ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مافوق الحقيقت نگاري
سنڌ ۾ شاعريءَ جي حوالي سان مام يا ڳجھه ۾ بيت، شعر ۽ ڳجھارت چوڻ جي روايت صديون پراڻي آهي. هن ريت جو بنياد ان ڳالهه تي بيٺل آهي ته حالتون سازگار نه هجن، ته ڳجهه ۾، مام ۾، اشاري ۾ پنهنجو مطلب بيان ڪجي. هن روايت جو بنياد، اظهار جي آزاديءَ نه هئڻ، پابندين، ڏاڍ، جبر ۽ تشدد واري ماحول جي گهُٽ ٻُوسٽ جي ڪري پيو. ڳجھارت سان هِي روايت شروع ٿي، منظم شاعريءَ تي پهتي. سنڌ ۾ ان روايت کي اڳتي هلي، پيش گوئين لاءِ به استعمال ڪيو ويو. انهيءَ حوالي سان سنڌ ۾ ست فقير “ماموئي فقير“ جي نالي سان سڏجن ٿا، جيڪي مام ۾ پيشن گوئيون چوندا هئا، انهن فقيرن جون قبرون آمريءَ جي قبرستان ۾ ٽنڊي جان محمد شهر ويجھو آهن، انهن جا بيت هِن طرح آهن.
اچي ويجھا ماڙهئا، ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان مَ اڏج نجھرا.
_
سُمير ۾ نه ساريون ٿينديون، ڪلريءَ ۾ نه ڪماند،
هارِي ۽ هر ڏاند، نه ڄاڻان ڪيهي ويا.
هتي هِن پيشنگوئي ۾ سمير جو ذڪر آيو آهي. جيڪا قديم عراق جو حصو هو، ۽ سُميرين جي تهذيب آڳاٽي ليکي وڃي ٿي. ماهرن ان کي سنڌ کان به قديم سُڌريل تهذيب سڏيو آهي. جڏهن ته اؤميل جو موقف آهي ته ”سميرين تهذيب ته سنڌ کان پوءِ 3600 ق م جي تهذيب آهي، ۽ اها سنڌ جي ڪالوني هئي!“ ارڙهين صديءَ ۾ اهو ئي پيشن گوئين وارو رنگ گرهوڙيءَ وٽ نظر اچي ٿو.
لڳيندي لاڙان، سونچو ٿيندو سَري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي جوکو قنداران.
لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گھاوَ ڪندا،
لڳندس ڪان ڪراچيءَ ۾، ويندس دهلي هٿا.
لطيف جي حوالي سان به نظر اهو ٿو اچي ته لطيف به مام ۾ ڳچ شاعريءَ ڪئي آهي. لطيف جي انهن بيتن جون به ڪيئي تشريحون ڪري سگھجن ٿيون. لطيف وٽ اهو آرٽ عروج تي نظر اچي ٿو:
عاشق عزرائيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙيا،
مَنجھان سِڪ سَبيل، لعنتي لال ٿيو.
_
دلق ڍڪائج دل کي، لائج ڪو مَ لباس،
پُوري کائج پنهنجو، مڙهيان اندر ماس،
ته ويراڳي تو واس، بَر ۾ بُوبُون موڪلي!
راڻي جي رهاڻ مان ڪو آديسي آيو،
چوڏهين ماهه چنڊ جو، ڪيو سامي سُهائو،
لٿو اونداهو، جوڳيءَ سَنديءَ جوت سان!
_
گھڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا ويا،
تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻي سَڏ ميهار جا.
اها ته ٿي شاعراڻي رمز جي انتها جو اهو جلوو، جيڪو شاعريءَ جو نه رڳو جديد لاڙو آهي، پر جديد مثال به آهي.
فن جي دنيا اندر مام ۾ شاعراڻي اظهار لاءِ تجريديت کي به استعمال ڪيو ويو آهي. تجريديت جديد علم ۽ تجربو يا لاڙو سڏجي ٿو، جيڪو يورپ ۽ فرانس مان نشانبر ٿيو، ان کي تجريدي آرٽ سڏيو ويو. جيڪواڃان به جاري آهي. اهو تجريدي آرٽ رڳو شاعريءَ ۾ناهي سمويو ويو، پر مصوريءَ ۾ به استعمال ٿيو آهي. هِن آرٽ جو بنياديءَ نقطو به اُهو ئي مام ۽ ڳُجهه وارو آهي، پر جديد دور ۾ اظهار جي آزادي ۽ آزاد ذهنيت جي ڪري ايترو فرق ضرور نظر اچي ٿو ته، آڳاٽي وقت ۾ مام جي رمز ۾ مهذب پڻي سان اظهار ڪيو ٿي ويو، پر هاڻ تجريدي اظهار جي نالي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اگهاڙپ جي به پرواهه نٿي ڪئي وڃي! ان ۾ به قصور آرٽسٽن جو ناهي، اصل مسئلو تلخ روين ۽ محسوسات جو چئي سگھجي ٿو، جنهن ڪري اهڙو سخت اظهار شاعرن ۽ آرٽسٽن کي ڪرڻو ئي پئجي وڃي ٿو!
هتي اسان جو موضوع تجريدي آرٽ تي بحث ڪرڻ ناهي، اسان جو موضوع سر_ ريئلزم آهي، جنهن کي اسين مافوق الحقيقت نگاري جو نالو ڏيون تڏهن به غلط نه ٿيندو!
اسان هِن لاڙي جي تشريح هن ريت به ڪري سگهون ٿا ته، فنڪارا نه انداز ۾ پيش ڪيل اهڙو خيال جنهن جو بظاهر حقيقت سان ڪوبه ظاهري تعلق نه هجي، پر جڏهن ان خيال کي ٻُڌو يا پڙهيو وڃي ته ماڻهو کي حيرت وڪوڙي وڃي. ماڻهو جو وار وار ڪانڊارجي وڃي! بي اختيار ماڻهو کان ان خيال لاءِ داد نڪري اچي. ماڻهو محسوس ڪري ته خيال کي ڪنهن اعليٰ فن، ۽ وجدان سان پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ جيڪا اوپرائي، يا غير حقيقت نظر اچي ٿي، سا اصل ۾ اوپرائي اجائي آهي.
سر ريئلزم جو لاڙو شاعريءَ ۾ تنقيدي علم طور ويهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ ۽ فرانس مان اڀريو هو. جنهن جي بنياد کي ظاهر ڪندي قادر جوڻيجي لکيو آهي، اهو حوالو هُن اسٽيفن اسپينڊر شاعر جي آتم ڪٿائي ڪتاب مان ورتو آهي ته: ”جڏهن ٻي عظيم جنگ لڳي ته لنڊن شهر ۾ وڏا بلئڪ آئوٽ ٿيا ۽ بجلي گم رهڻ لڳي. بجلي جي ان اڻ هوند ۾ لنڊن جي شاعرن کي ڪئين اوپرا رنگ ڏسڻ ۾ آيا، ايئن انهن شاعرن جي اندر ۾ موجود تصورات، ٻاهرئين زندگيءَ جا ڏيک ۽ فطرت جا اوپرا رنگ پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي ويا، جن وچان ئي هڪ نئين آواز کي جنم ڏنو، جيڪو شاعريءَ ۾ داخل ٿي، سر ريئلزم بڻجي ويو.“ هِن لاڙي وڏي مقبوليت ماڻي آهي. ٽي صديون اڳ جڏهن هن لاڙي جو ڪو وجود ئي نه هو، تڏهن لطيف شاعري پئي ڪئي. اڄ حيرت ٿي ٿئي ته اهو لاڙو لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود هو. اها لطيف جي جدت، نئون لاڙو، نئون قدم، نئون مزاج، نئون تجربو، نئون بنياد چئي سگھون ٿا. هونئن به اها حقيقت آهي ته سنڌي شاعريءَ کي ترقي ڏياري ئي لطيف آهي.
سنڌي شاعري جي جدت مُرتب ئي لطيف ڪئي آهي. وائي هُجي، يا بيت هجي، لطيف ئي ان کي نئون موضوعاتي لباس ڏنو آهي. نئون مزاج سنڌي شاعريءَ سکيو ئي لطيف کان آهي. لطيف جي ڏنل جدت سنڌي شاعريءَ لاءِ رهنما ثابت ٿي آهي. لطيف پاران گس تي چاڙهيل سنڌي شاعري تڏهن ئي عروج ماڻيو آهي.
هن مضمون ۾اسان اهو ڏسنداسين ته بابا ڀٽائي سر ريئلزم جو فن ڪيڏي معيار ڪيڏي بلنديءَ ۽ ڪيڏي حُسناڪيءَ سان پيش ڪري حيران ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جيڪي به بيت سر ريئلزم لاءِ منتخب ڪيا آهن، اُهي حقيقي سر ريئلزم جو حصو آهن. ڪجهه ٻيا بيت به آهن، جن جو هتي تجزيو پيش ڪجي ٿو.
لطيف جي پيش ڪيل مافوق الحقيقت نگاريءَ جو حسين ترين عنصر تشبيهه آهي، جنهن جھڙو مثال شايد ئي ڪٿي نظر اچي.
ڪڪر ڪيائينم ڪاڪ جو، ڏيئي لاڙي لِک،
هاڻي مٿي ڏِک، چڙهيو ٿي چاڳ ڪريان.
”مون کي ٿوري اڳڙي ڏئي، ڪڪر جو ڪاڪ ڪري ڇڏيائين، هاڻ ڪنوار وارو هار سينگار ڪري لاڏ پئي ڪريان!“
ڪُنڍيءَ ڪَلين وچ ۾، جڏهن هنئي جن،
موٽي موُن پرين، ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي.
_
ڪڪر ڪوٽ، بُرج پِرين، سڄڻ سحرون ڪَن،
آئون پڻ مٿان تِن، انڊلٺ ٿِي اُڀران.
_
اندر جھُڙ جھُور وَهي، ٻهر ڪَڪر نه ڪوءِ،
وسائيندي وِڄڙي، حُب جنين کي هوءِ،
لالڻ جنين لوءِ، اوڪاڻيَن نه اکڙيون!
ظاهري حقيقت اها آهي ته انسان (مرد) انسان (عورت) سان عشق ٿو ڪري، ان کي ڀاڪر ۾ ٿو ڀري، انسان ڪنهن نظر نه ايندڙ ڏور ۾ ڇڪبو وڃي، انسان ٻن بجاءِ هڪ دل ۾ تبديل ٿيو وڃي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو انسان، ٻئي انسان کي مڇيِءَ جي ڪُنڍيءَ ۾ ڦاسائي، پر ڏسو، مافوق الحقيقت نگاريءَ ۾ لطيف ڪهڙي انتها کي وڃي ڇُهيو آهي. ڪنڍيءَ کي عشق جي رشتي ۾ ڪيئن تبديل ڪري ڏيکاريو اٿس، ماڻهو خيال جي گھرائي کي ڇهي ٿو ته اهو غير حقيقي لقاءُ حقيقي ٿي پوي ٿو! بي حقيقت کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ سر ريئلزم سڏجي ٿو، لطيف اهو آرٽ ٽي صديون اڳ استعمال ڪري ڏيکاريو آهي.
ڪڪر، حقيقت ۾ ڪوٽ ناهن، نه ئي انسان مٽيءَ ۽ سِرُن جو بُرج آهي. انسان انڊلٺ به ڪونهي، اها ظاهري حقيقت آهي، پر جڏهن تشبيهي جھان ۾ جھاتي هڻجي ٿي ته ڪيفيت ڪمال جي درجي تي پهتل محسوس ڪجي ٿي. ڪڪرن جي ڪوٽ مٿان پرين بُرج وانگي پيو چٽو نظر اچي، ۽ آئون به انهيءَ ڪوٽ ۽ بُرج مٿان انڊلٺ ٿي اُڀرڻ ٿو چاهيان. تڏهن هِي نظارو مڪمل ٿيندو. تڏهن هڪ حقيقت مڪمل ٿيندي، ڪجهه به مصنوعي باقي نه رهي. سڀ ڪجهه فطرت جو حصو ۽ حُسن ٿي پوي. اها لطيف جي ڪامياب مافوق الحقيقت نگاري آهي، جيڪا بي حقيقت کي حقيقت ۾ تبديل ڪري حيران ڪيو ٿي ڇڏي. ڪاڪ جو ڪڪر ڪرڻ لازوال تشبيهه آهي، اڇوت سر ريئلزم آهي. اصل ۾ انفراديت ۽ اچرج کي اڀارڻ کي ئي حُسين سر ريئلزم چئجي ٿو.
ٻئي ويٺا رُون، ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾،
ڪنهن کي ڪين چون، منجهن جو پريتڻو.
_
منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين باغ بهار،
ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي ميندرو!
_
ڪانڌيءَ ڪنگ ٿياس، وِهڻ جنازو سُهڻي،
ٻگھا جي ٻيٽن جا، ڪُلها تِن ڏِناس،
اکين مَلڪ ڏٺاس، توءِ مَن ڪاڍو ميهار ڏي.
عام حقيقت ۾، جبل روئندو ڪونهي. ڏونگر وٽ احساس به ناهي هوندو جو اُهو ڪنهن انسان سان پريم ڪري سگھي. پٿرن کي عام طور تي بي حِس قرار ڏئي سنگدلي جي معنيٰ ۾ پيش ڪيو آهي. هُن جي دل پٿر جي آهي، هُو پٿر جو ماڻهو آهي، تڏهن ئي احساس نه اٿس. اهو ئي شاعرن ورجايو آهي. پر لطيف ان حقيقت کي عظيم احساس ۽ آرٽ ذريعي نئين فلسفي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. لطيف پٿر کي روئاري احساس کي اُن جاءِ تي وٺي آيو آهي جيڪو حيرت ناڪ لڳي ٿو.
جبل سسئي جي ڏک ۾ شريڪ ٿيوآهي، اهو به فطرت ڏي موٽي آيو آهي، اهو به روئي ويٺو! پر ٻنهي وچ ۾ جيڪا محبت آهي ان کي ٻئي ظاهر نٿا ڪن! اها سر ريئلزم جي جديد حسناڪي آهي، جيڪا لطيف سنڌي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ کي ڏني آهي! سهڻي جا ڪانڌي ڪنگ ۽ ٻگها ٿيا آهن. جيڪا خود بنيادي مافوق الحقيقت نگاري عظيم شاعريءَ جو مثال آهي.
انڌو ٿي پسيج، مشاهدومحبوب جو!
عام حقيقت اها آهي ته، انڌاهي اوندائيءَ جي علامت آهي. انڌائي ۾ ڪجهه به نظر ناهي ايندو. لطيف انڌو ٿي محبوب کي ڏسڻ جو مشاهدو ٻڌائي ٿو. اها انفراديت آهي. اها ئي مام آهي، جنهن جي اندر ڪو ٻيو نياپو آهي. مقصد اهو آهي ته محبت کي عقل جي اک سان ڏسي نٿو سگھجي. صرف روح سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين.
هِيءُ سِٽ به اُنهي علامت نگاريءَ جو عڪس آهي، جنهن کي سر ريئلزم سڏجي ٿو.
تن تسبيح، مَن مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سُر وڄن،
ڇپر ڇَمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو!
ڪانڀو ۽ ڪارو ٻه وڏا جبل آهن، جيڪي ڏکيا به آهن. تن کي لطيف ڪڪر سڏيو آهي! ڇو جو انهن جبلن تان سسئي سولائي سان لنگھي وڃي ٿِي، اها آساني عشق پيدا ڪئي آهي! ڇمر چوڻ مافوق الحقيقت نگاريءَ جو بيحد اعليٰ مثال آهي. سُر کنڀات لطيف جي عڪسي شاعريءَ جو سُر آهي، ان جي هڪ خوبصورت وائي ۾لطيف انتهائي حَسين سر ريئلزم جو دلڪش رنگ پڌرو ڪيو آهي، جنهن کي پڙهجي ٿو ته وجد محسوس ٿئي ٿو:
شمع ٿيندس شب ۾، اِن خوشيءَ کان کامي!
بابوئن جي باهه جئن، ٻران شال اُجھامي!
روشن ٿيان رُڃن ۾، جي هنئان لنئون انهيءَ لامي!
رهه رات! لائينديس پرينءَ کي.
لطيف جي اها جدت، وڄ وانگي چمڪي ڇرڪائي ٿي.
ڏُونگر ڀُونين ڪير، سڄڻ ميخون ڏونگرين !
ههڙا سيڻ سُڌير، ڪيَن لهندين ڪي ٻيا.
لطيف چوي ٿو: “قرآن شريف ۾ آيل آهي ته ” جبل زمين لاءِ ڪِلا آهن!“ جڏهن ته پرين خود پهاڙن لاءِ ميخون ۽ ڪلا آهن! اهو سر ريئلزم جو انمول مثال آهي.
ذاتي طور تي آئون لطيف جي سُر مارئي جي هن اعليٰ سٽ کي به سر ريئلزم چوڻ پسند ڪندس، جنهن ۾ بابا ڀٽائي چوي ٿو ته: منهنجي عشق سنگھر جهڙي لوهه جي زنگ لڳل شيءَ کي به اُجاري اڇو ڪري ڇڏيو آهي. هن بحث کي سميٽي اهو ئي چٽو ٿئي ٿو ته ٽي صديون اڳ لطيف سر ريئلزم جي حُسناڪي کي پيش ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو بيشڪ عالمي ليول جو عظيم شاعر آهي.