ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا
ان کان وڌيڪ پراسرار
ٻي ڪائي ڳالهه نه آهي
ته ڪوئل ڪوڪي ڇو ٿي
۽ املتاس جي وڻ تان
آڪاس ۾ ڇا ٿي ڏسي.
(شيخ اياز ــ ٽڪڙا ٽٽل صليبَ جا).
ڪوئل جي ڪوڪ هجي يا ڪو مڌر آلاپ، انساني من کي ضرور موهي ٿو، ۽ ان انسان جي انسان هجڻ ۾ شڪُ ڪري سگھجي ٿو، جنهن جي من تي سنگيت جي لهرن جو اثر نٿو ٿئي. ڇو ته راڳ ازل کان انساني من ۾ سمايل آهي ۽ راڳ جي لفظي معنى ئي آهي موج يا روح جو ريلو. سورنهن سال اڳ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون تي راڳ جي جادوءَ جو اثر ٿيو هو. سکر ۾ 1974ع جي چوٿين مارچ جي شام جو جڏهن ڀرت ڀريل پهراڻ ۽ جرڪندڙ سنڌي ٽوپيءَ واري هڪ خوبصورت نوجوان راڳي پنهنجي سُريلي ۽ منفرد آواز ۾ شيخ اياز جون وايون ۽ نظم ڳاتا ته ٻڌندڙ ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويا ها. اهو آواز ۽ انداز منهنجي لاءِ بنهه نرالو ۽ منفرد هيو، ڇو ته اڳ مون ڪنهن به راڳيءَ کي انهيءَ ڍنگ سان اهڙا نرالا ٻول ڳائيندي نه ٻڌو هو. من جي ماٺار ۾ هڪ هلچل پيدا ٿي وئي ۽ مان پري کان اسٽيج تي پنهنجن سُرن جي سُرهاڻ پکيڙيندڙ انهيءَ راڳيءَ لاءِ من ۽ اکين ۾ عقيدت جا عڪس اتاري بيٺو هوس. ماڻهو ان دل واري فنڪار کي ”بيدل“ جي نالي سان سڏي رهيا ها. هزارين نگاهون مٿس کُٿل هيون ۽ هو پنهنجي عقيدتمندن جي ميڙ ۾ ٻهڪي رهيو هو. هن جي اکين مان خوشيءَ ۽ فخر جا گڏيل اولڙا بکي رهيا ها.
انهيءَ شام کان ٻه سال پوءِ، اسين ڏهه پندرهن نوجوان سيٺارجا ريلوي اسٽيشن تي ريل جي انتظار ۾ بيٺا هئاسي. سڀني جي اکين مان راتوڪو اوجاڳو ليئا پائي رهيو هو. لطيف جي ڏينهن جي سلسلي ۾ موسيقيءَ جي محفل رات گھڻي دير تائين هلي رهي هئي. هر ڪنهن جلدي گھر وڃي ٿَڪُ ٿي ڀڃڻ چاهيو. هڪ پٿرن سان ڀريل مال گاڏي(Goods Train) آئي، سڀ ان تي چڙهي ويٺاسي. کليل گاڏن واري هلندڙ گاڏي مان چؤڏسائن مان فطرت جا سڀ منظر پڌرا هئا. پٿرن تي ڪچهري جاري هئي ۽ نوجوان راڳي جھونگاري رهيو هيو. ڪنهن دوست مونکي نالو وٺي سڏيو ته راڳيءَ جھونگارڻ بند ڪري پڇيو، ”ڪهڙو آهي ادل سومرو؟“.
راڳيءَ واتان پنهنجو نالو ٻڌي منهنجي چهري تي خوشيءَ جو رنگ ڦهلجي ويو. اسان وڏي پاٻوهه مان هڪ ٻئي سان ملياسون. اها هئي اسان جي پهرين سڃاڻپ. تن ڏينهن ۾ ادب ۾ نئين نئين شروعات هئي ۽ ڪجھه رسالن ۾ منهنجون لکڻيون شايع ٿيون هيون ۽ اهو حوالو وافيت جو سبب بڻيو. منهنجي لاءِ اهو گھڻي خوشيءَ جو ڪارڻ هو جو هڪ منفرد فنڪار مون کي سڃاڻي رهيو هو.
ان کان پوءِ اسان جون وقت بوقت ملاقاتون ٿيندون رهيون. هڪ ڀيري حيدرآباد جي رستن تي تنها گھمندي ملي ويو. ڪجھه دير گھُمي ڦري بيدل مونکي رفيق ڪاڇيلي جي اوطاق تي وٺي آيو، جتي هو ترسيل هو. مون کي محسوس ٿيو ته بيدل جي من ۾ ڪو مانڌاڻ متل هو ۽ اهڙا ڪجھه آثار سندس چهري تي به ظاهر هئا ۽ پوءِ هارمونيم کڻِي هُن درديلا آلاپ شروع ڪيا ته سندس اندر جي لڪل ڪيفيت پڌري ٿي پئي. اتيئي مون پهريون ڀيرو هن کان نصير مرزا جو نظم ”خوشبوءِ جي سنگ سنگ“ ٻڌو. جهڙا هُئا ٻول، تهڙي ئي بيدل بيهاري هئي ڪمپوزيشن. منهنجي خيال ۾ اهو پهريون سنڌي آزاد نظم آهي جنهن کي ڪنهن فنڪار اهڙي منفرد ۽ ڀرپور انداز ۾ ڳايو آهي. ان وقت واقعي بيدل جي حالت رولاڪ بادل جيان هئي ۽ نصير جي نظم هن جي اندر جي احساسن جي صحيح ترجماني ٿي ڪئي. امداد حسينيءَ جي اها راءِ ته بيدل تي ڪي گيت يا نظم زوريءَ مڙهيا ويا آهن، منهنجي خيال ۾ غلط آهي، ڇو ته مان سمجھان ٿو ته بيدل ڪڏهن به پروفيشنل ٿي نه آلاپيو آهي نه ئي وري هُن ڪو گيت يا غزل پنهنجي مرضِيءَ کان سواءِ ڳايو آهي.
مان ڏوهي هان مان ڏوهي، (شيخ اياز)
وڃو ڪويليو وڃو (شيخ اياز)
اوهان کي هٿ ۾ هٿ ڏئي هلڻ وارا
هر موڙ تي دوست ملندا ئي رهندا (امداد)
چوي ڪير ٿو، تون ڪجھه نه ڪر (شمشير)
سڀُ بيدل جا من پسند ٻول آهن، جن کي هُن پنهنجي ڀرپور فن ۽ دل جي گھرائيءَ سان ڳايو آهي. بيدل ”پهرين آڪٽوبر جي تان“ جي عنوان سان سيمفوني رچي آهي، جيڪا ڀيروي ٺاٺ جي راڳ مالڪوس ۾ ترتيب ڏني اٿائين. هندو موسيقيءَ ۾ راڳن کي تمثيلي طرح ديوتائون سڏيو ويو آهي ۽ انهن راڳڻين کي مجسم (Personify) ڪري هر هڪ جي دلڪش تصوير سندس مضمون موافق ڪڍي اٿائون. مالڪوس جو روپ هن ريت آهي:
”هڪ سگھارو جون، مُنهن مان رتُ پيو ڇڻيس. اکيون نشي ۾ مخمور اٿس. هٿ ۾ لٺ اٿس، لباس سندس نيلو آهي ۽ ڳچيءَ ۾ موتين جي مالا پيل اٿس.*“
۽ مونکي اهو ئي روپ بيدل جو محسوس ٿيندو آهي. هن سنگيت جي اؤسر لاءِ ”وائسز گروپ“ جي نالي سان سنگيت جي سامين جو هڪ سٿُ تيار ڪيو آهي:
سامين ساز سنوان ڪيا، تندُ وڄائي تار.
(شاهه ــ سُر رامڪلي)
وائسز گروپ، سنڌي موسيقيءَ جي دنيا ۾ نوجوان راڳين جي هڪ منفرد ۽ نرالي تنظيم آهي، جنهن موسيقيءَ جي قديم روايتن سان تعلق رکندي، فن جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. ترقي پسند ليکڪن جي انجمن جي گولڊن جوبلي ڪانگرنس جي شروعات ۾ وائسز گروپ جي ساٿين بيدل جي اڳواڻيءَ ۾ جڏهن شيخ اياز جو اردو نظم:
ميري ديده ورو ميري دانشورو!
ڳاتو ته ميڙ تي ماٺار ۽ منَ منَ ۾ مانڌاڻ مچي ويو. داد ۽ تحسين جو اظهار سڀني ٻڌندڙن جي اکين مان ظاهر هو.
قديم سنڌ ـ ڀيرومل، صفحو 321
ڪن فيڪون
شاعر موسيقار مُصور
سڀ ۾ ساڳيو جوشُ جُنون
اهڙا ڪي چند مثال موجود آهن جو جوش ۽ جنون جا احساس ۽ ڏات جا ايترا شعبا ڪنهن هڪ فنڪار ۾ موجود هجن. جڏهن ڪنهن وجود ۾ فن جي اهڙي انڊلٺ ٺهي ٿي ته ان جي اهميت ۽ قدرداني جت ڪٿ ٿئي ٿي. ڏات جي مختلف شعبن سان وانجهيل بيدل پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مجموعي، ”ڀوڳنا جو سفر“ جي مُهڙ ۾ پاڻ بابت لکي ٿو:
”لکڻ پڙهڻ، ڏسڻ ٻڌڻ، ڪرڻ ۽ مڃڻ نه مڃڻ جهڙيون مشغوليون منجهان خود انسان پاڻ به عجب عجب ڪردارن جو ويس ڌاريندو آهي. اهڙي طرح مون به ويس ڌاريا آهن، ڪهاڻيڪار، ڪوي، راڳي ۽ مصور جا. جيڪي سڀئي گڏجي منهنجي شخصي وجود کي مڪمل بڻائن ٿا ۽ منهنجي شخصيت جا عڪس ٿي اڀرن ٿا.“
اهڙي گھڻ پاسائين شخصيت هئڻ ڪري بيدل جا عيقدتمند به گھڻا آهن. ڪي راڳ جي حوالي سان ته ڪي ڪهاڻيءَ ۽ شاعريءَ جي حوالي سان بيدل کي چاهين ٿا. ڏات جي مختلف شعبن ۾ سندس تخليق جو سفر جاري آهي ۽ آس آهي ته انهيءَ جذبي سان هو سنگيت جي سُرن، شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جي هُٻڪارن سان اسان جي ادبي ۽ ثقافتي دنيا کي واسيندو رهندو. بيدل، مها ڪوي شيخ اياز جو به من پسند راڳي آهي. شيخ اياز جي اها خواهش آهي ته بيدل سنگيت جو سفر ان ئي اتساهه سان جاري رکندو اچي. ان ڪري ئي کيس چوي ٿو ته:
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا!
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
امرتُ رس ڇلڪاءِ بانوارا!
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
سجُ ٽٻي ڏي ان کان اڳ ۾
رنگ نوان برساءِ بانورا!
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
پويان پَل پُڪارون آهن
تن کي تون لنواءِ بانورا!
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ بانورا!
ڳاءِ وري ڪجھه ڳاءِ.
(16 نومبر 1989ع تي موري ۾ بيدل مسرور سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيل.)