اوڀر جو فسلفو، تاريخ ۽ ڀٽائي
سِڪندي کي سڄڻين، نِڪون لايُون نُور،
مارِيس تِنيهن سُور، جِئن ساجن سُڄي نه ملي.
ڀٽائيءَ جي لاثاني شاعريءَ ۾ پُورب جو، پوربين جو ڳچ سارو اهميت ڀريو ذڪر پنهنجي جلوي سان موجود آهي. پُورب اوڀر کي سڏجي ٿو. اڀرندي جي ملڪن جو پورو خطو پورب ليکجي ٿو.
لطيف اوڀر جي پس منظر ۾ جوڳين، سامين، سناسين، آديسين، لاهوتين، ڪاپڙين، نانگن، ۽ يوڳين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. انهن ڪردارن سان يا اوڀر سان جيڪا دلي وابستگي، ۽ روحانيت لطيف ظاهر ڪئي آهي، اها گواهي آهي ان حقيقت جي ته لطيف نه رڳو اتان متاثر ٿيو آهي، پر لطيف اوڀر مان ڪيئي راز به ماڻيا آهن! اُن ڪري ضروري آهي ته ٿورو اوڀر کي، اُن جي تاريخ ۽ فلسفي کي ڦلهوري ڏسجي ته لطيف جي متاثر ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ۽ عنصر رهيا آهن! اوڀر ۾ لطيف ڇا ڏٺو آهي، جو هن جي هانءُ ۾ هورا پيا آهن؟ هتي اهو به چٽو ڪبو هلجي ته لطيف واري دؤر ۾ يا ان کان ڪجھه عرصو اڳ سنڌ ۾ ”پورب“ لفظ اوڀر کان سواءِ اتر لاءِ به ڪي ماڻهو استعمال ڪندا هئا. جيئن ته ان وقت سنڌ ۽ هند ڏي يورپي لوڪن جي اچ وڃ متل هئي، اُهي يورپي سير سياحت، واپار، قبضا گيريءَ ۽ جاسوسيءَ لاءِ هتي پيا نظر ايندا هئا ته، انهن کي ڏسي ڪي سنڌي ماڻهو چوندا هئا ته، ”پوربيا“ آيا آهن! ٿي سگھي ٿو، اهو ”يورپيا“ لفظ جو ابتڙ استعمال ٿيندو هجي! اڄ جڏهن اسان اوڀر جو جاگرافيائي نقشو ذهن ۾ رکون ته ان ۾ موجوده پاڪستان، هندستان، نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش، مالديپ ۽ سري لنڪا اچي وڃن ٿا. لڳي ٿو ته افغانستان به اوڀر جو حصو پئي رهيو آهي، اتي ٻڌمت جا نشان موجود آهن.
ان دؤر ۾ سنڌ جي هڪ وڏي وطن واري حيثيت هئي، ٻيو اوڀر جو وڏو خطو يا علائقو هند ملڪ تي مشتمل هو. اهي ٻئي قديم ترين تهذيبي حصا به سمجھيا وڃن ٿا. اتان ئي تهذيب اُسري، اتان ئي زرعي دؤر عروج ماڻيو، اتان ئي دنيا جي قديم ۽ سڌريل شهرن جا بنياد پيا. لطيف جو فڪر اُن اوڀر جي سج سان گڏ اُڀريو آهي. ان ڪري اهو جيڪو عظيم صوفي، وحدت الوجودي انسانيت سان ڀريل فڪر نسريو آهي، سو سيڪيولر روايتن جو امين آهي. ان کي تڏهن ئي سمجھي سگھجي ٿو، جڏهن پهرين خود اوڀر کي سمجھيو وڃي! سچ اهو آهي ته اوڀر جو خطو دنيا ۾ بيحد اهميت ڀريو رهيو آهي، پر مثبت ۽ غير جانبدار تحقيق نه هئڻ ڪري يا ڄاڻي ٻُجھي نظر انداز ڪرڻ جي ڪري اوڀر جا انيڪ راز اڃان تائين پڌرا ناهن ٿي سگھيا! سج اوڀر مان اڀري ٿو، ان ڪري اوڀر کي روشنيءَ وارو خطو به چيو وڃي ٿو.ايتري تائين جو قديم ڪن ڪتابن ۾ اوڀر جي سنڌ واريءَ سرزمين کي ڪنواريءَ زمين به لکيو ويو آهي! ماهرن جي تحقيق مان ظاهر ٿي چڪو آهي ته اوڀر مان ئي دنيا جي پهرين تهذيب جو جنم ٿيو آهي. اها ايتري ته سُڌريل تهذيب ظاهر ٿي آهي جو دنيا حيرت ۾ پئجي وئي آهي هاڻ ته تعصب کان هٽيل ڪيئي محقق ان راءِ تي اچي بيٺا آهن ته، اوڀر مان ئي دنيا ۾ ڌرم جي به شروعات ٿي آهي. ان مذهبي اوسر جي حوالي سان ڏسجي ٿو ته اوڀر ۾ قديم ويد نظر اچن ٿا، جن ۾ يجرويد، اَٿر ويد، سام ويد ۽ رگ ويد شامل آهن. رگ ويد، سنڌ ۾ تخليق ٿيو هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ”رگويد جا ڏهه منڊل پنج سئو سالن جي ڊگھي عرصي ۾ لکيا ويا هئا!“ محقق يحيٰ امجد جو چوڻ آهي ته ”رگ ويد کي لوڪ ادب جو مجموعو سڏڻ غلط آهي، ڇو ته ان کي گمنام عوام پنهنجي جذبات لاءِ بي اختيار اظهار جي طور تي ناهي لکيو، پر پيشور ماهرن طئي ٿيل هئيتي اصولن ۽ طئي ٿيل سوچن ۽ خيالن مطابق لکيو آهي، اهي پيشه ور ماهر مذهبي علم، رسمن، شاعريءَ ۽ ڳائيڪيءَ جا ماهر هئا!“
اوڀر ۾ ويدن کان سواءِ ارٿ شاستر، ڪام شاستر، منو شاستر، گرنٿ وغيره آهن، جيڪي به زمانن کان انساني سماج تي پنهجا اثر ڇڏيندا رهيا آهن. ساڳي ريت گيتا، رامائڻ، پراڻ ۽ مهاڀارات آهي، انهن ڪتابن جي قديم ڌرمي حيثيت رهي آهي. ان جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين، پر ان کان پهرين اسان اوڀر ۾ پيدا ٿيل انسان ۽ ان جي ارتقا جو ٿورو جائزو وٺنداسين، ته جيئن اوڀر ۾ جيءُ سان جهاتي پائي سگھجي! اسان جا محقق چون ٿا، ”آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جا ماڳ ۽ انهن ۾ جامد ٿيل مادو تحقيق جي بنياد تي ظاهر ڪري ٿو ته جيوگھرڙو/ ابتدائي خُليو، جيڪو جاندارن جي پيدائش جو مول آهي، ۽ جنهن ۾ انسان به اچي وڃي ٿو، ان جون شاهديون هنن پَٽن ۾ موجود آهن. اها کوج ظاهر ڪري ٿي ته واديءِ سنڌ جي انسان جو اصل نسل هتان جو ئي آهي، جيڪو هتي اُسريو، نسريو ۽ وڌيو ويجھيو ۽ تاريخ جي مختلف دؤرن مان گذريو، ۽ اُهو ٻاهران نه آيو آهي. ان لاءِ تاريخي شاهديون دلالت ڪن ٿيون ته هن پاڻ ٻاهر وڃي، پوءِ ٻيهر موٽ کاڌي آهي. دنيا جي تاريخ ۾ اڪثر ٻن نسلن کي اهميت سان بيان ڪيو وڃي ٿو، هڪ ”آرين نسل“ ٻيو ”سامي نسل“. دنيا جون اڪثر قومون انهن ٻنهي نسلن سان تعلق رکن ٿيون. ٽيون نسل جيڪو ”دراوڙ“ جي نالي سان آهي ان کي هيچ ڪوٺي ڪنهن ليکي ۾ ئي نٿو آندو وڃي. قومن جي شجري ۾ سميرين ۽ دراوڙن کي ڪنهن به هڪ نسل سان نه ٿو ڳنڍيو وڃي.“ ”ارتقائي حيات ۾ جتي نينڊرٿل، ڪرو مينگان، ۽ اسپ خور (گهوڙي کائڪ انسان) جي باقيات جو پتو پوي ٿو، اتي اسان آمريءَ ، ڪوٽ ڏيجي ۽ سوان واديءَ مان مليل باقيات جي آڌار تي اهو ضرور چئي سگھون ٿا ته نسل انسانيءَ جي ارتقائي ڪڙين ۽ ٻين شاهدين جي سلسلي ۾ ”دراوڙي“ نسل جي ابتدائي دؤر کي ان سان ڳنڍي سگھجي ٿو.“
”نسلي تحقيق جي روين ۽ جسماني بناوت تي عالمن جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، ان جي آڌار تي ”دراوڙ“ سنڌ واديءَ جي هڪ مهان قوم جي باقيات آهن، دراوڙ خود تعمير جي فن، شهريءَ نظام، معاشراتي آداب، کيتي ڪرڻ، ڪپڙي اُڻڻ، ٿانون ٺاهڻ جي هنر ۾ ڀَڙ هئا!“ محمد حسين ڪاشف جي مٿينءَ راءِ بنا شڪ جي بيحد محترم ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي.
سائنس چوي ٿي، ” ڪائنات ۾ زندگيءَ جو آغاز ٽي ارب اسي ڪروڙ سال پراڻو آهي!“ سنڌ جا ڪي جبل به ٽي ڪروڙ سال پراڻا ٻڌايا وڃن ٿا. تحقيق اهو به چٽو ڪري ٿي ته اوڀر ۾ اهي ڌرمي ڪتاب سرجڻ کان اڳي انسان وٽ دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جو شعور رکڻ واري ذهنيت موجود هئي! پٿر جي زماني جا آثار به اهڙا ئي راز پڌرا ڪن ٿا. پٿر تي ڪيل قديم انسانن جي چٽساليءَ ، لڪيرون، نشان، ڪڍيل تصويرون به ظاهر ڪن ٿيون ته اوڀر ۾ انسان فطرت کي سمجھڻ لاءِ سرگردان هو. ان جستجو ۾ هن ابتدائي طور لوڪ ڏاهپ مان به گھڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ، سکڻ، طئي ڪرڻ شروع ڪيو هو. تجربن جي آڌار تي اوڀر جو انسان وهمن، وسوسن، ۽ ٻين نه سمجھه ۾ ايندڙ لقائن تي سوچڻ ۾ رڌل هو. ان تجسس ۾ جوتش جي راز تائين اچي اوڀر جو انسان رسيو هو. فطرت کي هُن پنهنجي نظرين تحت سوچڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي جو اوڀر ۾ ڌرم اڳتي هلي اڀريا هئا. ٻاهرين ماڻهن جي حملن جي ڊپ ۽ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجا نظام ٺاهڻ جي شروعات ڪئي هئائون. ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ نامياريءَ محقق اؤميل جي اهم ڪتاب ”سنڌو تهذيب ۽ سنڌوءَ ڌرم جا يورپ تي اثر“ مان مختصر جائزو وٺڻ کانپوءِ اسان کي اها خبر پوي ٿي ته: ”انسان ذات جي پهرين ديوي ۽ ديوتا جي اڄ به 660 ملين ماڻهو پوجا ڪندا آهن، اُهي ديويءَ ۽ ديوتا 28000 ق م جا آهن، جن مان هڪ شِو ۽ ٻي شڪتي آهي، جيڪي سنڌي تهذيب جا ديويءَ ۽ ديوتا آهن!؟“
”سنڌوءَ تهذيب قديم انساني تاريخ ۾ نهايت ترقيءَ يافتا ۽ پرامن تهذيب هئي. هيءُ دنيا جا پهريان ماڻهو هئا، جن وٽ شهرن ٺاهڻ جي هڪ منصوبي بنديءَ هئي. پوجا پاٽ لاءِ ڪٿي به مندر ٺهيل ڪونه هئا. هرڪو گھرن ۾ ويهي عبادت ڪندو هو. ماڻهو ڏاڍا سکيا ستابا هئا. جن سان آرين سُڌريل هٿيارن ۽ رٿن تي چڙهي جنگ ڪئي! جن پهريان سنڌ جي ڪنارن وارا علائقا فتح ڪيا، اڳتي هلي سڄي سنڌ کي فتح ڪري ورتو. آرين سنڌين تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ 950 سال ورتا هئا. هِي دراوڙ سنڌي (Sidhe) ۽ ٽئا ٿا ڊي دانو آهن. آرين نيڪ ۽ شريف سنڌين کان شهر خالي ڪرايا! سنڌي ماڻهو عورتن جي عزت ڪندا هئا. سنڌين جي تهذيب جا ست وڏا شهر ٻڌايا وڃن ٿا، هن تهذيب جا فقط 3 وڏا شهر دريافت ٿيا آهن! آريا، باهه جا پوڄاري هئا، باهه جي اهميت تي زور ڏيندا هئا. هر گھر ۾ باهه جي پوڄا ٿيندي هئي. (آرين جو عقيدو هو ته: باهه سڀ کان اول آسمان تي سج جي روپ ۾ ظاهر ٿي، پوءِ ڪڪرن ۾ وڄ بڻجي آئي، بعد ۾ اها زمين تي لٿي، جيڪا اڄ تائين انسانن جي ڪم اچي رهي آهي، اها باهه ڪنوارين ڇوڪرين ۾ به موجود آهي!) هنن ماڻهن مذهبي رسمن لاءِ وڏا ادارا قائم ڪري ورتا هئا. اهڙين عبادتن لاءِ موروثي برهمڻ رکيا ويا هئا. هنن کي مورتين ۽ مندرن کان نفرت هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندن تعلق اوچي طبقن سان هو. ٻئي هنڌان شاديءَ ڪرڻ جي منع هئي، آريا هن علائقي ۾ وانڍيون ۽ وسنديون جوڙي ويهي رهيا هئا. ان ڪري هنن هڪ اهڙو مذهب تخليق ڪري ورتو هو، جيڪو کين نصيحت ڪري رهيو هو ته اهڙو مذهب نه اختيار ڪيو وڃي جھڙو موجوده دؤر جو هندو ڌرم آهي! جڏهن آريائي سماج ۾ ٺاپر آئي ۽ ڳوٺ ٻَڌي ويهي رهيا ته دراوڙن جو مذهب سندن مذهب کي متاثر ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت ٻئي ڌرم رلجي ملجي موجوده دؤر جو هندو ڌرم بڻجي ويا، توڙي جو آرين جي اها مرضي ڪانه هئي!“
(”هندستان ۾ آرين پنهنجي اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ قديم قومن جي اتحاد کي ٽوڙڻ تي زور رکيو، اهو زور فوجي قدمن نه پر شراب، عورت، ڪوڙ ۽ سازش ذريعي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي!“)
”سنڌ جي ديوتا ۽ ديوي کي سج ۽ چنڊ طور به مڃيو ويو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي سنڌي تهذيب واري هن مذهب جو واسطو خوشحالي ۽ سُڪر سَڻائي سان آهي. جيڪا سج جي اُتر اچڻ ۽ موٽي ڏکڻ وڃڻ ۽ ڏينهن رات جي هڪجيتري ٿيڻ ۽ چنڊ جي مختلف مرحلن سان تعلق رکي ٿي. اهڙين موسمن اندر گذريل 28000 ق م کان وٺي ڪابه ڦيرگھير ڪانه آئي آهي، ۽ اُها ئي پوکيءَ ۽ لاباري جي رُت هئي.
حڪمران طبقي جا پوئلڳ دراوڙن جي مذهب کي نيچ ڌرم سمجهي رهيا هئا، ان ڪري آرين جي هندو ڌرم جا ڪيترا اصول دراوڙن تي زوريءَ مڙهيا ويا هئا.
عهدنامه عتيق بائيبل جون سڀ ڳالهيون سنڌ سان تعلق رکن ٿيون، جن جو تعلق 5000 ق م دؤر سان آهي. پيدائش ستن ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ، هي ڪٿا 7000 هزار سال اڳ سنڌ کان پکڙي هئي، پر منصوب بائيبل ڏانهن ڪئي ويندي آهي. ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته هندو ڌرم سنڌي دراوڙن ۽ آرين جي گڏيل مذهبن جو روپ آهي. دراوڙي سنڌي مذهبي عقيدي مطابق مذهب شخصي شيءَ آهي، ۽ اها هر فرد جي پنهنجي الڳ ذميواريءَ آهي، جتي اهو ڪونه ڏٺو ويندو آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن مذهب جو پوئلڳ آهي، يا نه آهي؟ ڇاڪاڻ ته عقيدو هر ماڻهو جي اندر سان لاڳاپيل آهي، پر مذهب جي ڪٽر عقيدي موجب اها ڳالهه هر فرد لاءِ خاص اهميت رکندي آهي ته ڪهڙا مذهبي گروهه ڪهڙن عقيدن کي اوليت ڏئي رهيا آهن. ائين اڳتي هلي مذهبي ڪٽرپڻو وڌي آيو هو. ٻاوا، ۽ ٻانڀڻ تخليق ڪيا ويا ۽ حڪمران طبقي جي مدد ڪئي وئي.“
”سنڌوءَ تهذيب جا ماڻهو هاريءَ هئا، جن پهريون آبپاشيءَ جو هڪ شاندار ۽ وڏو نظام قائم ڪري ورتو هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ اڳي موجود ڪونه هو. جنهن کي اتر کان آيل آرين حملي آورن ڀينگ ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ ساڳين ماڻهن اهو احوال رگ ويد (500 _ 1000 ق م) ۾ قلمبند ڪري ڇڏيو، جيڪو شلوڪن جي شڪل ۾ موجود آهي.” قديم آثارن جي آڌار تي يقين سان چئي سگھجي ٿو ته هتان جا ماڻهو 470000 ق م کان وٺي سنڌو تهذيب وارن علائقن ۾ موجود هئا. سنڌ جي جابلو غارن ۾ نظر ايندڙ چٽساليءَ 30000 ق م پراڻي آهي. سنڌين جو انهيءَ چٽساليءَ وارو ڪم چيلهه سان ٻڌل کڙڳ (ننڍي تلوار) سان ڪيل ٿو ڀانئجي. ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪم ڪمان جي تير سان به ڪيو ويو هجي. سنڌي ٻن پاسن وارو دهل وڄائيندا هئا، ۽ گھرو جانورن سان گڏ جھنگلي جانورن کي به رکندا هئا. ڪجھه محقق ان راءِ جا به آهن ته سنڌو تهذيب 10000 ق م کان شروع ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سنڌين جهنگلي جانورن کي هيرائي گھرو جانور بڻائڻ شروع ڪيو هو، ۽ پوکيءَ راهي ڪرڻ جي ڌنڌي جي ابتدا ڪئي هئائون!“
”دراوڙ هڪ قديم ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنڌي يا سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو. سنڌو ماٿري جي قديم ماڳن جي کوٽائي وسيلي اچرج جھڙيون دريافتون ٿيون هيون، انهيءَ زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ وارن علائقن تي انگريزن جو راڄ هو، جيڪي مذهبي طور عيسائي هئا، جيڪڏهن حيرت انگيز دريافتون ظاهر ڪيون وڃن ها ته عيسائيت جي ساري تاريخ هيٺ مٿي ٿي وڃي ها.“
”آريا 2150 ق م کان 1250 ق م تائين لڳاتار ڪاهون ڪندا آيا هئا، ان ڪري اهي دراوڙ لڏي يورپ ڏي نڪتا هئا، دراوڙن سنڌ ان وقت ڇڏي هئي جڏهن آرين جي حملن جي ابتدا هئي. سنڌ جا ماڻهو يورپ وارن سان ملي هڪ ٿي ويا. اُهو ۽ هاڻوڪو يورپ ان گڏيل سڏيل نسل جو روپ آهي، جنهن کي انڊو يورپين سڏيو ويندو آهي.
يورپ جا ڪيلٽڪ نسل جا ماڻهو سنڌي دراوڙ هئا، جيڪي سامونڊي سفر جا ماهر ۽ شوقين هئا، جيڪي 1000 ق م سامونڊي سفر ڪري اسپين وٽان لنگھي آئرلينڊ تائين پهتا هئا. ڪيلٽڪ ماڻهن جو سنڌي ڌرم آهي. ان کان سواءِ يورپ ۾ جپسي به سنڌ ڄاوا آهن. آمريڪا جي تازين دريافتن مان اهو به پتو پيو آهي ته واشنگٽن رياست ۾ ”سنڌو تهذيب“ جي هڪ جڳھه آهي. جنهن جي قدامت 12000 هزار سال آهي. جتي سنڌ جي ديوتا شو جي مورتيءَ موجود آهي، جيڪا 28000 ق م سان تعلق رکي ٿي!“
”ٻڌ ڌرم (624_544 ق. م) آرين جي مذهب مان شو ۽ شڪتي کي نيڪالي ڏيڻ جي ڪوشش آهي. موئن جي دڙي جو زوال (1200 ق م) ۾ آيو. آريائي حڪمران کي مذهبي اڳواڻ تسليم ڪيو ويندو هو. ٻڌ ڌرم سڌارن آڻڻ جي هڪ تحريڪ هئي، جنهن وسيلي دراوڙي مذهب جي عقيدن کي ڪڍي ڇڏڻ هو. هنن مطابق ٻڌ جا پوئلڳ ملحد آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هندستان ۾ ٻُڌ ٿورا آهن، ٻُڌ پنهنجي مذهب کي هڪ جدا شڪل ڏني هئي، پر پوءِ به ٻڌ ڌرم وسيلي هن وري منهن ڦيرائي سنڌ ڏي ڪيو هو، ويدن جي ڪٿائن جو مطلب فقط اهو هوندو ته جيئن حڪمران جو اقتدار هلندو رهي. ٻُڌ، هندو ڌرم کان انهيءَ ڪري بغاوت ڪئي، ڇو جو ان ڌرم ۾ ذاتين جي ونڊ ورڇ هئي. هندو ڌرم ۾ عورت مٿان مرد جو تسلط هو. ٻُڌ کي اهو به نظر آيو ته حڪمرانيءَ فوج جي هلندي هئي. اهڙيون سڀ ڳالهيون شو جي پوجارين ۾ ڪونه هيون. ٻڌ ڌرم جون مذهبي رسمون ڳجهه ڳوهه ۾ رهنديون هيون، هندستان ۾ ٻُڌ جي پيروڪارن کي ماريو ۽ تيل جي تَين ۾ اڇلايو ويندو هو!“
اؤميل ٻڌ ڌرم کان پوءِ جين ڌرم تي ڪجھه به ناهي لکيو، جڏهن ته سنڌ ۾ جين مت به ڪافي ترقي ڪئي هئي. جين مت جا اصول ڏاڍا سخت هئا. گوشت کائڻ ۽ شڪار ڪرڻ تي پابندي هئي. جين مت جو سنڌ ۾ مرڪز ننگرپارڪر هو. اوڀر ۾ راجائن جو سلسلو برقرار هو. ان وقت ننڍين رياستن تي مشتمل سلسلو هلندڙ هو. اشوڪ جي مرڻ کان پوءِ اوڀر ۾ چندرگپت ۽ وڪرماجيت سگھارا راجا ٿي اڀريا. هندن جو آخري وڏو راجا ”هرش“ هو. جنهن 648 ع ۾ وفات ڪئي. جنهن وقت عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ان وقت هتي راجا ڏاهر جي حڪمراني هئي. مسلمان سنڌ ۾ 711ع ۾ فاتح بڻجي داخل ٿيا.
اوڀر ۾ اوچ نيچ جو سلسلو ختم نه ٿيو هو، شودرن ۽ اڇوتن سان ساڳيو ورتاءُ برقرار هو. اؤميل جيڪي به خيال پيش ڪيا آهن اهي بنا شڪ جي تاريخي حيثيت رکندڙ آهن. حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي مذهبي علامت سج هئي، جيڪو سنڌ جي هاريءَ ۽ زرعي سماج جو ڄڻ پيءَ ٿي سمجھيو ويو. آريا برف جا ماريل هئا، تنهن ڪري انهن کي باهه سان محبت هئي، ان ڪارڻ باهه انهن جي مذهب جو به بنياد هئي. اڳتي هلي ٻئي باهيون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ گڏجي ويون. اهم ڳالهه هِي آهي ته، باهه ۽ سج جو رنگ به ساڳيو آهي. غور طلب اها ڳالهه به آهي ته اسان جي صوفي ازم جو گيڙو رنگ به سج جي رنگ سان ملندڙ آهي. ساڳي ريت اصل سنڌي عورتن جي سينڌن ۾ پوندڙ سندور جو رنگ به ان سان ويجھڙائي رکي ٿو. ثابت اهو ٿو ٿئي ته سج سان عشق وارو سنڌ جو نظريو ۽ فلسفو جيئن جو تيئن برقرار رهيو آهي. اوڀر مان جنگين ۾ لکين انسان تڙجي ٻين ڌرتين ڏي نڪري ويا، لکين سنڌين کي تاريخ جي بدمعاشن اغوا ڪري ڪڏهن ايران ۾، ڪڏهن عراق ۾، ڪڏهن شام ۾ وڃي پڄايو! لکين سنڌي عورتون وحشين جي ور چڙهي دربدر ٿي ويون! اڃا يورپ ۾ سنڌي جپسيءَ ۽ جت دربدر آهن، اهي ذلت جھڙي زندگي پيا گذارين! اهو سڄو دهشت گردي جو نتيجو آهي. دراوڙن جو نسل الاءِ ڪٿي ڪٿي ضم ٿيو آهي! سنڌ جي ئي رت وارو ڪو يورپي سياح يا جاسوس سنڌ ۾ آيو الاءِ نه؟ لطيف جي اکين ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو الاءِ نه؟ ڪا خبر ناهي!
اوڀر تاريخي سچ آهي، جنهن مان انيڪ نظريا ۽ خيال اُڏامي پوري دنيا تائين پهتا آهن. اوڀر جنهن جي غارن ۾ ڀڪشوئن وڃي پٿر ٽُڪي عظيم سنگتراشي ڪئي، جيڪا اڄ به عجوبو تسليم ڪئي وڃي ٿي! اُهو اوڀر جنهن جي حسين مورن سڪندر اعظم کي موهيو ۽ مستان ڪري ڇڏيو هو جو اهي مور پنهنجي ماءُ ڏي يونان سوکڙي طور موڪليا هئائين! اليگزينڊر سان گڏ اهڙا معتبر ماهر سنگتراش به هئا، جن اوڀر جي پهاڙن کي تراشي وڏيون وڏيون ديو هيڪل مورتيون ۽ مجسما تيار ڪيا هئا، جن کي اڄ به عالمي ورثي جو نالو ڏنو وڃي ٿو! اهو اوڀر جنهن تي چنگيز خان جي نسل اقليت ۾ هوندي به اڪثريت تي حڪمراني ڪئي هئي. اهو اوڀر جنهن لاءِ مولانا ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته”هتي سياست مذهب جي پردي هيٺ رهي آهي!“ اوڀر جي اها سنڌ جنهن جي جابلو چُرن کي اسان جي محترم محقق بدر ابڙي ”ڌرتيءَ ۽ ڪائنات تي سوچيندڙ پهرئين انسانن جون درسگاهون سڏيو آهي!“ اُهو اوڀر جنهن تي ايترا ته حملا ٿيا آهن، جو اُن جي تاريخ اڃان سهڪي رهي آهي! اُهو اوڀر جنهن جي جابلو سلسلن ۾ وک وک تي قديم انسانن جي پيرن جا نشان پيا آهن، جن کي محقق ڪڏهن ڦلاڻي جا پير چون ٿا ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي جا پير سڏين ٿا! جبلن ۾ گوتم ٻڌ جي پيروڪارن جا چٽيل ڪنول جا گل اڄ به سنڌ جو حُسن ۽ سڏ لڳن ٿا! ڪنول دل جي علامت آهي، جنهن جو جبلن ۾ ٽڙڻ وڏي ڳالهه آهي!
اوڀر تي اهو ڪاري تئي جھڙو الزام رهيو آهي ته، هتي نابالغ نياڻين کي پرڻائي، پهرين رات ۾ مارائي، صبح جو لاش وصول ڪري ماٺ ۾ دفنائي ڇڏيا وڃن ٿا!
اوڀر جي ويدانتي فلسفي جو ذڪر ڪافي مشهور رهيو آهي. ڏسون ته ويدن ۾ ڇا آهي، ۽ ويدانيت جو نظريو ڇا ٿو چوي! سنڌي ٻولي جو قابل احترام ڏاهو ۽ عالم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻي لکي ٿو: ”هندستان ۾ آڳاٽي سمئي کان ظاهري عبادت کان هٽي ڪري اندر اُجارڻ وارا اصول جاري هئا، پر عام طرح انهن جو پچار نه ڪيو ويندو هو، صرف گُرو پنهنجي شاگرد کي ان رمز کان آگاهه ڪري حق کي سڃاڻڻ جي راهه ٻڌائيندو هو. برهم وديا تي گُرو چيلي جون رهاڻيون اپشندن ۾ گڏ ڪيون ويون، انهيءَ مت کي ويدانيت يعنيٰ ويدن ۽ علمن جي آخري حد سڏين ٿا. انهيءَ جي مکيه اصولن کي ”باد رايڻ“ نالي هڪ مشهور رشيءَ پنهنجي ويدانيت سُوتر ۾ جمع ڪيو ۽ هندستان جي مشهور فيلسوف شنڪر آچاريه ”ويدانيت سُوترن“ ۽ ڀڳوت گيتا تي پنهنجون لاثاني ٽيڪائون لکي ويدانيت کي ڪمال تي آندو!“ ويدانيت چوي ٿو: ”درحقيقت سنسار کي ڪا سچي هستيءَ ناهي، حق کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪونهي، جنهن کي اسين سنسار چئون ٿا، اهو صرف مايا يعنيٰ وهم آهي، انساني زندگي خواب مثل آهي!“
اُپشندن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: ”جڏهن انسان اهڙي پد کي رسي ٿو، تڏهن سندس دل جون ڳنڍيون ڇُڙيو پون! سڀ ڏک ڏور ٿيو وڃن! سڀ ڪرم اجايا ٿيو پون، اهڙو جيون مڪت آهي، پاڻ کي سڀ شيءَ ۾ پَسي ٿو، ۽ عالم جي هر جزي ۾ سندس سير آهي!“
اوڀر جي ڪُک مان سرجيل ڌرمي پستڪ ڀاڳوت گيتا جو هڪ اهم اشلوڪ انسانيت جو ترجمان هن ريت بڻيل آهي ته:
”نه مان عروج جي ان درجي جو طالب آهيان،
جتي مون کي اٺئي ڪمالات حاصل هجن.
۽ نه مان اهو چاهيان ٿو ته ٻيو دفعو جنم نه هجي.
مان ته صرف اهو چاهيان ٿو ته،
سڄيءَ مخلوق جون تڪليفون ۽ مصيبتون پنهنجي سِر تي کڻان،
ته جيئن ڏک ۽ رنج مان، غم مان نجات ملي پوي!“
_
هتي ان دلچسپ حقيقت جو ذڪر ڪبو هلجي ته اوڀر ۾ مذهبي بحثن تي ڪجهه ڪتاب به لکيا ويا آهن. هندستان جي ديانند سوامي عالمي مذهبن تي تنقيد جي حوالي سان ڪتاب ”سٿيارٿ پرڪاش“ لکيو هو. ان جي جواب ۾ هندستان ۾ ئي عبدالرحمان صديقي ”ارمغان ويد“ نالي ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب هندستان ۾ مغليه حڪومت ڇپڻ جي اجازت ڪونه ڏني. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت ليکڪ جو خاندان هيڏانهن لڏي آيو، ليکڪ پاڻ هندستان ۾ ئي رهيو. ليکڪ مذهبي جذبي تحت تفصيلي ڪتاب لکيو هو. هن جي پٽ ليکڪ جي مرڻ بعد ان ڪتاب کي وري ترتيب ڏئي 1995ع ۾ لاهور مان شايع ڪرايو هو. هُن انهي ڪتاب ۾ جيئي سنڌ تحريڪ شروع ڪرڻ تي سائين جي ايم سيد تي به تنقيدي نظر وڌي آهي. ارمغان ويد ڪتاب ۾ ليکڪ چوي ٿو: ”ويدن ۾ خدا پرستيءَ جو وجود ئي ناهي. ويد تعصب تي مشتمل آهن، جن جا حوالا هن ريت آهن.
_ ”اي انسان جا دشمن داسو اوهان ڪنڌ ڪپيل نانگن جيان انڌا ٿي وڃو، پوءِ اگن ديوتا اوهان کي ساڙي خاڪ ڪري، پوءِ جيئڻ وارن مان جيڪو بچي، اُن کي به اندر ديوتا ماري ڇڏي!“ (سام ويد)
_ ” اي جنتر منتر جا ڇوڙيل تير تون اسان جي دشمن وٽ وڃ ۽ انهن کي ختم ڪري ڇڏ، ڪنهن کي به زندهه نه ڇڏ“. ( آتر ويد )
_ ” هن دنيا ۾ جيڪو ڪجھه آهي، اهو برهڻ جو آهي، ڇو جو اهو مخلوق ۾ برتر ۽ افضل آهي.“ ( منو ڌرم شاستر)
_ ”جو شخص برهمڻ کي سفيد پيرن واري رڍ خيرات ۾ ڏئي ٿو ، اهو سورڳ ۾ وڃي ٿو.“ (اٿر ويد)
_ ”شودر کي جيڪڏهن آزاد به ڪيو وڃي ته اهو آزاد نه سمجھيو وڃي،ڇو جو قدرت هُن کي غلام ڪري پيدا ڪيو آهي“. (منو سمرتي)
اهي خيال به اوڀر مان اڀريا هئا، ان ڪري اوڀر جو خطو اهڙن گوناگون خيالن جي ڪري هميشه محققن جي دلچسپي جوسبب رهيو آهي. اوڀر جي منفرد تاريخ رهي آهي.
اوڀر جي درد ناڪ تاريخ اها به آهي ته جڏهن رهزن حملي آوارن قلعن جو گھيراءُ ڪيو ته بيوسي ۾ ڌرتيءَ ڌڻين قلعن جا دروازا کولي پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو ۽ رحم طلب ڪيو ، جواب اهو ڏنو ويو ته اسان کي ڪنهن کي معاف ڪرڻ جي اجازت ناهي! ان ڪري ٽن ٽن ڏينهن تائين اتي قتل عام جاري رهيو! حد اها آهي جو ڪي مئورخ چون ٿا ته: ”اُهي قبضا خور قاتل نه پر نيڪ شريف ماڻهو هئا. سٺي مقصد لاءِ آيا هئا! “ حقيقت اها آهي ته ان تعصب پرست رويي اوڀر کي وڏو نقصان ڏنو آهي. تاريخ نويس جن حملي آورن کي معتبر ڄاڻائن ٿا، ”انهن جڏهن اوڀر مان ڪاهه بعد واپسي ڪئي هئي ته انهن جي فوجي اُٺن کان علاوه چار هزار اٺن تي اوڀر جو لٽيل خزانو سٿيل هو!“
”بادشاهه پنهنجي سلطنت کان، وزير پنهنجي وزارت کان، مرشد پنهنجي مريدن کان، وار، ۽ ڏند، ۽ عورت جون ڇاتيون، جڏهن اهي شيون پنهنجي جڳهه تان هٽي وڃن، ته پوءِ انهن جو شان ختم ٿي ويندو آهي!“ اهي لفظ راجا ڏاهر کي سندس وزير ”ٻڌي مان“ چيا هئا! چچ نامو اوڀر جي سنڌين جي ان ذوق جو شاهد آهي.
تاريخ جو هڪڙو ڀيانڪ سچ اهو به آهي ته: ”سڪندر اعظم سنڌ مان هڪ لک کان وڌيڪ شهرين ۽ فوجين کي غلام ڪري غلامن جي منڊين ۾ آڻي وڪڻي ڇڏيو هو!“ اهو ساڳيو لقاءُ بغداد وارن به سنڌ سان ڪيو هو!
اوڀر ۾ اسلام کي وسعت ڏيڻ ۾ صوفين ۽ بزرگن جو اهم ڪردار رهيو آهي. نظام الدين اوليا، هجي يا اجمير شريف جو خواجه معين الدين چشتي هجي، بابا فريد هجي، يا قلندر هجي، سلطان باهو هجي يا ٻيا بزرگ هجن، انهن فقط محبت جو پيغام ڇڏيو آهي. ان ڪري هر مذهب جو ماڻهو انهن سان عقيدت رکي ٿو. اوڀر ۾ صوفين انسانيت جي پچار ڪئي آهي. ان سچ کي اتهاس مان ڪوبه خارج ڪري نٿو سگھي. انهن جي عظمت صدين کان پوءِ به ساڳي معتبر آهي.
اوڀر جي نظرين، سياست ۽ روحانيت جي حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو: اورنگزيب جو ڀاءُ دارا شڪوه وحدت الوجود جي فلسفي جو مڃيندڙ هو، هُن هڪڙو ڪتاب لکيو ”مجمع البحرين“ تمام ننڍوڪتاب آهي ٽيهن صفحن جو، اُن ۾ هو هڪ هندو عالم جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”ويدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي!“ هُن انهيءَ ڪتاب ۾ اسلامي فلسفي ۽ هندي فلسفي ٻنهيءَ ۾ اهم ڳالهيون ڳولي ڏنيون آهن. هُن گيتا ۽ اُپشندن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. دارا ميان مير سنڌيءَ جو شاگرد ۽ مريد هو. ميان مير سنڌ جي مشهور شاعر قاضي قاضن جو ڀاڻيجو هو. مون تازو اڀياس ڪيو آهي ۽ ويدن مان ڪجهه سٽون توهان کي ٻڌايان ٿو:
”خدا کي ڪابه شڪل نه آهي.“
هِي يجر ويد ۾ آيل آهي.
اٿر ويد ۾ آهي ته:
”هو اڪيلو، اڻ ڀڄندڙ ۽ سڀ کان مٿانهين آهي“
يجر ويد ۾ اهو به آهي ته:
”ڪابه شيءِ هُن جھڙي ناهي.“
_
اِهي ڳالهيون دارا شڪوه ڌيان ۾ رکيون. دارا شڪوه کي ميان مير جي رهنمائي حاصل هئي، دارا شڪوه کي اورنگزيب شهيد ڪرايو. هُن جي وڍيل سِسيءَ خونچي ۾ رکي پنهنجي قيد ۾ پيل پيءُ شاهجھان ڏي موڪليائين.“
شاهه لطيف، دارا شڪوه ۽ صوفي سرمد شهيد جي شهادت جي واقعي کان يارنهن سال پوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيو.
”اسلام جي اچڻ کان پوءِ هندي شاعريءَ ۾ هڪ تحريڪ پيدا ٿي، ان کي ”نرگن واد“ چيائون. جنهن جي معنيٰ آهي: ”خدا کي ڪابه شڪل ڪونهي.“ اها وحدانيت واري نرگن واد واريءَ تحريڪ شاهه لطيف کان اڳي پيدا ٿي چڪي هئي. شاهه لطيف پنهنجي دؤر ۾ وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود کان واقف هو.“
”شاهه لطيف جي نظر ۾ منافقيءَ هر ڪنهن مسلڪ ۾ ممنوع آهي.“
اوڀر جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو بنياد لڳ ڀڳ ٻه هزار سالن کان ٿورو مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. ”ڪاليداس، وال ميڪي، جي ديو، وديا پتي، امارو، بانڪيداس، ڪلاسيڪل شاعر آهن، ان ئي صف ۾ اشوگهوش، ماگھا، ڀاوا ڀوٽي، ڀاروي، هرشا، هالا، بلهانا، ڀرتري هري جا اهم نالا به شامل آهن.“ جن جي شاعريءَ تي اوڀر ناز ڪري ٿو. اهي سنسڪرتي شاعر آهن. پندرهن سئو سال اڳ ڪاليداس چيو هو:
هُو خدا جي خالص خوشيءَ جو عڪس آهي،
جنهن کي هُن پنهنجي تخليقي خيال ۾ مرتب ڪيو،
آئون جڏهن کيس ڏسان ٿو،
تڏهن هوءَ منهنجي تصور ۾ سمائجي وڃي ٿي.
خدا ڪيڏو نه عظيم آهي،
۽ هوءَ ڪهڙي نه خوبصورت.
_
ستين صديءَ جي رومانوي مها ڪويءَ ڀرتريءَ هري چيو آهي، ”عورت جي جوڀن ۽ جھنگل جي نظارن کان سواءِ سڄو سنسار بيڪار آهي!“
چوڏهين صديءَ جي مئٿلي جي ڪوي وديا پتي چوي ٿو:
”ڪوبه ماڻهو تيسين مڪمل نٿو سمجھيو وڃي، جيسين هُن کي جماليات جو پورو شعور نٿو ٿئي.“
• اوڀر جو خوبصورت ڪوي وديا پتي پنهنجي ڪويتا ۾ لکي ٿو:
”هرڻين جھڙين اکين واري راڌا کي،
ڪرشن جي حوالي ڪري،
سڀ ساهيڙيون هليون ويون،
موقعو ملندي ئي ڪرشن جا جذبا ڀڙڪي اُٿيا،
هُن پنهنجي راڌا جو هٿ پڪڙيو،
۽ لڀائيندڙ ڳالهين جي برسات شروع ڪري ڇڏي.
اهڙين ڌتاريندڙ ڳالهين،
راڌا جي حياءَ مٿان پردو وجھي ڇڏيو!“
_
اوڀر جي هندي شاعريءَ ۾ ڀڳت ڪبير جي فڪر جي لازوال حيثيت آهي. ڪبير ڪوريءَ هو. چرخي ۽ داڳي سان عشق هئس. هُن رجعت پرستيءَ کي ڏاڍو ننديو آهي، ”ماڪوڙيءَ جي پيرن ۾ گھنگھور وڄن ٿا، خدا اُهي به ٻڌي ٿو!“ جھڙا شاهڪار خيال ڪبير اوڀر کي ارپيا آهن، اهو ئي ڪبير چوي ٿو:
ڪبير ڪا گھر سِڪر پَر، جھان سِلهي گيل،
پانءُ نه ٽيڪي پيپل ڪا، پنڊت لادي بيل.
_
اوڀر ۾ ميران جا ڀڳتي ڀَڄن ۽ شعر به وڏي اهميت رکن ٿا. ميران پُوري زندگيءَ شاديءَ نه ڪئي هئي، هن پاڻ کي ڀڳتي لاءِ وقف ڪيو هو. هُوءَ پاڻ کي پريم ديواني چوندي هئي. سنڌ ۾ شاهه ڪريم کان به اڳ ۾ بابا فريد جو ڪلام مشهور هو. پنجاب جو اهو حصو ان وقت سنڌ جو حصو هو. هن با ڪمال صوفيءَ شاعر اوڀر کي لاجواب شاعريءَ سان نوازيو آهي، ٻارهين صديءَ ۾ چيو اٿس:
”فريدا ڏکان سيتي ڏينهن ڳيا، سولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
¬_
فريدا، مين جاڻيا دک مجھه ڪو، دک سڀا اي جڳ،
اچي چڙهه ڪي ويکيا، تان گھر گھر ايها اڳ،“
_
اوڀر واري سنڌ ۾ قاضي قاضن چيو آهي:
جي مون پڙهيا پاڻ لئه، سي مون سيلهه ٿئام،
واڳون ٿِي وڙهيام، اکر اُهي ئي اڳيان.
_
شاهه لطف الله قادري چيو آهي:
حُسن حبينن جو، پَسين جي هيڪار،
ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اُڃ وَرِهَن جي.
_
حُسن حبيبن جو پسين جي پيهي،
ته توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
_
شاهه ڪريم جو شاهڪار بيت آهي:
پاڻياريءَ سِر ٻيلهڙو، جَر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
_
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو سدا حيات بيت آهي:
سڪ روحاني سامئين، جِسمي جاهلن،
ٻَگھَن مڇي مَن، پارس پسن ڪينڪي.
_
چپان جي نوجوان خوبصورت شاعر ”ياس ناري ڪاوا باتا“ نوجوانيءَ ۾ ئي 1972ع ۾ گئس ذريعي گھُٽجي خودڪشيءَ ڪئي هئي. الاءِ ته ڪهڙي بيچينيءَ جو درد هُن جي دل جي ٻيڙيءَ جو مسافر بڻيو هو، جو هن دنيا کان اکيون پري ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو! هُن پنهنجي هڪڙي خوبصورت نظم ۾ لکيو هو:
”مان اوڀر جون گُم ٿيل صديون ڏسڻ چاهيان ٿو،
مان شايد گم شده صدين جو شهري آهيان!“
_
ڪاوا باتا ان نسل جو انسان هو، جيڪو جپان جي اهم شهرن هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي آمريڪا پاران اڇليل خطرناڪ ائٽم بم جي تباهي کان پوءِ پيدا ٿيو هو. ان حملي ۾ لکين جاپاني ماريا ويا هئا. اها تاريخ هن شاعر کي ياد هئي. هُن اوڀر جون گم ٿيل صديون ڇو ٿي ڏسڻ چاهيون؟ ڇا هن اهو روحاني طور محسوس ڪيو هو ته اوڀر سان منهنجو ڪو تعلق آهي؟ سچ ته پنهنجي جاءِ تي اهي تمام وڏا سوال آهن! تاريخ گواهه آهي ته شاعر ڌرتيءَ جو ضمير هوندا آهن، انهن جو لفظ لفظ ڪنهن روح جو عڪاس هوندو آهي. گم ٿيل صدين جو شهري پاڻ کي سمجھڻ تمام وڏي ڳالهه آهي! وڏو عشق آهي!
لڳي ٿو هُن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ملڪ ۾ ويهي راتيون ۽ ڏينهن گھاري محسوس ڪيو هو ته هتي ته رڳو مشيني ماڻهو ٿي جيئڻو ٿو پوي ! وقت جي مارڪيٽ ۾ زندگيءَ کي گروي رکڻو پوي ٿو! ڪوبه ڪنهن لاءِ پيار جو ٿڌو ساهه نٿو ڀري! ڪلبن ۾ عجيب ساز اڏامن ٿا، پر روحانيت جي تند ڪٿي به تنوار نٿي ڪري! باشو جا هيڪو (هائڪو) ڀلي کڻي فطرت جي حسن سان رڱيل آهن، پر انهيءَ فطرت کي ته آمريڪا باهه ڏئي چڪو آهي. اڄ منهنجي ڌرتيءَ تي انڌا ٻار ڄمن ٿا! پريان اوڀر جي تهذيب ۾ ڪيڏي درياهن جھڙي روحانيت آهي! اوڀر جي ثقافتن کي انڊلٺ کان گھڻا رنگ آهن! اوڀر جا ڪارا ڊگھا ڪاڪل ڪيڏي ڪشش رکن ٿا. ڪيڏو قرب آهي، اوڀر جي ڪڪوريل اکين ۾ جيڪي ڪجل سان ڀريل آهن! هُن جپان جي مندرن ۾ اُهي بي ضرر ٻُڌ پنهنجي ڌُن ۾ مگن ڏسي ضرور سوچيو هوندو ته، هنن جي دلين ۾ به اهو اوڀر جو فسلفو آهي، جيڪو ائٽم بم جي تباهي جو مخالف آهي! هُن ان اوڀر تي شايد سوچيو هو، جيڪو صديون اڳي روحانيت جو مرڪز هو. هن کي شايد خبر نه هجي ته اهو اوڀر جيڪو صوفين جو خواب هو، اهو هاڻ يورپين ۽ آمريڪين جي مفاد جو اڏو بڻجي بدامني ۾ سهڪي ۽ تڙپي رهيو آهي! ان اوڀر ۾ هاڻ نانگ رهن ٿا ۽ بگھڙن جو گھيرو آهي. رجعت پرستن اوڀر جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي، دل چوي ٿي “ياس ناري ڪاوا باتا” جو روح ڪٿي گڏجي ته کيس سنڌ جي محبوب شاعر آفتاب ڪريم ڪلوئيءَ جو هي شاهڪار نظم ٻڌايان:
مان پيرين اگھاڙو پَٽن تي هلان ٿو،
اُڃايل به آهيان، بکن تي هلان ٿو،
مان ڏاڍو ڏکن جو ڏکن تي هلان ٿو،
مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
حڪم تي مان هر وار ماريو وڃان ٿو،
سرِ عام ساڙيو ۽ ٻاريو وڃان ٿو،
مان ٿاڻن ۾ واڙي ويهاريو وڃان ٿو،
۽ بندوق سامهون بيهاريو وڃان ٿو،
لڳي ٿو ته هيڻو ڪو حيوان آهيان.
مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
ازل کان مان آهيان اَجھي لاءِ لاتو،
اٽي جو اڃا ڀي کُليو ڪونه کاتو.
جنم کي جھلي مون لَٽي پويان لاتو،
ڄمڻ کي ڄريءَ ۾ اٿم پاڻ پاتو،
گِرهه لاءِ گھايل ۽ حيران آهيان.
مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان.
لکين روز لوڀين جا لاڙا ٺهن ٿا.
ٻٽا ٻول ٻيڻا ۽ جاڙا ٺهن ٿا،
اَڏا منهنجي لئه ۽ اکاڙا ٺهن ٿا،
ٻڌڻ لاءِ مون کي ٻُٿاڙا ٺهن ٿا.
مان ڄڻ ڪوئي ميلن جو ميدان آهيان.
مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
هي ڌرتي جو گولو تَتو آهي مون لئه،
نَين دوزخن جو پتو آهي مون لئه،
هي مارين جو ميڙو متو آهي مون لئه،
۽ نيزو نئون ڪو کُتو آهي مون لئه،
مان اولهه لئه ڪيڏو نه آسان آهيان.
مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان!
_
اوڀر کي گھٽي گھيرڻ جي اڄوڪي سچ کان ڀلا ڪير انڪاري ٿيندو!؟ هي نظم نه فقط اڄ جي اوڀر جو عڪس آهي، پر اوڀر جي ماضي جو به درديلو آلاپ آهي. اهو اوڀر جنهن جي محبوب ڌرتيءَ تي ڀٽائي جنم ورتو، ۽ تصوف جي وحدت الوجودي فلسفي جي ترجماني ڪئي! لطيف جي ان عظيم شاعريءَ ۾ مذهبي تعصب جي هڪ سٽ به موجود ناهي. لطيف جڏهن اها شاعريءَ پئي ڪئي، تڏهن به سنڌ ۾ هندو ڌرم پنهنجي لکين پيروڪارن جي عقيدت سان موجود هو. اڇوت سڏجندڙ قبيلا به سنڌ ۾ موجود هئا. سنڌ ۾ اهڙا به ڪي ماڻهو موجود هئا، جن ۾ مذهبي تعصب موجود هو. اهي نه رڳو جوڳين، سامين ۽ سنياسين جون مڙهيون برباد ڪرڻ لاءِ مصروف هئا، پر مسلمان صوفين جا ٺڪاڻا به انهن جي اکين جا ڪٽر بڻيل هئا. پر اسان جي لطيف جي سوچ بلڪل منفرد، صوفياڻي ۽ سيڪيولر هئي. اُهي سنياسي، لاهوتي، ڪاپڙيءَ، جوڳيءَ، آديسي، لاهوتي، جيڪي لطيف پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏٺا، اهي به تعصب کان بنهه آجا هئا. اهي ايترا ته پُر اسرار هئا، جو ڪيڏانهن نگاهه کڻي ڏسندا هئا ته گھڻا ماڻهو انهن جو تاب جھلي نه سگھندا هئا. لطيف اهڙن ئي پراسرار انسانن تي پنهنجي رامڪلي، پرڀاتي، مومل راڻو، کاهوڙي ۽ پورب سُرن ۾ لاثاني شاعريءَ ڪئي آهي. ان شاعريءَ ۾ پيش ڪيل فڪر، اوڀر جو نئون آواز آهي. لطيف اوڀر جي فلسفي تي بيحد نازڪ خياليءَ سان روشنيءَ وڌي آهي.
پُورب ئي مارياس، ڪِنهن دَر ڏيان دانهَڙِي،
مَتيون ڏيندي لوڪ کي، چَري پاڻ ٿياس،
جِنين نه جيهياس، مان لَنئون لڳو تِن سِين.
_
لطيف پُورب کي روحاني منزل سڏيو آهي، مختلف بيت لطيف ان ئي پس منظر ۾ سرجيا آهن. لطيف اوڀر کي انساني روحانيت جو پهريون گھر سمجهي ٿو. اؤميل جڏهن ثابتين سان سنڌ ۽ سنڌي فڪر کي پوري جڳ جو بنياد ڪري پيش ڪري ٿي ته لطيف وارو صوفياڻو فڪر سولائي سان سمجھه ۾ اچي وڃي ٿو. حقيقت اها ٿي ثابت ٿئي ته لطيف جيڪو پورب کي پيار ڀيٽا ڪيو آهي، ان جو سبب اهو ئي آهي ته اوڀر جو انسان تعصب پرستيءَ جو حامي ناهي رهيو. ان مذهب کي صرف روحاني اک سان ڏٺو آهي. لطيف اوڀر جي روح ۾ لهي اها تصديق ڪري چڪو هو ته، هِيءُ ئي اهو انساني خطو آهي، جتان روحانيت جو سفر شروع ٿيو آهي. هتان ئي تهذيبي ۽ پرامن سوچ سِرجي پوءِ اڳتي وئي آهي. سنڌ ئي دنيا کي تبديل ڪندڙ فڪر ڏنو آهي.
جڏهن اسان لطيف جي اوڀر جي پس منظر ۾ ڪيل شاعريءَ کي روح ۾ لاهيون ٿا ته اهو فڪر سنڌ جو پر امن، پاڪ صاف ۽ فطرت سان ٻکيل فڪر جي روپ ۾ اچي سامهون بيهي ٿو. لطيف جو کاهوڙين ۽ جوڳين سان عشق ان ڪري آهي جو اهي انسانيت سان پيار ڪندڙ آهن. امن پسنديءَ، پاڻ سڃاڻڻ، ۽ دنيا کي روشنيءَ ڏيڻ، انهن جو نظريو آهي. اهي فطرتي رنگ جا انسان آهن. لطيف جو فڪر ثابت ڪري ٿو ته اوڀر انسان دوستيءَ جو پهريون ادارو آهي. جنهن سڄي دنيا کي روحاني طور متاثر ڪيو آهي. اوڀر جا انسان جنگين جا مخالف رهيا آهن. انهن تي وحشي جنگيون مڙهيون ويون آهن. سنياسين يا جوڳين جي زندگيءَ فراريت جو درس ناهي، پر فطرت سان ويجھڙائي جو عمل آهي، اها امن پسندي آهي. هڪ حقيقت طئي آهي ته ڀٽائي جي فڪر کي جوڳين سان ڪيل رولاڪيءَ، ڪچهرين ۽ ٺڪاڻن جي ڄاڻ رڱي راس ڪري ڇڏيو هو.
لطيف کاهوڙين سان ڪيل سفر مان زندگيءَ جو وڏو شعور ۽ روحاني راز ماڻيو هو. اهو راز لطيف جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ نُور جي صورت ۾ موجود آهي.
تهڙا ڪڙڇ ڪڪرا، جھڙا جائن ڦُل،
تن سامين جي سَڌ مَران، جن جي گودڙين ۾ گُل ،
اندر مُلان مُل، ٻَهر ڪوجھا ڪاپڙي.
_
هِي ڪاپڙي لالچ کان آجا آهن. ڪنهن منظم مذهب سان به هنن جو ڪو تعلق ڪونهي. گودڙين ۾ گل کڻي ، هِي ماڻهن کي محبت جو پيغام ڏيندا هلن ٿا. ڪنهن سان به ڪا عداوت نٿا رکن. اوڀر جي روشنيءَ هنن اکين، دلين ۽ سينن ۾ آهي. هِي وحدت الوجود فلسفي جا سڌا سنوان پرچارڪ آهن.
نُوريءَ ۽ نارِيءَ، جوڳيئڙا جھان ۾،
ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندِي اُن رِي.
_
”جهان ۾ باهه وارا ۽ نُور وار جوڳيءَ آهن، جن جي ڪچهريءَ مان نُور پلئي پوي ٿو. تن کان سواءِ مان نه جئنديس!“ ڀٽائي وٽ هنن ڪردارن جي ڪيڏي اهميت آهي، جن ڪردارن تي ٻي دنيا ڪڏهن دل سان سوچيو ئي ناهي.
ڪَيم ڪاپڙين جي، پهرين ڏينهن پروڙ،
سگھا ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چُور،
سدائين سيد چئي، هوَن سناسي ۾ سُور
جوڳي ساڻ ضرور، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
_
هي سناسي، ڪاپڙي پرامن انسان آهن، دنيا جي لالچ هنن جي مقصدن ۾ شامل ناهي. هنن وٽ هٿيار به ناهن، جو ڪنهن کي نقصان پهچائين، صرف وڄائڻ وارا ساز ساڻ اٿن، انهن سان پنهنجو ۽ ٻين جو روح ريجھائين ٿا. اِهي انسانيت جا وارث آهن. انهن تڪليفون سهي روشنيءَ ۽ پيار جو پيغام عام ڪيو آهي. اهي سدائين آزمائش ۾ رهيا آهن.
هِي جي هُئا هِت، ته مَٿن هوند حق ٿيو،
مڻيون مورت، مَت مان نه وسريون ڪِي لهان.
_
لطيف هزارين سالن جي انساني سفر ۾ ٽُٻي هڻڻ وارو شاعر آهي. جنهن پورب جو روح ڳولي هٿ ڪيو آهي. ان ڪري ٻڌائي ٿو ته:
ڪڇي ڪا ڇوٽِي، نانگن ٻُڌي نينهن جي،
جھڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
اُنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پَڌري.
_
پورب ڇا پڌرو ڪيو آهي؟ ۽ پورب مان اڃا ڇا پڌرو ٿيڻو آهي؟ اهي ٻه وڏا اهم سوال آهن. انهن تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي. هتي وري سوالن مان نوان سوال جنم وٺن ٿا، مثال طور: اوڀر جو پنهنجو اصل نظريو ڇا آهي؟ ۽ اُن تي ڇا ڇا زوريءَ مڙهيو ويو آهي؟ اوڀر تي ڪيترا ٻاهريان قبضي خور آيا آهن، انهن پنهنجا مخصوص نظريا ڪيئن لاڳو ڪيا آهن؟ هڪڙن نظرين جي ڪري سماجي تنگ نظريءَ کان بچڻ لاءِ انسانن ڪيئن وڃي پراين ڌارين نظرين ۾ پناهه ورتي آهي، اهو بحث ڪافي ڊگھو ۽ ايذائيندڙ آهي!
اؤميل جو ڪتاب هڪ ننڍڙيءَ دريءَ آهي ، اڃان گھڻي تحقيق پويان رهيل آهي. اوڀر جو سيڪيولر فڪر اڃان وڌيڪ پڌرو ٿيڻو آهي. ڇو جو وڏيون رڪاوٽون آڏيون رهيون آهن. وقت اچي پيو ته نئين سوچ سان تشريح ڪئي وڃي. ڊپ کي دفن ڪري کليل نموني ڳالهايو وڃي.
پُوربيا پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات،
سُيَم نه سنياسين جون، پچارون پرڀات،
ڪا جا جوڳي ذات، مِٽ نه معذورن جا.
_
اوڀر جا جوڳي پنهنجي آسڻ جا در بند ڪري هليا ويا آهن. هاڻ پرڀات مان انهن جون پچارون ڊگھيون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ نٿيون اچن. اُهي معزور جن کي شفا جي ضرورت آهي، جوڳي انهن کان پري ٿي ويا آهن! انسان دوست روحاني ماڻهو ڪيڏانهن هليا ويا آهن! هڪ ڳالهه واضع آهي ته لطيف کي ڪجهه جوڳي گھڻا ويجھا هئا، لطيف انهن کان ايترو ته متاثر هو جو انهن جي نه هئڻ کي دل سان محسوس ڪيائين. ضروري آهي ته جو ڳين جي پوري تاريخ تي نظر وجھجي! انهن جو حسب نسب ڄاڻجي. اهو پتو لڳائجي ته جوڳين وٽ ڪهڙا نظريا هئا؟ زندگي گذارڻ لاءِ هنن جو ڪهڙو سماجي سرشتو هو!؟ انهن جي ماهر جوڳين ڇا ڇا مرتب ڪيو هو؟ ڪجهه خاص ضرور هو، جيڪو لطيف جي من ۾ پيهي ويو هو!
اڃان سي آهين، جي سزاوار سڱين جا،
ويٺا وڄائين، جي سناسِي سُڻئين.
ڪٿي ايئن ته ناهي، اوڀر جي موسيقيءَ کي مرتب ڪرڻ ۾ جوڳين جو ڪو خاص ڪردار هجي؟ ائين ته ناهي ڪو اهڙو ورثو جوڳين دنيا کي ڏنو هجي، جنهن تي تحقيق ئي نه ڪئي وئي هجي؟ سڱيون صدين کان وڄنديون رهيون آهن، انهن وجد جو ڪهڙو پيغام انسانن کي ڏنو آهي؟ اهي سڀ سوال ۽ مامرا لطيف اسان لاءِ سوال طور ڇڏيا آهن! ڏسو لطيف سنڌ جي انسان دوست سيڪيولر فڪر جي ڪيڏي ته غضب جي تشريح ڪري ٻڌائي آهي ته:
جھنگل هليا، سي نه ڀليا، راهه هليا ڦُرجن،
اوجھڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ٻُوٽيون.
_
اهو ئي فلسفو قديم هند جي هڪ قديم دوهي ۾ نظر اچي ٿو، ڏسو:
سڀ جڳ ٻاڌا ڪچي ڌاڳي، ڪوئي ورلا ڇوٽا،
اجھڙ چليا سو گام پهتا، راهه چليا سو لُوٽا.
لطيف هن فلسفي ۽ فڪر کي جيڪو موڙ ڏنو آهي، اُهو هيءَ آهي ته، جن ٻئي اکيون بند ڪري ڇڏيون اهي ڪڏهن به اوجھڙ ۾ ڪونه ڪريا، ڪونه گم ٿيا! ٻئي اکيون ٻوٽڻ جو مقصد ڇا آهي؟ هندي دوهو چوي ٿو: اوجھڙ ۾ پوڻ وارا ماڳ تي پهچن ٿا، راهه هليا ڦُرجن ٿا. لطيف چوي ٿو: جھنگ ۾ هلڻ وارا نٿا ڀلجن، راهه ويندڙ ڦرجن ٿا! پر ٻئي اکيون ٻوٽڻ وارا ڪنهن به نقصان ۾ نٿا پون! مطلب اهو ته ظاهري اکين جي بجاءِ جيڪي انسان دل جي اکين سان هلن اهي منزل ماڻين ٿا ظاهريءَ نه پر اندريون اکيون ڪنهن به دوکي ۾ نٿيون اچن! لطيف اوڀر جي هنن ڪردارن کي قطعي نج مذهبي نٿو سمجھي، ڇو جو هنن وٽ ڪنهن به الهامي ڪتاب جي دعويٰ ڪانهي! هنن پنهنجا نظريا پاڻ مرتب ڪيا آهن! اُهي ڪردار نج اُهي صوفي آهن، جن فطرت مان پنهنجي زندگين کي ترتيب ۾ آندو آهي. پنهنجي سوچ، پنهنجي اڪيلائي، پنهنجا مشاهدا هنن جا رهبر بڻيا آهن. ٻين نظرين جي نالي ۾ انسان لاءِ رڻ ٻاريا ويا آهن، هنن ڪوبه اهڙو نظريو ناهي ايجاد ڪيو جيڪو انساني رَت وهائڻ کي واجب سمجھي! هڪ انسان مانيءَ لاءِ پريشان آهي، اُها ماني سرمائيندار اغوا ڪري چڪا آهن! اهو انسان ٻئي انسان جو محتاج بڻايو ويو آهي، جيڪو انسان غلامي لاءِ پيدا ناهي ٿيو! ڌرمن ۽ مذهبن کي غلط تشريح ڏيندڙ سرمائيدارن جا ساٿاري سنگمرمر جي عمارتن ۾ ستا پيا آهن، ۽ مفلس انسان جھنگن ۾ پيا رهن! اوڀر جا اهي صوفيءَ ڪنهن جي به خلاف مذهب جو سهارو نٿا وٺن، ڪنهن سان به مذهبي جھيڙو نٿا ڪن. انهن جون دليون انسانن لاءِ صاف آهن. اوڀر ۾ پيدا ٿِي هُنن اِهو ئي سکيو آهي.
جِياسون جوڙ ٿِي، جوڳي لٿو جار،
سندو پورب پار، آڇيائين انڌن کي.
انڌن کي سج جي روشنيءَ ڏيکارڻ هميشه سيڪيولر صوفين جو منشور رهيو آهي. صوفين اهو منشور فطرت مان سکيو آهي، ته سج جو ڪو به ڌرم ڪونهي، پاڻي، هوا، خوشبوءِ، برسات، روشنيءَ سڀ سڀني لاءِ آهن، اهي سڀني انسانن ۽ جانورن جي گڏيل ملڪيت آهن! اوڀر انڌن کي روشني جي تشريح ڪري ٻڌائي ٿو ته روشنيءَ ڇا آهي؟ لطيف چوي ٿو: ”رهبري هيٺ هلڻ ۾ گھڻا نانگ آهن، مُنجھيءَ پوڻ ۾ ماکيءَ جھڙو مزو آهي! پتو انهيءَ کي پوي ٿو، جيڪو ٿاٻڙجي، انهن ٻنهي راهن مان اُڪريو آهي!“ مطلب ته، ٻين جي ٻڌايل رستن ۾ شڪ ۽ نانگ موجود آهن! منجھي پوءِ پنهنجي روشنيءَ سان رستو ڳولڻ جو مزو وڌيڪ مٺو آهي! ڌڪ کائي اٿي بيهجي ٿو ته ڪنهن جي سونهپ جي ضرورت نٿي رهي! پوءِ الجھڻ جو ڪو سوال ئي باقي نٿو رهي! اصل تشريح هِيءُ آهي ته: ” هي حقيقت آهي يا ناهي؟“ اهو سوال آهي. هڪڙا چون ٿا ها اها حقيقت آهي، ان تي اکيون پوري يقين ڪرايو! ٻيا چون ٿا، نه ايئن ڪيئن يقين ڪجي!؟ ڄاڻ ذريعي ڄاڻجي ته ڪا حقيقت ڪيئن آهي؟ مُنجھي جڏهن انسان پوءِ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ڪنهن حقيقت کي سمجھي ٿو ته اها اهم ڳالهه آهي! پاڻ جنهن راز کي ڳولي هٿ ڪجي ٿو، ان جو لطف وڌيڪ هجي ٿو.
هتي هڪ وڌيڪ اهم نقطو سمجھڻ ضروري اهو آهي ته، ڪو ڪٽر ذهنيت جو ماڻهو اهو رايو رکندو هجي ته جوڳين دنيا کي مرليون وڄائڻ کان سواءِ ڇا ڏنو آهي؟ اهي ڪاپڙي جن وڃي غارون هٿ ڪيون تن مان دنيا کي ڪهڙو لاڀ مليو آهي؟ اها ته فراريت هئي! انهن ڇا اهڙو يادگار ايجاد ڪيو آهي جو دنيا کي فائدو ٿيو هجي؟
انهن سوالن جي جواب ۾ اهو ئي چئي سگھجي ٿوته، اڄ اوڀر ۾ جيڪڏهن آرٽ جي دلبريءَ موجود آهي ته ان جو سبب اهي ئي انسان آهن، جيڪڏهن اڄ موسيقي ساهه کڻي پئي ته ان جو بنياد اهي ئي انسان آهن! جيڪڏهن شاعري ۽ صوفي ازم جي روشنيءَ موجود آهي، ته ان جو ڪارڻ اهي انسان آهن. جيڪڏهن اوڀر ۾ ثقافت جو سج ناهي لهي سگھيو ته ان جو سبب به اهي ئي وجود آهن. اڄ اوڀر ۾ جيڪڏهن رقص جو درياهه ڇوليون ٿو هڻي ته ان جا خالق اهي ئي عظيم انسان آهن.
تحقيق ثابت ڪري ٿي ته ”سنڌي شاعريءَ ۾ جوڳين جو موضوع لطيف کان اڳ پيش ڪرڻ وارو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي. اُن کان پوءِ اها روايت شاهه لطف الله قادري، ۽ شاهه عنات کان ٿيندي شاهه لطيف تائين پهتي آهي.“
اوڀر جي مسلمان صوفين ۽ بزرگن جي سناسين، جوڳين سان صحبت ۽ رهاڻين جوسلسلو تاريخ جو اهم باب رهيو آهي. اهو سيڪيولر روايت جو سهڻو ثبوب آهي. لطيف شناس ڪجھه عالمن جو چوڻ آهي ته لطيف اوڀر جا ويدڪ لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن، جيئن ته لطيف کي اوڀر جي فڪر جي سڄي ڄاڻ هئي، ڳُوڙهن نقطن کان مڪمل طور واقف ڪار هو. ان ڪري لطيف اوڀر جي رڳ رڳ ۾ لٿو آهي. جتي تعصب جو نظريو لطيف پڙهيو يا ٻڌو، ان کي نظر انداز ڪيائين اوڀر جي نفسيات ۾ ويٺل تعصب کان پاڪ صوفي ازم ۽ صوفي فڪر لطيف کان ڳجھو نه هو. پروفيسر موهن لعل پريمي پنهنجي مضمون ”شاهه جي ڪلام ۾ ويدانيت“ ۾ لکيو آهي ته، ”لطيف تي ڀڳتي ۽ ويدانيت جا اثر نمايان آهن، گرنٿ صاحب جي هڪ سٽ آهي ته:
سَر وچ پنڇي هکلا، فاسيوال پچاس.
_
لطيف سائين لکيو آهي ته:
سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه.
_
گرنٿ صاحب جو هڪ دوهو آهي ته:
جي سوچندا اگھي، سورج چڙهن هزار،
اتني چاندن هونديان، گربن گھور انڌار.
_
شاهه صاحب چيو آهي:
سهسين سجن اُڀري، چوراسي چندن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
_
هڪ ٻيو هندي دوهو آهي:
ڪا ڍڪليجو مئن ڌرون ڪورا تون ليجا،
ساجن ميرا ديس بست هي، وه ديکت تو کا.
_
شاهه سائين بيان ڪيو آهي :
ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هينئون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان محبوبن،
پرين مان پُڇن، هِي قرباني ڪنهن ڪئي“.
_
ڊاڪٽر تنوير عباسي ان موضوع تي تفصيلي لکندي ٻڌائي ٿو ته: ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾، سُر رامڪليءِ ۾ ناٿ پنٿي جوڳين جو ذڪر ۽ انهن جي فلسفي جي اپٽار آهي. ناٿ پَنٿي، ٻُڌ مت جي بجرياني سڌن کان پوءِ آيا، ان تحريڪ جو باني گرو گورکناٿ آهي، جنهن مهاتما ٻُڌ جي وفات بعد ٻڌ مت ۾ آيل بُت پرستيءَ جي لاڙي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. مهاتما ٻُڌ جي اصلوڪي تعليم ۾ بُت پرستي نه هئي. شاهه لطيف سر رامڪلي ۾ گرو گورکناٿ جو نالو ورتو آهي.
لُنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪَن نه مسحو،
جا اسلامان اڳي هئي، سا سڻيائون بانگ،
سڀ وڃائي سانگ، گڏيا گورکناٿ کي.
_
اها ”اسلامن اڳي واري بانگ“ مهاتما ٻُڌ جي تعليم آهي، جنهن ۾ بُت پرستي نه آهي، ۽ جنهن جي تجديد گرو گورکناٿ ڪئي.“
”هڪ هنڌ شاهه لطيف ٻوڌي ڀڪشن جي باري ۾ چٽو بيان ڪيو آهي، ٻوڌي ڀڪشو ، دروازي وٽ اچي چپ بيهندا آهن، پر دان گھرندا ناهن، جي ملي ويندو اٿن ته و ٺي ويندا آهن، نه ته ماٺ ڪري موٽي ويندا آهن.
پِنن ڪينَ پٽ کڻي، گھُرن ڪين گھرا،
مهيسي مخلوق جي، اُڀن دور درا.
_
شاهه لطيف جي رسالي ۾ سُر پورب به آهي، ۽ بيتن ۾ بار بار پورب جو ذڪر آيل آهي جيڏانهن اهي جوڳي ويندا هئا. ناٿ پنٿي توڙي هندي شاعريءَ جون ٻيون تحريڪون، سنڌ جي اوڀر يعني پورب ۾ شروع ٿيون، ۽ ان ڪري ئي شاهه لطيف اوڀر (پورب) کي ايتري اهميت ڏني آهي. توڙي جو اسلام پڇم (اولهه) کان آيو، ۽ صديون ٿي ويون. ته به ادبي، شاعراڻين توڙي ذهني روايتن جي خيال کان سنڌ پورب کان متاثر هئي.“
ڊاڪٽر وڌيڪ لکيو آهي ته: ”لطيف هندي شاعريءَ ۾ رام ڀڳتي جي اهم شاعر تلسيداس جي رامائڻ کان متاثر ٿيو آهي، رامائڻ هندو ڌرم جو اهم ڪتاب آهي. ڌرمي ڪتاب هئڻ سان گڏ هڪ حسين ڪلاسيڪي شاعريءَ جو شاهڪار پڻ آهي. تلسيداس ان کي هندي ويس پهرايو.
تُلسيداس هن ريت ٿو بيان ڪري: ”اوڀر طرف چنڊ اڀريو، رام کيس سيتا جي مُک جھڙو ڏسي خوش ٿيو، پوءِ من ۾ ويچار ڪيائين ته هي چنڊ سيتا جي مُک برابر ناهي!“ رامائڻ جي شعرن پڙهڻ بعد لڳي ٿو ته شاهه لطيف جا سُر کنڀات وارا بيت ”تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي“ ”ڪڏهن اُڀرين سنهڙو ڪڏهن اُڀرين ڳچ“ تلسيداس جي مفهوم کي گھڻو ويجھو آهن!“
ڊاڪٽر تنوير جي اها راءِ پنهنجي جاءِ تي وزني ضرور آهي، پر سُر کنڀات تي جيڪڏهن وسيع نظر سان تحقيق ڪئي وڃي ته نوان راز به پڌرا ٿي سگھن ٿا.