فلسفو ۽ روشن خيال صوفياڻي شاعري
تاريخ چٽو ٿي ڪري ته يونان مان منطق ۽ عقليت جو آغاز ٿيو. يونانيءَ دنيا ۾ پهريان عظيم فلاسافر ٿي اُڀريا. انهن عقل جي بنياد تي فلسفي کي مرتب ڪرڻ جي شروعات ڪئي. روشن خياليءَ ۽ عقليت جي راهه ۾ سقراط جھڙي ڏاهي کي زهر جو پيالو پياريو ويو! سقراط جو موت عقليت جي جيت بڻجي ويو! ”افلاطون (348 _ 428 ق م) ۾ فلسفي کي نئين سوچ سان مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. فلسفي جي حوالي سان فيثا غورث (400 _ 500 ق م) اهم نالو ليکجي ٿو. اهو به رايو نظر اچي ٿوته اهي فلسفي هند جي فلسفي کان متاثر هئا. يونان ۾ ارسطو (384 _ 322 ق م) تمام وڏو فلاسافر ٿي اڀريو . ارسطو سائنس جو به ابتدائي بنيادڪار سڏجي ٿو. هن جي شاگرد اليگزينڊر (سڪندر اعظم) دنيا کي فتح ڪيو هو. سنڌ تائين به پهتو هو. ڪنهن سنڌي جوڌي جي ڀالي هن ڌِڱ مڙس کي ڊاهي وڌو هو! دنيا اڄ به ارسطو کي عظمت سان ياد ڪري ٿي.“
”نائين صدي عيسويءَ۾ عربن جو تعلق يوناني فلسفي ۽ سائنس سان جڙيو هو، ابو يعقوب بن اسحاق الڪندي اسلامي فلسفي جو پهريون ترجمان هو. ان کان پوءِ اهم نالو ابوبڪر محمد ذڪريا الراوي جو آهي، جنهن 930ع ۾ وفات ڪئي، کيس انقلابيءَ ۽ باغيءَ قرار ڏنو ويو هو . مسلمان فلسفيءَ الڪنديءَ جي زماني ۾ ئي روشن خيال صوفي حسين بن منصور حلاج کي 922ع ۾ شهيد ڪيو ويو هو. اهم مسلمان فلسفي ابونصر فارابي (972ع _ 950ع) کي اهم فلاسفر ليکيو وڃي ٿو، هو بنيادي طور عقليت پسند هو. اهڙي ريت بو علي سينا فلسفي جي دنيا ۾ اهم نالو ڪمايو هو. ان کان پوءِ ابن رشد، هسپانيا مان اُڀريو، هُن کي ارسطو جو ترجمان چيو وڃي ٿو. قديم هند ۾ انهن فلاسفرن کان اڳ گوتم ٻڌ جو نالو گونجيو پئي. ابن رشد کان پوءِ الغزالي جو نالو وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. عقلي فلسفو ابو علي ابن سينا (980ع _ 1039ع) جي ڪري اوج تي پهتو هو. الغزالي 1058ع _ 1111ع ۾ فلسفي کي وڏي سگهه ڏني، پوءِ ابو بازيد بسطامي ۽ جنيد بغدادي جا نالا ورتا وڃن ٿا، جن جو ڪردار اهم ليکجي ٿو. ٻارهين صديءَ جي وچ ۾ يحيٰ سهروردي ۽ ابن عربي اسلامي فلسفي کي تصوف سان ملايو. ميردمد (وفات _ 1631ع) شيعت جي فلسفي جو باني ٿي اڀريو. ”دنيا ۾ جڏهن ڪن فلسفن تقدير پرستيءَ جي فلسفي تي روشني پئي وڌي، ان وقت سنڌ ۾ روشن خيال فڪر جي حاميءَ صوفي مخدوم بلاول جو فتوا فروشن گھيراءُ ڪيو هو. سنڌ ۾ قوم دوست هن دانشور کي (2 رجب 930 هه 6 مئي 1533ع) ۾ گھاڻي ۾ پيڙايو ويو هو“. ”سورهين صدي جي خاتمي کان پوءِ اولهه ۾ روشن خياليءَ جي فلسفي جو سج اُڀريو. دهريت کي سنجيدگيءَ سان وٺندڙ پهرين فرانسيسي ماهر طب، رياضي دان، ۽ عالم پاسڪل (1663 _ 1623ع) هو. ان کان پوءِ اسپونزا (1633ع) ۾ اهم فلسفو پيش ڪيو. اهو فلسفو اڄ تائين روشن خياليءَ جو مثال بڻيل آهي.اسپونزا کان پوءِ ريني ڊيڪارٽ فلسفي ۾ نالو ڪمايو. اهو 1650ع جو زمانو هو. ان کان پوءِ آئزڪ نيوٽن (1642ع _ 1727ع) فزڪس جي ماهر ۽ فلاسفر جي حيثيت ۾ سامهون آيو ، هُن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.“ جڏهن آئزڪ نيوٽن دنيا کي نئون فلسفو ۽ جديد سائنس جا ڪرشما پئي ڏيکاريا، ان وقت سنڌ ۾ شاهه عنايت ”جو کيڙي سو کائي“ تحريڪ پئي هلائي.کيس ان تحريڪ ۽ روشن خياليءَ جي فلسفي کي عام ڪرڻ جي ڏوهه ۾ (1718ع) ۾ رهزنن شهيد ڪيو هو. تاريخ گواهه آهي ته فلسفي ۽ روشن خياليءَ جي حامي فلاسفرن ۽ صوفين هن راهه ۾ پنهنجو رت ڏئي علم جو نئون سج اُڀاريو آهي.
فلاسافيءَ سان گڏ روشن خيال صوفياڻي شاعريءَ جو سلسلو به ڪافي آڳاٽو آهي. اهو سلسلو قديم يونانيءَ شاعرن وٽ به ملي ٿو، ته قديم سنسڪرتي شاعرن جي شاعريءَ ۾ به اها لاٽ جرڪندي نظر اچي ٿي. بائيبل ۾ به صوفياڻو ڪلام پسجي ٿو. قديم عربي شاعريءَ ۾ به شاندار وجداني عڪس ملن ٿا. ”سورهين صديءَ جو انگريز مصنف پٽن هام چوي ٿو: “شاعريءَ، يونان يا روم جي شاعريءَ کان گھڻو آڳاٽي آهي. جڏهن نه سائنس هئي نه تمدن هو!“ ٻارهين صدي جي مسلمان صوفي شاعرن وٽ خوبصورت روشن خيال شاعريءَ جو خزانو نظر اچي ٿو. ”ان ئي دؤر ۾ هندي شاعر ”جي ديو“ جي شاعريءَ ۾ به اها ئي جھلڪ پسجي ٿي!“ ايران جي بيباڪ شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته لڳ ڀڳ 404ع کان اڳ اتي روشن خيال صوفي شاعريءَ جو تسلسل نظر اچي ٿو. صوفياڻي شاعريءَ کي صرف هڪ طرفي صوفياڻي شاعريءَ جو ليبل لڳائي نٿو سگھجي. اها شاعري فڪر جي آزاد اظهار جي به هڪ اهم تحريڪ سمجھڻ گھرجي، انهن عظيم شاعريءَ ذريعي ظالمن، وحشين، رهزن حڪمرانن ۽ عقل کان عاري رجعت پرستن کي للڪاريو آهي. فلسفين پنهنجو عقلي فلسفو نثر ۾ ڏنو آهي. صوفين پنهنجو روشن خيال فڪر شاعريءَ ۾ ڏنو آهي. انهن فريب جي ٺيڪيدارن کي عظيم شاعريءَ ذريعي وائکو ڪري، کين اها تاريخي شڪست ڏني آهي، جو انهن رهزنن جي نسلن جي بقايا جي اکين ۾ اڄ به صوفي ازم ڪنڊي وانگر چُڀندڙ آهي. اسان کي فخر آهي ته اسان جو بابا ڀٽائي روشن خيال صوفياڻي شاعريءَ پيش ڪندڙ دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جو روشن خيال فڪر انسانيت جو سرمايو آهي.
وجهج واٽاڙئن تي، ميخاني جي ماڪ،
ٿيندي سُڌ سڀڪنهن، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ،
پرهه جا پياڪ، جھ سي اڱڻ آئيا.
_
ناميارو ليکڪ طارق علي چوي ٿو، ”سوچڻ وارا ماڻهو سچ کي مادي ۾ تلاش ڪن ٿا، ڇو ته انهن کي معلوم آهي ته، سچ ڪٿي ٻي جاءِ تي ڪونه ملندو!“
فلسفو ان سچ جي ڳولا آهي. صوفياڻو فڪر فلسفي جو تسلسل آهي.
هند جي مقبول بادشاهه اڪبر لاءِ مشهور آهي ته هو روشن خيال فڪر ۽ صوفين جو حامي هو. فلسفي ۽ تصوت کي وڏي اهميت ڏيندو هو. ان ڪري هُن ”1575ع ۾ سيڪيولر ۽ روشن خيال فڪر لاءِ ملڪي ليول تي ڪم ڪيو هو.“ هُن جي درٻار جو مشهور دانشور ۽ شاعر فيضي هو، جنهن جو مشهور شعر آهي.
منهنجو هِي بدن،
هندستان جي مٽيءَ جو آهي،
پر منهنجي وار وار جي پاڙ ۾،
هزارين يونان پيا آهن!
طارق علي چوي ٿو: ”اڪبر بادشاهه جڏهن هند تي حڪومت پئي ڪئي، تڏهن ڪشمير تي يوسف شاهه جي حڪومت هئي. 1583ع ۾ ڪشمير جي حبه خاتون راڻي هئي. حبه خاتون صوفي فڪر جي چاهيندڙ ۽ صوفي روايتن جي حامي هئي. هُن جو اصل نالو زوني هو. اها يوسف شاهه سان نڪاح کان اڳ ۾ هڪ صوفي وٽ علم حاصل ڪندي هئي، ۽ بيحد خوبصورت شاعريءَ به ڪندي هئي.
آئون راند لاءِ گھر کان نڪتس، پر واپس نه آيس،
جيستائين سج به گم ٿِي ويو،
آئون پنهنجي چهري تي نقاب وجهي،
هجوم مان گذريس.
پر پوءِ به ماڻهو منهنجي ديدار جي شوق ۾ جمع ٿي ويا.
۽ جڏهن سج لهي ويو،
دنيا سان واسطو ٽوڙيندڙ زاهد،
جھنگن مان ٻاهر نڪري آيا.
1583ع ۾ شهنشاهه اڪبر جي جرنيل ڪشمير تي قبضو ڪري يوسف شاهه کي جلا وطن ڪري ڇڏيو! عارضي طور هن جو پٽ يعقوب شاهه تخت تي ويٺو، 1588ع جي گرمين جي مُند ۾ اڪبر بادشاهه ڪشمير تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو. حُبه خاتون وڃي صوفين وٽ پناهه ورتي. پوءِ ڳوٺ ڳوٺ وڃي مجبور ماڻهن جا ڏک پنهنجي گيتن ۾ دل جي سُئي سان سِبيندي هئي. ڪا به تاريخي شاهدي موجود ناهي ته زوني/ حُبه خاتون ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪئي! پوئين صديءَ ۾ هڪ قبر دريافت ٿي هئي، جنهن لاءِ خيال ظاهر ڪيو ويو هو ته اها قبر زونيءَ جي آهي! زُوني جي شاعريءَ اڄ به ڪو ماتم ڪندي محسوس ٿيندي آهي.
منهنجي ٺڪاڻي جو پتو ڪنهن ڏنو هُن کي؟
ڇو ڇڏي ڏنو ويو ڙي تڙپڻ لاءِ مون کي؟
مان ڀاڳ لُٽيل تڙپان ٿي هُن لاءِ،
هُو جيڪو منهنجي جھومڪ جھڙو موهڻو آهي!
اُن مون کي دريءَ مان ڏٺو،
۽ منهنجي دل بيقرار ڪري ڇڏي.
ڪنهن پکي وانگر منهنجي توجھه حاصل ڪرڻ لاءِ،
هو اواڪ قدمن سان اوجھل ٿي ويو.
هُن پاڻي ڀريندي مون کي ڏٺو،
آئون شرمائجي گلاب ٿِي ويس!
منهنجو جسم، مُنهنجو روح محبت ۾ سڙڻ لڳا،
هُن پرهه جي دم ٽوڙيندڙ چانڊوڪي ۾ مون کي ڏٺو!
دٻيل پيرن سان مون کي جڪڙي ورتس!
هُن ائين ڇو ڪيو؟
مان ڀاڳ لُٽيل تڙپان ٿي هُن لاءِ!“
ڀنڀور جي سسئي متعلق ڀٽائيءَ جا بيت پڙهندي ڪشمير جي زوني هانءُ تي تَري ٿي اچي! لطيف عجيب ڌوڌاڙيندڙ هستيءَ آهي!
اڪبر کان پوءِ جھانگير حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ اورنگزيب جو دؤر آيو. جنهن ۾ عظيم صوفي سرمد شهيد ۽ دارا شڪوه کي شهيد ڪيو ويو. صوفي سرمد باڪمال شاعر به هو. سندس هِي شعر اڄ به تاريخ جي ڇاتيءَ تي رت سان پڌرو آهي ته:
اي محبوب!
ڪنهن مٿاهين جاءِ تي بيهي نظارو ڪجانءِ!
ڏسجانءِ! ته تنهنجي عشق ۾ مون کي ڪيئن ٿو قتل ڪيو وڃي!
حقيقت ڏسجي ته اهو واضع آهي ته لطيف جي شاعريءَ فلسفي ۽ روشن خياليءَ جو بيحد خوبصورت ميڙ آهي.