ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
هُونئن ته هر انسان جي حياتيءَ جي ميوزيم ۾ موت جو ڀوائتو بُت رکيل آهي، پر روشن ضمير آزاد انسانن لاءِ موت بي معنى هوندو آهي، ڇو ته اهڙن انسانن جي حياتي انسانيت لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هوندي آهي، ان ڪري انهن جا نانوَ، هر هانوَ ۾ هُرندا آهن ۽ موت انهن جي شهرت ۽ عظمت جي عڪس کي ڌنڌلو ڪري نه سگھندو آهي؛
جنهن آزاد گذاريو آهي
تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي.
وک وک تي پنجوڙ ڏسي
شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟
ڪنهن به عقابي چنبي ڀَوَ ۾
آکيري جي اوٽ وتي آ؟
ڏَرِ جو ڏَڍُ گدڙ لئه آهي
جھِرڪي جھڙپ ڏسي ڏرندي آ
جنهن آزاد گذاريو آهي
تنهن لئه موت ته ڪا شي ناهي.
(شيخ اياز)
پير حسام الدين راشدي به اهڙن روشن ضمير آزاد انسانن مان هڪ هو، جنهن سموري حياتي علم ادب جي عشق ۽ پيار جي پرچار ۾ گُذاري.
اسان نوجوان ادب دوستن يا ليکڪن کي، اڪثر ڪري محقق، تاريخدان ۽ لسانيات جا ماهر، پنهنجي تحقيق وانگر خشڪ ۽ محسوس ٿيندا آهن. انهن جي اوپرائپ، کُهرائپ سبب ائين لڳندو آهي ڄڻ هُنن ۽ اسان جي وچ ۾ ورهين جي وٿي هُجي.
جشنِ مهراڻ75ع جي سلسلي ۾ سکر ۾ هڪ وڏي مشاعري جو اهتمام ٿيو هو، جنهن ۾ خاص مهمان پير حسام الدين راشدي هو. مون ان وقت محسوس ڪيو ته شايد رشِيد ڀٽيءَ جن مڙئي سنگت نڀائي آهي نه ته حسام الدين راشديءَ جو شاعريءَ سان ڪهڙو واسطو. جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ته راشدي صاحب هر هڪ نوجوان شاعر کي نه فقط غور سان ٻڌو پئي پر داد به ڏنو پئي. اسان جي شاعر دوست رسول ميمڻ جي بيتن کان هو ايترو ته متاثر ٿيو جو کانئس اهي بيت وٺي ٻيهر پاڻ جھونگارڻ لڳو. وري جڏهن ساڻس ڪچهري ٿي ته هو نهايت سٻاجھو، کلمُک ۽ نوجوان محسوس ٿيو ۽ اها به خبر پئي ته راشدي صاحب پاڻ به ڪنهن وقت فدائي الراشديءَ جي نالي سان شاعري ۽ افسانه وغيره لکندو هو. ”الزليخا“ جي نالي سان هڪ ناول به لکيو هئائين. ان ملاقات ۽ معلومات کان پوءِ مونکي محققن بابت پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ميڙن، ادبي شامن، ڪتابن جي مهورتن جي موقعن تي راشدي صاحب کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. سندس شخصيت ۽ ڏاهپ جا هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو قدردان ڏٺم. هو مونکي هميشه تازو توانو ۽ نوجوان محسوس ٿيو. رشيد ڀٽيءَ لکيو آهي ته پير صاحب هڪ دفعي نجي محفل ۾ چيو هو ته: ”نوجوان ۽ نئين نسل سان ڪچهري ڪري مان پاڻ کي نوجوان محسوس ڪندو آهيان ۽ ايمان تازو ٿي ويندو اٿم ڇو ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو منهنجون تخليقون، منهنجي لائبريري ۽ سنڌ جو نئون نسل آهي.“
انهيءَ ڳالهه ۾ بلڪل صداقت آهي. پير صاحب جڏهن اسان جي نوجوان تاريخدان ۽ محقق غلام محمد لاکي جا مقالا پڙهيا ته سندس مڃتا لاءِ هُن جي ماڻ ۾ مانيءَ جو اهتمام ڪري ساڻس ڪچهري ڪئي ۽ سندس محنت کي ساراهيو. سندس هر دلعزيز شخصيت جي ڇانوَ دُور دُور تائين ڦهليل هئي. هن علم دوست انسان، جنهن جي سمهڻ جو ڪمرو به ڪتابن سان سٿيل هوندو هو، جا دروازا هميشه سڀني لاءِ کليل هوندا هئا. الحمرا سوسائٽيءَ جو ”علي رضا“ هائوس هجي يا جمشيد روڊ وارو ”بيت الضياء“، سندس اڱڻ، مهمانن جي آجيان لاءِ هميشه ڪشادو هوندو هو.
مولائي شيدائيءَ جو تحقيقي ڪمُ، قلمي نسخا ۽ پير راشديءَ جو ڪم ڏسي اعتبار نه ايندو آهي ته ايترين سماجي مصروفيتن جي باوجود هنن اهڙو محنت طلب ڪم ڪيو هوندو. انهن جي ڀيٽ ۾ اسان نوجوانن جو اهو حال آهي جو ڪجھه شعر لکي ائين ٿا سمجھون ته سنڌي ادب تي ڄڻ وڏا وڙ ڪيا آهن. پنهنجي سستي ۽ گھٽ محنت واري حالت ڏسي لڳندو آهي، اسان جا اهي بزرگ ڄڻ ته ڪي مشيني ماڻهو هئا جن ايترو سارو علمي پورهيو ڪيو آهي. اها ڪنهن کي خبر هوندي ته ننڍڙو ڏنل شاهه جنهن جون ڄمڻ سان اکيون ڄڻ ته نه هجڻ جي برابر هيون. جنهن لاءِ سندس ڏاڏي کي نجومي دوست کي اهو چوڻو پيو ته: ”غلام محمد، کڻ هن کي، ڪوڙا نجومي تو ته چيو ٿي ته هيءُ ڏاڍو خوشنصيب ٻار ٿيندو ۽ وڏو نالو ڪڍندو، پر هن کي ته اکيون ئي ڪونهن نالو ڌوڙ ڪڍندو.“ سو وڏو ٿي پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ جي روشني ڏورانهن ڏيهَن تائين ڦهلائيندو. جيڪو بنا ڪنهن تعليم سندَ جي اهڙا علمي ڪارناما انجام ڏيندو جو جت ڪٿ سندس مڃتا ٿيندي، جيڪو ويهن ورهين جي عمر ۾ اخبارن جا ايڊيٽوريل لکندو ۽ روايتي خوشامدي واري صحافت جي سيني تي مُڱَ ڏريندو.
ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: ”هڪ ڏينهن حسام الدين راند ڪندي، ڪمري ۾ اچي منهنجي ڪتابن سان کڙاند (حرڪت) ڪرڻ لڳو، مون کيس دڙڪو ڏيندي چيو، اڙي ڄٽ تون منهنجي ڪتابن کي هٿُ نه لاءِ، هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو ته آءٌ ڄٽ آهيان، چڱو ادا....“
منهنجي خيال ۾ پير علي محمد راشديءَ کي ڏنل پنجن لفظن جو اهو جواب ڄڻ هڪ چيلينج هيو ته، ”مان توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته مان ڄٽ نه آهيان.“ ۽ حسام الدين واقعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ڏاهپ ۽ ڏات جو نه فقط ڌڻي هو پر پنهنجي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنتي به هو. 1951ع ۾ خيرپور جي هڪ علمي ميڙ ۾ صدارتي تقرير ڪندي، برصغير جي وڏي تاريخدان ۽ محقق سيد سُليمان ندويءَ پير حسام کي ”مؤرخ سنڌ“ سڏيو هو. حڪيم سعيد لکي ٿو ته: ”پير حسام الدين هڪ عظيم انسان هو. پير ته هُو رڳو نالي جو هو پر هزارن پيرن کان برتر ۽ بزرگ هو.“
اخبار ”المنار“ جي پريس اسان جي پاڙي ۾ آهي، جنهن جو پير صاحب ڪڏهن ايڊيٽر هيو. ليوڪس پارڪ جي سامهون نارائڻ داس موٽرن واري جي بلڊنگ جو اهو مسواڙي ڪمرو اڄ به آهي، جنهن ۾ پَٽَ تي سمهندي، ۽ ساڌ ٻيلي جي مندر مان پرشاد وٺي گُذارو ڪندي، راشدي صاحب پنهنجي ڀاءُ سان سنڌي صحافت جي خدمت ڪئي. جنرل لائبريري اڄ به آهي جتي ڪڏهن مولائي شيدائي، مولانا دين محمد وفائي ۽ پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي جن مطالعي سان گڏ علمي ادبي رهاڻيون ڪندا هئا. انهن هنڌن وٽان گذرندي پنهنجن بزرگن جون يادگيريون ذهن تي تري اينديون آهن. سکر جي گھٽين ۽ رستن تي ڦهليل پير حسام الدين راشديءَ جي قدمن جا نشان اڄُ ڪوبه ڏسي نه ٿو سگھي پر ادب دوست ماڻهن جي دلين تي هن جي لاءِ محبت ۽ احترام جي جذبن جا گُل سدائين ٽڙيل هوندا.
جهڙي ريت هومر جي مرڻ کانپوءِ يونان جي مختلف شهرن جي ماڻهن دعوى ڪئي ته هومر سندن شهر جو رهواسي هو. تهڙي ريت پير حسام الدين راشديءَ جي وفات کانپوءِ ايراني چون ٿا ته حسام اسان جو هو، اردو اديب چون ٿا ته حسام الدين اسان جو هو. سنڌي چون ٿا ته هو اسان جو هو. اها آهي انسان جي عظمت. انسان هليو ويندو آهي پر سندس پوکيل محبتن جي ٻُوٽن جي خوشبو سدائين قائم رهندي آهي:
مٽيءَ منجھه ملي ڪي ماڻهو ڇڏي وڃن ٿا واس
جن جي سار ۾ سالن تائين سارو لوڪ اداس.
اڀ ادب تي اڏندي وڇڙي ڳالهه قطاران ڪونج،
اڄ به انهيءَ جي ڪرڪي جي آ، روههَ روههَ ۾ گونج.
هو جو ڪالهه هليو ويو آهي ڏاهو ڪيڏو ڏور
تنهن جون سارون روز پچارون پل پل تنهنجو پور.
ڏات ڏاهپ جي آڏو آ موت به خود مئل.
جسم حوالي قبرن جي پر علم ته آهي اٽل.
مڪلي نامو آهه اسان وٽ مڪليءَ تي آ هُو،
ڦهليل هُن جي ڏاهپ جي آ نگر نگر خوشبو.
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون پڙهندا، ماڻهو هُن کانپوءِ
جھرجھنگ هن جون يادون رهنديون لُڇندي هن لئه لوءِ.
هن ڌرتيءَ جو دانشور آ صديءَ صديءَ جو سچُ
علم ادب ۽ محبت وارو مچندو رهندو مَچُ
جڳ ۾ جيڪو بڻبو سڀ لئه ٿڌڙِي ٿڌڙِي ڇانءُ
من من جي ڪاڳر تي لکيل سوئي رهندو نانءُ.