شاهه لطيف: عظيم وجداني شاعر
مٿيون سٽون لازوال سچ آهن. تاريخ جي هڪ ڪُٺل ٻولي، رهزنن پاران نظر انداز ڪيل دنيا جي قديم ٻولي سنڌيءَ کي جيئڻو هو، اهو فيصلو تاريخ ۽ سنڌي قوم گڏجي ڪيو هو، سنڌيءَ ٻوليءَ وقت جي دز ۾ قديم عبراني ٻوليءَ وانگي دفن ٿي وڃي، ان کان اڳي سنڌ لطيف کي جنمي ورتو، ۽ لطيف بنا شڪ جي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو مورچو ثابت ٿي ڏيکاريو! لطيف جياپي جي مهڪ آهي. روشنيءَ جو احساس آهي. ان حقيقت ۾ ڪوبه گمان باقي ناهي ته، ڀٽائي جي شاعريءَ ادب جو، شعور جو، ۽ جدت جو اهو جمال ۽ ڪمال آهي، جيڪو آرسيءَ بڻجي سامهون موجود آهي. اها آرسي بلڪل اُجري آهي. ڇو جو لطيف جو عشق خود اُجرو آهي. اُن جو روح شفاف آهي. حقيقت ۾ جھاتيءَ وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته، لطيف شخصي وجود ۾ خود ڀريل بادل ۽ ڇانءُ رکندڙ هستيءَ هو. خود محبوب انسان هو، انقلابي هو، هن وٽ نه مصلحت هئي، نه مصنوعيت هئي! تاريخ گواهه آهي ته،عظيم شاعريءَ سِرجندي ئي تڏهن آهي، جڏهن شاعر جو فڪر ذهن، سوچ ۽ نظريا خود عظيم ۽ لامحدود هجن. اهي سموريون شيون انسانيت جي عشق ، ترقي پسنديءَ ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي ڀاڪر ۾ ٻکيل هجن. لطيف عام نه هو، لطيف خاص هو. مطلب اهو ته لطيف عوام جو حصو هو. اهڙو حصو جيڪو تبديلي ۽ ترقيءَ کي پسند ڪندڙ هو. لطيف جو ذهن انسانيت جي وهندڙ سوين ندين جي پاڻي مان تڙ ڪري ٻاهر نڪتل هو! لطيف خود انسانيت جو درياهه هو، ۽ هن جا خيال پکين جيان آزاد ۽ مهذب هئا. اهو به سچ آهي ته شاعر جي فڪر ۾ شاعر جي پنهنجي ذات سمايل هوندي آهي، ان ذات جي جيتري وسعت هوندي اوتري وڌيڪ گھرائي ۽ روشني هن جي شاعريءَ ۾ محسوس ڪري سگھبي! جيتري اونهائي شاعر جي هستيءَ ۾ هوندي، ان جي جھلڪ جي گواهي سندس شاعري پيش ڪندي. مطلب اهو ته شاعر پنهنجو دلربا فڪر تڏهن ئي عام ڪندو آهي، جڏهن پاڻ ان ۾ روح تائين شامل هوندو آهي. ڳالهه رڳو ڪنهن هڪ بيت يا شعر جي ناهي، جيڪو شاعر هزارين نوان خيال آڇي ٿو، نئون روشن خيال فڪر اُڀاري ٿو، اهو وهڪرو وجد جي نشاني آهي. وجد کان سواءِ شاعري اجائي آهي. کوڙا لکڻ جي برابر آهي. لطيف عظيم وجداني شاعر آهي، ان جو ثبوت خود شاهه جي شاعريءَ آهي. اها ڪيفيتن جي ڪهاڻين سان ڀريل آهي! وجد انساني احساس جو معجزو آهي، هڪ وڏي سمنڊ کي بيت جي هڪ سٽ ۾ سمائڻ وجد ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
لطيف جو عارفاڻو ڪلام نه حُورن ۽ انگورن ۾ الجھي ٿو، نه شراب جي پيالي تي سندرو ٻڌي بيهي ٿو! نه ڊپ ۽ خوف جي ماڻهن تي ڪا ڌرمي چادر وجھڻ چاهي ٿو، نه ڪنهن مذهبي فساد لاءِ طرفدار بڻجي اڪساهي ٿو! نه پرمارين جو قصيدو بڻجي ٿو! نه ڪنهن حاڪم جي ثنا ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ٿو! نه پلنگ تي پير ڊگها ڪري عياشيءَ جي تلقين تي پاڻ کي صرف ڪري ٿو! لطيف وجد آهي ته ان صورت ۾ صرف وجد جون ئي تارون ڇيڙي ٿو! مظلوم سان ٻکجي ٿو، اگھاڙا پير ٿي ڌرتيءَ جي دل کي ڇهي ٿو! دلين جون ڳالهيون ڪري ٿو! لطيف تبديل ٿيندڙ ڪيفيتون اوري ٿو! لطيف وجد آهي، تڏهن ئي سُهڻي جو گھڙو ٿي، ان کي ترڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ٻيجل جون اکيون ٿي جھوناڳڙهه جي رات کي گھوري ٿو، جنهن رات کي سُرن سرندو ڪري تپائي جاڳائي ڇڏيو آهي. راءِ ڏياچ لطيف جي رڳن ۾ مرڪي ٿو! لطيف جو وجد انسانيت جي عشق سان ڀريل اها حقيقيت آهي، جيڪا تقدس سان رڱيل آهي.
لطيف جو وجدان ڳايل داستانن کي ڪٿي ڪٿي اڌ ۾ بيهاري پاڻ ان کان اڳتي هليو وڃي ٿو. سُر مارئي اصل ۾ ته هڪ لوڪ داستان آهي، ٿر جي ثقافتي خطي جي هڪ نياڻيءَ کي عمر بادشاهه بند ۾ سوگھو ڪيو هو، اها نياڻي لطيف هڪ علامت طور پيش ڪئي آهي. ان داستان جي پويان لطيف خود موجود آهي. لطيف جي وجد بانديءَ بڻجي ان داستان ۾ اصل روح ڀريو آهي. اها لطيف جي وجداني سوچ آهي، جيڪا پنهنجو موقف پئي بيان ڪري . مطلب اهو ته لطيف خود مارئي آهي، لطيف جو وجد مارئيءَ جي احساس کي ڄڻيندڙ آهي.
اِيءُ نه مارن رِيت، جئن سَيڻ مَٽائين سون تي،
اچي اَمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سِين نه مَٽيان.
لطيف جو وجداني عشق جيڪو قوم ۽ وطن سان جُڙيل آهي، اُهو هِن سُر ذريعي پاڻ کي پڌرو ڪرڻ جو سبب بڻيو آهي. مارئي ويڙهيچن لاءِ ماندي آهي. قيد کي قبول نٿي ڪري. سون کان ڪارو سڳو وڌيڪ معتبر ٿي سمجھي. مارئي کي فطرت سان محبت آهي. ان فطرت جو گاهه به ساهه لاءِ راحت ٿِي ليکي! وطن لاءِ ويٺي واجھائي. وڪجڻ لاءِ تيار ناهي! اهو سڀ ڪجھه مارئي جي پس منظر ۾ لطيف پيو ڪري. لطيف پيو سانگين لاءِ ساهه کڻي. لطيف پيو قيد خلاف مزاحمت ڪري. لطيف پيو وطن جي حب جو نعرو بلند ڪري! لطيف قوم جو رهبر ۽ دوست آهي. لطيف پيو رتو ڇاڻ ٿئي! لطيف پيو ملير ۽ سنڌ جي محبت جو سُور سامهون آڻي! جيڪو مارئي جي سُر ۾ لفظ لفظ آهي اهو حرف بحرف لطيف جو وجد آهي. مارئي جي لوئي لطيف پنهنجي وجدکي اوڍائي آهي! ميرا ٿيل مينڍا لطيف پنهنجي دل جي نديءَ سان ڌوتا آهن! مارئي جي سَت کي لطيف قوم جي سَت ۽ عشق ۾ تبديل ڪيو آهي. اُهي بادشاهه جيڪي وطن جو تقدس ميرو ڪندا آهن، لطيف جو وجد اُنهن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھڻ جو آرزومند آهي. ڳالهه وطن جي حُرمت جي آهي، جنهن جي مٽيءَ مان مارئي ڄائي آهي! مارئي حُب الوطني جو تاريخي مثال قائم ڪري، لطيف جي وجدان کي سگھه ارپي آهي. اهو به تاريخي سچ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو لطيف مارئي بڻجي سامهون آيو آهي! وجدان ظاهر ٿيڻ لاءِ علامتون ڳوليندو آهي، آرٽ اُن جو محبوباڻو ذريعو آهي.
سسئي بيحد ڏکين حالتن ۾ ڏونگرن جي ڏنگاين سان ويڙهه جو داستان آهي. هڪ عورت جي درد جو دل ڏاريندڙ مثال آهي. سُڃ ۾ هڪ عورت جو سفرنامو لطيف پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ تاريخي لانگ مارچ به آهي. اُڃ ۽ بيابان ۾ اڪيلي عورت جي عشق جي سرڪشيءَ جو سفر خود آرٽ لاءِ جنجھوڙيندڙ موضوع آهي. ان ڪشمڪشن جي پل پل جي ڪيفيت کي عشق جي روح کان سواءِ سمجھي ئي نٿو سگھجي. بيابانن جي اڪيلائي عشق جي بيقراريءَ جي سامهون آهي! پيرن ۾ چُڀيل ڪنڊن جو سُور سمجھڻ، محسوس ڪرڻ فقط وجد جو ئي ڪمال آهي. سسئي خود وجد هئي، رڻ سان مقابلو ڪرڻ جو هُن ۾ حوصلو هو، سوئرن سان اکيون ملائڻ جي هُن ۾ جرئت هئي! سُڃ مالڪي نٿي ڪري، وجد کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي! ڪنڊا خود اُڃ سان ٻکيل آهن، بارش نٿي وسي، ته به خير ٿيو! ڪنڊن جي اُڃ انسان جو رَت لاهيندو! اهو رڻ جو دستور آهي. رُڃ ۾ ڪو گل به نٿو ٽڙي، جنهن جي واس تي ڪو ڀئونرو ڀُلجي اچي ڀُون ڀُون ڪري! ڪو اڪيلو ستارو کِڙي به ٿو ته، ان کي انسانن جي اکين جي بجاءِ فقط بگھڙن جون اکيون ڏسي سگھن ٿيون! نانگن جي ليڪن مان پتو پوي ٿو ته، هِيءَ اُنهن جي نگريءَ آهي، جن پٺيان ورلي ڪي جوڳي اچي باهيون ٻارين ٿا! اهڙي سُڃ ۾ لطيف جو وجد اوچي ڳاٽ سان اُڀو آهي. ڏسي پيو ته بَر جو مزاج ڇا آهي؟ سسئي جو حوصلو لطيف جو وجد آهي. عشق جي پُٺڀرائي ڪندڙ لطيف جو فڪر ئي لطيف جي وجد جو دوست آهي. لطيف عشق جو عاشق آهي، عشق خود وجد جو آخري روپ آهي. عشق قونيا ۾ صوفين جي رقص جو جلوو آهي. عشق سسئي جي سُرت آهي.
ولاڙيو وڻين چَڙهي، پَسو سَگھه سَندياس،
آڌيءَ وڃيو آکڙي، نڪو پِي نه ماس،
سو ئي سو سيڻاس، پري پڙاڏا ڪري.
پنهنجو ئي آواز صرف هِن سُڃ ۾ ساٿي آهي، اهو وجود جو احساس آهي ته ها مان آهيان. موجود هئڻ وجد آهي. اُهو آواز اُڀريو پيو پري تائين پڙاڏا ڪري. اهو آواز اهو نٿو پڇي ته ٻڌاءِ ڪو آهي!؟ پر اهو آواز اهو ٿو چوي، ڏسو مان آهيان! ان آواز کي ڪو زناور قيد ڪري وڪوڙي ماري نٿو سگھي! اهو سسئي جو آواز وجد آهي، جيڪو هار نٿو مڃي! جيڪو سدا جواڻ آهي، رڻ جا وڻ ان جي عظمت جا شاهد آهن.
ائين ئي لطيف راءِ ڏياچ آهي، لطيف راءِ ڏياچ جو وجد آهي، جيڪو ساز ۽ سُر تي پنهنجو سِر پيو سامهون ڪري! پنهنجو ڪنڌ پنهنجي هٿن سان ڪپي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. لطيف اصل ۾ خود سر ۽ ساز سان پنهنجو عشق ٿو ظاهر ڪري. راءِ ڏياچ هڪ تاريخ پويان ڇڏي هئي. لطيف جي وجد ان تاريخ جا نيڻ چُميا آهن! لطيف جي عشق ڏياچ جي وجداني رَت کي آڻي دل تي رکيو هو! اها مڃيل حقيقت آهي ته موسيقي وجد کي مٿي اُڀاريندڙ سچ آهي. لطيف وٽ جيڪو به وجد آهي اُن ۾ موسيقي موجود آهي. اهو وجد وڄندڙ ۽ رقص ڪندو آهي. لطيف جي اُن وجد کي ڏياچ جي عشق عاشقيءَ ڏني آهي. ڏياچ سُر تي سِر ڏيڻ وارو سُورمو هو. اهو دنيا ۾ ڪنهن انسان پاران موسيقي سان عشق جو پهريون عظيم مثال آهي. اُهو وجد جي تاريخ جو عظيم ورق آهي. ان عظيم ڀٽائي کي دل سان متاثر ڪيو هو. اوڀر موسيقيءَ جو خالق رهيو آهي. عظيم موسيقي ۽ سُر اوڀر ئي ايجاد ڪيا آهن. اها ايجاد ذرعي زندگي مان جنم وٺندڙ حقيقت آهي. اوڀر جي ذرعي دؤر جي پيداوار آهي. وجد کان سواءِ موسيقي جو تصور ئي نٿو ڪري سگھجي. لطيف کي ڏياچ سان محبت هئي. اها محبت لطيف سڄي زندگيءَ سيني ۾ سانڍي رکي هئي. نوجوانيءَ ۾ لطيف کي جڏهن سندس بيحد ويجھي وحدت الوجودي صوفي بزرگ محمّد زمان لنواريءَ واري سُرود ۽ سماع ۽ موسيقي کي بند ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ته، لطيف ان صلاح کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو! ڇو جو لطيف اوڀر مان اڀريل سچ ۽ وجد کي موسيقي جي لباس ۾ ڏٺو هو! موسيقي روحانيت جو راز ڀٽائي ٿي سمجھي. ڏياچ جو وجد لطيف ۾ سمايل هو، ان ڪري لطيف اهو ئي چٽو ڪيو آهي ته:
تانُ نه آهي تند جو، رُون رُون ڪري راز،
هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀڪو چئي ساز،
سَٽ ڏيئي شهباز، ٿي ته لوڪ پرائين.
لطيف خود سُر جي وجد کي شهباز تصور ڪري ٿو، جيڪو اونچي پرواز ڪري ٿو. آکيرو به فقط جبلن تي اڏي ٿو. ڇو جو اهو مداخلت برداشت نٿو ڪري، ان کي اڪيلائي وڻي ٿي. يڪسوئي ان کي تحرڪ ۾ رکي ٿي. لطيف جو وجدان ان صرف تندن مان نڪتل سُر جي صدا ناهي، پر ان وجد ۾ سورٺ جي ڳوڙهن جي ٽِم ٽِم جو دردناڪ آلاپ به شامل آهي. اُهي حُسين ڳوڙها جيڪي جھوناڳڙهه جي محبوب راڻي جي اکين مان ڏياچ جي وهندڙ رَت مٿان ڪريا هئا. لطيف جو وجد انهن ڳوڙهن مان اڀريل حقيقت آهي.
ائين رامڪلي جو جوڳيءَ خود لطيف ۾ آهي. جيڪو مذهبن جي پوئلڳي کي پاسيرو رکي رڻن ۾ راتيون ٿو گذاري. جيڪو ڀڀوت ٿيو پيو نوان مشاهدا ماڻي. سندس اندر مان وجداني ڪيفيتن جا رابيل مهڪي پيا ماحول ۾ مهڪ پکيڙين. لطيف جي اُن جوڳيءَ اندر مان محبت پئي آرس موڙي ٻاهر نڪري، اهوجوڳي ڪنهن به طمع جو طنبورو نٿو چوري!
جُز وڃايو جوڳئين، ڪُل سِين آهي ڪَمُ،
آسڻ جن عدم، آئون نه جيئندي اُن ري!
لطيف جو وجد آڳڙين جي باهه جو ڀڙڪو آهي، جيڪو رُڪ کي گھڙي ٿو. لطيف جي وجدان مان سُهڻي جي نرالپ اُڀري ٿِي، جيڪا سماج جي سامهون بغاوت ٿي بيهي رهي ٿي. سماج بدن جي مالڪيءَ جو نظريو رکي ٿو. سُهڻي چوي ٿي، آئون بدن ناهيان، روح آهيان! اُهو روح عشق جي مينديءَ پاڻ کي مکي آڌيءَ ۾ ڇولين ۾ وڃي ڇُلي ٿو. اهو عشق، اُهو وجد هٿ جي تِريءَ تي درياهه جي دهشت کي کڻڻ لاءِ تيار آهي!
گھڙو ڀڳو ته گھوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ رِءِ صراب، آئون گھڻو ئي گھوريان!
اهو سچ ڪٿي به نٿو لِڪي ته لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ نظرين ۽ روحانيت سميت پاڻ موجود آهي. پوري وجد سان ظاهر آهي. لطيف جي هِي عظيم شاعريءَ لطيف جو عظيم وجد ئي آهي. ان عالمگير وجد جي مڪمل تشريح ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، ڪنهن به طرف، تصور، نقطي جي حمايت ڪرڻي آهي ته لطيف بنا پردو وجھڻ ۽ مصلحت جي ان جي زوردار حمايت ڪئي آهي. ۽ ڪنهن به سماجي، احساساتي يا نظرياتي عنصر جي خلاف جيڪڏهن ڪا اُصولي بغاوت ڪرڻي آهي ته لطيف ان سان بنا رعايت زبردست بغاوت ڪئي آهي. اهو لطيف جو وجد آهي! سچ لطيف جي ملڪيت آهي. سوديبازيءَ جو اکر ئي لطيف لاءِ حرام آهي. لطيف ان عمل کي ڏوهه سمجهي ٿو. مڇ طاقتور آهي ته، ڇا ٿِي پيو؟ لطيف مورڙو بڻجي وڙهڻ لاءِ تيار آهي! درياهه خوفناڪ آهي ڀلي هجي، لطيف جي وجد مان اُڀريل سُهڻي ڀيلي گھڙي تي به وڃڻ لاءِ تيار آهي! ٽانڊا پيا رجن ۽ ٽڙڪاٽ ڪن، ڀلي پيا ڳاڙها ٿين، لطيف کي انهن ٽانڊن سان اکيون ملائڻ لاءِ ڪابه هٻڪ ناهي، ڇو جو هو پاڻ پتنگ آهي! لطيف وٽ هڪڙو ئي نظريو آهي ته:
متان مري اُڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي!
گڏ هلڻ واري کي سفر جي سختين کان لطيف جو وجد اڳ ئي آگاهه ڪرائي ٿو، پر لطيف سفر ۾ پاراتو ۽ مهڻو کڻڻ جو قائل ئي ناهي! مقصد ڏي ڪو آڱر اُڀي ڪري، جدوجھد کي ڪو گُٿو لفظ سامهون ڪري لطيف اهو قبولڻ لاءِ تيار ناهي! ڇو جو لطيف پنهنجي نظريي تي سڀ ڪجھه فنا ڪرڻ جو حامي آهي. وجد پنهنجي منزل پاڻ طئي ڪندو، ان کي ٽيڪي جي ضرورت ناهي. وجد فقط پنهنجي ڪيفيتن مان لطف ماڻيندو آهي! لطيف وجداني ڪيفيتن جو محبوب شاعر آهي. هو محبت کي به انساني وجد جو اولاد سمجھي ٿو. هُن جي نظر ۾ محبت آهي ئي انساني وجد جو ٻيو نالو:
نينهن مَ نالوڳِن، پريتڻي پير ٻيا،
سُورن ساڻ مَ ڇِن، وِرهه وهائج وِترو.
لطيف جو وجد ڇير جيئن ڇمڪي پڌرو ٿو ڪري ته نينهن کي معمولي ڳالهه نه سمجهه! عشق جون واٽون ئي جدا آهن! پريتڻي جا پير ئي ٻيا آهن! انهن پيرن جون آڱريون ئي اُن جون اکيون آهن! ڀلي سُور ملن، پر سُورن سان رشتو قائم رک! پيار کان سواءِ هر پل دوزخ برابر آهي. محبت ناهي ته ماڻهو ۾ ڄڻ ڪو وجد ئي ناهي.
لطيف جو وجد اُن انسانيت جو عاشق آهي، جيڪا دنيا ۾ نئين ٻار جي جنم جيان محبوب آهي، جنهن جي ناڙي ڪپجڻ وقت اُڀريل رڙ متوجھه ڪري سڀني کي ٻڌائي ٿِي ته، مان دنيا ۾ موجود آهيان! اڄ منهنجو آهي، سڀاڻي مُنهنجو آهي!
شاعريءَ ته ٻين شاعرن جي به پڙهجي ۽ متاثر ڪري ٿي، پر جڏهن اوڀر ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن بابا فريد، سلطان باهو، بلي شاهه، سچل، وارث شاهه ۽ ڀٽائي کي پڙهجي يا ٻُڌجي ٿو ته هڪ ئي وقت ٻه تاثر اُڀرن ٿا، پهريون اهو ته هِي وجداني شاعريءَ آهي! ٻيو اهو ته ڪلاسيڪل هوندي به هِي جديد ترين شاعري لڳي ٿي! لطيف وجداني ڪيفيتن کي شاعريءَ ۾ تبديل ڪيو آهي. اِهي بيت صرف وجد جا ترجمان ناهن، پر اهي اعليٰ شعور جاگلدان به آهن. لطيف جي وجداني شاعريءَ جوڪرشمو اهو به آهي ته، اُها هڪ ئي وقت دل ۽ دماغ ۾ هلچل پيدا ڪري ٿي. ڪا دانهن آهي ته اچي دل تي ڪري ٿي، ڪو ٻرندڙ سچ جو جذبو آهي ته دماغ کي جھنجھوڙي ٿو.
لَڙيو سِج لَڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، آيل اونداهي ڪَري.
سج لهڻ وقت اُن جا بادلن جي ڀر مان اڀريل شعاع خود وجد محسوس ٿين ٿا. اُهي دل ۽ دماغ ٻنهيءَ کي حسين لڳن ٿا، پر پويان ايندڙ اونداهيءَ ۾جيڪو درد ۽ ڪرڀ لڪل آهي، اُن کي وجد جي دلربائي ئي فقط سمجهي ٿِي سگھي. اڪيلائي جيڪا اُونداهيءَ جي پيٽ مان نڪري ٿي، ان جو تصور ڪا حساس دل ئي ڪري سگھي ٿي. لطيف جي وجداني شاعريءَ اُن عشق جي تخليق آهي، جنهن عشق فطرت مان ڳوهجِي پاڻ کي مهڪار وانگي پڌرو ڪيو آهي!