَ جون کنڌيون ڀريندو پيو اچي ۽ جڏهن به واجد پاسو ڏنس ته مجموعي جي مهورت تي سڀ پاڻ ۾ گڏ هونداسين.
اهڙيءَ طرح ڪڇونءَ رفتار ڪهاڻيڪار رفيق سومرو به سال کن اڳ هڪ اڌ ڪهاڻِي لکي، پنهنجي ادبي جياپي جو ثبوت ڏيندو پيو اچي.
اسان جو ڪروڌي دوست مُبن مڱريو هڪ سٺو پڙهندڙ ضرور آهي، پر اڄ تائين تمام گھڻين ڪوششن جي باوجود ليکڪ بڻجي نه سگھيو آهي. ان ۾ سندس کجيءَ جي ٿُڙ جهڙي کهري طبعيت ۽ ڇڙواڳ ذهن جو به هٿ آهي. هڪ ڀيري ڪهاڻي لکيائين، جيڪا وري پسند نه اچڻ تي انڊس هوٽل جي تنور ۾ اڇلي ڇڏيائين.
اياز گُل جو ته ڌنڌو ئي ڄڻ شاعري ڪرڻ آهي. نه نوڪريءَ جو اونو نه لولي جي ڳڻتي. کٽمٺڙا کائيندو وتي ۽ غزل ٺاهيندو وتي.
اهڙي طرح شفن مڱريو وري هنگامي حالتن مثلاً مشاعري وغيره جي اوچتي ڪوٺ تي ڪڏهن ڪڏهن ڪو غزلڙو ڦهڪائي رکندو آهي نه ته وري بس. ان ڪري هڪ ليکڪ طور پاڻ کي اڃا تائين مڃائي نه سگھيو آهي.
جيتوڻيڪ اهو شروعاتي جوش هينئر نه رهيو آهي، پر پوءِ به رسول ميمڻ مسلسل لکندو اچي. هن شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون آهن.
”چچريل زندگيءَ جا قافلا“ ۾ ڏنل ڪهاڻيون رسول ميمڻ جي اڳين مجموعن وارن ڪهاڻين جي اسٽائيل کان مختلف آهن. هي به انهيءَ ساڳئي شروعاتي دؤر جون ڪهاڻيون آهن، پر لکڻ جي نموني ۽ موضوع مختلف هئڻ ڪري اڳين مجموعن ۾ شامل ٿي نه سگھيون.
مون غلام رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون ڪيترا ڀيرا پڙهيون آهن، ان ڪري نه ته هو منهنجو دوست آهي پر ان ڪري ته هو منهنجي پسند جو ليکڪ آهي. هو مونکي شاعري توڙي ڪهاڻين ۾ فن جي بلندين تي نظر آيو آهي. واڌو واکاڻ کان پرهيز ڪندي فقط ايترو چوندس ته هن جي تخليق ۾ محسوس ڪرائڻ جي سگھه تمام گھڻي آهي. رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي مختلف پهلوئن تي گھڻو ڪجھه لکي سگھجي ٿو، موقعي مهل جي نزاڪت کان، آءٌ فقط هن جي چند ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجھه تشبيهن جو ذڪر ڪندس.
”بارش کان پوءِ“ ڪهاڻيءَ ۾ مينهن جي هڪ جھلڪ هينئن ٿو پيش ڪري:
”هر طرف پاڻيءَ مان لهندڙ ۽ ڦاٽندڙ ڦوٽڙا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ پوري ڌرتيءَ کي ماتا نڪتي هجي ۽ اها عذاب کان داهيندي هُجي.“
ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي هلي، برسات ۾ جاءِ ڪرڻ ۽ ان جي هيٺان ماڻهن جي دٻجي وڃڻ کي لفظن جو هي روپ ٿو ڏئي:
”ڇت هيٺ جھُڪندي ويئي، پوءِ اوڏڪين ڀتين هڪ ٿلهي سوڙ جيان، انهن جي وجود کي مينهن کا بچائي ورتو.“
”شينهن جو ٻچو“ ڪهاڻيءَ ۾ جنگ جي وايو منڊل ۾ سج جي لهڻ کي هڪ سٽ ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو اٿائين:
”سج کي تيرُ لڳو ۽ اولهه ۾ وڃي ڪريو.“
ڪهاڻي ”سڪون ڪٿي آهي“ جون هي سٽون ڄڻ ته هڪ ننڍڙو نظم آهي:
”اوبُک!
تُون ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ
گھنڊُ آهين
جيڪو دنيا جي ديول تي
هميشه لڏندو رهندو.“
اهو فقط رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو فقط هڪ پهلو هو. اهڙيءَ ريت سندس شاعري به نهايت پختي ۽ سحر انگيز آهي. سندس ڪي ڪي عڪس ته ڪڏهن به وسرڻ جهڙا ڪين آهن. ٿر ۾ سج لهڻ جو عڪس ڏسو:
”ٿوهر پويان سجُ
لهندي لهندي ٿر ۾،
ڄڻ اوندهه جو ٻجُ.“
اهڙي نڪور تشبيهه شايد ئي اکين مان گذري هُجي، سندس واين ۾ به فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام گھڻي گھرائپ آهي. مثال طور سندس ٻن واين جا بند پيش ڪجن ٿا:
”لڳهه اچي ليٽيا
واءُ وڇايا وار
ڏيئا ڏيئا ڏار
وڻن تي وڄ ڪري.“
اڏي آڏو اچي کُٽي ويا
پيرا تنهنجا پانڌي
نيري جل تي ناوَ هلي!
ڪنول بڻيا هن ڪانڌي.
مواد کان سواءِ واين جي انهن بند ۾ تجنيس حرفِيءَ جي خوبيءَ سميت بي انتها رواني آهي. سندس هڪ نظم جي بند ۾ ڏنل ويچار پڙهو:
ٿي، ڌرتيءَ تان ائين چنڊُ ڏٺو
جيئن سانوڻ ۾ ڪنهن مورُ ڪٺو
يا وسڪاري ۾ وري پيو هو
روئندي ڪنهن جو يارُ رُٺو.
ان کان سواءِ رسول ميمڻ ڳورهي فڪر وارا آزاد نظم به رچيا آهن، جيڪي سندس وسيع اڀياس جو دليل آهن.
اسين سڀُ سکر جا نوجوان ليکڪ هڪ ئي پاڙي ۾ پيا رهون ۽ انهن سڀني کي اڀارڻ ۽ همٿائڻ ۾ رشيد ڀٽي صاحب ۽ فتاح ملڪ جن تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. رشيد ڀٽيءَ جو آستانو، اسان نئين ٽَهيءَ جو ڄڻ مرڪز رهيو آهي ۽ اهو مرڪز هڪ قسم جي ادبي جاگرافي پڻ آهي.هن وقت ان جي اوڀر ۾ رسول ميمڻ ته اولهه ۾ رسول بروهي، اتر ۾ ادل سومرو ته ڏکڻ ۾ اياز گُل رهن ٿا. شال انهيءَ جاگرافيءَ ۾ اڃا به ڦهلاءُ اچي. اسان جا سڀئي ساٿي ائين ئي پنهنجي پنهنجي ڏات ڏيئي کي روشن رکندا، نفرت جي انڌيرن سان اٽڪندا، پيار جا ڦول ورهائيندا اڳتي اڳتي وڌندا رهن.
هر رات ۾ انڌيرن ۾ ٽم ٽم ٻرن ڏيئا
ڇرڪن ٿا سوين چٻرا اوڀر
جي امارن کان.
(پهرين جنوري 1982ع تي رسول ميمڻ جي چوٿين ڪتاب، ”چچريل زندگيءَ جا قافلا“ جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل.)