لطيفيات

سُهائي سُپرينءَ جي

”سهائي سپرينءِ جي“ نامياري شاعر ايوب کوسي پاران ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فڪري ۽ رومانوي اڀياس تي مشتمل آهي. ايوب کوسو لکي ٿو:

”لطيف صوفي به آهي، عاشق به آهي، محبوب به آهي، عظيم شاعر به آهي، ته فلاسافر به آهي. لوڪ ڏاهپ جو وينجھار به آهي. تصوف جو خزانو به آهي، ته انساني احساس جو ويڄ به آهي، سامونڊيءَ به آهي ته کاهوڙيءَ به آهي. سنڌ جو عاشق آهي ته پوري عالم جو به دوست آهي. ڪڏهن پتنگ آهي، ڪڏهن آڳڙيو آهي. ڪڏهن سهڻي آهي ته ڪڏهن مارئي آهي. ڪٿي منصور جو سڏ آهي، ته ڪٿي روميءَ جو يار آهي. ڪٿي ڏياريءَ جو ڏيئو آهي، ته ڪٿي عيد جو ڀاڪر آهي! ڪڏهن هنج ٿي موتيءَ چُڻي ٿو، ڪٿي ڪونج بڻجي اڏار ۾ نظر اچي ٿو! ڪڏهن ڪاڪ جو ڪاپڙيءَ آهي، ته ڪڏهن رام ڪليءَ جو ڀڀوت جوڳيءَ آهي! ڪڏهن مومل جو مجاز آهي، ته ڪڏهن سسئي جي اداس نگاهه جو اُلڪو آهي! ڪڏهن ويرانيءَ ۾ چنڊ آهي، ته ڪڏهن سارنگ جي انڊلٺ آهي! ڪڏهن ڪيچ جو پنڌ آهي، ته ڪڏهن لاڙ جو لُڙڪ آهي! ڪڏهن ڏياچ جو ڪنڌ آهي ته ڪڏهن ٻيجل جي تند آهي! ڪڏهن جھوڪ جي هوا آهي ته ڪڏهن پڌام جي پُڇا آهي! ته ڪڏهن ڪڇ جي کٿوريءَ آهي! ته ڪڏهن ڪلاچي جي خاموشيءَ آهي! ڪڏهن مڪڙيءَ آهي، ته ڪڏهن ڇوليءَ آهي!
  • 4.5/5.0
  • 7122
  • 2522
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ايوب کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سُهائي سُپرينءَ جي

لطيف عظيم مشاهدڪار شاعر

عظيم شاعر پنهنجي ڌرتيءَ جي زبان ۽ ضمير سمجھيا ويندا آهن، اُهي پنهنجو پاڻ کي پيدا ناهن ڪندا، ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان انهن جو جنم پاڻمرادو ٿيندو آهي. صدين جا سُور ۽ زخم، انسانيت جا الميا، سينن ۾ لڳل ڀالا، بيحرمتين ۾ ڳڙيل رت، مظلوم انسانن جون آنهون ۽ ڪپيل عضوا، ڌرتيءَ جي لُٽيل خوشبوءَ جي درد ڳوهجي، صدين کان پوءِ تاريخي ۽ عظيم شاعر پيدا ڪيا آهن. فطرت، شاعر جي شاعراڻي مٽي ڳوهيندي آهي. سنڌ دنيا جي قديم وطن جي ڌرتيءَ آهي. سنڌ فطري وطن جي سَند آهي. سنڌي دنيا جي قديم تهذيب جا وارث آهن.
عجيب تاريخي ظلم سنڌ سان اهو ٿيو آهي جو مسلسل حملن، تباهين جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي اصل لکت گم ٿي آهي. حملي آورن اُن کي هڙپ ڪيو آهي. ان جو نالو نشان مٽايو ويو هو، ان ڪري اسان کي ڪجھه به معلوم ناهي ٿي سگھيو ته هزارين سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇا ڇا لکيو ويو هو؟ اهو به پتو نٿو پوي ته هزارين سال اڳ سنڌ ۾ ڪي اهم شاعر هئا به يا نه؟ ضرور هوندا، پر اُها تاريخ گم آهي! ڪنهن قوم سان ان کان وڏو ڪو ٻيو ناحق ٿي نٿو سگھي! اهو ئي سبب آهي جو هزارين سالن کان دنيا ۾ عظيم شاعرن جو سلسلو نظر اچي ٿو. سنسڪرت جي سڳنڌ کي ڪاليداس، هري ڀرتريءَ، امارو جھڙا شاعر مليا. هنديءَ ۾ ڪبير، تُلسي، ميران جو جنم ٿيو، اتي اوڀر جو حصو هوندي به سنڌ تي لکيل گيت ته هٿ اچي ويا، پر سنڌ جي ڪنهن قديم شاعر جو ڪلام ئي هٿ ناهي آيو! اها تاريخي جُٺ آهي! هزارين سال اڳ سنڌ تي ڪاهيندڙن جا فاتح گيت ته محفوظ پيا آهن، جن ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ درياهه موجود آهن، پر ڌرتيءَ ڌڻين جو غلاميءَ تي لکيل ڪو نوحو، ڪو مرثيو به هٿ اچي ناهي سگھيو! تاريخ حيرت ۾ آهي! لڳي ٿو ته آرين جي نيزن سنڌ جا گيت رَت ۾ ٻوڙي درياهه ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا! صديون مري ويون، گيت مري ويا، ٻوليءَ جي لکت کي اڏوهي کائي وئي! پوءِ راءِ سهارس آيو، چچ آيو، ڏاهر آيو، ڄام نندو جنميو، دودا هوائن ڏٺا، بس رڳو زمانن کان پوءِ چارڻن تنواريو، ڀٽ ۽ ڀانن ڀُڻڪاڪيا، هزارين سالن جا احساس اچي مرکان شيخڻ لاڏن ۾ تبديل ڪيا! سنڌ انتظار جو گھگھو پائي، اکيون کولي راهه ڏسندي رهي، ته ڪير ٿو منهنجي گھُٽيل سُڏڪن جا راز پڌرا ڪري! انتظار تڏهن وڃي ختم ٿيو جڏهن ڪلهوڙا اقتدار ۾ آيا، ۽ سنڌ جي مٽيءَ مان شاهه لطيف گلاب ٿي اُڀري آيو! جنهن سنڌ جو سڄو روح ڳولي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻڻ جي جستجو ڪئي. تڏهن مس وڃي دنيا کي خبر پئي ته سنڌ به ڪو عالمي ليول جو شاعر پيدا ڪيو آهي! لطيف محسوس ڪيو ته، منهنجي ٻوليءَ ته سرڪاري طور لکت جي علم ۽ صحيح صورتخطيءَ کان محروم آهي. منهنجي قومي ٻوليءَ ته پنهنجي وطن ۾ ئي سُريت وانگي پئي گھاري، ۽ ڪلهه آيل فارسيءَ ٻولي حڪمران بڻجو پئي گھوڙي ته گھُمي! لطيف سوچيو، سنڌ ته خود شاعريءَ آهي، پوءِ اها قلم جي زبان کان ڇو پري آهي؟ لطيف ڏٺو ته شاعريءَ ته سنڌ جي برن، ٿرن، جھنگن، پوٺن، ڳوٺن، ڏهرن، وسندين، وڻڪارن، چونرن، چَڙن، چنگن، دنگن، ڍنڍن، ڍينگھرن، ڍورن، گلن، گھگھن، اجرڪن، پٽڪن، چوڙن،سينڌُن، سُرمي، اکين، آڱرين، باغن، پکين، سارين، سامونڊين، وڳن، ۽ ڪکن پنن ۾ پئي آهي، پوءِ ان کي ڇو ناهي چُونڊيو ويو؟ ها ... بيشڪ اهو پل بيحد قيمتي هو، ڪو موتي هو، ڪنول جو گل هو، جڏهن لطيف اها شاعريءَ چونڊڻ لاءِ پهرين وِک کنئي هئي. لطيف پهريون پيرونءَ چونڊيو هو ته سنڌ امڙ مُرڪي پئي هئي!
توڙي جو اُن شاعريءَ مان اڳ قاضي قاضن به مُٺ ڀري هئي. شاهه لطف الله قادريءَ به ڪجھه گل جھوليءَ ۾ ڀريا هئا. شاهه ڪريم به انمول شاعريءَ ميڙي ڪَٺي ڪئي هئي. بيت جو حسين بت گھڙڻ ۾ هُن ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي، اهڙو گھڙاءُ ڪو سونارو به نٿو گھَڙي سگھي!
شاهه عنات به موتي آندا هئا، وائيءَ جو ورلاپ هُن ئي سنڌ کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ان کان به اڳي سگھڙن به سنڌ جي نئين صورت گھڙڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي دل به پيش ڪئي هئي، ۽ ان کان به اڳي سنڌ جي گمنام دراوڙ جيجلن لوڪ گيت ڄڻي، پنهنجي ٻوليءَ جي ٻکن ۾ پاليا هئا، پر اڃان گھڻي شاعري ائين جو ائين پئي هئي، جيڪا ڄڻ ته بابا ڀٽائي جي لاءِ منتظر هئي! اُن شاعريءَ کي نه چانڊوڪين ۾ چينُ هو، نه سانجھين ۾ ڪو سُڪون هو! اها نروار ٿيڻ لاءِ نينهن وانگي بيتاب هئي! جيئن نئين ڪَنجھري مان نئين جوانيءَ اُٿلڻ لاءِ بيقرار هوندي آهي. جيئن ٻالڪ تڃ لاءِ کُڙيون هڻندو آهي. جيئن نئين چوليءَ ۾ نئين ڪنوار هُر کُر جو روهيڙو ٿيل هوندي آهي، بلڪل اها حالت اسان جي سنڌي شاعريءَ سان واڳيل هئي، جنهن جو صدين تائين ڪو ڌڻو نه ٿيو هو. اهو پل ويڙهيچن سان وچن بڻجي ڪيئن شروع ٿيو؟ اهو صدين جو راز آهي! سچ اهو آهي ته اهو راز حسين راز آهي! اهو ادبي معجزو ڪيئن ساهه کڻي سامهون آيو؟ ان راز کي بهار جھڙو حُسن آهي! حقيقت اها آهي ته لطيف جي مشاهدي جي اها انتها آهي جو سندس شاعريءَ سون جي ٿي وئي آهي! ايڏو سگھارو مشاهدو شايد ئي ڪنهن شاعر وٽ هجي! فطرتي شاعريءِ ۾ لطيف نه رڳو حُسناڪي جي آخري حد کي ڇُهيو آهي، پر احساساتي شاعريءَ ۾ به ائين لڳي ٿو ته لطيف زندگيءَ جي ساهه کڻندڙ رڳ رڳ تي اچي آڱريون رکيون آهن.
مشاهدا جڏهن شعور جي بَٺيءَ مان سيڪجي، نظرين ۽ احساس جي اکين سان نٿا ڏٺا وڃن، تيستائين اُنهن کي حُسن ۽ روشني ملي ئي نٿي سگھي! مشاهدا حساسيت مان اُڀري انهيءَ شڪل تائين پهچن ٿا، جن کي حقيقت ۽ سچ سڏبو آهي. خالي مشاهدو ڪابه معنيٰ نٿو رکي، مشاهدي مان اُڀرندڙ مقصد اصل شيءَ آهي. فطرتي مشاهدي ۽ احساس جو گڏيل رنگ ڪنهن ميلاپ جو منظر بڻجي ته پوءِ هينئون ڪيئن نه حيرت جو سمنڊ ٿئي؟
جئن ڪا ڪانِي ڪانهن، لُسندي لاتيون ڪري،
اچي پئي اوچتو، درد پِريان جِي دانهن.
ويڄ ڏنڀئين ڪِي ٻانهن، سُور هينئين کي سامهان!
“جيئن ڪانهن جي ڪانيءَ کي ڪپي، سوراخ ڪري ساز جوڙي وڄائبو آهي، ڪپجڻ وقت ڪانيءَ صدائون ڪندي آهي، ائين مون کان به اوچتو محبوب جي وڇوڙي تي دانهن نڪريو ٿي وڃي! اي طبيب! تُون ڇو ٿو منهنجي ٻانهن کي ڏنڀين؟ سُور ته منهنجي هانءُ جي سامهون بيٺا آهن!” اڳي ويڄ بيمار ماڻهن کي ڏانٽو باهه تي تپائي ڏنڀ ڏيندا هئا، اهو به علاج جو هڪ طريقو هو! لطيف ڇا ته ان مشاهدي کي شاعراڻو احساس ڏئي اجاگر ڪيو آهي. لطيف ان دؤر کي بيان ڪيو آهي، جنهن دؤر اندر وسندين ۾ اونداهي جاڳندي هئي. ڳوٺن جون حسينائون ڏانٽن سان نَنهن لاهينديون هيون! سنڌ سائنس جي سهوليتون کان پري هئي. بيل گاڏين تي ڪپڙي جا پردا ڏئي زائفائن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو، چپن تڏهن چانهه جي چُسڪي به نه چکي هئي! ستارا ڏسي ڀاڳيا وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. گھوڙن ۽ گھوٽن جي سڃاڻپ پنڌ ۽ ميدان ڪندا هئا. سنڌ پاڻيءَ تي پلبي هئي.
جَر ۾ سِپون جيئن، آهين اَبر آسري،
جئين ڪونجون سارين روه کي، مون تن اندر تيئن،
فطرت جو شعوري اهو مشاهدو، سائنس کان گھڻو اڳي لوڪ ڏاهپ پرکيو هو. لوڪ ڏاهپ ان دؤر جي سائنس هئي. جڏهن ماڻهن جي سوچ ۽ عقيدت موجب تارن کي ڪي ملائڪ کڙائيندا هئا! آسمان ۾ رات جو پريون اُڏامنديون هيون. ڪتن کي ماڻهن جا روح نظر ايندا هئا ته اهي آسمان ڏي منهن ڪري روڙون ڪندا هئا! پر ان دؤر جي لوڪ ڏاهپ پنهنجي مشاهدي آڌار تي فطرت جا ڪيئي راز پروڙي ورتا هئا. فطرت جي ويجھو هئڻ ڪري لطيف لوڪ ڏاهپ جي مهارت رکندڙ هو.
مَنڌيون مَٽ گڙن، جھوڪ به سُونهَن پهيڙا،
سندي سنگھارن، جُوءِ جياري جَڏَڙين.
سنڌ پنهنجي تهذيبي، ثقافتي روايتن سان لطيف جي شاعر اکين ڏٺي. گھرن ۾ فجر ويل مانڌاڻين جي گُڙڻ جا آواز پئي گونجيا. مکڻ جي خوشبوءَ گھر گھر ۾ جاڳيل هئي. ڀلي کڻي سڌريل تهذيب شهر سنواري ڇڏيا هئا، وڻج واپار جا مرڪز اهي شهر ئي هئا. پر ٻهراڙين جو اوج ۽ دستور ساڳيو هو. ٻهراڙيون سنڌ لاءِ آڪسيجن هيون. توڙي جو ٻهراڙيون زندگي جي سهوليتن کان وانجھيل هيون، علاج جا موقعا اڻ لڀ هئا. ويم ۾ ڪيئي سنڌياڻيون زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿي ويون. پر ٻهراڙين ۾ ڪو الستي سُڪون موجود هو. اهو سڪون سيڪيولر روايتن جي ڪري موجود هو. لطيف جي مشاهدڪار اک سنڌ جو هر رنگ پرکي پنهنجي شاعريءَ ۾ پئي پرويو.
آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿ ڏيهاڻي سومرا!
سٿا ڪيو سيد چئي، سائوُن سُڪائين،
منجھان لَنب لطيف چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين.
ڏيهه جو ڏٿ لطيف ڏٺو هو، ماروئڙن جي غربت جو لطيف مشاهدو ڪيو هو، ان ڪري ٻَرُو جي گلن واري گاهه تائين لطيف جو روح سِرڪي ويو هو. ويڙهن ۾ ڪوبه پلاءُ نٿي پڪو، ٿر جي گاهه ڏٿ مان کاڌو تيار ڪري پئي ڌرتيءَ ڌڻين کاڌو!
لطيف جو مشاهدو ڌرتيءَ سان محبتي وابستگيءَ جو مشاهدو آهي. لطيف جن اکين کي پئي ڏٺو، اهي سائنسدانن جون نه پر ڌاراڙن ۽ دل وارن جون اکيون هيون.
لطيف لوڪ ڏاهپ کي فطرت جو ئي حصو تصور ڪري پنهنجي شاعريءَ کي جماليات بخشي. هُن ڌرتيءَ جي شاعر هئڻ جو ثبوت پيش ڪيو آهي.
جئن جئن ڪڪر اُڀ ۾، تئن تئن ڏُنگر ڏيٺ،
مون تان تنهين هيٺ، پير نهاريو پرينءَ جو.
ساڙيندڙ لُوءِ کان پوءِ اوڀر کان، ڪڏهن اتر کان، سانوڻ جا ڪارا ڪڪر، ته ڪنهن مهل ڀورا، اڇا ويس ڪري جڏهن ولوٽبا آهن. ڳاٽ کڻي بيهندا آهن ته سچ ته اُڀ تي جبلن جو ڏيک ڏيندا آهن. اهڙي عاشقاڻي ٽاڻي ۾ ڪنهن دلربا جا پيرا ڳولڻ، جيڪا پاڻيءَ جا ٻيلهڙا کڻي گھرجي وڏي لوڙهي يا ڪچي مٽيءَ جي ڪوٽ ۾ گم ٿي وئي هجي، اُن جي خوشبوءَ کي ديواني بادلن هيٺان ڳولڻ بنا شڪ جي عظيم احساساتي ۽ فطرتي مشاهدي جي انتها آهي. اهو به وڏو سچ آهي ته جواڻ عورت جو وجد ڏسڻو هجي ته اهو برسات جي موسم ۽ موسيقي يا دهل وڄندي ڏسجي! شاعر جو وجد به جيڪڏهن ڏسڻو آهي ته برسات جي ڦُڙ ڦُڙ ۽ عورت جي رقص ڪرڻ مهل ڏسجي ته وجد ڇا آهي!
لطيف جو هڪ جواڻ عورت جي زندگيءَ جي حوالي سان مشاهدو ڏسو:
سَٻر سِي پيو، نه مون سوڙ نه گبرو،
نه مون ڪانڌ، نه قوت ڪي، جوڀن وهي ويو،
تِنين حال ڪِهو، نِڌر جنين نِجهرا.
جواڻي کڻي ڪيڏي به مغرور هجي، اها مرد جي اک لاءِ ڀلي غضب جو سُرور هجي. پر عورت جي اصل زندگي پنهنجي ور جي محبت آهي. اُها محبت پناهه به آهي ته غرور به آهي. ور هوندي ڀلي ڪيڏو به سيءَ هجي، پر ڄڻ سِيءُ ناهي. ڇو جو هن جو پيار سوڙ آهي. اهو ناهي ته سيءُ به ڏاڪڻ ٺاهيو وجود تي چڙهيو ٿو اچي. ڀريل جواڻي ڇڻيو ٿي وڃي. پکا نڌڻڪا ٿا بڻجو وڃن! ڀلي ڪو جنسيات جي اک سان کڻي لطيف جي هن خيال مشاهدي کي توري، ان سان ڪو به فرق نٿو پوي! جنسيات ته فحاشي جي اڏن تي به ٿئي ٿي، پر هيءُ ٻي حقيقت آهي! اُن جو ڦَسي جنسيات سان ويجھي جو به واسطو ناهي.
جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کِير رِي.
جبلن ۾ جڏهن سياح گهمڻ ويندا آهن، ته اتي پکين جو پير به نظر ناهي ايندو. اُتي انهن کي ٻاريل باهه جا آثار ضرور نظر ايندا آهن. وسندين کان گھڻو گھڻو پري، جتي پاڻي جو ملڻ مشڪل هجي. جانورن جا ٺڪاڻا ۽ پناهون هجن. اهڙي اڪيلائي واري هنڌ تي کاهوڙي ئي باهه ٻاريندا آهن. جيڪي يا ته اُتي ڪجهه عرصو رهندا آهن، يا ڪي کاهوڙي ماکيون ڇاڻڻ لاءِ ائين باهيون ٻاريندا آهن. لطيف جو اهو مشاهدو انهن کاهوڙين جو مشاهدو آهي، جيڪي اهڙن سفرن ۾ سدائين رهندا هئا. جيڪي جبلن مان ئي پنهنجو رزق تلاش ڪندا هئا. ڪي پوڄائن لاءِ به ائين سفر ۾ رهندا هئا. اهي انسان فطرت جا دوست بنا شڪ جي چئي سگھجن ٿا.
ڀِني جي ڀُوڻن، ڀيڄ ڀُڻڪو نه سُڻان،
سَنجڻ واريون سُتيون، وڃي ويڙهه ورن،
پيا سيٽ سڙن، تَڙهي ٻِنين ڪنڌيين!
هن کي مصوري چئجي؟ فوٽو گرافي چئجي؟ آرسي جو عنوان ڏجي؟ يا احساس ۽ مشاهدي جي عظيم شاعريءَ جو نالو ڏجي؟ سچ ته فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي! ڇو جو هي احساس سِرجيا وڃي عمر سومري جي قيد خاني ۾ آهن، پر انهن جو موضوع ڀالوا جي ڳوٺ ۾ جاڳيل آهي! قيد خاني ۾ پيو هڪ حَسين سنڌياڻي جو تصور ملير جو منظر ذهن ۾ آڻي ٻڌائي ته: اَسُر جو اُٿي، جيڪي جوانڙيون کوهه تي ڀيرا ڏيڻ اينديون هيون، ڀَوڻ ڦيرائي پاڻي ڪڍنديون ، ٽهڪ ڏينديون هيون. اُهي پاڻياريون ننڊ ۾ پنهنجي ڪانڌن کي ڪوسا ڀاڪر وجھيو ٻکيون سُتيون پيون آهن! اُنهن چلولين جو هاڻ پرهه ڦٽيءَ ۾ ڪو ڀُڻڪو ئي ناهي! ڪو چوڙو چوڙي کي چُمي ئي نٿو، جو ڪو آواز اچي! کوهه جي ٻنهي ڪنڌين تي رسا خالي خالي اُداس ۽ ويڳاڻا ٿيو پيا سڙن!
قيد ۾ مارئي جو احساس پيو سڙي يا لطيف کي ڪا ويراني پئي چڪ هڻي؟ ڇا چئي ڇا چئجي! لطيف جي عظيم مشاهداتي رڳ سچ ته شاعريءَ کي هزارين آرسين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لطيف جي هِن شاعريءَ جا وارث اڄ پنهنجي سنڌ ۾ اوپرا ۽ ننڌڻڪا آهن، سٺ لک ڪابلي، قنڌاريءَ، برمي، ايراني، بنگالي، بهاري ۽ ايترائي ٻيا غير سنڌي انهن جو جياپو حرام بڻائي ويٺل آهن. هِي تاريخ جي جُٺ ناهي، هِيءُ لطيف کي نه سمجھڻ جي ڀوڳنا آهي. سنڌي لطيف کي سمجھن ها ته ائين هرگز نه ٿئي ها.
لطيف جو سُر کنڀات سڄو عڪسي ۽ مشاهداتي حُسناڪ شاعريءَ جو سُر آهي. اهي عڪس جيڪي لطيف جي اکين ڏٺا، اهي فطري رنگ لطيف ظاهر ڪيا آهن.
تارا تيلي روءِ، لُڌا لالن اُڀرين،
جھڙي تو صبوح، تهڙي صافي سڄڻين.
لُڌو تارو فجر جو چمڪي گھڻو روشن ٿئي ٿو. ان جو ناز عورتاڻو ۽ محبوباڻو آهي. اهڙي ئي دلربائي پرينءَ ۾ آهي! اهو به ٻهڪي ٿو، هينئين ۾ رهي ٿو. اهو لطيف جو خماريل سچ آهي. اهو صبح جھڙو سچ اهو به ٻڌائي ٿو ته، هُن تاري هيٺان، هُن هنڌ منهنجا محبوب رهن ٿا. اڄ به الهاس ننگر جي سنڌين جون آڱريون ائين ئي ستارن ڏي کڄن ٿيون! لطيف ته اسان کان اهو مشاهدو به نٿو لڪائي ته اُٺ اڇا گلاب نٿو کائي! چندن جھڙي خوشبودار ٻوٽي مان به چوپا ڪري اُن کي ٿو ڪاريو ڇڏي! سرکنڊ جي ته ويجھو به نٿو وڃي! لاڻي جي چش اُٺ کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. لاڻو ئي اُٺ کي متارو ڪري ٿو. لطيف اهو به ٻڌائي ٿو ته آر نالي جيت مينهن جي مند ساري سيٽيءَ جهڙو آواز ڪڍندو آهي!
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چِلر جي چوئين، تِن سانکوٽا ۽ سُتيون.
لطيف وٽ ساموندين جي زندگين جو وڏو مشاهدو آهي. ايترو مشاهدو شايد ئي ڪنهن شاعر ته ٺهيو، پر سمنڊ جي پُٽ مهاڻي کي به مشڪل سان هجي! سمنڊ ۾ ڇا آهي؟ سامونڊين جو واپار ڪهڙو ۽ ڪنهن سان آهي؟ سامونڊين جي گھرن ۾ ڇا آهي؟ سامونڊين وٽ موسم جي ڪهڙي اهميت آهي؟ سمنڊ تي ڏڻ ڪيئن ملهائبا آهن، اکا ڪيئن پائبا آهي. خوشيون ڪيئن ٿينديون آهن، غم ڪيئن ايندا آهن؟ ايتري تائين جو سمنڊ جي اندر وڃي جانچڻ واري شيشن کان وٺي سمنڊ جي چڪڻ، چاڙهه، ڪمزرو ٻيڙين جي ڪشمڪش ۽ سمنڊ جي سرڪش مزاج تائين جي هر مشاهدي کي لطيف امرتا سان پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي پاڻ کي فطرت جو عظيم شاعر ثابت ڪرايو آهي.
لنڪا لنڪا ڪَن، لي لنڪا جي اوهريا،
سُڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين.
پره پڳه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي.
سمنڊ تي سڙهه سبڻ وارن کي لطيف پنهنجي دل جي ويجھو محسوس ڪري ٿو. ايتري ويجھڙائي اٿس جو انهن کي اها ڄاڻ به ٿو رسائي ته خطرو ڪٿي ڪٿي آهي. ڪارونڀار جي ڪاهه معمولي ڳالهه ناهي!
سِڙهه ٿي سبيائون، بندر جِن تَڙن تي،
سڙهه سِبي ساڄا ڪري، کوها کنيائون،
بيرقون بحرن ۾ ڇوڙي ڇڏيائون،
لهرون لنگھيائون، لطف ساڻ لطيف چئي.
ڪنهن سامونڊي سياح ۾ به ايڏي سگهه ناهي جيڪو لطيف جي مشاهدي جھڙو سفرنامون لکي سگھي! وڻجاري، اُن جي ٺاهوڪڙيءَ ونيءَ ۽ اُتر جي ٿڌڙي هوا جي وچ ۾ وڇوڙي ۽ يادگيرين جي ڇڪتاڻ کي لطيف جيئن شاعريءَ ۾ پرويو آهي. اهو سچ، اهو حُسن، اها ماريندڙ بيقراريءَ ۽ ان وارتا کي شاعريءَ بڻائڻ يا روح جي اُداسيءَ جو لباس ڍڪائڻ بنا شڪ جي لطيف جو ڪارنامو آهي. ۽ اُتي ئي سُهڻي جو درياهه جي مستيءَ سان جھيڙو، پُور سياري ۾ نازڪ جسم واري نوجوان عورت جو ٻانهن کي ونجھه ڪري وجد ۾ نڪرڻ، ڪاري رات ۾ ڪُنن جي ڪڙڪن جو ڀيانڪ آواز، ڪنهن ڄرڪي، ڪنهن هيبتناڪ واڳون جي وات ۾ نفيس جواڻيءَ جي ڄنگھه، ڪنهن سيسار جي منهن ۾ نازڪ ٻانهن! ڪيئن نه چئجي شاعريءَ جو نئون جنم ۽ نئين تاريخ ناهي؟ ڪپر کان ايندڙ مينهَن کي ٻڌل چڙن جي سُر کي رهبر بڻائڻ لهرين ۾ ترندڙ جواڻ عورت جي دل شاعريءَ جي ڪنواريءَ دل ۽ ڪنواريءَ دانهن ناهي ته ٻيو ڇا آهي!؟ سُهڻي اڄ جي خودڪش بمبار کي ڀونڊو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
ڪارا ڪُن، ڪاريءَ تڳيءَ، جت ڪاريهر ڪڙڪا،
مُئي متي مهراڻ ۾، اچن دُپارا دڙڪا.
ويندي ساهڙ سامهون، جھول ڏِنس جھَڙڪا،
کِڙڪن جاکڙڪا، سُونهان ٿيس سِير ۾.
لهرين کي لکين لباس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪ آهي.ڪاري رات ۾ ڪچي گھڙي سان عورت اونداهي ۾ درياهه ۾ پئي تري! درياهه اُن کي ٻوڙڻ لاءِ آتو آهي. هڪ تاريخ کي لطيف تصور ۾ تبديل ڪيو آهي، ڄڻ اهو مشاهدو لطيف پاڻ ڏٺو هجي.
ٻئي پاسي ٻانڀياڻي حسين عورت سسئي، برن، جھنگن، جبلن ۾ اڪيلي اڪيلي پئي سفر ڪري. پَير رتو رت آهن. مِرونءَ تاڙ ۾ آهن ته زائفان کي ڌڪ هڻي مار ي ڇڏجي. پر هي عورت واپس موٽڻ لاءِ تيار ناهي عزرائيل اچي ننڊ مان اٿاريو آهي، تڏهن به پئي سمجھي ته پنهون ماڻهو موڪليو آهي. لطيف هڪ داستان جو احساساتي مشاهدڪار بڻيو آهي. وک وک تي سسئي سان گڏ سفر ڪيو اٿس.
پير پٽانئي ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
ڦٽيا ڦڻ فقير جا، سيرون ٿِيڙا سي،
جھڙي تهڙي حال سين، پُري پنهون ڏي،
وڃي مان وري، ٻانهيءَ ٻڌڻ جنهن سين.
لطيف خود انهن جبلن مان ٿِي وريو هو، جتي سسئي سفر ڪيو هو. اتي جي پٿر پٿر لطيف کي ٻڌايو هو ته هتان سسئي لنگھي هئي. اڃا هتي سسئي جي رَت جي مهڪ موجود آهي. لطيف جي احساسن ان مشاهدي مان سسئي جي صورت گھڙي هئي.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُجھن نيلا.
لطيف وڻڪار جي وڏن وڻن ۽ نيرن نانگن جو ذڪر ڪيو آهي. اهو لطيف جو مشاهدو آهي، وڻڪار بلوچستان جو مشهور علائقو آهي. جنهن ۾ ڪنهن وقت ۾ وڏا وڻ هوندا هئا ۽ ان علائقي ۾ نيرا نانگ به رهندا هئا. جھڏي جو ناميارو زميندار ۽ سياح رئيس حاجي احمد خان کوسو جيڪو علي ڳڙهه يونيورسٽي جو پڙهيل باذوق انسان هو. اهو به پنهنجي حياتي ۾ دوستن کي ٻڌائيندو هو ته: “نوجوانيءَ ۾ وڻڪار ۾ نيري رنگ جا نانگ ڏٺا هئائين، جن جو ذڪر ڀٽائي ڪيو آهي!”
سُر مومل راڻي ۾ ماحول جو مزاج ئي ٻيو آهي! لطيف ڪاڪ کي اکين مان ڪڍي آيو هو. اهو داستان لطيف جي احساس مان ائين اُڀريو آهي، ڄڻ لطيف پل پل جو مشاهدو ماڻيو هو. اهو قصو لطيف کان ڪيئي سال اڳ جو هو، صدين جو وچ ۾ مفاصلو هو. پر ڪاڪ ۽ مومل، لطيف جي تصور ۾ موجود هئا. ايڏو طاقتور تصور جو فجر تائين ڏيئن سان گڏ مومل جون اکيون به اچي سنڌي بيت ۾ ترسي پيون آهن. هن ڪاڪ جي محل ۾ عطر جي خوشبوءَ پئي اُڏاڻي، ساين شالن ۾ جواڻيون پئي جرڪيون! زلف پئي ڪلهن تي مهڪيا، گُجريون اکين ۾ تبرون کنيو پئي هليون. ڪاپڙين جا روح رتو ڇاڻ هئا. پرديسين جون قبرون پئي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ٺهيون! اها سڄي مشاهداتي تصوير لطيف اتي جي ثقافت مان ڳولي هئي. اهو لطيف جي مشاهدي جو ڪمال آهي. اهو حُسن تاريخ جو نرالو سچ آهي.
گُجر کي گجميل جون تارن ۾ تَبرون،
هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پَسو پرڏيهين جون !
حقيقت هِيءُ آهي ته لطيف جي اکين سنڌياڻين جي سُونهن ڏٺي هئي. انهي سُونهن جا نيڻ نقش لطيف جي تصور ۾ جاڳيل هئا! هِن سُر ۾ هُن ان سُونهن کي چٽيو آهي. اها سُونهن هن ڌرتيءَ جي وجودن جي سُونهن آهي! گجميل لوهه جو اعليٰ قسم آهي، جيڪو رُڪ برابر آهي. هاڻ اهو حسين لفظ افسوس جو گم ٿي ويو آهي.
لطيف جي مارئي مشاهدي ۽ تصور جي عظيم ميلاپ مان جُڙيل آهي. اها سڄي ثقافت جي تصوير آهي. لطيف کي سُر مارئي لکڻ لاءِ وائي جي سدابهار شاعر شاهه عنات رضوي اُتساهيو هو. ان جي ئي چوڻ تي لطيف مشاهدي لاءِ ٿر ۾ اچي پير ڌريا هئا. ٿر جي سڄي حياتي اکين سان ڏسي پوءِ هُن سُر مارئي کي تخليق ڪيو هو! ٿر مان ئي هُن ڄاتو هو ته مارئي ڪيتري حسين هئي. ڪنهن حسين ڪنواريءَ پاڻياري جي مشاهدي ۾لطيف مارئي کي ڏٺو هو! تڏهن ئي هي عظيم سُر شاعري ٿيو آهي. جنهن جي روح ۾ هزارين رنگ آهن.
مارئي جي چوليءَ ۾ سهسين ٽوپا آيل آهن! ۽ لوئي به ليڙليڙ آهي. مارئي سُرهي تيل سان وار نٿي ويڙهي، انهن ۾ ته چيڙهه پيل آهن! چڳُون اُداسيءَ جو ڪفن آهن. هو چاهي ٿي ته واپس پنهنجي ماڳ ڏي وڃان. اتي ڇيلڙا وڃي چاريان. سهيلين سان ملان. لطيف جي مشاهدي مان جيڪو تصور جڙيو آهي، اهو صديون اورانگھي ويو آهي.
پٽولا پنهواريون، مور نه مٿي ڪن.
جي لاک رتائون لوئيون، سي سالنئان سُونهَن،
اُن ايلاچئون اُگري، بخمل بافتن،
سکر ڀانئيان سومرا، کٿيءَ کان کُهنبَن،
جا ڏنيَم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.
لطيف ٿر جي روح جو عظيم مشاهدڪار آهي.غيرت ٿر جو لباس آهي. سَت ۽ سيل ٿر جي عورت جو ازل کان زيور آهي. ٿري عورت پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي تهذيب، پنهنجي ثقافت، پنهنجي روايتن جي امين رهي آهي. ان ڪڏهن به ٿر جي تهذيب جو روح ميرو ناهي ڪيو. ٿر جي سماجي زندگي ان سچ، ان حسن، ان عظمت جي اڄ به گواهه ۽ علمبردار آهي. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ سماجي زندگيءَ جي وهڪري ۾ وڏي اُٿل پُٿل آئي آهي! ڪيئي تبديليون ڪر کڻي نروار ٿيون آهن. اوطاقون اُجڙيون ڪچهريون ۽ قرب گم ٿيا آهن! سنڌي سماج ڪيئي رخ مٽايا آهن. جسم فروشيءَ کان اغوا، ڌاڙن، اڻ سهپي تائين ڪيئي روپ سنڌ ۾ نظر آيا آهن. پر ٿر اڃان ساڳيو آهي. ٿر پنهنجي سڃاڻپ جو اڃا ڪوبه سودو ناهي ڪيو. لطيف جو سُر مارئي اڃان به ٿر ۾ نظر ايندو رهي ٿو. اِهو لطيف جي پيار جو ڪرشمو آهي.
آرم هڏ نه اوڍيان، پٽولا پٽ چير،
ٻانڌوڻا ٻَن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير،
مارن سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.
اندر اُڃ اڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
ٿر جا حسين لباس جھڙا منفرد ۽ نرالا آهن، اهڙو ئي لطيف جو مشاهدو ۽ تصور امير آهي. لطيف مارئي تي هِي شاعريءَ ڪاغذ بجاءِ ڄڻ نيري آسمان تي ٿر جي ٿوهر جي کير کي روهيڙي گل جي پنکڙين جي عطر سان ملائي لکي آهي! ان ڪري هُن شاعريءَ ۾ پلر جي پاڻيءَ جي خوشبوءَ به آهي ته ڪراين ۾ پاتل ڪارن ڌاڳن جھڙو سوڳ به آهي! اهي ڪارا ڌاڳا ٿاريليءَ ريٻارڙين جي ٻانهَن ۾ اڄ به موجود آهن. عمر سومري مارئيءَ کي کڻي مارن کي رنجايو هو.ريٻارين ان واقعي کي نظر انداز ڪونه ڪيو هو،وري جڏهن هڪ حسين ريٻارڻ ڇوڪريءَ سونل کي حاصل ڪرڻ لاءِ علاءَ الدين خلجي جي ڪمانڊر جيلسمير جي ريٻارين تي زور ڀريو هو ته اُهي رات پيٽ ۾ جيسلمير ڇڏي اچي وڳهه ڪوٽ ۾ دودي سومري جي پناهه هيٺ آيا هئا. دودي ڄڻ ته عمر سومري جو ازالو ڪري ڇڏيو! اهو ٿر جي، سنڌ جي تاريخ جو حسن آهي. ان ڪري ئي لطيف سُر مارئي کي وطن پرستي سان رڱي ڇڏيو آهي! تصور برساتي پاڻي ۾ مينڍا ڌوئندڙ اڻ پرڻيل حُسن جي ادائن کي ڀٽائي جو بيت ڄاڻي فجر جو تارو ٿي ٽمڪندو آهي! ڏڪاريل ڏينهن ۾ پکين، جانورن ۽ مارن جي اُڻ تُڻ، تاڙن جي تنوارن، ساٺيڪن (کوهن) مٿان ڪجرارين جا کنج کڙڪڻ، چيها، چلُر، چڪ، کاٽونبا، پولڙيون، پپون، ڍنگر ڍار، گولاڙا، ڪرڙ، ڏاس، فراسيون، ڳنڍير، ميها، ڪهڙو اهو رنگ آهي، جيڪو لطيف کان لڪل هجي!؟ لطيف مشاهدي جي هي شاعري امانت سمجھي سنڌي ٻوليءَ جي پلئو ۾ محفوظ ڪئي آهي. ان کي تاريخ بڻائي ڇڏيو آهي! اها قوم جي نرڙ تي لطيف جي نئين چُمي آهي. جنهن جي حفاظت ڪرڻ هر سنڌيءَ جو قومي فرض آهي.
سِکو سَڀ سَرتيون، سِپُن مُلان سير،
ٻيو مٽائي نير، اُڀيون اَبر آسري.
هِيءُ مشاهدو، سائنس جو نه پر لوڪ ڏاهپ جو آهي. سمنڊ ۾ رهي به سِپ اُن جو يا ڪوبه ٻيو پاڻي نٿي پيئي، صرف برسات جو انتظار ڪري ٿي. برسات جي هڪ ڦُڙي ان لاءِ سمنڊ آهي! اها ڦُڙي سپ جي اندر وڃي، موتي بڻجي وڃي ٿي. سائنسي فلاسافي ۾ وڃبو ته اهو عمل انسان جي تخليق تي آڻي بيهاريندو! هڪ قطرو انسان جي تخليق جو سبب بڻجي ٿو. ماءُ جي پيٽ ۾ اهو ڦڙو موتي جھڙي انسان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو! انسان موتي آهي، اُملهه ماڻڪ آهي، جيڪڏهن هُو رڳو پاڻ کي سُڃاڻي وٺي!
تاريخ جو سچ اهو آهي ته لطيف جي شاعريءَ ان ڌرتيءَ مان ڦٽي آهي، جيڪا سدائين حملي آورن جي پيرن لتاڙي آهي. انهن سنڌ جي رڳ رڳ جو رت پيتو آهي. ڀٽائي جنهن دؤر ۾ جهرن جھنگن جو ذڪر پئي ڪيو ان وقت به سنڌ ۾ ڌارين جا پير موجود هئا. مغلن جي مداخلت جو رنگ موجود هو. سنڌ ۾ جاسوس به موجود هئا. 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڀٽائي ان وقت شعور جي انتها تي هو. حاڪم نورمحمد ڪلهوڙو وڃي عمرڪوٽ جي قلعي ڀيڙو ٿيو هو. سندس ٽن پٽن کي ضمانت طور ايران جي درٻار ۾ رکيو ويو هو. غليظ نظرون سنڌ جي جسم ۾ کُتل هيون. لطيف جي سامهون ڌرتيءَ جا وارث بقا جي ويڙهه ۾ رڌل هئا. سنڌ جون نماڻيون وسنديون درد جي دوا جي ڳولا ۾ هيون. انيڪ جھانگين جا پير اگھاڙا هئا. لطيف جي آڏو ڪن چير ڪاپڙي پئي آيا ويا. انهي جون گودڙيون ميريون هيون. لطيف انهن ڪاپائتين تي پئي ويچاريو جن جي اکين ۾ موريسر پئجي ويا هئا. سَرن ۾ ٻگهه ۽ ڪانگ، ڪانيرا اچي لٿا هئا. اڇو پاڻي لڙاٽجي ويو هو. آهيڙي عام هئا. هنج پريشانين ۾ پئي ڦريا. لطيف مورن جي مرڻ تي اٻاڻڪو هو. وطن تي رهزنن راتاها پئي هنيا.
سُڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
سو پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آيو،
ماڙهن ميڙائو، ڪِنهين ڪِنهين ڀيڻئين.
ڪنڌين اڪ ڦلاريا هئا. لطيف وطن جي حُسن تي سوچڻ واري عبادت پئي ڪئي! ڪنهن وقت اداس پئي ٿيو. ڪلهوڙا آزاد سنڌ جي عظمت لاءِ ويڙهه ۾ مصروف هئا! ڪونجن جا ڪُرلاءُ لطيف کي موسيقي جو ڪو عظيم سُر پئي محسوس ٿيا. لطيف وٽ جيڪو فطرت ۽ ماحوليات جو مشاهدو آهي، اهو بنهه اونهو ۽ ڳوڙهو آهي. ڌرتيءِ سان ايڏي دلي وابستگي حيران ڪندڙ آهي. لطيف جي مشاهدي ۾ رڳو موسم جا رنگ ناهن، پر هر اهو رنگ آهي، جيڪو ڌرتيءَ نروار ڪيو آهي. آسمان جي منڊل کان پکين جي عادتن تائين، جانورن جي جياپي کان سمنڊ جي مزاج تائين، ڪک پن جي چُرپر کان گلن جي ٽڙڻ ۽ مرجھائڻ تائين لطيف جي مشاهداتي نظر سڀ ڪجھه ميڙي آڻي پنهنجي شاعريءَ جي آکيري ۾ رکيو آهي. اهو آکيرو وطن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. لطيف اهو ٻڌائي لڱ ڪانڊريو ڇڏي ته:
سِپ، کپر، سڄاڳِهي، نانگن ڳوليو کاءِ،
تنين لئي واجھائي، مڻيو جن مٿن ۾.
لکين ماڻهن کي اهو علم ۾ نه هوندو ته، ڪا بلا اهڙي به آهي، جيڪا نانگن کي به ڳوليو ٿي کائي، خاص ڪري جن کپرن جي مٿي ۾ مڻ آهي، انهن لاءِ ته واجھائي ويٺي! نانگ ڪا معمولي ڳالهه ناهن، پر مورن جي انهن سان پراڻي دشمني آهي. طاقتور نانگ کي مور وچ مان چنبن سان کڻي مٿي اڏامي اتان کان هيٺ ٿو سَٽي ماريو وجھي، پر سڀني سان ايئن نٿو ڪري سگھي ڇو جو:
ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذات کي، مور به مٽائين،
جي چَتُرا چکيا ڪري، ته وڳ ورائي ڏين،
ساٿ سمورا نِين، جي مُٺين ڀانئي موٽيا.
”نانگ جي ڪنهن بُڇڙي ذات کان مور به پاسو ڪيو وڃن. ڇو جو اها زهريلي ذات چالاڪيءَ سان ڪکي وجھي ٿي. ان ڪري مور پنهنجا سمورا ساٿ اتان موٽائي وڃن ٿا.“
لطيف جو هڪ ئي خواب رهيو آهي ته وطن وسي ۽ آباد ٿئي. سُر سارنگ لطيف جو خواب آهي. لطيف جو عظيم مشاهدو هِن سارنگ جي سِٽ سِٽ ۾ سمويل آهي.
برَ وٺا، ٿر وُٺا، وُٺيون ترايون،
پرهه جو پٽن تي، ڪَن وِلوڙا وايُون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگھارين سايُون!
ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رانيون،
ٻانِهيُون ۽ ٻايون، پکي سُونهَن پانهنجي.
سنڌ تهذيب طور ته وڏا شهر اڏيا، انهن حُسن به ماڻيو. اهي جڳ مشهور به ٿيا. انهن ۾ رقص ڪندڙ عورتن جا جلوا به انهن شهرن جي اکين ڏٺا، اهو سچ ۽ حسن پنهنجي جاءِ تي آهي، پر جڏهن سارنگ ساٺ ٿو ڪري، وڄون ٿيون چمڪن، پلر ٿو پٽ ڀري، ته سنڌ صفا ٻي ٿيو وڃي. اها سنڌ ٻهراڙين ۾ آهي. اها سنڌ سامايل جواني آهي. اها سنڌ ثقافت آهي. اها سنڌ ساهه کڻندڙ نئين سنڌ آهي. پرهه جو پَٽن تي لسي لاءِ کير کي ولوڙڻ جا سُر گونجن پيا. حَسين اجرڪي هٿن مان مکڻ جي مهڪ اڀري هوا کي واسي پيئي مينهون ڀٽاريون تازيون، تندرست، ۽ سايون سايون ٿيون آهن. مالدارن جون عورتون آسوديون ٿيل آهن. ٻانهِيون توڙي سانئڻيون پنهنجي پکن ۾ ئي سونهن پيون.
سارنگ کي سارين، ماڙهو، مرگھه، مينهون،
آريون اَبر آسري، تاڙا تنوارين،
سِپون جي سمنڊ ۾، نئين سج نهارين.
پلر پيارين، ته سنگھارن سُک ٿئي.
لطيف سانوڻ جي مُند ۾ جنهن سنڌ کي ڏٺو آهي، اُها حسين سنڌ آهي. وجد سان ڀريل سنڌ آهي. اُن سنڌ ۾ گلابن جي سُڳنڌ آهي. سوين سنيها ان جي ماحول ۾ رقص ڪندڙ آهن. اُها سنڌ اهڙي آهي جو ڏسيو، ڏسيو به نيڻن جو ڍَءُ نٿو ٿئي. اها سنڌ ماءُ آهي. ماءُ جي جھولي آهي.
ڀري ڀِٽ ئي آڀيو، سارنگ سُهج منجھان،
کڙيون کٽڻهار جئن، وِڄُون اتر واءِ،
سَرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊڀ ڪيا،
پهري پٽنئان، ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا.
بادل ڪيئن ٿا بُرج ڪڍن؟ چئوماسو ڇا ته دلين ۾ کيپ ٿو ڀري! پٻ جبل ڪيئن ٿو گھوٽ بڻجي؟ ڇا ته ڇاڇر ڇنن ۾ ٿي آهي. ميها، چڀڙ، ڦنگيون جواڻي کڻي مهڪي پيون آهن! هارين ڪلهن تي هر رکيا آهن، ڪيئي ڳيچ هينئن مان نڪري اچي چپن مان ڦٽا آهن! سچ ته لطيف فطرت نگاري جي انتها ڪئي آهي! ڇا ته اهو عالمي محبت نامو لطيف پنهنجي روح مان اڀاريو آهي ته، سُرهي سيج پاسي ۾ هجي، گجگوڙن سان ڀلي مينهن پيا وسن. اسان ۽ اسان جي دل جا ڌڻي شل سدائين هڪ ئي هجون! هِي محبت جو عظيم نظريو آهي! جيڪو ڪنهن به تشريح جو محتاج ناهي. لطيف پنهنجي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ويهي پيو محبوبن کي ٻڌائي ته کنوڻيون ڪِٿي ڪِٿي پيون کنون! وطن جي انچ انچ جي کيس خبر آهي، ڇو ته اتي هُن جي دل موجود آهي. جنهن جي هُن شاعري ذريعي مالڪي ڪئي آهي! سارنگ جي رم جھم ۽ خوشحالي جي روپ ۽ نظريي ۾ لطيف سانگيئڙن کي مالڪاڻا حق، فطر تي حق ملڻ جو منشور پڌرو ڪيو آهي. لطيف ڪُنوار جي تن تي کُهنبو ويس، وطن جو اصل خواب ۽ اصل مرڪ سمجھي ٿو! اُهي وِڄُون جيڪي لطيف جي نظر کي موهين پيون، لطيف کي انهن سون روپين وڄُن جي گس جي به خبر هئي، ته ڪٿان کان ٿيو ڪٿي ٿيون پُڄن! ان سچ مان ئي لطيف پنهنجو عظيم نظم ”عالم سڀ آباد ڪرين“ تخليق ڪيو آهي.
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪَيائين وار،
وِڄُون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،
ڪي اُٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪي مَڻيون مغرب پار،
ڪي چَمڪن چين تي، ڪي لَهن سمر قندين سار،
ڪي رَمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابُل، ڪي قنڌار،
ڪي دهلي، ڪي دَکن، ڪي گُڙن مَٿي گِرنار،
ڪِنهين جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بَڪار،
ڪِنهين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪِنهين ڍٽن مٿي ڍار،
ڪِنهين اچي امرڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
دوست! مِٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
سڄي جھان جي خوشحاليءَ لاءِ دُعا، لطيف جو اهو عالمي نظريو آهي، جيڪو سيڪيولر صوفي ازم جي روشنيءَ ۽ عظمت جو کليل ثبوت ۽ علمبردار آهي.