بابا ڀٽائي ۽ تحقيق جو پس منظر
بابا ڀٽائيءَ تي پُوريءَ هڪ صديءَ کان تحقيق جاري آهي، جيڪا تمام اهم روايت آهي، ڪو وقت اڳ جڏهن لطيف تي تحقيق جا در اڃا مڪمل طور نه کليا هئا، تڏهن صرف رايا قائم ڪرڻ جو رواج عام هو، هڪڙن اڪابرن چيو: “هِي جھنگ جي شاعري آهي.” ٻين چيو: “ڀٽائي نج مذهبي شاعر آهي!” ڪن چيو : “لطيف معجزا ڏيکاريندو هو!” ٻهراڙين جي سگھڙن لطيف جي بيتن مان مارئي جي ذات پئي تلاش ڪئي ته مارئي مينگھواڙي هئي، ريٻارڻ هئي، يا اڃان ڪنهن ٻي ذات جي هئي؟ پوءِ انگريز دؤر ۾ جڏهن لطيف جا بيت اخباري اشاعت ذريعي آڻڻ ۽ ماڻهن ۾ بغاوت ڀرڻ جي الزام ۾ پرسرام امر ڏنو لعل تي ڪورٽ ۾ڪيس هليو، ۽ سزا مليس ته ڪورٽ جي ان جج الاءِ ڇا سوچي وڃي پنهنجي مُنهن لطيف تي تحقيق ڪئي. اهو جج ناليوارو عالم ايڇ ٽي سورلي هو، جڏهن سندس لطيف تي ڪيل تحقيق لنڊن ۾ پڌري ٿي ته دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته ڪو هيڏو وڏو عالمي ليول جو شاعر سنڌ ۾ گذريو آهي! ان کان پوءِ لطيف تي تحقيق جو نئون سلسلو شروع ٿيو. سنڌيءَ قوم جي رهنما مذهبي اثر ۾ نئين ملڪ جي جدوجھد ڪئي. ان وچ ۾ مسجد منزل گاهه جو ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو. نئون ملڪ به وجود ۾ آيو. رهبر سنڌ سائين جي ايم سنڌ نئين سر حالتن جو جائزو وٺي، وعدي خلافين کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي سمجھي سنڌ جي ڏاهپ جي مشورن جي روشنيءَ ۾ نئين قومي فڪر کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. نئين قوميءَ ويڙهه جي جدوجھد جي شُروعات ڪئي ته جيل ۾ ويهي هُن لطيف جي فڪر تي تحقيق ڪئي! کيس لطيف ٻڌايو ته قوم ڇا آهي؟ سنڌ ڇا آهي؟ مارُو ڇا آهن! سائين جي ايم سيد جي نئين تحقيق لطيف کي وڏي قومي رهبر ۽ قومي عاشق شاعر جي روپ ۾ آڻي چٽو ڪيو. لطيف جو قومي ۽ سيڪيولر فڪر جيئن پڌرو ٿيو ته راين تي گذران ڪندڙ هوائي ڦوڪائي همراهه پوتڙا ڇنڊي گڏهن جي سڱن وانگي گم ٿي ويا! ائين لطيف تي تحقيق وڌندي وئي ته لطيف هر دؤر جو شاعر ٿي چٽو ٿيندو ويو. اڄ اسان جو ڀٽائي دنيا جو عظيم شاعر ثابت ٿِي چڪو آهي. اها لطيف جي عشق، ۽ فڪر جي جيت آهي. سنڌيءَ قوم ۽ سنڌي ٻولي ءَ جي جيت آهي.
لطيف، جي ايم سيد کي رهبري ڪرڻ لاءِ اُتساهيو هو، جڏهن خونريزيءَ کان پوءِ بنگال، پاڪستان کان جدا ٿي الڳ وطن ٿيو هو ته سائين جي ايم سيد شڪارپور وڃي شهيد الله بخش سومرو جي قبر تي اچي رُنو هو، قبر تي هٿ رکي اوڇنگارون ڏيندي چيو هئائين:
”الله بخش مون توکي ڪونه سُڃاتو هو.“
_
عظيم شهيد الله بخش سومرو لطيف ۽ سنڌ وطن جو سچو پچو محبوب عاشق هو. هن لطيف، سنڌ ۽ سنڌيءَ قوم جي حرمت لاءِ پنهنجي جان ڏني هئي.
هتي اهو به ڄاڻائبو هلجي ته لطيف تي تحقيق وس آهر سٺن رخن ۾ اڳتي وڌي آهي، پر اها تحقيق اڃان اڌوري آهي. لطيف جي هستيءَ گھڻو سگھاريءَ ۽ معتبر آهي. هتي مون کي ويهين صديءَ جي جديد صوفي ۽ ڏاهي رجنيش اوشو جا هي لفظ ٿا ياد اچن ته، ”معرفت جو ڪلام چوندڙ ۽ عام شاعر ۾ فرق اهو آهي ته، معرفت جو ڪلام چوندڙ شاعر کي توهان هميشه سندس شاعريءَ کان وڏو ڏسندؤ! جڏهن ته عام شاعر کي هميشه پنهنجي شاعريءَ کان ننڍو ڏسندؤ! جڏهن توهان ڪنهن عارف جي عارفاڻي ڪلام کي ٻُڌي اُن وٽ ويندئو ته توهان کي خبر پوندي ته گيت ته هُن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، توهان کي محسوس ٿيندو ته جيڪڏهن اُنهيءَ گيت ۾ گُم ٿي وڃو ها ته، توهان هڪ ڏاهپ ۽ سچائيءَ جي وهندڙ سمنڊ کي وڃائي ڇڏيو ها، هِيءَ ئي اهو ماڻهو آهي، جنهن مان اُهو گيت ڦُٽو آهي، سمنڊ جيان گھرو ۽ وسيع، اهو گيت ته بس هُن جي هڪ ڇوليءَ هئي، ۽ گيت ڦُٽو آهي، سمنڊ جي ڀيٽ ۾ ڪجھه به ناهي!“ آئون اوشو جي اِن راءِ ۾ لطيف جي زندگيءَ ۽ ذات تي ٿيل تحقيق کي ڏسڻ جو حامي آهيان. لطيف خود ڇا هو؟ هن جي عظمت تي نئين تحقيق ٿيڻ گھرجي. لطيف جو فڪر بيحد گھرو ۽ شانائتو آهي. لطيف صرف هڪ صوفيءَ شاعر تائين محدود ناهي، پر لطيف وڏو ڄاڻو به آهي. وڏو مشاهداتي انسان به آهي. لطيف ويڄ به آهي، لطيف عاشق به آهي. سامونڊي به آهي، سرويچ به آهي. سهڻي آهي، مارئي به آهي. ڏياچ به آهي. ان ڪري اُن تي جيتري تحقيق ٿيڻ گھرجي، ايتري اڃا ناهي ٿي سگهي.
لطيف تي، سائين جي ايم سيد، ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. لطيف تي جديد سائنسي بنيادن تي جديد نظرين جي روشنيءَ ۾ جيڪو تحقيق ڪم حيدر علي سنڌيءَ ڪيو آهي، جنهن جو موضوع نفسيات آهي. اهڙي ئي نئين تحقيق جي گھرج آهي! لطيف ٽي ڪتاب پاڻ سان گڏ رکندو هو، اها سڀني کي خبر آهي، پر سچ اهو آهي ته لطيف جو ٻيو اڀياس به ڪافي هو. لطيف جي اوڀر جي سڄي ويدانيت، ڀڳتي تصوف، فلسفي ۽ شاعريءَ تي به نظر هئي. هُن اوڀر ۾ جيڪي به سفر ڪيا، اُهي هن جي علم، ڄاڻ، ۽ مشاهدي جو بهترين ڪارڻ هئا. سينن ۾ دفن ٿيل علم، ڪاپڙين، سنياسين، ۽ لاهوتين جي ملاقاتين مان لطيف کي مليو هو. لطيف جي نه رڳو اوڀر پر وچ ايشيا جي مسلم ملڪن جي فلسفي، شاعريءَ ۽ تصوف تي به نظر پيل هئي.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جھڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
اُنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
ٻه سوال آهن: نانگا ڪير آهن؟ پورب مان ڇا پڌرو ٿيڻو آهي؟ اسان جا ڏاها چون ٿا لطيف جوڳين، سناسين کي نانگا سڏيو آهي! جديد ڄاڻ چوي ٿي ته هزارين سالن کان اوڀر ۾ (هندستان) اگھاڙن جو هڪ ڌرميءَ سلسلو رهيو آهي. اهي قديم دؤر ۾ به چِلا ڪاٽيندا هئا، تپسيائون ڪندا هئا. انهن ۾ گُرو چيلا به آهن، جوڳ پورو ٿيڻ تي اُنهن کي اُن جون سندون به ملن ٿيون! نانگن جا ذاتي مندر به آهن! رجنيش اوشو لکي ٿو: هندستان ۾ “کوراهو” ۾ کوراها جا مندر ۽ مجسما هزارين سال پراڻا آهن، ۽ يادگار آهن، انهن مجسمن ۾ مردن ۽ عورتن جي اگھاڙپ ظاهر آهي، اهي مجسما وڏي تخليق آهن!” ڇا لطيف کي انهن نانگن جي ان سلسلي جو ڪو علم به هو يا نه؟ تحقيق وارا ئي اهو راز معلوم ڪري سگھن ٿا. پاڻ ڪوبه ذاتي رايو قائم نٿا ڪري سگھون! نانگا ٿي تپسيا ڪرڻ جو ذڪر اينگلس جي ڪتاب جي مقدمي ۾ ابوبڪر خان مڱسي به ڪيو آهي. بهرحال اهي تحقيق طلب شيون آهن.
لطيف لوڪ ڏاهپ جو به درياهه هو ان ڪري ان تي وڌيڪ تحقيق جي گھُرج آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ڪيڏاري کي لطيف جو سُر مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سائين تاج جويو لطيف جي شاعريءَ تي ديوان علي رضه جي اثر جي ڳالهه ڪري ٿو. لطيف جي رسالن کي ترتيب ڏيڻ وقت فرقيواريت جا اثرات به نظر اچن ٿا. ان ڪري لڳي ٿو، اڃان وڌيڪ تحقيق ٿيڻ لازمي آهي. لطيف جي هيل تائين پيش ڪيل رسالن ۾ ڪي بيت، ڪي وايون، ڪي سٽون پرايون ته ناهن؟ اهو سوال اڃا تائين اڀري ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته هڪ دفعو نج لطيف جي ڪلام جي چونڊ ٿئي، جنهن تي سڀ ڏاها متفق ٿين.
طئي ٿيل حقيقت اها آهي ته لطيف فڪري حوالي سان اهڙن گسن تي سفر ڪيو آهي، جيڪي بيحد اهم ۽ وسيع آهن. ان ڪري لطيف جو فڪر هر دؤر جي ذهنيت لاءِ ڪشش جو ڪارڻ رهڻو ئي آهي.
__