لطيف وٽ عاشقاڻي احساس جي انتها
حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعريءَ ۾ عاشقاڻي ۽ انساني احساس جي اها انتها آهي، جنهن کي دنيا جا ڪيئي عظيم شاعر به ڇُهي ناهن سگھيا. لطيف احساس جي نازڪ پُڻي جو اهو سمنڊ آهي، جنهن جي ڪابه ڪنڌيءَ ناهي ڪوبه ترو ڳوليو به هٿ نٿو اچي! لطيف ان انساني محبت جو شاعر آهي، جيڪا روح جي وڻ کي ولين جيان ويڙهي وڃي ٿي، ته انسان جو وجد گل گل ٿي ڦُٽي ٿو! لطيف ان انساني درد جو شاعر آهي، جيڪو صرف جسمن مان نٿو اُڀري، پر ڪيفيتن مان نروار ٿئي ٿو. ڪيفيت جو درد پيش ڪرڻ شاعراڻو معجزو آهي! عشق احساس آهي! احساس ڪيفيت آهي! عشق خمار آهي،عشق وجد آهي، اکيون محبت جو دروازو آهن، اکيون شروعات ڪنديون آهن، ۽ ڳالهه وڃي دل جي ڳوٺ ۾ ڇيههُ ڪندي آهي! ان ڳوٺ جو وڻ وڻ واسبو آهي، تڏهن جڏهن ڪيفيتون پوپٽ ٿي اُڏامنديون آهن، پوءِ ننڊون نانگ ٿي وينديون آهن!
لطيف اکين جي ڪيل قهر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ائين نروار ڪيو آهي، ڄڻ اکين سمونڊن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن:
اوقابيل اکين ۾، توکي بارِي بانَ،
اُڀو اڳرايُون ڪَرين، ماڳ هَڻيو مستان،
جانب تون زيان، اکين سان ايڏا ڪرين!
مذهبي تاريخ جيڪا انسان جي تاريخ کي پڌرو ڪري ٿي، ان موجب دنيا جو پهريون قتل عورت تي ٿيو هو. قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي ماريو هو. ان لاءِ جو ان عورت کي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو! ان قابيل اڳرائي ڪئي هئي. لطيف ان قتل ڪندڙ قابيل کي قاتل اکين جي روپ ۾ ڪلاسيڪل تشبيهه ڏئي پيش ڪيو آهي، جنهن اکين ۾ خنجر آهن! اهو محبوب اکين سان قتل ڪري ٿو! اکيون ڏسندي ڏسندي ماري وجھنديون آهن! حسين اکين هن دنيا ۾ دلين جا ڪيڏا زيان ڪيا آهن، ان جو ته ڪو حساب ئي ناهي! لطيف جو پيش ڪيل اهو عاشقاڻو سچ هر دؤر جي تاريخ آهي، لطيف ٻڌائي ٿو ته اکين ۽ ڪاڪُلن جي ڪٺلن کي ڪفن نصيب ناهي ٿيندو!
ڪاڪُل ڪُٺي جا، ڪَفن تِنهين ڪِين ٿِئي.
مَنجھه شهادت سا، لُڏي ۽ لاڏ ڪري.
”ڪاڪُل ڪُٺيءَ“ سنڌيءَ اصطلاح آهي. سنڌ ۾ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ رشتي کي اگھاڙپ کان پاسيرو رکڻ لاءِ ’واسطو‘، ’ناتو‘ لفظ استعمال بجاءِ ’سينڌ‘ لفظ استعمال ٿيو آهي! فلاڻيءَ جي هُن سان سينڌ هئي! ڪاڪُل ڪٺي ان ڪري لطيف استعمال ڪيو آهي! ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ عورت کي شهيد سڏڻ جي به روايت اڳ ۾ نظر نٿي اچي. هاڻ جديد دؤر ۾ عورت لاءِ شهيد لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو! ٻئي طرف اهو وڏو سچ اڄ به موجود آهي ته سماج ۾ ڪاڪل ۽ اکين سان ڪٺل حياتين کي اڄ به ڪفن نٿو ڏنو وڃي. بنا غسل جي ساڳئي رَت هاڻن ڪپڙن ۾ دفنائي ڇڏين ٿا! اهو غيرت جي نالي ۾ ٿئي ٿو.
’سينڌ‘ لفظ وچن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مرد واعدي ڪرڻ لاءِ ڏاڙهيءَ تي هٿ رکندو آهي، عورت سينڌ ڏيندي آهي! سسئي ان سينڌ ۾ بنا ڪفن بنا غسل جي دفن ٿي وئي هئي. جنهن کي ڀٽائي شهيد سڏيو آهي! لطيف جي شعوري احساس ڪفن بڻجي محبت جي نئين تاريخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! اهو هڪ عظيم انساني رويو آهي!
حُسن حقيقت آهي، جيڪو ان عشق کي ڇڪي ٿو جيڪو جنون آهي، جيڪو انسان جي اندرين طاقت آهي. اها طاقت استحصال ناهي، پر فطري آواز آهي، جيڪو دٻجڻ بجاءِ اڀرڻ چاهي ٿو. اهو اڏامڻ جو آرزو مند آهي.
اُڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
سڄڻ سُتا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آءُ نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻُور،
جنهن تي چَڙهي اُسُور، سَنجھي سَڄڻ سيٽيان!
هِيءُ مرد جي عشق جي نه پر عورت (ڪنواريءَ ڇوڪريءَ) جي عشق جي لطيف ڳالهه پيو ڪري! اخلاقيات جي تشريح نگارن کي لطيف جي اها سوچ باغي _ انقلابي لڳندي! ته ڇا پيو چوي!؟
”پيرين سان پُڄي نٿي سگھان، بابو ڀلو اُٺ نٿو ڏي، جو وڃي محبوب سان فجر جو مِلان!“ حيرت ۾ پوڻ جي هاڻ ڀلا ڪٿي ضرورت آهي؟ ڪورٽن ۾ اڄ ڇا پيو ٿئي!؟ اڄ سماج جا ساهه جائيتا نه پيا ٿين، جو پسند جي پرڻن مُنهن ڪڍيو آهي! وقت جيڪا اڄ تشريح پيو ڪري، اها حيرتناڪ آهي، يا لطيف جو اظهار حيرتناڪ آهي!؟
ساهمي سامهون پئي آهي! لطيف جي نظر ۾ انساني سوچ بنيادي طور تي پنهنجي وجود جي تشريح جڏهن پاڻ ڪندي آهي ته اها حيرتناڪ هوندي آهي! جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻڻ شروع ڪري ٿو ته ٻئي جي وجود جو هوش خودبخود جنم وٺي سامهون اچي ٿو! اتان ئي اِهو نظريو شروع ٿئي ٿو ته:
لاهيان جي نه چِتان، اَلا اُن مَ وِسران،
مَڙهيو مَنجهاران، جِيءُ منهنجو جن سِين.
جيئن مڻين ۽ موتين کي ڌاڳن ۾ مڙهيو ويندو آهي، جڏهن ڪو جيءُ به ائين عشق ۾ مڙهبو آهي ته دنيا انسان لاءِ روايتي ناهي رهندي، ماڻهو خود تبديل ٿي ويندو آهي. سڀ حواس جاڳي پوندا آهن. هر شيءَ محبت ٿي پوندي آهي. هوا ائين محسوس ٿيندي آهي ڄڻ ڪنهن جا نفيس زلف جسم کي ڇهندا هجن، ڪک پن مان به ڪا سڳند پئي ساهه کڻندي محسوس ٿيندي آهي! پاڻي، پاڻي ناهي لڳندو، ڄڻ اهو آرسيءَ هجي! ڀلي کڻي اهو محبوب وجود روبرونه هجي، پر اُن کي ڳولڻ جي ضرورت ناهي محسوس ٿيندي، اهو ته پنهنجي اندر ۾ آرسون موڙيندوآهي! سماج هميشه پنهنجي انا سان سوچيو آهي، پر محبت جي سوچ اڃان ڪجهه ٻي آهي.
جِياريس سنڀار، ڪھ ڪَريندس گڏجي؟
ويرو تار وجود ۾، پِرينءَ جي پَچار،
سي سَڄڻ هئن نه ڌار، جي هِينئين ۾ حَل ٿيا.
اندر ۾ جيڪي گڏجي شامل ٿي ويا آهن، اُهي اُتان ڪڏهن به نڪري نٿا سگھن. اُهي يادگيرين جي روپ ۾ موجود آهن. اُهي احساس جو وجود بڻجي چُڪا آهن. رَت ۾ سمائجي وڃڻ وارو احساس عظيم احساس آهي. اهو شاعراڻو رڳو موضوع ناهي، پر سچ جو اهو جبل آهي، جيڪو ڪٿان هٽي وڃي، اهو ممڪن ئي ناهي!
سِڪ تُنهنجي سپرين، اندر ٿِي اَجھل،
ٻرڪيو ٻاهر نڪري، کُوري کانئِي کَل،
ري سَراهي سَل، مون کي ڏنا سڄڻين.
صرف ”تون“ جي تنوار ائين ته جنم ناهي وٺندي. وجود تي چڙهيل سڄي ڌوڙ ڌوئڻي پوندي آهي، ڏيکاءُ جا سڀ لباس لاهڻا پوندا آهن! گوشت کي ڇڏي روح ۾ تبديل ٿيڻو آهي! ٻن وجودن مان هڪ ٿي وڃبو آهي! هڪ هئڻ جو سچ، هڪ هئڻ جو احساس، انساني وجد جو حسين روپ آهي. عظيم فلسفو آهي. اها تخريب کي ڪچي گار آهي. اهي سوراخ جيڪي بنا سراهي جي سڄڻ ڪن ٿا. اُهي اتان ئي ته اندر ۾ داخل ٿين ٿا. اها داخلا وري ٻاهر وڃڻ لاءِ ناهي هوندي! انسان ۾ هڪ ئي محبوب جي محبت ۾ مبتلا ٿي پاڻ ولوڙڻ جو احساس صدين جي نفسيات جو مظهر آهي. ان احساس تي پڄندي انسان خاص ڪري عورت تاريخي درد ڀوڳيو آهي. ان جي مثال لاءِ جڳ مشهور ڏاهي اينگلس جي ڪتاب ”ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست“ جا دردناڪ ورق ذهن ۾ گونجي وڃن ٿا، ته محبت جي ان انفرادي عظيم احساس تائين ايندي ايندي عورت تي ڇا ڇا گذريو آهي! تاريخ جا هي ورق پڙهو پوءِ سوچيو ۽ فيصلو ڪريو ته لطيف انساني وجود جي ڪيڏي حسناڪ تشريح ڪئي آهي! دنيا جي عورت ڪهڙن مرحلن مان گذري اچي پنهنجي محبت جي منزل حاصل ڪئي آهي:
”ڪيترين قومن ۾ گھوٽ جا دوست، مٽ مائٽ، ۽ شاديءَ ۾ آيل سمورا ڄاڃي پراڻي رسم جي روايتي حق موجب سندن شاديءَ جي موقعي تي اهو حق عملي طور استعمال ڪندا هئا، يعنيٰ اُهي سمورا ڄاڃي مرد ڪنوار سان واري واري سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا، گھوٽ کي پنهنجي ڪنوار سان وارو سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ملندو هو! باليدي ٻيٽن جي قبيلن ۾ اها ساڳي رسم اڄ به موجود آهي!“
فريڊرڪ اينگلس لکي ٿو: ”قديم قومن ۾ گھڻن مڙسن جي زال ٿي رهڻ واري رسم مان جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ ڪفارو ادا ڪيو آهي، اُن ڪفاري جي ادا ڪرڻ جي خاطر ئي قديم بابل (عراق) جون عورتون ملينا جي مندر ۾ وڃي پاڻ کي ڪِن ڌارين اجنبي مردن جي حوالي ڪنديون هيون، مشرق وسطيٰ جون ٻيون قومون وري پنهنجي ڌيئرن کي سالن جا سال لاڳيتو انائيطس جي مندر ۾ موڪلي ڇڏينديون هيون، اُهي نوجوان ڇوڪريون شاديءَ ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پسند واري مرد جي چونڊ ڪري مقرر تعداد جي مردن سان جنسي طور گھارينديون هيون، جنهن بعد ئي کين سندس انهيءَ خاص پسند ڪيل مرد سان هميشه لاءِ باقاعدي طور تي شادي ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. اهو هو گهمڻ مشترڪ مڙسن سان شاديءَ نه ڪرڻ لاءِ ڪفارو!“
لطيف اُن خطي جي عورت جو رومانوي احساس اوريو آهي، جنهن محبت کي به گناهه وانگي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي! جنهن سماج جي جديد عورت ساراشگفتا خودڪشيءَ کان اڳ لکيو هو:
آئون اکين ۾ صليب ۽ دل ۾،
پنهنجو لاش کنيو پئي ڦِران،
سچائين جي زهر سان مُئي آهيان،
پر دنيا قبر کوٽيندڙ کي ڳولڻ وئي آهي!
_
سُورن سانڍياس، پُورن پالِي آهيان،
جيڪر آئون هياس، ڪا گُري گوندر ول جي.
ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي! نابالغ ٻارڙين جا نڪاح ۽ سَتي ٿيڻ جھڙيون رسمون به ان اوڀر ۾ پئي جاڳيون جتي لطيف محبت کي سڀ ڪجھه قرار ڏنو آهي.
پائي ڪانَ ڪَمان ۾، ميان مارَ مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تُنهنجو ئِي توکي لڳي!
هِيءَ، هڪ انسان جي اندر ۾ ٻئي انسان جي موجود هئڻ جو صوفياڻو فلسفو آهي. شيخ سعدي به جنهن جي انسان هڪ جسم جي معنيٰ ۾ سمجھڻ واري روپ ۾ تشريح ڪئي آهي. هِيءُ هڪ آدم جي اولاد هئڻ وارو نظريو آهي. ڌرم، ذاتيون، ڪڙم، قبيلا، نسل، ۽ نظريا پوءِ جي ڳالهه آهن. انهن کي ته استحصالن اُڀاريو آهي. انسان سان انسان جو رشتو، ازل جو رشتو آهي! انسان، انسان جو تسلسل آهي. انسان جڏهن انسان سان محبت ڪري ٿو ته ان وقت هن جي ذهن ۾ نه ڪو نسل جو فرق هجي ٿو، نه ڪنهن مذهب جو تفاوت رکي ٿو. نه ڪو قبيلو نه ڪو نظريو اهوعشق رکي ٿو. صرف انسان جي محبوب خوشبوءَ جو احساس باقي رهي ٿو، جيڪو هُن کي نئين ڄاول ٻار جي ذهن جھڙو صاف نظر اچي ٿو. ان ڪري لطيف چٽو ڪري ٿو ته تون جيڪڏهن مون تي تير ڪشين ٿو ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پيو نشانو بڻائين، تون مون کان الڳ ناهين، الڳ هجين ته تنهنجو رت ڳاڙهي رنگ بجاءِ نيرو هجي! تون مون کي نٿو مارين، اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي ٿو مارين ڍوليا!
ڪوٺي ڪُٺائُون، اڄ پڻ اکڙين سين،
ماس وراهي هليا، ڪرنگھي ڇڏيائون،
مُئي ماريائون، کِلي گھايو سڄڻين!
عاشقيءَ جي تاريخ ۾ محبوب جي مرڪ ۽ محبوب جي خوشبوءِ عظيم تحفو هوندي آهي. ان مرڪ جوڪمال اهو آهي جو اُها دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيندي آهي. اها ٻن رُخن ۾ وڃي ڇيهه ڪري ٿي. اها ڪڏهن سَرهائي جي ڀاڪر ۾ ويڙهي ٿي، ڪڏهن ماڻهوءَ کي جيئري ئي ماري وجھي ٿي! ائين ٿِي نهوڙي جو وري ننڊون ئي هٿ نٿيون اچن!
اُها مرڪ تصور مان هيٺ لهڻ جو نالو ئي نٿي وٺي! دل جون ڇوليون ٿي ڇلڻ اهڙي عشق جو تحفو آهي،جنهن جو ڪو مُلهه ئي ناهي! محبوب جي کِل جو مُرڪ جو اهو ڪرشمو آهي جو انسان سڄي دنيا کي هڪ پاسي رکيو، ٻئي پاسي ان مرڪ جي تصور جي آرسيءَ جي آڏو ويٺو، احساس جو موتيو بڻجي. انسان جي نظر ۾ عشق عظيم ساڃاهه آهي. اُها ساڃاهه انسانيت جو ڀرم آهي.
جَڏهانڪر ٿِيام، ساڃاههُ سُپيرين سِين،
تڏهانڪَر تِر جيترو، وِير نه وِساريَام،
اندر روح رَهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
وجود جي اندر اوطاقون ڪري ويهڻ وجدان جو پوپٽي رنگ آهي، جيڪو نفرت جو نِنديندڙ آهي! لطيف گھر جي نه پر اوطاق جي ڳالهه ڪري ٿو. ڇو جو اوطاق تهذيب آهي. گڏيل ورثو آهي! جتي سدائين گڏجي ويهڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي، روح رهاڻيون ڪبيون آهن. اُهي اوطاقون دلين کي ڌوئي صاف ڪرڻ جا آستان رهيون آهي! هڪ پل به محبت کان جيڪڏهن غفلت جو آهي ته اهو ڪفر آهي. ساڃاهه سڀ ڪجھه آهي. ساڃاهه ته اتحاد جو بنياد آهي. ساڃاهه جو اُڀرڻ هوش جي حقيقت جو فلسفو آهي! ساڃاهه کان سِواءِ نظريا بي معنيٰ آهن. هڪ ڀاڪر جي ساڃاهه انسانيت جي جاڳ جو نياپو آهي!
اِهي اوطاقون جڏهن کان ويران ٿيون آهن، تڏهن کان ٻيائي کي نِسرڻ جو موقعو مليو آهي، دلين جي اوطاقن ۾ ترسيل محبوب ٻي ڪابه دولت نه چاهيندا آهن، فقط ايترو چاهيندا آهن ته:
مُن تان لاههِ مَ سُپرين، اکين جا آگم،
ڪَري مَلار مِينهن جِيئن، وَسي لاهِه وهم،
غم کي ڪو نفسيادان به سولائي سان نٿو ڇنڊي سگھي! اهو ڪم صرف محبت ڪري ٿي سگھي. ڪيڏيءَ بي انائي جي اها حقيقت آهي ته، عشق انا جو مطلبي رنگ برداشت ئي نٿو ڪري.
دنيا جا کڻي ڪيڏا به غم هجن، پر انسان جڏهن ٻئي انسان کي محبت جو ڀاڪر پائي ٿو، يا انسان، انسان کي اکين ۾ ويهاري ٿو ته سڀ غم دور ٿي وڃن ٿا. انسان جو انسان سان اهو عظيم عشق هر نظريي کان وڌيڪ مقدس ۽ وڌيڪ محبوب آهي!
نَڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا هونگ نه هون،
سڄڻ تِنهن ساعت ۾، اُڀي ڏٺو سون،
مون تن تڏهانڪون، ملي ملاقات ڪئي!
هر آواز کان اڳي عشق موجود هو! لطيف جي فڪر جي حسناڪيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي!
محبوب ليکڪ خليل جبران چوي ٿو: ”دنيا ۾ هميشه تڪليف منجھان گذري ئي سگھارا روح سامهون آيا آهن، دنيا جو سمورا وڏا ڪردار زخمن سان ڀريل آهن!“ اسان جو ڀٽائي به عظيم ڪردار ۽ عظيم روح آهي. ان ڪري هُن جو پنهنجو عظيم فڪر آهي، جيڪو عاشقاڻو آهي! ڪو به درد جنم وٺي ٿو، زخم ٿئي ٿو، دل ڪوبه ويڄُ نٿي ڳولي، پر ان گھاءُ جو علاج محبوبيت ۾ ڳولي ٿي. اهو ڪيڏو ته انساني سوچ جو لازوال حُسن آهي.
پَگھر وِجھندِيس پرينءَ جو ڌَڪن ۾ ڌوئِي!
سچ جي ان نقطي، اُن احساس ۽ عشق جي تشريح نه ڪو ويڄ ڪري سگھي ٿو، نه ڪنهن الٽراسائونڊ واري جي وس جي ڳالهه آهي، نه ڪنهن ليبارٽري جي پهچ ۾ اها ڳالهه آهي، نه وري نفسيات جو ابو سنگمنڊ فرائيڊ ان کي حل ڪري سگھي ٿو ته اُها ڪهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا زخم کي محبوب جي پگهر سان ڇُٽائڻ ٿِي چاهي!
اهو احساس عطر آهي، گل آهي، بادل آهي، درياهه آهي، ڇا آهي؟ تشريح ممڪن ئي ڪونهي! لطيف جي شاعريءَ زخم سبيندڙ سُئي آهي، ڌاڳو آهي! مرهم آهي!
يا عشق جي تاريخ جي وڏي احساساتي آرسيءَ آهي! سچ ته راءِ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي! لطيف هڪ وڏو جيڪوانسانيءَ احساس بيان ڪرڻ جو ڪارنامو ڪيو آهي، اُن جي انفراديت اِها آهي ته اُن ۾ ٻنهي جنسن عورت ۽ مرد جي احساس جي انتهائي نزاڪت، صداقت ۽ ڪوملتا کي انتهائي نازڪ خياليءَ سان پيش ڪيو آهي.
جِيءُ مُنهنجو جن، انگڙيارو وَڍيو،
پُڄاڻان پِريَن، سِبان سڄو ئي نه ٿِئي!
ڪپڙي کي ته ڪٿي به ٽانڪو ڏئي سِبي سگھجي ٿو، پر انسان جي جيءُ کي سيبو ڏئي سِبڻ ڪيترو مشڪل ڪم آهي!؟ هي ڊاڪٽري آپريشن جي ڳالهه ناهي، عشق جي گهائن جو مسئلو آهي. لطيف ان نازڪ حِس تي آڱر اچي رکي آهي، جنهن حِس مان عشق جو احساس اڀري آيو آهي. اهو عشق جنهن ۾ جيءُ کي سُئي سان سِبي نٿو سگھجي، ان عشق کي نازڪ قرار ڏئي، هڪدم لطيف ان کي ڪنهن طاقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاري ٿو، عشق جو اهو روپ حيرت ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو. اهو جيءُ نازڪ ايترو جو اُن لاءِ سُئي به ڏکي ثابت ٿئي، اهو يڪدم مظبوط ايترو جو لوهه جي ڪڙين وانگي ڪڙيون پيون ڪڙين سان ملن! لطيف جي سوچ سچ ته معجزي جهڙي آهي.
ڪَڙو مَنجهه ڪَڙي، جيئن لُهار لَپيٽيو،
مُنهنجوجيءُ جَڙي، سُپيريان سوگھو ڪيو.
ٻه جُدا جُدا حقيقتون، ٻه جُدا جُدا عمل ۽ ڪيفيتون اڀارڻ لطيف جي شاعراڻي عظمت آهي. اهي احساس به آهن، مشاهدو به آهن. لوهار جو ڪم آهي لوهه کي باهه ۾ رجائي ڪڙيون ٺاهڻ، هٿوڙن جا وسڪارا لاهي ڪڙيون ڪڙين سان ملائڻ! محبوبن جو ڪم آهي، بنا لوهه بنا هٿوڙن جي جيءُ کي جيءُ سان جوڙي ڇڏڻ! اهو عاشقاڻو ڪم آهي، جيڪو لوهار ڪري نٿو سگھي. ڳالهه اتي نٿي بيهي، اها اڳتي ٽئين حقيقت ڏي ٿي ڇڪيو وڃي، سڀ ڄاڻن ٿا ته، نار ذريعي پاڻي ڇڪبو آهي، اُن پاڻيءَ کان واريءَ جا ذرڙا الڳ نٿا ٿين، لطيف چوي ٿو ائين ئي هينئڙو به پرينءَ کان ڌار ٿيڻ ممڪن ڪونهي!
جِئَن سِي کوهي نار، وَهن واريءَ گاڏُئان،
هِينئڙو پِريان ڌار، نِبيرِيانس نَه نِبري.
اها ڪيفيت ڇو ٿي جنم وٺي؟ لطيف اِتي وري عشق جو نئون روپ ظاهر ڪري ٿو، عشق هيستائين جيڪا نهٺائي، نوڙت ۾ ساهه سوريو پئي، اُن جو هڪ نئون چلولائي روپ به لطيف ٻڌائي ٿو! چلولائي کان سواءِ حُسن وٽ ٻيو هٿيار به ته ناهي، جيڪو استعمال ڪري! محبوب چلولائين ۽ ماڻن سان ئي ته موهيندا آهن، اُهي ادائن سان ته محبت کي دلفريب بڻائيندا آهن، تڏهن ئي ته اُهي وڻندا آهن!
ڪڏهن تاڪيو ڏِينَ، ڪڏهن کُلن در دوست جا،
ڪَڏهن اَچان، اچڻ نه لَهان، ڪڏهن ڪوٺيو نِينَ،
ڪڏهن سِڪان سڏ کي، ڪَڏهن ڳُجھاندر ڳالهائين،
اهڙا ئي آهين، صاحب مُنجها سُپرين.
عشق ڪشمڪش کان سواءِ بي رنگ، بي معنيٰ ۽ ڇَسو آهي. عشق هڪ جاءِ تي ڄمي، مري وڃڻ جو نالو ناهي! عشق ڪيفيتون تبديل ڪندڙ حقيقت آهي. عشق سوچ کي هڪ هنڌ سينواريل پاڻي وانگي بيهارڻ جو حامي ناهي. سوچ کي متحرڪ رکڻ عشق جي عادت آهي.
ڏيهاڻي ڏمر ڪري، مٿي محبت مُون،
تِنهن کي اچي تون، پريم! ڪوه نه پَلَئين؟
سوچ هڪ محور ۾ رهي به ٻيا رنگ به نظر انداز نه ڪري، جيڪي وجود سان واڳيل آهن. عشق سمنڊ آهي ڪيفيتن جو! ان ڪري انسان جي ذهن کي به سمنڊ جھڙو گھرو بڻائي ڇڏي ٿو. ماڻهو عشق ۾ لاحد ٿي وڃي ٿو، هڪ پل ۾ محسوس ٿئي ٿو ته عشق ۾ خود مختيار آهيان، ٻئي پل لڳي ٿو عشق ۾ پروس آهيان. اهو عشق جو متحرڪ روپ آهي. خودمختياري هجي ته هُن کان سواءِ سَري وڃي، پر سَري نٿي! پوءِ به ڪو خمار آهي، جيڪو محسوس ڪرائي ٿو ته، هُوءَ ۽ مان هڪ ئي آهيون!
پَروس ٿيم پاڻ، پرينءَ وَس نه پانهنجي،
لڳو ڪِيئن لَطيف چَئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
پرينءَ ڏيکاري پاڻ، خوش ڪَري ويا خواب،
هڪ لمحو هڪ پل، اُهو آهي جو جبل اچي ڇاتيءَ سان لڳي ٿو، ٻيو پل اُهو آهي جو محبوب ڀاڪر ۾ ڀري، اهو جبل پري ڪري ڇڏي ٿو! ڇا ته عشق جي احساس جي هيءُ حسناڪي آهي! هِيءُ اُها گھڙي آهي، جيڪا احساس جي آخري حد تي آڻي بيهاري ٿي! عاشقي ان نقطي تي پُڄي ٿِي، جو انسان ۾ بي اختيار ٿي محبوب هٿان مرڻ جي تمنا جو ڪو انوکو جھُوٽو اڀري ٿو پوي! نازڪ دل وارو نرم چپن سان چوي ٿو:
ڪُهين ته آپ ڪُهُه، ڏِسُ مَ چُهڙيان،
سندا آهيڙيان، آئون نه سَهندِي هٿڙا.
ڪُهڻو اٿئي ته تون پاڻ ڪُهي ڇڏ! زماني حوالي ڪرڻ کان بهتر اهو آهي ته تون پاڻ ئي ڪاتيءَ ڦيري ڇڏ! تنهنجا هٿ وري به مون لاءِ مقدس آهن، پر ٻين شڪارين جا آئون ڪڏهن به پنهنجي جسم تي هٿ برداشت نه ڪنديس ته اُهي مون کي ڇهن يا ڪُهن! اُهي هٿ مون لاءِ حرام آهن! اهو ئي لطيف جو اهو عاشقاڻو احساس آهي، جيڪو سئو ڀيرا سون ۾ تورجي تڏهن به ان جو وزن گھڻو آهي.
اهو فلسفو جنهن عشق جي ضمير ۽ خمير ۾ هوندو آهي، اُهي جسم ئي محبوبن کان سواءِ سياري جي شوخ مُند ۾ ڪپاهن ۾ به پيا ٺرندا آهن! اُهي ئي عاشق جسم درياهن جي دهشتن پيا وڙهندا آهن! اُهي ئي جسم سُڃن ۾ پيا سوئرن سان اکيون اٽڪائيندا آهن! ڇو جو اصل سگھه ته عشق جي هوندي آهي! اهي عاشقاڻا وجود جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٿيندا آهن ته راتيون ڪونجون ٿي وينديون آهن! جن ۾ فقط اهو ئي چاهيو ويندو آهي ته، ڳالهه صرف پنهنجي پيار ۽ دل جي ڪجي ٻيو ڪجھه نه .....!
کَران وجھهُ مَ وات، ڍول منهنجي ڳالهڙي،
مَڇڻ رَتيءَ رات، اورڻ ۾ اونهيءَ ٿِئي!
”اي محبوب! هرو ڀرو منهنجي وات ۾ کَر يا رقيب جي ڳالهه نه وِجههُ! اُهو اُن لائق ئي نه آهي جو ويهي اُن تي ڳالهائجي! ڪيڏي حَسين رات آهي، اُها پرائي ذڪر ۾ ڇو خراب ڪجي! اجايو اُها رات اسان تي وزني ٿئي، تنهن کان بهتر آهي ته دل جون ڳالهيون ڪجن! پيار کي وقت ڏجي جيڪو ڪيترو اتاولو آهي.“
لطيف احساس سان ڀريل مهذب محبوبا جي انڊلٺي سوچ به ڪيڏي محبوب آهي! جو اها ڪنهن سَڌڙيي ۽ دشمن تي ڳالهائڻ ئي نٿي چاهي! ڇو جو دشمن صرف دشمنيءَ ڪري ڄاڻن ٿا! انهن جي اندر ۾ مطلب جون ڇُريون آهن، اُهي زهر سان ڀريل آهن! انهن وٽ شعور نالي ته ڪا شيءَ ڪانهي! اُهي ته فطرت جا به دشمن آهن! اُنهن جي ته مٽيءَ ئي دشمني مان ڳوهيل آهي. اُن ڪري اُهي مٽيءَ جو روح ۽ عشق جو فلسفو به نٿا سمجھن! اُنهن کي ته اُها به سُڌ ڪانهي ته انسان کي ته خود عشق جي مٽيءَ مان ڳوهيو ويوآهي!
ڪي جو ڪُنڀارن، مِٽيءَ پائي مَنيو،
تنهن مان تِر جيتري، جي پَئي خبر کَرن،
هيءُ تان هُوند مَرن، هُن اڱڻ اوراتو ٿئي.
محبت جي مٽيءَ جو اسرار ئي ته عشق آهي! جنهن جو پنهنجو آسمان آهي، پنهنجي زمين آهي! پنهنجو آئين آهي، پنهنجي دنيا آهي. پنهنجا ڪنارا آهن، پنهنجيون ڇوليون آهن. پنهنجو منشور آهي. عشق انسانيت جي ابتدا آهي، عشق جذبي جي انتها آهي، عشق اُڃ آهي! عشق سڏ آهي! اها ڄاڻ جي ڪم ظرفن کي پوي ته اِتي ئي ساهه نڪري وڃين! انهن کي اها جيڪڏهن خبر پئجي وڃي ته، ”محبت ۾ هيئون اٺن جي ولر وانگر هڪ هنڌ قرار ۾ ناهي بيهندو، پر ڀٽڪندو آهي، نينهن جدا ٿيڻ لاءِ نه پر گڏجڻ لاءِ ڪبو آهي!“ ته پڪ اهي بد ذوق دنيا ۾ ٻيهر ڄاپڻ تان ئي هٿ کڻي وڃن! بابا ڀٽائي چوي ٿو: عشق راند ناهي، عشق باهه ۾ ڪڏي رقص ڪرڻ جو نالو آهي. ”جيئن مينهن وسندي سڪل پوٺن تي اچيو ساوڪون اُڀرن ٿيون، اُها ساڳي ڪار غم اچيو ڪن! جڏهن وڇوڙو وار وار کي ويڙهي ويندو آهي!“
ڪَنوَر پاڙون پاتار ۾، ڀئونر ڀِري ۾ سُڃ،
ٻِنين سَنديءَ ڳالهڙي، عشق اِي اُهڃ،
تُوءِ نه لَهِين اُڃ،جي پِيو پِيَن پاڻ ۾.
”ڪنول جون پاڙون ته پاتال ۾ آهن، ۽ ڀئونر جتي ڪا وسندي ناهي، اُتي سُڃ ۾ ڀِري ٿو! آسمان جي سُڃ تي وڃي رسي ٿو ۽ گهُمي ٿو، پر اُتان به هُن جي آس ڪنول سان جڙيل آهي! خوشبوءَ هن جي محبت جو راز ۽ وجد آهي. ٻنهيءَ جو نالو ميلاپ نينهن جي نشاني آهي. هُو پاڻ ۾محبت جون سُرڪيون پيئو پيا پيئن، ذري ذري پيا دليون ملائين، چپ گڏ آهن! تڏهن به سندن اُڃ نٿي اُجهامي!“ عشق اُڃ جو داستان آهي، اهو لطيفي فلسفو آهي. اُڃ ختم ٿي وڃي، آس ختم ٿي وڃي ته پوءِ عشق ڇا جو آهي!؟ اهو ئي بنيادي عاشقاڻو نقطو آهي، جنهن کي لطيف مڪمل عاشقاڻي روح سان اڻيو آهي! لطيف اندر جي عشق جي ڳالهه ٿو ڪري. اندر ئي ته محبوب جي رهڻ جي جاءِ آهي. هنج ۾ هوندي به ڪو پنهنجو ناهي ته پوءِ عشق به ناهي، اندر جي هنج ۾ هجڻ بنيادي ڳالهه آهي.
هوت تنهنجي هَنج ۾، پُڇين ڪُوههَ پَهي،
وَفِي انفسڪُم اَفلاتيصرُون، سُوجھي ڪَر ڪَهي،
ڪڏهن ڪانه وَئي، ڪا هوت ڳولڻ هَٽ تي.
محبوب دڪانن تي ڪونه ڳولبا آهن! اُهي انسان جي اندر ۾ وسندا آهن. دل پيارن محبوبن دلبرن جو گھر آهي، اُتي ئي رهندا آهن. اهي مورک جيڪي عشق جي مام نٿا ڄاڻن، سي ته ڄڻ دنيا ۾ پيدا ئي ناهن ٿيا. عشق انهن لاءِ دماغ جو خلل ۽ فُطور آهي، ڇو جو عشق انهن جي دلين ڏي اچي ئي نٿو! عشق انهن ۾ نچي ئي نٿو! اهو ڪيئن ممڪن آهي، جو جن ماڻهن جي اکين ۾ نفرت ڪٽر پيل هجن، اهي ڪيئن ٿا عشق ڪري سگهن؟ ڪيئن ٿا ڪنهن محبوب کي ماڻي سگھن؟
مُورک مام نه ٻُجھڻا، هيڏانهن هُوڏانهن ڪَن،
سي ڪِئن پِرينءَ پَسن، ڪَٽر جن اکين ۾.
لطيف جي عاشقاڻي دل ۾ پوکيل عشق جي احساساتي موسم جا گل، سچ ته انسانيت جو عظيم سرمايو آهن. انهن گلابن کي ڪابه پن ڇڻ ساڙي نٿي سگھي. لطيف عشق ۽ انسانيت جي زرخير زمين جو محافظ آهي، پاسدار آهي. لطيف محبت جي نهٺائي مان اوچتو جڏهن بغاوت جو شعلو ٿو ڀڙڪائي ته هينئان حيران رهجي ٿا وڃن. ان فڪري جدت عشق جي هر روپ ۾ نئين مهڪ ڀري پڌري ڪئي آهي.
لطيف بنا هٻڪ جي اهو ٿو ٻڌائي ته محبت بزدل ناهي. عشق ڊپ کي فنا ڪرڻ جو نالو آهي. نظرياتي عشق هو ته سرمد سِر ڪپائي ڇڏيو پر جھڪڻ قبول نه ڪيائين. انسان جي انسان سان محبت جي ڳالهه آهي ته ان جا پير به وهمن جي نانگن کي لتاڙڻ لاءِ تيار آهن! عشق کي ڪاري رات جي ڪاري ڪُن جي پرواهه ناهي! سوئر، بلائون، وڇون، واڳون آهن ته ڀلي هجن، عشق کي ڇا ڪندا؟ سِڪ سامهون انهن جي حيثيت هڪ ڪک جي برابر ناهي. لطيف جي پر زور عاشقاڻي احساس جي جرئت عشق جو گلابي روح آهي. دلو ڪچو آهي ته ڇا ٿِي پيو! دِلي تي ڪير ٿو تري؟ عشق ته روح آهي، ان کي ڪنهن دِلي جي ڪچي يا پَڪي هئڻ سان ڪهڙو سُروڪار؟ اصل سچ اهو آهي ته پرينءَ جي نظر پڪيءَ آهي، مون کي دِلي تي نه پر پرينءَ جي نظر تي تَريءَ پار پڄڻو آهي! اهو عاشقاڻو احساس ئي ويڙهه جو هٿيار آهي!
لطيف چوي ٿو: ”جيڪي عشق کان آگاهه آهن، تن کي اي ملاح! پاڻيءَ ۾ ترڻ واري تَرهي جي آڇ نه ڪر! انهن کي خبر آهي ته ڪيئن تَربو آهي!“
لطيف جو اهو عظيم فڪر ڏسي جديد دؤر جي اهم شاعر (عرب شاعر) نذار قاباني جو هِي نظم پڙهي منهنجي چپن تي مُرڪ ٿِي تري اچي، نذار لکيو آهي.
اسان جي محبت کي اکيون ناهن،
اُن ڪري اُها پاڻي تي به تَرِيءَ سگھي ٿي!
لطيف جو عاشقاڻو فڪر، هڪ خوبصورت عورت جي عشق جي هٿان، دهشتناڪ درياهه جي شڪست جو تاريخي محبوباڻو مثال آهي! ان لازوال احساس جي انتهائن کي ماپي ئي نٿو سگھجي! لطيف جو وجداني عاشقاڻو احساس اڀري چوي ٿو:
”درياهه ڪيتريون ئي حياتيون ٻوڙيون، پر هِن عورت خود درياهه کي ٻوڙي ڇڏيو! ساگر پنهنجو ڪنڌ، ڪنڌيءَ سان هڻي پاڻ کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي!؟“
ڪارِي رات، ڪَچو گھڙو، نڪا سيڻهه ساڻ،
وجھي ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ،
محبت کي مهراڻ، سُڪي سَڀ پَٽ ڪيو.
ماڻهو نٿو تري، عشق ٿو تري! محبت ٿِي تَري! ڇو جو محبت اندر جي اُڃ آهي!
محبت پاڻ کي ڳولي لهڻ جو سفر آهي! محبت ڪجهه ڏيڻ جي آرزومند آهي، اها مصنوعيت کان پاڪ آهي. اها محبت ٻهراڙيءَ جي مزاج وانگي خالص آهي. لطيف جنهن انسان جي محبت کي پڌرو ڪيو آهي، اهو انسان فطرت جو تراشيل آهي! ان خطي جي انسان جي محبت جا لطيف پيرا پڌرا ڪيا آهن، جتي حياءُ اکين جو ڪجل ٿِي رهيو آهي. جتي مئورخن کي ڪسب جي ڪمائي جا ڪي خاص اهڃاڻ به هٿ اچي ناهن سگھيا، جتي عورت جي وڏي علم پرائڻ جي به ڪا وڏي روايت قديم دؤرن ۾ به تحقيق کي هٿ اچي ناهي سگھي! لطيف ان خطي جي انسان جي احساس جا حَسين رنگ اُجاريا آهن. عشق جي وک وک لطيف جو بيت بڻجي تاڙي جيئن تنواريو آهي. اهو عشق رڳو درياهه پار ڪرڻ ئي نٿو ڄاڻي، پر عشق کي ته اهو به ڪمال آهي جو کاري پاڻي جي سمنڊ کي به پيئڻ لاءِ تيار آهي:
کامان، پَچان، پڄران، لُڇان ۽ لوچان،
تَن ۾ تَئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سَمنڊ مُنهن ڪَريان، ته سُرڪيائِي نه ٿِئي.
سمنڊ هڪ سُرڪ ٿي وڃي، اهو عاشقاڻي سوچ جي سچ جو حَسين تصور آهي. ان خيال جي اڳيان، دنيا جي طاقت، دنيا جي دولت ڪائي معنيٰ نٿي رکي. انسان لاءِ انسان جي اها تڙپ هر نظريي کي وري غور ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري ته، ڏسو منهنجي روح سان اوهان جو نظريو ٺهڪي به ٿو يا نه؟ منهنجي نظريي ۾ ڪا گنجائش باقي آهي، جنهن ۾ اوهان ترميم ڪري سگھو؟ سچ ته هِي سوچ اهو عالمگيريت جو پرچم آهي، جنهن تي فطرت به فخر ڪري ٿي! عشق سمنڊ کي پي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، ڇا ان عشق جي بقا، انسانيت جي عظيم سوچ جي بقا ناهي؟ ماڻهو ته دنيا تي ذاتي ملڪيت لاءِ قبضاگيري جي سوچ رکن ٿا، پر عشق جو مقصد ئي ڪو ٻيو آهي.
سانوڻ گھِڙي سڀڪا، هِي سَرهي سِياري،
تَن وڌائين تار ۾ ارواح جي آري،
مُحبتي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾!
محبت وٽ احساس ۽ عشق جو حُسن آهي، جو بنا پرواهه جي پاڻ کي آزمائش ۾ وجھي به پڇتائي نٿي! پر درياهه وٽ نه دل آهي، نه داد آهي، اُن ڪري اهو محبتين کي ٻوڙي ماري ٿو! درياهه وٽ دل هجي ته، ائين هرگز نه ڪري! لطيف جو عاشقاڻو نقطو اهو آهي ته، دل سڀ ڪجهه آهي. عشق، دل جو اولاد آهي! دل ناهي ته ڪجھه به ناهي! ”ڀلي قيامت اچي، جتي جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب ٿيو ته آئون ان درياهه تي دانهين ٿيندس، جنهن عشق سان بيواجبي ڪئي آهي!“ لطيف قيامت جي ڏهاڙي به انسان جي عشق جي طرفداريءَ لاءِ تيار آهي! پنهنجي ذاتي حساب ڪتاب کي ليکي ۾ ئي نٿو آڻي ! اها لطيف جي فڪر ۽ مزاج جي عظمت آهي. لطيف عشق جو حامي ان ڪري آهي جو عشق جرئت آهي. ان جرئت سان دوکو ٿيڻ نه گھرجي!
دوکن جي به عجيب تاريخ دنيا ۾ رهي آهي! وجد تي زمانن کان اُهي اُهي وار ٿيا آهن، جن تي سوچجي ٿو ته دل ڀرجي ٿِي اچي! سورٺن جون سينڌون اُنهن دوکن ۾ ڌوڙ ٿيون آهن. ليلائن جون سيجون انهن دوکن ڪاون ۾ تبديل ڪري ڏيکاريون آهن! انهن رهزنين سارنگائن جا هينئان ڪڍي باهه تي سيڪيا آهن! جنهن عشق سان لطيف جي نظر ۾ بيواجبي ٿي هئي، اُن عشق درياهه تي سينو تاڻي واضع ڪيو هو ته:
تَران تان مران، وَران تان وِههُ وِترو،
هينئڙي ۾ هوتَن جا، اچن گھُور گھڻا،
پسيو پاڙي واريون، ڏِسيو ڏوهه ڏَران،
وچان ڪيئن وَران؟ ڪَنڌيءَ مُنهنجو ڪارڻي.
لطيف احساس جي شاعراڻي وجد جي ٻانهُن ۾ اظهار کي ڀري ڪابه حد ناهي ڇڏي. لطيف ساهه کڻندڙ احساس جو سچ ته عظيم شاعر آهي.
ٿورو ترسو! سڀ کان پهرين مومل جي حُسن تي سوچيو! حسين دلربا عورتاڻي ادائن جي نزاڪت کي ذهن ۾ آڻيو! اُن حُسن جي چنچلتا ۾ رڱيل ڳاڙهن چپن جي ڪنواريءَ مُرڪ کي دل جي اکين سان ڏسو! پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُداس ٿي ويل دنيا جي حَسين ترين حسن جي رنگت ۽ ڪيفيت کي ڪجهه گھڙين لاءِ ذهن ۾ آڻي، پوءِ بابا ڀٽائي جو هِي بيت پڙهو، سُڌ پئجي ويندي ته احساس جي عاشقاڻي انتها ڇا آهي!
تِن باغنئون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪ ڪَڪوريا.
سوڍي رِيءَ سَرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪَس،
راڻي پائي رَس، تَن ٻيڙيءَ جئن تاڻيو!
هڪ غريب مهاڻو زبون ٿيل ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏي جيئن تاڻي ڇڪيندو آهي. رَسو ٻڌي گھِليندو آهي. ايئن ڪنهن حسين عورت کي ڪو ڇڪي! تصور حيران آهي، ان خيال تي!
ڪُنوارين جو ڪنوارو نينهن ڪيئن عاشق انسان کي رڱيندو آهي؟ لطيف جي عاشقاڻي احساس جي شاعريءَ ائين ئي سچ ته دل کي رڱي لالائي ۾ وهنجاري ڇڏي ٿي.
حقيقت اها آهي ته عشق اوگھڙ ناهي، عشق وجداني لباس آهي. جنهن جي بيحرمتي کي لطيف برداشت نٿو ڪري. دوکن ۾عشق سان ٿيل هر بيواجبي لطيف جي دل ۾ ڀالو ٿي لڳي ٿي. ان ڪري هُو عشق جي حمايت جو نعرو نروار ڪري ٿو.
سهڻي سان ٿيل وارتا لطيف لاءِ چڀندڙ آهي. اهو ڏک هُن پرزور ٿي آلاپيو آهي. ڳالهه رڳو درياهه تي پڄاڻي نٿي ڪري. اهو عشق ته بيابانن ۾ اچي پُڳو هو، ان عشق جا اگھاڙا پير تپيل ڪَڪَرن پٿرين تڙپايا هئا! ان عظيم عشق جي رستي روڪ ته جبلن به ڪئي هئي. جبلن کي به سُڌ آهي، ته اُنهيءَ عشق پٺتي پير نه ڪيا هئا، اُن عشق جي عاشقاڻي جرئت اها هئي ته ٿڏو هڻي جبل کي هٽائي ڇڏڻ ٿي چاهيائين! ان عشق جي خواهش هئي ته، ڪوڏر هجي ته جبل جون جَڙون پٽي ڪڍي ڇڏجن! ڪاتيءَ سان ٽَڪرن پٿرن کي ٽانڪي ٽُڪي ڇڏجي!
ڪوڏر نه ڪاتيءَ، جنهن سان ٽَڪر ٽانڪِيان،
جيڪو جبل لنگھيان، سو هيبت جو هاٿِي،
پَرينءَ جا پاتِي، سا جَڙ جيئرِي نه لهي.
حَسين ٻانڀڻياڻي جبل جي سامهون آهي، چوي پئي: ”ٻڌ! جبل پرينءَ سان پريتڻو آهي، اهو جيئري ته ختم ڪونه ٿيندو! اُن پريتڻي جون پاڙون ڏاڍيون گھَريون آهن! اُها محبت ختم ڪرڻي اٿئي ته، مون کي مارڻو پوندئي! يا منهنجي اڳيان ٽَري وڃ! ٻيو ڪوبه چاڙهو ناهي! اهو به ٻُڌي ڇڏ! ته مان ائين واپس به ڪونه وينديس، ڀلي ڇا به ٿي پوي! مون هِن ڏکئي سفر ۾ توکان به وڏن جبلن جون ڇِپون پنهنجي کٽ سمجھيون آهن! سخت پٿرن کي پٿراڻيون ڀانيون اٿم! جتي جتي هِن سُڃ ۾ مون رات گذاري آهي، اُتي مرونءَ اچي منهنجا مِٽ ٿيا آهن! مون هر ڏونگر کي پنهنجي شاديءَ جي ڏوليءَ سمجھيو آهي! هاڻ منهنجي رستي تان پري ٿيءُ، يا مون کي ماري فنا ڪر!
۽ اهو به ٻڌ! سُوز کي پڌرو ڪرڻ جو ڍنگ مون کي نٿو اچي، مون کان اداڪاريءَ نٿي ٿئي! جيئن آهيان، تنهنجي سامهون بيٺي آهيان! مون کان غلطي صرف اها ٿي آهي، جو سَنجھيئي مُنهن ويڙهي سُمهي رهي هئس! مون کي اکين کي اوجاڳو ڏيڻو هو، اهو نه ڏئي سگھيس! ان ڪري لُٽجي ويس دل جي صاف هئس، ان ڪري مارجي ويس! هاڻ تو آڏو سينو تاڻي بيٺل آهيان، جيڪو فيصلو ڪرڻو اٿئي، اُهو ڪري وٺ!“
لطيف جي هِن عاشقاڻي فڪر کي سمجهڻ لاءِ حياتيون گھرجن. ڇو جو عشق کي سمجھڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي! عشق پنهنجي پاڻ تشريح آهي، جيڪو اُن کي سمجھي! عشق وجد جو آلاپ آهي، ان آلاپ کي لطيف خود رُڃ مان ايندڙ رڙ سان تشبيهه ڏئي ڇرڪائيندڙ تصور پيش ڪري ٿو. جنهن جو لطيف پاڻ عاشقاڻو نالو ”نينهن جو نعرو“ رکيو آهي! اهو نينهن جو نعرو عظيم تحريڪ آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي:
رُڃن ۾ رَڙ ٿِي، ڪَر چَتون ئي چُونگھار،
اي عشق جا اُٻڪار، نعرو آهي نِينهُن جو.
لطيف جي عاشقاڻي احساس جي شاعريءَ کي دل ۾ رکي آئون ذاتي طور ان راءِ تي پهتو آهيان ته، لطيف جي زندگيءَ ۾ ڪو اهم عشق ضرور رهيو آهي، جيڪو اڃان تائين پڌرو ناهي ٿِي سگھيو!