لطيف جو دانشوراڻو فڪر
اَلا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن!
يا اهو به اظهار ڪيائون ته:
سرجيس تان سُور، سامايس تان سُک ويا.
سُور وڏو سچ آهي! سامائجڻ به عالمي سچ آهي! سُور يا ڏک، ڏاهپ جو بنياد آهي. ڏک ائين نٿو ٿئي، اُن کي ڪي سبب سِرجين ٿا! ڪارڻ کي ڳولڻ اصل ۾ دانشوري آهي. دنيا جا عظيم ڏک دانشوري ئي سمجھي سگھندي آهي. لطيف اوڀر مان اڀريو هو، جنهن اوڀر مان گوتم ٻُڌ: ”سڀ ڪجھه ڏک آهي“ جھڙو ڪپيل ٻانهن وانگي رت ۾ ٻڏل تاريخي جملو نروار ڪيو هو! پر لطيف ان جملي ۽ خيال کي دانشوراڻي گهرائي اها ڏني جو چيائون:
مُون سِين مُون پرينءَ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
لطيف نيڪ نيتيءَ کي ڀورائي ءَ جھڙو خوبصورت نالو آهي. اڄ به اهو سچ آهي ته وقت جي هن بازار ۾اهو انسان وڏو بيوقوف سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نيڪ نيت سان پيش اچي ٿو. نيت صاف وارو ماڻهو دنيا جي اڇي ڏينهن ۾ به ڪسجي وڃي ٿو، اُن جو ڪو ڌڻيءَ به نٿو ٿئي، ائين جيئن سسئي سان ٿيو هو. ڏکن کي محبوبن جا تحفا سمجھڻ وارا انسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا آهن. لطيف سُورن جي نمائش جو حامي ناهي. سُورن ۽ ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو پيغام ڏيندڙ شاعر آهي. ائين جيئن گھرجي دروازي اندر جُتيءَ کي اڇلي سسئي پنهنجي ڏک کي طاقت بڻايو هو. لطيف تپيل مريض سماج کي ويڄ جي اک سان ڏٺو آهي! اُهو سماج جنهن ۾ همدرديءَ جي دوا اڻلڀ آهي. روئڻ واري جي مٿي تي آٿت جو هٿ رکي جتي ڪنهن کي پرچائڻ جيتري به ڪنهن وٽ واندڪائي نه هجي، جتي مطلب پرستيءَ جي مُند ۾ انسان اڪيلو رهجي وڃي، اهڙي دل ساڙيندڙ سماج۽ حالتن ۾ لطيف ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو نظريو ڏئي ٿو ته پنهنجو پاڻ سان رهاڻ ڪريو:
پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُور هئا.
هِي بيت منصور حلاج جي نعري جو پڙاڏو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پاڻ مان ئي جرئت اڀارڻ وارا هن دنيا جي تڪليفن کي سامهان ٿي سگهن ٿا. پر ائين به ناهي جو سڀني کان ڪٽجي ڌار ٿي وڃجي! هن دنيا ۾ درد جي رشتي وارا به ملي وڃن ٿا. ان ڪري مايوس نه ٿيڻ کپي.
ڳَرهن ۾ ڳَرهيج، روئي ڪَج مَ پڌرا،
تان سُورائي سهيج، جان لاهيندڙ ڪولهين!
روئي پڌرو ٿيڻ، تماشي ٿي وڃڻ جي برابر آهي. ان ڪري جو هتي احساس جو ڏڪار آهي. سُور اتي پڌرا ٿيڻ کپن، جتي اُنهن جو ملهه سمجھڻ وارو ڪو هجي. ڪو اهڙو وڻ جي ڇانءُ جھڙو آٿت ڏيندڙ ڪلهو جي ملي پوي ته اُتي هانءُ کي هلڪو ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي. لطيف جي فلسفي پٺيان سماج تي گھَري نظر هئڻ جي گواهي ملي ٿي. مُٺ مُٺ سُور ته سڀني وٽ آهن، پر جن وٽ سُورن جا وٿاڻ آهن، اُهي ڪيڏانهن وڃن؟ اُن ئي مرحلي مان لطيف سسئي جي جرئت وارو نظريو چٽو ڪيو آهي. اها سسئي ڪنهن کي به گڏ هلڻ جي صلاح نٿي ڪري. اُلٽو سڀني کي اهو ٿي ٻڌائي ته: آئون ڄاڻان ٿي ته سماج جي سُرت جي ساهميءَ جو پنهنجو وزن ڇا آهي؟
سُڌائتي سڀڪا، بُک نه باسِي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جا،
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.
راهون اڙانگهيون آهن، ڪوبه سُورن جو سنگتي ناهي، اُن ڪري مون سان گڏ اهو هلي جيڪو پنهنجي جان جي ۽ تڪليف جي ذري به پرواهه نه ڪري. پهريون شرط ئي اهو آهي ته اُهو انسانيت کي سمجھندو هجي. جيڪو هن سماج کي پنهنجي دل جي اکين سان ڏسندو هجي. تبديلي پسند هجي! بزدليءَ هن راهه ۾هلي ڪونه سگھندي، ڇو جو جبلن سان سينو ٽڪرائڻو آهي. هِن ڪوڙ جي جو ڙيل مفاد پرستن جا ساٿاريءَ انسانيت کي ته ڄاڻن ئي نٿا! سچائيءَ کي انسان دشمنن جو گھيرو آهي. اُهي ايترا ته غليظ ۽ پٽ تي ڪريل آهي، جو انسان جي جسم تان ڪپڙا لاهي وٺڻ لاءِ به تيار آهن! اُتي مون سان فقط اُهو ئي هلي ٿو سگھي، جيڪو انقلابي هجي! جيڪو وحشين سان وڙهڻ جي جرئت رکندو هجي. لطيف جي دانشوراڻي سوچ سمجھي ٿي ته خالي جسماني طور پيدا ٿيل ماڻهن جو مزاج ڇا آهي؟ اُنهن عام سطحي ماڻهن ۽ سهڻو لڳندڙ ٽوهه ۾ ڀلا فرق ئي ڪهڙو آهي؟ لطيف سُر پرڀاتي ۾ “صبح سان دشمنيءَ” جو جيڪو دانشوراڻو ذڪر ڪيو آهي، اهو غور طلب آهي ته سونهاري صبح کي ڪير ٿو نظر انداز ڪري؟ صبح ته جاڳڻ جو نياپو آهي، جاڳڻ سان دشمنيءَ ڪير ٿو ڪري؟ روشنيءَ جا دشمن هر دؤر ۾ رهيا آهن، انهن تي نظر رکڻ ضروري آهي.
لطيف جو دانشوراڻو فڪر صبح وانگي ئي مڌر آهي، جنهن جي اندر جو آواز اهو آهي ته جيڪڏهن سج اڀرندي ئي تون انسانيت کڻي نٿو جاڳين ته پوءِ اهڙيون اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏئي ڇڏ! لطيف صبح کي انسانيت ۽ فطرت جي جاڳ تصور ڪري ٿو. لطيف هن دنيا ۾ هٿن سان، پيرن سان، گوڏن سان، ۽ دل سان هلڻ جو جيڪو نظريو ڏنو آهي، اهو ڪو معمولي نظريو ناهي!
لطيف ڄاڻي ٿو ته سماج ڪيترو روايتي طريقن ۾ وچڙيل آهي. هتي جي ماڻهن جي اندر جي انڌائيءَ جي حد اها آهي جو :
پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مَرن!
پاڻي سامهون هوندي به اُڃ مرڻ وارن مان ڪهڙي توقع رکجي؟ سج جي هيڏي روشنيءَ هوندي به هو اونداهيءَ ٿا محسوس ڪن! اُهي سچ جو ڪهڙو ساٿ ڏيندا! هنن جون ته دليون ئي مري چڪيون آهن! لطيف جي سوچ صدين جي سيني مان گولي وانگي گذريل آهي. هن اکين سان ته هي جھان ڏٺو ئي آهي، پر سوچ سان به جنهن جھان مان گذري ٿو، ان جي ڪا حد ئي ڪانهي!
لوچان ٿِي لاحد ۾ هادِي لَهان نه حَد،
لطيف جي دانشوري جو حُسن اهو آهي ته هو ٻين عظيم صوفين وانگي اها ئي ڳالهه ٿو ڪري ته آئون ڪجهه به نٿو ڄاڻان! علم ۽عقل ۾ انتها جي دعويٰ ڪرڻ عقلمندي ناهي. ڇو جو اڄ جيڪو سچ لڳي ٿو، اهو سڀاڻي ڪوڙ به ٿي ٿو سگھي! تاريخ گواهه آهي. هڪ دؤر ۾ سڏيل ڪوڙ، ٻئي دؤر ۾ عظيم سچ سڏيا ويا آهن. گليلو هڪ دؤر ۾ چيو ته “زمين گول آهي!” ان دؤر ۾ اها ڳالهه مذهب جي خلاف سمجھي کيس ماريو ويو! اڄ سڄو جھان اهو مڃي ٿو ته زمين گول آهي! ڪلهه سج ديوتا سڏبو هو، اڄ اهو نظام شمسي جو ٻرندڙ گولو آهي! ائين راز پڌرا ٿين ٿا، ڇو جو شعور جو سفر جاري آهي. ان ڪري ئي لطيف دعويداري کي سامهون آرسيءَ آڻي رکي ٿو.
اَڃا تو منجھاءِ، ڪَک ڇُتي رت نڪري،
مُنهن ۾ مَحبوبن جا ڪيئن جھَليندين گھاءِ،
سو تُون ڪُڄاڙئا، سِڪڻ جون سَڌون ڪَرين!؟
اتان لطيف جي عظيم سوچ اڃان اڳتي وڌي تهذيب جي اوسر جي دروازي تي بيهي ٿي. تهذيب کان اڳي انسان اگھاڙو هو. جھنگ جو ماڻهو هو. پٿرن ۾ رتو رت ٿيو پيو هو.
ارتقا جو غلام هو . وهمن ۾ وڪوڙيو پيو هو. پوءِ مٽيءَ ۽ پاڻي مان تهذيب جي اوسر شروع ڪيائين. ان تهذيب ۾ هڪ ننڍڙيءَ سُئي جو سهڪار هو. جنهن جي مدد سان انسان لباس ٺاهي مهذب پڻي ۾ داخل ٿي مهذب بڻجي ويو! پر ان عظيم ننڍڙي سُئي کي انسان وساري ڇڏيو! پٿر جي پوجا ڪندو رهيو، سئي کي ٽڪي جو سمجھندو رهيو. لطيف ان سُئيءَ کي جيڪا تهذيب ۽ مهذب پڻي جي ٻانهن ٻيلي هئي، ان جي يادگيريءَ کي انسانيت جي گلدان ۾ آڻي رکي ڇڏڻ فرض ڄاتو آهي.
پاڇا هِي نه پاڙيان سَرتيون سُئي ساڻ،
ڍَڪي اگھاڙن کي، ڪينَ ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپِي ڄاڻ، اِبر جي او صاف کي.
لطيف سُئي جي فلسفي کي سمجھه جي ارتقا جي فلسفي جو نقطو تصور ڪيو آهي. سمورا صوفي ان ئي سچ جا قائل هئا. اوشو چوي ٿو، هڪ دفعي جي ڳالهه آهي: “بابا فريد رحه کي ڪنهن تحفي ۾ سون جي قئنچي آڻي ڏني. فريد سائين چيو: “معاف ڪجانءِ، قئنچي کي ڀلا اسان ڇا ڪنداسين ۽ ڪٽڻ جو ڪم ته اسان وٽ آهي ئي ڪونه! اسان جو ڪم ڳنڍڻ آهي. جيڪڏهن توهان ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ، سُئي ڌاڳو آڻي ڏيو! ”سنت جو حق جي عاشقن جو ڪم جوڙڻ آهي. دل جو ڪم رڳو ڳنڍڻ آهي. جڏهن ته عقل جو ڪم ٽوڙڻ آهي! اُنهي ڪري پنڊت ۽ ملان رڳو ٽوڙين ٿا، سنت ۽ صوفي جوڙين ٿا!“ لطيف سُئي جي فلسفي کي بيان ڪندي اوچتو هڪ بنهه وڏو عالمي نظريو پيش ڪري ڇڏيو آهي، اهو لطيف جو دانشوراڻو ڪمال آهي، ”ٻيهر پيدا ٿي دنيا کي ڄاڻڻ“ هِيءُ تمام وڏو فلسفو آهي. هن فلسفي جو بنيادي نقطو اهو آهي ته، ٺيڪ آهي، ان سچ کان انڪار ناهي ته اوهان کي فطرت پيدا ڪيو آهي، جتي به پيدا ڪيو، جنهن به وطن، نسل ۽ قوم ۾ پيدا ڪيو، اوهان پيدا ٿي ويا. اهو فطرت جو عمل آهي، دستور آهي! پيدا ٿيڻ کان پوءِ اوهان پنهنجي ماحول مان سکيا جو عمل شروع ڪري پنهنجي ذهن کي ڀريو ٿا، ماڻهن مان رهبري ماڻيو ٿا، پر اُهي ماڻهو مختلف نظريا رکن ٿا، هرڪو اوهان کي پنهنجي رنگ ۾ رڱڻ چاهي ٿو! هڪ پنڊت اوهان کي منو شاستر جا هي لفظ سيکاري ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو شودر (اڇوت) ڪنهن برهمڻ تي ٿُڪي ته اُن جا چپ ڪٽيا وڃن، ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن برهمڻ تي پيشاب ڪري ڇڏي ته ان جو جنسي عضوو وڍيو وڃي!“ هڪ ملان اوهان کي اهو چوي ته ”مندر ۾ وڃڻ سان اوهان جو نڪاح ٽُٽي ويندو!“ هاڻ سوال اهو آهي ته جيڪي هو ٻڌائين ٿا، يا جيڪو لقاءُ اوهان جي سامهون آهي. ڇا اوهان ان کي ئي مڪمل سچ سمجهو ٿا؟ يا اڃا وڌيڪ ڄاڻڻ ٿا چاهيو؟ هاڻ اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته ماڻهن جي ٻڌايل ڳالهين کي ڪل عقل جو تت سمجھو ۽ هڪ جاءِ تي پاڻ کي لوڙهو ڏئي ويهي رهو، يا نئين کوجنا لاءِ نڪري پئو! جيئن ته جسم هاڻ ٻيهر پيدا ڪونه ٿيندو، اُهو فنا ٿيڻو ئي آهي، جسم فقط هڪ دفعو ئي پيدا ٿيو، پر جيڪڏهن ڄاڻ جي تڙپ آهي، ته اوهان کي ذهني طور نئون جنم وٺڻو پوندو! جڏهن اوهان علم حاصل ڪيو، ته اهو اوهان جو نئون جنم آهي. اهو ٻيهر ڄاپڻ جو عمل آهي. اوهان پاڻ وڃي شين، لقائن ۽ نظرين، حقيقتن جي بنياد تائين رسائي حاصل ڪئي ته اهو اوهان جو ٻيهر ڄاپڻ آهي! جاهل اوهان جا رهبر رهنما بڻجن چاهين ٿا، انهن جو مقصد اوهان کي استعمال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ آهي! مختلف نظريا اوهان جي آڏو پيش ڪيا وڃن ٿا، جن تي اکيون پوري هلڻ جي صلاح به ڏني وڃي ٿي! پر اوهان وٽ شعور هوندو ته اوهان لاءِ فيصلو ڪرڻ آسان آهي. پنهنجي ذهن جي مٽيءَ ٻيهر ڳوهڻ سولو ڪم ناهي، پر جڏهن اُها مٽيءَ هڪ ذهين انسان ڳوهي وٺي ٿو، ته هن آڏو ڪيئن نوان راز کلي پون ٿا، پردا هٽي وڃن ٿا، حقيقتون روشنيءَ ۾ چٽيون ٿي سامهون اچن ٿيون! ڇا ڪوڙ آهي؟ ڇا سچ آهي؟ اصل عشق ڇا آهي؟ انسان دنيا ۾ڪڏهن کان موجود آهي؟ تهذيبون ڇا آهن؟ ڇا فريب آهي؟ تاريخ ڇا آهي؟ اِهي سڀ سوال پوءِ لڪل نٿا رهي سگھن! علم اوهان کي ٻڌائي سگھي ٿو ته، ماتا ۽ پوليو جھڙين ڀيانڪ بيمارين جا ويڪسين ڪنهن جن ڀوت جي ايجاد نه پر انسان جو ڪارنامو آهن! دنيا جي ترقي انساني عقل جي پيداوار آهي. انسان خوابن ۽ تصورن کي عمل ۾ تبديل ڪيو آهي. پکيءَ جي پرواز واري عمل کي جھازن جي شڪل ڏيڻ وارو انسان ِآهي، ته پاڻ کي ئي جنگين ۾ ڌڪي مارائڻ وارو به اهو ئي انسان آهي! سنگمرمر جي عمارتن ۾ سمهڻ وارو به ساڳيو انسان آهي، ته جھوپڙيءَ ۾ جاڳڻ وارو به ساڳئي جسم وارو انسان آهي. ڪنهن به آسماني ڪتاب ۾ اهو ناهي لکيل ته فلاڻي علائقي ۾ چاليهه هزار ايڪڙ زمين فلاڻي پُٽ فلاڻي خان جي آهي! زمين ڪيئن ورهائجي وئي؟ وطن ڪيئن وجود ۾ آيا؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ شعور گھربل آهي! ٻيهر ڄاپي ڄاڻڻ جو ڏنل لطيفي فلسفو عظيم شعور جو فلسفو آهي.
لطيف اگھاڙپ جي اصليت ۽ تهذيب جي ارتقا تي اها انتهائي دانشوراڻي نگاهه وڌي آهي. لطيف جي دانشور فڪر زمانا ووڙيا آهن. هن کي سُڌ هئي ته ويڄن جي نالي ۾ سماج اندر رهزن، ڦورو، دولابي ۽ ڪويڄ ديرا ٺاهي ويٺل آهن. اُهي انسانن جي اندران جن ڪڍڻ جا دعويدار آهن. فتويٰ فروش ويڪو ٺوڳي آهن! اُهي نه رڳو ماڻهن جي جسماني چير ڦاڙ ڪن ٿا، پر روحاني طور به انسانيت کي باهه سان ڏنڀ ڏئي ساڙين ٿا. انهن کان بچڻ جو حل اهو ئي آهي ته پنهنجي مٽيءَ کي ٻيهر ڳوهيو وڃي! لطيف چوي ٿو: اصل طبيب کي نه سڃاڻڻ ۽ سچ کي نه سمجھڻ جو سانحو اهو ٿيو آهي، جو اسان جي اکين ۾ ڪارو پاڻي اچي ويو آهي. سچ ڳولڻ جو رستو اهو ئي آهي ته پاڻ کي تيار ڪر.
سَهي جئن سانداڻ، ڌَڪن مَٿي ڌڪڙا،
وِهِ وڃائي پاڻ، ڏي ڏٻائون ڏُنگرين!
لطيف جو دانشوراڻو فڪر اهو آهي ته پاڻ کي تبديل ڪريو. حالتن کي تبديل ڪريو. جُرئت ڀٽائي جو منشور آهي. لوهه آهيو ته رُڪ ۾ تبديل ٿيو. ٻين کي فائدو ڏيو ٻين لاءِ آزار نه بڻجو. جيڪڏهن اوهان جي اڳتي وڌڻ ۾ ڪو سخت جبل اچي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي، ان کي محسوس ڪرايو ته اسان جا لڱ به لوهه جا ٺهيل آهن. اهي سچ جا محافظ آهن! لطيف جي نظر ۾ اندر جي روشني، پنهنجي روشنيءَ، احساس ۽ انسانيت سان پيار جي روشني آهي. جنهن جو حسن هر حقيقت کان مٿي آهي. ان روشنيءَ ۾ هڪٻئي جا ڏک ڏسي سگھجن ٿا. ان روشنيءَ ۾ انسانن جا زخم نهاري سگھجن ٿا. اها عظيم محبتن جي روشني آهي. جيڪي ماڻهو عقل کان نابين آهن، سي دل جا به انڌا آهن. اُنهن کي پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نظر نٿو اچي. اهي هڪڙي دائري جا قيدي آهن. لطيف ٻڌائي ٿو ته، ”سج اُڀري، روشنيءَ ٿئي، ان روشنيءَ ۾ به تنهنجيون اکيون پاڻ کان سواءِ ڪنهن نظاري، گل، پکيءَ، ۽ ڪِن ڪڪوريل ڪاڪُلن ۽ محبوب چهري کي نه ڏسن، ته اُن کان بهتر اهو ئي آهي ته اُهي ٻئي اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏئي ڇڏ! ڇو جو اهڙيءِ بيڪار انڌائي کان وري به اونداهيءَ وڌيڪ چڱي آهي!“ لطيف جي دانشوراڻي سوچ جو منشور فقط اهو آهي ته:
جان تَن ڪيوءِ نه تيئن، سُئيريان ئي سَنهڙو،
پرينءَ پائيندا ڪيئن، توکي اکڙين ۾.
پنهنجو تَن سُئي کان به وڌيڪ سنهڙو ڪري، وڃي انسان محبوب جي اکين ۾ داخل ٿي! تو ائين نه ڪيو ته پوءِ توکي محبوب ڪيئن پنهنجين اکين ۾ پائيندا. تون جيڪڏهن ٻين کي، اکين ۽ دل ۾ داخل نه ڪندين ته توکي ٻيا به ڪيئن پنهنجو محبوب سمجھندا؟ ڌاريائي کي دور ڪرڻ لازمي آهي، اها برقرار رهي ته ڪجھه به نه ملندو! لطيف جي هن فڪر ۾ ڪو به مونجھارو ناهي. هيءُ فڪر ڏينهن جھڙو اُجرو ڀاڪر جھڙو دلربا آهي.
حوصلو حيرت ۾، ڪَري ڪينَ دَرڪ،
جو حُسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪين ڪِي.
انساني عقل حيرت ۾ ڪجهه نٿو سمجھي، حقيقي حُسن جو جيڪو سچو مُلهه آهي، تنهن کي انڌو نٿو سڃاڻي سگھي! حُسن حيرت ۾ وجھي ٿو! اهو يونيورسل سچ آهي. حُسن کي ڏسڻ لاءِ به اکيون گھرجن! حُسن روحانيت ۽ احساس کي تسڪين ڏيندڙ حقيقت آهي، ان جو ظاهري مُلهه ڪري ئي نٿو سگھجي. حُسن کي دل سان داد ڏبو آهي. حُسن جو ملهه ان سان محبت آهي. پيار حُسن جي تشريح آهي. جيڪڏهن پيار ڪرڻ واريون ئي اکيون ڪنهن وٽ ناهن ته پوءِ اهو ڀلا ڪهڙو حُسن کي حق ڏيندو؟ حُسن جو حق اهو آهي ته، اکين کان وڏو دنيا ۾ ٻيو ڪو ڪرشمو ئي ناهي، جيڪي انسان کي حُسن جي سامهون آڻي بيهارين ٿيون. حُسن لازوال سچ آهي.
لطيف پنهنجي دانشوراڻي فڪر ۾ عقل جي انڌن جو تمام گھڻو ذڪر ڪيو آهي:
تو جو ڏيئو ڀانئيو، سو سُورج سُهائي،
انڌن اونداهي، جي رات وهامِي ڏينهن ٿيو.
انڌن کي ڪڏهن به اها سُڌ ناهي رهندي ته ڪڏهن رات وئي، ڪڏهن ڏينهن ٿيو! اُهي سج کي به ڏيئو سمجھي، رات ۾ ئي رهڻ پسند ڪندا آهن. اهو وڏو سانحو آهي. انهن عقل جي انڌن جي ڪري دنيا وڏي تباهي ڏٺي آهي. روشنيءَ کي نه سمجھي سگھڻ واري الميي جي ڪري انسان تمام گهڻو رتو ڇاڻ ٿيو آهي. انسان ان انڌائي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. عشق جي روشني کي روح سان سمجهي ماڻهو ان کي ويجھو رکن ها ته، اونداهيءَ ۾ رهڻ جي ڪا ضرورت ئي نه پوي ها. لطيف جو هڪ اهم فڪري نقطو هِيءُ آهي ته: ”ڏک انسان کي ڏاهو ڪن ٿا!“ ڏک اونداهي ناهن، ڏک روشنيءَ آهن! ڏکن مان ئي ڪا سڻائي واٽ نڪري ٿي.
ٻَريا ئِي ته ٻار، ڦُوڪ تي لڳين اَنبرين.
”جي باهه لڳي اٿئي ته، اُن کي ٻاريندي رهه! مچ کي ايڏو ڀڙڪاءِ جو اُهو عرش سان وڃي لڳي!“ باهه کي عرش سان وڃي لڳائڻ ڪيڏي انقلابي ۽ محبوباڻي سوچ آهي! باهه جي ڇا ته اها قيمتي تشريح آهي. هِي عشق جي باهه جي ڳالهه آهي، جيڪا زميني سچ آهي. زمين جي باهه کي عرش تائين پڄائڻ جي ڳالهه ڪا معمولي ڳالهه ناهي.
هتي لطيف وري هڪڙو نئون ڪمال ڪري ڏيکاري ٿو. هاڻ هُن سان جديد سائنسي فڪر همراهه آهي:
جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناههِ ذرو،
نڪو چاڙهو چنڊ جو، نڪو سج سَرو،
اُتي آديسين جو، لڳو دنگ درو،
پَري پَين پَرو، ناٿ ڏٺائون ناه ۾!
نيل آرم اسٽرانگ ته ويهين صديءَ ۾ وڃي چنڊ تي پير رکيا هئا، پر لطيف اهڙي آديسي جي اڳڪٿي ته ارڙهين صديءَ ۾ڪري ڇڏي هئي. لطيف ته تڏهن ئي طئي ڪري ٻڌايو هو ته ڪهڪشائون پنهنجي پنهنجي محور ۾ موجود آهن. اڄ اهي خلائون فتح ٿي چڪيون آهن، ته ڄڻ لطيف جو دانشوراڻو فڪر سوڀ ماڻي چڪو آهي. لطيف اصل ۾ انسان جي هر اڳتي کڄندڙ قدم جو دوست آهي. تبديليءَ ۽ انقلاب جو نشانبر آهي. ترقي جي کڄندڙ وک جو اعلان آهي. هر نئون قدم پراڻ پرستيءَ، ۽ دقيانوسيءَ جي خلاف آهي. بغاوت آهي! بغاوت نئين مشاهدي جو نالو آهي. مشاهدا ته صرف خطرا مٿي تي کڻي حاصل ٿيندا آهن. لطيف واضع ڪيو آهي ته جدوجھد کان سواءِ تبديلي ۽ انقلاب ممڪن ئي ناهي. ويهڻ وارن تي ته هميشه وليون چڙهي وينديون آهن. سُتل ماڻهن کي ته ساٿ جو وچن ڏيڻ وارا به اڌ ۾ڇڏي هليا ويندا آهن. غافل رهڻ وارن کي ته جبل به اُهي سوکڙيون نٿا ڏين، جيڪي اهي پنهنجي اندر ۾لڪايو ويٺا آهن!
ڇپر ڪِين ڏِئي، سُوکڙيون سُتن کي.
سوکڙيون جاڳڻ وارن کي ملنديون آهن. آسمان، فقط اوجاڳا ڪرڻ وارا فتح ڪندا آهن! لطيف غافل نه هو، سجاڳ صوفي هو، ڄاتس پئي ته تبديليون اچي رهيون آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪُنڊ مان تبديليون آڻڻ لاءِ انسان سج وانگر اُڀري چڪا آهن! دنيا ۾ تعميري سوچ رکندڙ انسان به آهن، ته تخريبڪار به آهن.انهن ۾ رهزن به آهن، لٽيرا به آهن. ڪڇ ۾ ڇُريون هٿن ۾ ڪتاب اٿن! لطيف اُن دؤر جو دانشور شاعر آهي، جڏهن يورپ پنهنجا پير دنيا ۾ کوڙڻ لاءِ بنا ساهيءَ جي سرگرم هو. نئين سائنسي ايجادن ۽ تجربن تي غور ڪري رهيو هو. گُليلو اُڀ جي اسرارن کي ڪڇڻ ۽ ڦلهورڻ لاءِ پئي پر ساهيا! يورپ جا ڏاها نئين کوجنائن لاءِ سرگردان هئا.خوردبينون ايجاد ٿي چڪيون هيون. سمنڊ جديد طريقن سان فتح ڪيا پئي ويا. قومون پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ لاءِ منظم شڪليون اختيار ڪري چڪيون هيون. تلوار ٿڇ ٿي چڪي هئي. رائيفل نروار ٿي بيٺي هئي. منظم فوجون دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ قبضا خوريءَ لاءِ رڌل هيون. واپاري دنيا جون منڊيون ڳولي رهيا هئا. انهن جا منظم جاسوس ٻهروپ ڪري گھُمي ڦري رهيا هئا. سنڌ اڃان جديد ترقيءَ کان وانجھيل هئي. قبضا گيري جو شڪار هئي. پرماري قوتون ڀيلاڙن ۾ رڌل هيون .سنڌ ۾ ان وقت هڪڙا گروهه ماڻهن کي ذهني غلاميءَ ۽ ٻيا گروهه جسماني غلاميءَ ۾ مبتلا رکڻ لاءِ سرگم هئا. استحصال جون شڪليون مختلف هيون. گھڻو ڪجھه غلط استعمال ٿي رهيو هو. لطيف ڏٺو پئي! دل ئي دل ۾ ڪڙهيو پئي!
جھ سي سنڀرجن، سَھ تنين سي اوريان،
لنئون لنئون هيٺ وڄن، رڳون ربابن جئن!
لطيف جي وجود ۾تاڙا ٿي تڙپيا، هُن ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پئي وس ڪيا. لطيف ننڊ پيل ضميرن کي ڌونڌاڙي جاڳائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جو پهه ڪيو هو. لطيف پيرن ۾ ڪريل پاڇن جهڙين ذلالتن کي برداشت نٿي ڪري سگھيو. لطيف ان دؤر ۾ پنهنجي ماڻهن جي رهبري پئي ڪرڻ چاهي جيڪو دؤر قومي حوالي سان ڏکيو هو. ان وقت مشڪلاتون هيون، هڪڙن ماڻهن تعويذن ۽ ڦيڻن ۽ معجزن کي بيان ڪري سادن سنڌين کي پئي ڦريو، ته ٻئي پاسي ڀوپن دونهيون ڪري ماڻهو ويٺي ڌوڻايا! پر لطيف پئي سنڌين کي سمجهايو:
دُنگيءَ ۾ داڻا، وَٺي وِجھه وَکر جا،
وِيرُ وڙهنديءَ ويسرا، ويههُ مَ ويڳاڻا،
هِي ننڊُ نه ڄاڻان، ڪڏهن هَڻنديءَ ڪن ۾!
لطيف انساني همٿ جو عاشق هئڻ ناتي، هڪڙو ٻيو اهم دانشوراڻو ڪم اهو به ڪيو آهي، جو جرئت ڏيکاريندڙ انسانن کي داد جي انتها ڏني اٿس! ان جو مقصد اهو ئي آهي ته قوم ۾، انسانن ۾ همٿ جو جذبو وڌائجي! پوءِ ڀلي ان کي ڪير ڇا به سمجھي! ”جتي پاڻ کي هوشيار سمجھندڙن کي به پتو نه پوي، گرداب پيا ڦرن، ڀوائتيون ڀِڪون پيون ڪِرن! اتي بظاهر هيڻو نظر ايندڙ انسان ترندو وڃي! اهڙين طاقتن جي اُٿل پُٿل ۾ ڪاهيو حيران ڪيو ڇڏي! اهو وجد ڪيڏو عظيم آهي! دل جي سگهه سامهون درياءَ به هڪ وک کان مٿي حيثيت نٿا رکن!“ لطيف اهڙي پورهئي ۽ ذهني فڪري ڪم جو قائل آهي، جيڪو سدائين ڪنوارو رهي.
وَکر سو وهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿِئي.
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿِئي نه ضاءِ،
ساڪا هَڙ هَلاءِ، آڳه جنهن جي اُبهين.
تاريخ شاهد آهي ته ولايت ۾ رڳو عام واپاري شيون مانائتيون ناهن ٿيون، پر اهو فڪر به سرحدون پاري ڪري ڏيهن کي موهي ٿو، رهنمائي جو سبب بڻجي ٿو. جيڪو عالمگير سچ ۽ انسانيت جي پچار ڪري ٿو. عالمگير فڪر جي عظمت جي اها گواهي آهي ته اڄ پوري دنيا جي عظيم صوفي شاعرن کي يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اهو ضايع ٿيڻ جھڙو وکر ناهي، اُملهه انساني سرمايو آهي.
سَڀ ننگيون ٿِي نِڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سُپريان سِين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿِئي.
ڳالهه جسماني اگھاڙپ جي ناهي! (لطيف جي سڄي شاعريءَ مهذب پڻي جي اعليٰ لباس ۾ آهي). ڳالهه دل مان، لالچ کي اگھاڙو ڪري ٻاهر ڪڍڻ جي آهي! ڪِني مطلب پرستيءَ اگھاڙپ آهي. ان کي دل ۽ ذهن مان نيڪالي ڏيڻي آهي. سچ اگهاڙو آهي، لطيف انقلابي سچ بڻجي جيئڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اگھاڙي سچ سان ميدان ۾ اچو، نروار ٿيو! لالچ ۽ خوف جو لباس پاڻ تان لاهيو. انهن ٻن شين دنيا کي تنگ نظر بڻايو آهي. اهي ٻه شيون ڇڏڻ سان انسان، اصل انسان بڻجي ٿو. دل کي جاڳڻ گھرجي. دل جي ننڊ انسانيت جو وڏو الميو آهي!
طالب جي تَحقيق جا، نِينهن تنين وَٽ ني.
”جيڪي حق ۽ سچ جا ڳولائو آهن، تن وٽ عشق کڻي وڃ! يا انهن مان محبت پِراءِ!“
تَتي ٿَڌي ڪَاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
متان ٿئي اونداه، پير نه لَهين پِرينءَ جو.
جيڪو به ڳولڻو آهي، سج جي روشنيءَ ۾ ڳوليو! وقت جي اهميت کي ڄاڻو! سج جي روشني زندگيءَ آهي! اونداهي اُن جو ضد آهي. اونداهي چورن ۽ ڦورن جو پردو آهي! اُهي اونداهي ۾ توکي لُٽيندا، سچ کي ڳولڻ نه ڏيندا. اونداهي ذريعي هنن جي بادشاهي آهي!
روشني انهن جي دشمن آهي. اونداهي جي غارن ۾ هميشه زناور رهندا آهن. تون فقط روشنيءَ سان پيار ڪر.
ڇڄَ مَ قطاران، ساٿ چَڙهندو لَڪين،
مَڇڻ ٿِئين پُئان، وڳ واٽ ئِي نه لَهين!
تُون اُن قافلي کان ڇڄي ڌار نه ٿي، جيڪو ڏکين واٽن تي هلي ٿو. ڏکيا رستا هميشه انقلابي انسان اختيار ڪندا آهن. اُهي ئي بيباڪ، بي غرض ۽ منفرد انسان هوندا آهن. انهن جو قافلو تنهنجي اکين کان غائب نه ٿيڻ گھرجي. تون انهن جو حصو ٿِي اڳتي هل. متان پوئتي رهجي وڃين. ائين ٿيو ته اڌ ۾ رهجي ويندينءَ. هم خيالن جو قافلو انسان جي وڏي طاقت هوندو آهي. اها طاقت انقلاب آڻي، منزل تي پُڄائيندي آهي.
واڪو هَڏ مَ لاهه، سڏن مَٿي سَڏڙا،
مان تنهنجي ڪا، سڳر ۾ سار ٿئي.
ڪهڙيون به حالتون هجن، تڪليفون هجن، صليب ۽ گھاڻا هجن، پر پنهنجو آواز بند نه ڪر. پنهنجا چپ چوريندو رهه، تنهنجو آواز تنهنجي سگھه آهي. واڪو للڪارڻ جي علامت آهي. جنجھوڙڻ جو سچ آهي! تنهنجو آواز، تنهنجي زندهه هئڻ جو ثبوت آهي! جيڪو گواهي ٿو ڏئي ته تون غلاميءَ کي نٿو مڃين! سچ ڏکين راهن ۾ به چئي ڏي! سڏ ڏيندو رهه! ماڻهن کي جاڳائيندو رهه! اهو وقت ضرور ايندو. ماڻهو تنهنجي جدوجهد ۽ آواز ڏي متوجھه ٿيندا. تون ڪو واڪو ڪندين ته تنهنجي هن دنيا ۾ يادگيري ڪئي ويندي. ماٺ ڪري ويٺين ته ڄڻ مري وئين! تنهنجو واڪو انقلاب جو گيت آهي! اهو ئي نظريو اڳتي وڌائيندي لطيف چوي ٿو:
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾،
وَسايم وڏ ڦُڙا، مٿي ماڙِين مِينهَن،
واجھاڻيس وصال کي، ٿيس تَهوارُون تِيِئَن،
نيئر، منهنجي نينهَن، اُجاري اڇو ڪَيو.
هِيءُ انقلابي سوچ جي انتها آهي. عام زندگيءَ ۾ پاڻ کي مڙس ماڻهو سڏائيندڙ همراهه، جيلن ۾ پُڄي، ڀاڙيا ٿي ويندا آهن. هوا نڪري ويندي اٿن! پڇتاءُ ڪندا آهن! پر لطيف جي فڪر جو حُسن ته ڏسو، جو چوي ٿو، اُهي عظيم ڏينهن آهن، معتبر ۽ مقدس ڏينهن آهن، جيڪي مون قيد خاني ۾ گذاريا آهن. هن امتحان مون کي توريو آهي. ڊپ ڏنائون، لالچون ڏنائون، پر آئون انهن آڏو ڪونه جھڪيس! هر آڇ کي ٿُڪي ڇڏيم ، ڇو جو سوديبازي اسان جي نظرين ۾ ڪفر آهي. مون هُنن کي، هُنن جي قيد خاني کي هارائي ڇڏيو. مون تڪليف جي ڪري ڳوڙها ناهن هاريا، مون چاهيو فقط اهو آهي ته دل جو غبار ڌوپبو رهي. دل صاف ٿيندي رهي! جيئن اها منهنجي همٿ آڏو رڪاوٽ نه بڻجي. جيئن جيئن مون سوچيو پئي، تيئن تيئن تهوارن جي ڏينهَن جيان پئي ٿيس.
اهي تهوار ڏياريءَ، هوليءَ، ۽ عيد کان گھٽ نٿي ڀانيم. منهنجو هِن قيد خاني تي اهو ٿورو آهي جو ان جي جيڪا زنجير گھڻي وقت کان زنگجي وئي هئي، منهنجي عشق ۽ نينهن اُن بي جان لوهي سنگھر کي به ڌوئي صاف ۽ اُجرو ڪيو آهي!
لطيف جي شاعريءَ جيئن ته بيحد سنجيدگي ۾ رڱيل آهي. ان سنجيدگي ۾ لطيف جي دانشوراڻي سوچ ٻهڪي ٻاهر نڪتي آهي! ”اندر ۾ ڳالهين جي وڻن جا ٻيلا اڀريل آهن، پر اُهي جاهلن سان اوري نٿيون سگھجن. ڇو جو انهن وٽ ٻُڌڻ جي سهپ ناهي!“
”هتي گلاب کي ٿوهر چوڻ وارن جي گھڻائي آهي. آئون هن زمين مٿان انهن وزني ڳالهين کي دل اندر کڻيو پيو گھمان، ڪنهن سان اوري نٿو سگھان. اهي ڳالهيون عقل کان وانجھيل جاهل سمجھي ڪونه سگھندا. اُبتو نيون تهمتون ۽ فتوائون مڙهي ڇڏيندا. منهنجي سانڍيل ڳالهين ۾ سچ جي باهه آهي. جيڪڏهن مون ذريءَ به حقيقت ظاهر ڪئي ته پوءِ مروئن کي ماٺ لڳي ويندي. اُهي سوئر جيڪي اونداهيءَ جو سهارو وٺي معصوم انسانن کي شڪار ڪن ٿا. مارين ٿا! حقيقت ظاهر ڪيم ته وڻ ٻري ويندا، فساد کڙا ٿي ويندا، ۽ زمين مان جيڪي سلا اڀرن ٿا، اهي اڀرڻ ڇڏي ڏيندا. في الحال آئون پنهنجي زمين مٿان رازن جو بار کنيو پيو هلان. هن زمين هيٺ به گھڻو ڪجهه آهي. زمين جي سيني ۾ سوين راز دفن ٿيا پيا آهن.“
جا ڀُونءِ پيرين مون، سا ڀُونءِ مٿان سڄڻين،
ڌِڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسُون،
ڏينهن مِڙوئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
جنهن زمين تي منهنجا پير آهن، اُهي پير پختا رڳو ان ڪري آهن، جو اها منهنجي وطن جي محبوب زمين آهي. ان زمين اندر ڪيئي دلربا صورتون دفن ٿيل آهن. دفن ٿيل انسان منهنجا محبوب ۽ سڄڻ آهن، منهنجي دلبرن جا هڏا هن مٽيءَ ۾ پوريل آهن. اهي مون مان هئا، آئون انهن مان آهيان. اُهي معمولي انسان نه هئا، اُهي محبت ڪرڻ وارا منفرد انسان هئا. اُهي بهارن جا روهيڙا ۽ برساتين جا رڌم هئا. انهن جون آزاديءَ جي صبح جهڙيون صورتون هيون. انهن هِن مٽيءَ کي پنهنجو رَت ۽ پگھر پياريو هو. اُهي انقلابي انسان هئا، انهن هن ڌرتيءَ مٿي رهي عظيم نظريا ڏنا، انهن وطن ۽ انسانن جي عظمت لاءِ هر پل ويچاريو. مون کي انهن جي ڏيکاريل واٽ تي هلي ڏيئا ٻارڻا آهن، مون کي اڃا گھڻو ڪجھه ڳولڻو آهي. ۽ اهو سوچڻو آهي ته ڪيئن محبت لاءِ جيئجي! ڇو جو ماڻهو ڏاڍا موقعي پرست ٺڳ آهن. ماڻهن هن دنيا کي پاڳل خانو بڻائي ڇڏيو آهي.
آدمين اخلاص، مَٽائي ماٺو ڪيو،
هاڻ کائي سڀڪو، سندو ماڻهو ماس،
دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
ٻئي سڀ لوڪ لباس، ڪو هِڪدِل هوندو هيڪڙو.
ماڻهو جو گوشت ماڻهو پيوکائي! ماڻهو جو رت ماڻهو پيو پيئي! ماڻهو جو قاتل ماڻهو آهي. ماڻهو اها ترقي ڪئي آهي! ماڻهن پنهنجي مطلب جا نظريا ٺاهي، مختلف ڪوڙڪين ذريعي انسان کي ڦاسائي شڪار پيا ڪن! ماڻهو، انسان جو شڪار پيو ڪري! بي ضميريءَ جي اها انتها آهي. ماڻهن شروع ۾هٿيار وحشي جانورن کان بچاءَ لاءِ ايجاد ڪيا هئا، هاڻ انهن هٿيارن جا مُنهن انسانن جي سامهون ٿيل آهن! گوليءَ کي انسان، ٻئي انسان کي هڻڻ لاءِ خريد ٿو ڪري! ميزائيل انسانن کي ناس ڪرڻ لاءِ گھڙيا ويا آهن. ائٽم بم انسانن جي دنيا کي تباهه ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيا آهن. جانور ٻئي جانور تي پنهنجي برتريءَ ثابت ڪرڻ لاءِ وڙهي ٿو، ائين ئي ماڻهو جانوريت کي کڻي سامهون آيا آهن.
انسان کي دولت لاءِ انسان اغوا ڪري ٿو. معصوم ابهم ٻارڙين کي زنا جي منهن ۾ وجهي ماڻهو ماري ڇڏين ٿا. لکين نياڻيون روز لٽجن ۽ ڪسجن ٿيون. ڀاءُ کي ڀاءُ ڌن لاءِ ڪُهي ڇڏي ٿو. هابيل، قابيل جي سامهون آهي! دنيا جي تباهي يا ترقيءَ جو ذميوار اصل ۾ خود انسان آهي. دنيا کي تبديل ڪرڻ انساني دماغ جو ڪم آهي. لطيف جو دانشوراڻو فڪر اهو ٿو چٽو ڪري ته دنيا ۾ انسان جي ڪردار جي خوشبوءِ باقي رهڻي آهي. نالو زندهه ان انسان جو رهندو جيڪو هن دنيا کي ڪا سٺائي ڏيئي ويندو. ڪي ايجادون ڇڏي ويندو. هُن جي اها محبت ڪڏهن به ڪونه مري سگھندي. هڪ عظيم انسان ڪنهن وڏي اداري برابر هوندو آهي. انسان جو ڇٽيل ٻج دنيا کي ڪم اچي ٿو. سورج مُکيءَ اتان ئي ته اُڀرن ٿا! اهڙا عظيم ماڻهو ڀلي ٿورا ڇو نه هجن، پر اهي دنيا جو عظيم سرمايو آهن. لطيف سماج جي ذميوار فردن کي پنهنجو اصل ڪردار ياد ڏيارڻ لاءِ جيءَ سان جاکوڙيو آهي. منفرد بڻجڻ لطيف جو نظريو آهي. ان سان گڏ لطيف محبت کي سر فهرست رکيو آهي.
وَڳر ڪيو وَتن، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پَسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گھڻو.
پکي پاڻ ۾ وڳر ڪري گڏ هلن ٿا، ته ڪيڏا سُهڻا لڳن ٿا. ماڻهن ۾ ائين نظر نٿو اچي، ان ڪري دنيا الميو بڻجي وئي آهي. ڀوڳ ٿي وئي آهي! ماڻهن کي به گھرجي ته پکين وارو مثال قائم ڪن. ان حوالي سان لطيف وٽ نئون نياپو آهي.
نئون نياپو آئيو، راڻي مِلان رات،
لڌِي سُون لطيف چوي، ڪنا ڏاتر ڏات،
ڪهڙي پُڇين ذات، جي آيا سي اگهيا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي بقول: ”لطيف نه فقط سنڌ، پر سڄي دنيا کي ”نئون نياپو“ ڏنو آهي، اهو نياپو آهي، برابريءَ جو نياپو، اهو نياپو آهي مساوات جو نياپو. اهو نياپو آهي، انساني هڪجھڙائيءَ جو نياپو. جيڪو ذات ، پات، اوچ نيچ ۽ ٻيا فرق ميساريو ڇڏي.“