لطيف وٽ وحدت يا هڪ مرڪز جو نظريو
سڄڻ تنهن ساعت ۾، اُڀي ڏٺو سون،
مون تن تڏهانڪون، ملي ملاقات ڪئي.
اها پڌري ڳالهه، پڌري حقيقت آهي ته، بابا ڀٽائي هڪ منفرد ۽ نج وحدت الوجودي صوفي شاعر آهي. لطيف کي اهو رُتبو جنهن فڪر اوڍايو آهي، اهو عظيم انسان دوست فڪر آهي، جيڪو سڄي عالم ۽ انسانذات جو خواب آهي. لطيف جي عظيم فڪر جي محبوباڻي ادا اها آهي ته اهو فڪر يڪسوئي ۽ هڪ مرڪز جو قائل آهي. هڪ دل پوري انسانيت سان محبت لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري يا تڙپي، اهو لطيف جو منشور آهي. هڪ مرڪز تي بيهڻ لطيف جو بنيادي نظرياتي نقطو آهي. اهو به ياد رهي ته لطيف هڪ نقطي جي آڙ ۾ محدود ٿي وڃڻ جو قطعي حامي ڪونهي. اُن هيڪڙائي سان دل لڳائڻ جو حامي آهي جيڪا هجومن ۾ به روحاني طور ماڻي سگھجي ٿي. هڪ محور تي سوچ کي رکي ان منزل تائين پهچڻ جي جاکوڙ جو نالو لطيفي فڪر آهي. اُن منزل کي حق، حُسن، عشق، سچ مطلب ته ڪو به نالو ڏئي سگھجي ٿو. پاڻ کي ڳولڻ جو بنياد لطيف هيڪڙائيءَ ۾ ضم ٿيڻ کي سڏي ٿو. پاڻ کي ولوڙڻ جو نالو لطيف عشق سمجھي ٿو. هڪ درياهه سان ملڻ لاءِ ڪڏهن ٻيڙيءَ بڻجڻ، ڪڏهن اُن ۾ لڙهندڙ ڪاٺيءَ ٿيڻ، پر هر حال ۾ ان درياهه جي سيني ۾ رهڻ لطيف جي وحدت، يڪسوئي، ۽ هيڪڙائي جو حَسين نظريو آهي. مذهبي طور خدا سان عشق جي ڳالهه هجي، يا هڪ انسان محبوب سان عشق جو اسرار جُڙيل هجي، لطيف ان هيڪڙائي جي فلاسافيءَ کي حُسناڪي جي هوليءَ ڪري پيش ڪيو آهي. لطيف ان کي لاحد سڏي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو لامذهب آهي ته لطيف اُن کي پنهنجي نظريي تي بيهڻ واري عمل تي ڪافر نٿو سڏي! اهو لطيف جي تصوف جو بنياد به آهي، ته انساني عشق جو محور به آهي. لطيف زندگيءَ جو شاعر آهي. هُن جو تصوف بنياد پرستيءَ واري فڪر جو حامي ناهي. هُن وٽ زندگي عشق جو نالو آهي، جيڪا مرڻ ۾ به ڪو مشاهدو ڳولي ٿي! مري به هڪ ٿيڻ ان وحدت جو ماڻڻ سمجهي ٿي. وحدت سان عشق جو بنياد ڪيئي نوان نقطا نروار ڪري ٿو. عشق وڪامي نٿو! بازار جو سودو ٿيڻ اُن لاءِ ڪفر آهي. هڪ هستيءَ جيڪا انسان جي تانگهه ۽ عشق جو محور آهي، اُها اُن جو سڀ ڪجھه آهي. ان سان نينهن، مينهن بڻجي انسان جي اندر جي ميرائي کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏي ٿو. اصل ۾ انا ڌوپجي ٿي، ته انسان سڀني جو دوست بڻجي وڃي ٿو. هڪ محبوب جو عشق انسان کي ڇانءُ بڻائي ڇڏي ٿو. جنهن ۾ڪوبه ويهي سگھي ٿو. انا مان ئي فساد اُڀرن ٿا، انا ئي ته دورين جا ڪانڊيرا پوکي ٿي.”آئون ڪجھه به ناهيان، تون ئي سڀ ڪجھه آهين!“ جي تنوار ان عشق جو روح آهي، جيڪو انسان جي اندر مان اڀري ٿو ته ڄڻ امن جي واءُ جو ٿڌو جھوٽو محسوس ٿئي ٿو. اُڀ جو پهريون ستارو، بهار جو پهريون گل ان تصور ۾ جاڳي ٿو.
گُوني ۽ گوَني، پرينءَ پَٽائين گَج جئن،
جي مَن مجونِي، سي ڪئن وڃن وسري.
لطيف جي شاعريءَ ۾ اهو يڪسوئي، وحدت، هيڪڙائي، هڪ محبوب جي ڳالهه ۽ اُن عشق واري انوکي تڙپ جو محبوباڻو اظهار بنا ڪنهن پردي جي، پکيءَ جي اڏار وانگي سامهون آهي. لطيف جو تصوفاڻو فڪر به آهي، ته انساني عشق جو بنيادي مرڪز به آهي.
پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
لطيف جي هيڪڙائي واري تصور ۾ انسان دٻيل نظر نٿو اچي، انسان اڀريل ٿو نظر اچي! چوڻ جو مقصد هِيءُ ته، انسان بنياد آهي، مرڪز آهي، جنهن مان عشق نڪري ٻاهر نروار ٿئي ٿو! اهو ڪٿي مذهب، ڪٿي فطرت، ڪٿي قوم، ڪٿي وطن، سان وڃي ٻکجي ٿو. جانور ۽ انسان جي وچ ۾ اها ئي شعوري ليڪ آيل آهي.
ڪاتب لکيو جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾!
اهو الف لطيف جي هيڪڙائي جو فلسفو آهي، جيڪو لام جي اندر ويهڻ کان سواءِ بنهه بي معنيٰ آهي. الف جي اڪيلائي لام جي سيني سان ملي آٿت ماڻي ٿي. عشق اڪيلو آهي، هجوم ناهي، ان کي اها اڪيلائي لامحدود ڪري ٿي، پر اڪيلائي ان عشق جي اصل خوشبوءَ آهي، جيڪا تڙپ جي حسناڪي آهي. لطيف جي ان اڪيلائي جي فلسفي کي نظرين ۾ سوگھو ڪري نٿو سگھجي، نه ڪنهن هڪ ڌرم جو لباس پارائي ٿو سگھجي. ڇو جو عشق پنهنجو لباس پاڻ آهي. لام لامحدود جي علامت آهي. لطيف جو نظريو هيءُ آهي ته روح هڪ آهي، سڄڻ به هڪ هئڻ گھرجي. لطيف اهو نظريو پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي. لطيف اهو نظريو مختلف ڪردارن ۽ شين ذريعي، حقيقتن ۾ ڀري مختلف احساسن ۽ شڪلين سان پڌرو ڪيو آهي. اهي شڪليون ڀتين وانگي ماٺ نه، پر دلين وانگي ڌڙڪندڙ آهن. ايتري تائين جو ڪابه حقيقت محدود نٿي لڳي.
مارئي هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيٺل آهي ته منهنجي دولت منهنجو وطن آهي، منهنجو لباس ملير آهي. منهنجي سِڪ ماروئڙن سان واڳيل آهي.
بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوهه ۾!
مٿي تَن تَرار، سدا سانڀيئڙن جي.
هِي بنيادي طور هڪ عشق جي اڪيلائي جو آواز آهي پر هن عشق کي محدود عشق چئي نٿو سگھجي! مارو آهن، اُهي انسان جي صورت ۾ آهن. وطن آهي ته اهو لکين انسانن جو گھر آهي. ان سان نظريا واڳيل آهن، محبتون سلهاڙيل آهن. ان وطن سان فطرت جڙيل آهي، جنهن ۾ نظارا آهن، گل، پکي، موسمون ۽ لکين جيون رکندڙ حقيقتون آهن. هڪ عشق لکين ٻرندڙ ڏيئن جو نالو آهي، جيڪو ان سچ کي سمجھي!
ڏياچ کي سُر سان عشق آهي! فلسفو هِي به هيڪڙائي جو آهي. سُر سان ايڏو جيءُ جُڙيل آهي، بس ساز وڄندو رهي، اهو بند نه ٿيڻ کپي! ساز وڄائڻ واري مڱتي کي سِر کپي ٿو ته ڀلي کڻي وڃي! سُر تي سِر پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪپي ڏبو، پر سُر سان عشق وارو ڀرم ميرو نه ٿيڻ ڏبو!
مَٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هُوَن ڪپار،
ته واريو واريو وڍيان، سِسيءَ کي سئو وار،
ته پَڻ تند تنوار، موهان مٿاهون مڱڻا!
هي ته هڪ سِر آهي، ڪلهن وچ ۾ جيڪڏهن ڪروڙين ڪنڌ هجن، تڏهن به ان عشق کي ڪوري ڏجن، جيڪو اندر ۾ موجود آهي! ڳالهه سِر جي بقا جي ناهي، ڳالهه سُر ۽ عشق جي بقا آهي! سُر ائين تخليق ناهي ٿيو، اُن سُر کي هزارين دردن جنميو آهي.
سُر جي سُرت فقط انسانيت ئي ڪري سگھي ٿي. سُر سِرن کي وڍڻ لاءِ تخليق ناهن ٿيا، سُر ته انسان جي وجدان کي، درد کي سمجھڻ لاءِ تخليق ڪيا ويا آهن! ان ڪري جيڪو انسانيت جو پيغام کڻي انهن سُرن دنيا ۾عشق کي رابيل ڪيو آهي. ان عشق ۽ انسانيت لاءِ سِر حاضر آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي! اهو لطيف جو پيغام آهي.
مومل کي هڪ راڻي جي تات آهي. سڄي رات ڏيئا ٻاريو ويٺي واٽ ڏسي! سهڻيءَ برفيلي هوائن واري رات ۾ پيٽ هيٺان گھڙو ڏئي پئي ميهار لاءِ ٻئي پار وڃي. ان پار تان مال جي چڙن جا آلاپ پيا روح کي وجد ۾ آڻين. تات جي پيرن ۾ ڇيرون آهن. هيءُ هيڪڙائي جي اها فلاسافي آهي، جنهن جو اهو ئي آواز آهي ته،
اکين ۾ ٿِي ويهُه، ته واري ڇپر ڍڪيان،
توکي ڏِسي نه ڏيهُه، آئون نه پسان ڪِي ٻيو!
اها ئي تانگھه سسئي جي ساهن جي به ڪهاڻي آهي. پيرن مان رت پيوڳڙي، ته به هڪ ئي محبوب جي تانگهه آهي! دنيا ماڻهن سان ڀري پئي آهي، پر پريتڻو هڪ سان آهي،ڄڻ ته ٻيا ماڻهو موجود ئي ناهن. عشق کي ٻيائي منظور ئي ناهي! تمنا فقط ان وحدت جي آهي ته : ”اي پرين! اچ ته توکي پنهنجي اکين ۾ لڪائي ڇڏيان. ته جيئن هِي ڏيهه توکي نه ڏسي سگھي. هتي جيڪي ميريون حوَسي اکيون آهن تن کان تون پري رهين، اُهي اکيون توکي ڏسڻ جي لائق ئي نه آهن! تون اهڙو آهين جو تنهنجي هوندي ٻئي ڏانهن ڏسڻ نسورو گناهه آهي!“
ڀٽائي ان ئي فڪر جي روشنيءَ ۾ ”ٻيا در حرام“ جو محاورو ڪتب آندو آهي، جيڪي در در تي دوستي کي لائيندا آهن، انهن کي عارضي عاشق سڏيو اٿس. گل گل جو واس وٺڻ کي لطيف عشق نٿو مڃي، اهو ڪاروبار آهي. ان سان ته انسانيت جا ڪپڙا لهي ٿا وڃن. اها اگھاڙپ عاشقيءَ ناهي، ڪا ٻِي شيءَ آهي! انسان لاءِ انسان جو تقدس مري وڃڻ الميو آهي! لطيف هڪ دل، ۽ هڪ ٿي وڃڻ تي زور ڀريو آهي. لطيف عشق کي اتحاد تصور ڪري ٿو. انسان سان انسان جي محبت وڏي حقيقت آهي. انسان، انسان جي محبت جو قائل ناهي ته پوءِ انتشار اڻ ٽر آهي. رڳو ايترو ئي ناهي پر لطيف ته انسان جي هڪ نڪ هئڻ جو قائل آهي. يعنيٰ انسان وٽ هڪ جاڳندڙ ضمير هئڻ گھرجي، ضمير ناهي ته ڄڻ انسان ۾ انسانيت جو وجود ئي ناهي. لطيف ان کي نه عاشق مڃي ٿو، نه محبوب تسليم ڪري ٿو.
جِنين سَندي مُنهن ۾، نِهائيون نَڪن،
تِئان وَڍيو هيڪڙو، ته ڪِهڙو ٿورو تِن،
سي مَر سُڃا ئي سُونهن، جِن ڀَلي ڀينگ ڀرم ۾.
”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“ جي خيال کان ”ڪهڙي منجهه حساب! هئڻ منهنجو هوت ريءَ!“ تائين، ”سڄڻ ڏٺو جن، تِن ڳچيءَ سِر ڳهه ڪيو“ کان ”ڪانهي ٻي ورو نهن، ٿيو مڙيوئي مينڌرو“ تائين، لطيف جي هيڪڙائي واري عشق جي تصور جي هڪ ئي ٻولي آهي. ٻي ڪابه تات ناهي، ڄڻ هي احساس جي ڪا منظم تحريڪ آهي، جنهن جي لطيف شاعريءَ ۾ تاريخ لکي پڌري ڪئي آهي.
مَنجھان مُنهنجي روح، جي وَڃي ساجن وسري،
مَر لڳي لوُءِ، ٿر ٻاٻيهو ٿِي مَران!
برسات نه وسڻ جي صورت ۾ ٻاٻهيا ٿر جي واريءَ ۾ مُنهن هڻي مرندا آهن. اهو انهن جي عشق جو جنون آهي. عظيم فطرت جو اهو هڪ لقاءَ آهي. لطيف به روح مان پرينءَ جي ياد ۽ سڪ کي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ واري ڪيفيت کي، ڪفر کي، پنهنجي شاعراڻي لطافت ۽ وجد سان چٽو ڪيو آهي. لطيف جي سڄي شاعريءَ ۾ هيڪڙائي ۽ هڪ محبوبيت سان چاهنا جي تصور ۽ نظريي جا پڙاڏا گونجندڙ آهن. لطيف تصوف واري وحدت کي عاشقاڻي وحدت سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. اها وحدت وطن جي حُب تائين ساڳئي مقصد ۾ پيش ڪئي آهي. لطيف سڏ ۽ پڙاڏي کي الڳ نٿو ڪري. هڪ ئي حقيقت ڄاڻي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن شاعر ۽ راڳيءَ به پاڻ کي الڳ تصور نه ڪندا هئا، اُهي هڪ پيالي ۾ گڏجي پيئندا هئا! لطيف اُها ئي محبوباڻي محبت جڳ کي ٻُڌائيندي پڌرو ٿو ڪري ته محبت اڌو اڌ ٿي نٿي سگھي! محبت هڪ ٿيڻ جو نالو آهي. لطيف جو نظريو اهو آهي ته پنهنجي ڳالهه تي مڪمل سچائيءَ سان قائم رهو، پوءِ ڇا به ٿئي پرواهه ناهي! جيڪڏهن عاشق سڏايو ٿا ته عشق جي لڄ رکو. سوديبازيءَ نه ڪريو. ڪنهن به نظريي سان رهو،ان سان گڏ رهو.
گُل گل پسي گودڙيا، گھڻا مَ ڀانئج،
سوئي سڃاڻيج، هِي هُو آهي هيڪڙو.