لطيفيات

سُهائي سُپرينءَ جي

”سهائي سپرينءِ جي“ نامياري شاعر ايوب کوسي پاران ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فڪري ۽ رومانوي اڀياس تي مشتمل آهي. ايوب کوسو لکي ٿو:

”لطيف صوفي به آهي، عاشق به آهي، محبوب به آهي، عظيم شاعر به آهي، ته فلاسافر به آهي. لوڪ ڏاهپ جو وينجھار به آهي. تصوف جو خزانو به آهي، ته انساني احساس جو ويڄ به آهي، سامونڊيءَ به آهي ته کاهوڙيءَ به آهي. سنڌ جو عاشق آهي ته پوري عالم جو به دوست آهي. ڪڏهن پتنگ آهي، ڪڏهن آڳڙيو آهي. ڪڏهن سهڻي آهي ته ڪڏهن مارئي آهي. ڪٿي منصور جو سڏ آهي، ته ڪٿي روميءَ جو يار آهي. ڪٿي ڏياريءَ جو ڏيئو آهي، ته ڪٿي عيد جو ڀاڪر آهي! ڪڏهن هنج ٿي موتيءَ چُڻي ٿو، ڪٿي ڪونج بڻجي اڏار ۾ نظر اچي ٿو! ڪڏهن ڪاڪ جو ڪاپڙيءَ آهي، ته ڪڏهن رام ڪليءَ جو ڀڀوت جوڳيءَ آهي! ڪڏهن مومل جو مجاز آهي، ته ڪڏهن سسئي جي اداس نگاهه جو اُلڪو آهي! ڪڏهن ويرانيءَ ۾ چنڊ آهي، ته ڪڏهن سارنگ جي انڊلٺ آهي! ڪڏهن ڪيچ جو پنڌ آهي، ته ڪڏهن لاڙ جو لُڙڪ آهي! ڪڏهن ڏياچ جو ڪنڌ آهي ته ڪڏهن ٻيجل جي تند آهي! ڪڏهن جھوڪ جي هوا آهي ته ڪڏهن پڌام جي پُڇا آهي! ته ڪڏهن ڪڇ جي کٿوريءَ آهي! ته ڪڏهن ڪلاچي جي خاموشيءَ آهي! ڪڏهن مڪڙيءَ آهي، ته ڪڏهن ڇوليءَ آهي!
  • 4.5/5.0
  • 7122
  • 2522
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ايوب کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سُهائي سُپرينءَ جي

ڀٽائيءَ جو صوفيءَ بابت نظريو

مٽيءَ جي خوشبوءَ جھڙي حقيقت اها آهي ته، لطيف جي دليءَ، احساساتي وابستگيءَ، شعوريءَ توڙي لاشعوريءَ طور صوفي ازم سان جڙيل هئي. هڪ ته هُن جو جنم ئي صوفياڻي ماحول ۾ ٿيو، جيڪو انتها پسنديءَ کان آجو هو. صوفي فڪر سان واڳيل وڏڙا توڙي فقير هُن پنهنجي آس پاس ڏٺا. جيءُ جي ٻولي هُن کي ورثي ۾ ملي. پنهنجي خانداني حلقي ۾ آيل انسانن ۾ لطيف سادگيءَ جو حُسن ڏٺو، نوڙت نظر آيس. وجود جو هوش سنڀاليندي ئي لطيف کي محبتي دليون آجيان ۾ مليون. ڏاڏاڻي نسل ۾ شاهه ڪريم جھڙي زبردست شاعر جي شاعريءَ رهنمائي لاءِ مليس. شاهه ڪريم جي بيت جي ٻوليءَ ۽ گھاڙيٽو سنڌي ڪلاسيڪل بيت توڙي جديد بيت جو بنياد آهي. شاهه لطيف جي بيت جي ٻوليءَ، شاهه ڪريم جي بيت جو تسلسل آهي. نوجوانيءَ ۾ پهچي به صوفي رنگ لطيف پاڻ کان پري ڪونه ڏٺو! سنڌ جي ماحول ۾ صوفي ازم جو هڳاءُ لطيف جي ذهني ۽ روحانيءَ اوسر جو سبب بڻيو . اهو ئي ڪارڻ آهي جو هُن جي مزاج ۾ صوفياڻي سرمستيءَ ڇوليون ٿي هنيون، نتيجي ۾ هُو مڪمل نج صوفي بڻجي نروار ٿيو. حسين بن منصور حلاج کان شمش تبريز تائين سرمد شهيد کان مخدوم بلاول تائين جي صوفياڻي فڪر، تحريڪن، ۽ شهادت جو کيس پورو اڀياس ٿي چڪو هو. اوڀر جي فلاسافيءَ جو ڳچ رنگ لطيف سنڌ جي ماحول، واقعن، ۽ تاريخي واقعن مان پروڙي ورتو هو. هُن پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ بلند درجي وارن صوفين کي به اکين سان ڏٺو، انهن سان محبتون ونڊيون، صحبتن ۾ رهيو. اُهي صوفي لطيف کي پنهنجي دل جي ويجھو محسوس ٿيا. لطيف کي نه فقط انهن جي فڪر متاثر ڪيو، پر اهي شخصي طور به لطيف کي موهي ويا. خاص ڪري صوفي شاهه عنايت، محمد زمان لنواري وارو، ۽ مخدوم معين الدين ٺٽوي جا نالا ذڪر لائق آهن. لطيف انهن شخصيتن مان اها خوشبو حاصل ڪئي، جنهن جو لطيف طالبو هو. انهن صوفين جون دليون گلابن جا کيت ۽ ماڻهپي جا درياهه هيون. اُهي سڀ پيار سان ڀريل هن ڌرتيءَ جا روشن خيال ۽ محبوب انسان هئا. لطيف جڏهن دل کولي تصوف ۾ داخل ٿيو ته مڪمل وجدان ۽ وحدت الوجوديءَ فلسفي ۾ رڱجي پاڻ کي گيڙو رتو بڻائي ڇڏيائين. ڪجهه سال جوڳين ۽ يوڳين سان گھاري پاڻ کي ان عشق ۾ رڱيائين، جنهن عشق ڪڏهن به جبر جي حمايت ناهي ڪئي. جنهن عشق مذهب جي آڙ ۾ انسانن جي ڪنهن به قاتل کي چڱو مڙس ۽ معتبر ناهي مڃيو، جنهن عشق مذهب انسانيت کي اصل مذهب قرار ڏنو آهي. ايشيا ۾ تلوار ڇُري ۽ سازش ڇا ڇا ڪيو هو؟ لطيف کي سڄي سُڌ هئي! لطيف سچ کي ڄاڻي صوفي ازم ۾ ٽُٻي هنئي هئي. لطيف جو تصوف وجد ۽ عشق جو تصوف آهي. لطيف پنهنجي وجد مان ئي صوفيءَ جو نظريو پيش ڪيو آهي، ته صوفي ڇا آهي ۽ ڇا هئڻ گھرجي.

صُوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي وَرق وُجود جو،
تهِان پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻ پِرينءَ جو.
_
اهو وحدت الوجودي فلسفو جنهن جي پويان عظيم صوفين جو رت وهيو هو. ان کي جيئرو رکڻ ۽اڳتي وڌائڻ لاءِ لطيف ميدان ۾ لٿو هو. لطيف کي اُن صوفيءَ جي تشريح ڪرڻي هئي، جيڪو صوفي ازم ۾ نئون ساهه ڦوڪي، روحانيت ۽ عشق جو نئون ٻج ڇٽي! روايت کان هٽي ڪري نئين ڳالهه ڪري! صوفي انسان دوست آهي، ڪٽرپڻي کي اهو دل ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
لطيف کي اوڀر جي ويدانيت، ۽ ايران، عراق، روم مان پڌري ٿيل صوفي ازم جي مڪمل ڄاڻ هئي. سنڌ ۾ به ان جا شارح موجود هئا. ان هوندي به هُن صوفي جي تشريح ڪرڻ ضروري ڄاتي، ڇو جو آس پاس نفرتون پيدا ڪندڙ شيطان موجود هئا. لطيف جيڪا صوفيءَ جي تشريح ڪئي آهي اُن جو بنياد دل ۽ ذهن جي صفائي آهي. لطيف ان صفائي کي بنياد سڏيو آهي. مطلب اهو ته ذهن صاف ڪري انسان، انسان جي ويجھو ٿئي. محبت کان سواءِ خدا کي سمجھڻ ناممڪن آهي.
صوفيءَ لاءِ پهريون اصول اهو آهي ته ڪنهن به نظريي جي غلط تشريح نه ڪري. هر ڳالهه چٽائي سان پڌري ڪري، ڀلي ان سان ڇو نه اختلاف رکيو وڃي. ڪچري جي ڪابه گنجائش ناهي، اهو ڪچرو جيڪو مختلف وقتن تي ماڻهو سماج ۾ داخل ڪندا رهيا آهن. اهي اصل ۾ پنهنجي مفاد جا سوداگر آهن، ان ڪچري جي صفائي ڪجي. اهو ڪچرو نفاق کي پيدا ڪندڙ آهي. اهو انسانن کي ورهائيندڙ ۽ وڙهائيندڙ آهي. اهو رد ٿيڻ گھرجي. جُز مان ڪُل کي لهڻ صوفي جومقصد آهي.

ڏني ڏکويو، اڻ ڏني راضي ٿيا،
صوفي سي ٿيا، جئن ڪينَ کنيائون پاڻ سين.

لطيف جي نظر ۾ صوفي اهو آهي، جيڪو پنهنجي ذات جي مطلب جو قائل ناهي. اهو وٺڻ بجاءِ ڪجھه ڏيڻ جو حامي آهي. صوفي کي ڪنهن به قسم جي نفرت نٿي جڳائي. صوفي عشق آهي، جيڪو نفرت جو ضد آهي. صوفي سازش جي خلاف آهي، جيڪا انسانيت کي زخمي يا قتل ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي، صوفي صاف ماحول جي اوسر لاءِ جاکوڙي ٿو. صوفي جو نظريو آهي ته سڄي دنيا کي پيار جو گھر بڻائجي. صوفي سهپ جي پيداوار آهي. غرض کي صوفيءَ ڌوئڻ جو حامي آهي. هُن وٽ پنهنجي روشنيءَ آهي، جيڪا هو ورهائڻ ۽ پکيڙڻ ٿو چاهي. نفرت اونداهي آهي، جيڪا ڪنهن جو به احترام نٿي ڪري. صدين کان ماڻهن کي، عقيدا، مطلب، ويڇا، نظريا ورهاست ۾ مليا آهن، پاڻ کي اعليٰ سمجھڻ، ٻئي کي نيچ ليکڻ جي عمل تباهي آندي آهي. صوفي جو ڪم ويڇن کي ختم ڪرائڻ آهي.

صوفي چائين، سَڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح،
ڪاٽي رک ڪلاه، وِجھه اُڇلي آڳ ۾.

مطلب ته: پاڻ کي صوفيءَ سڏائڻ بجاءِ صوفي ظاهر ڪجي. وڏو پٽڪو يا ٽوپي جيڪا ظاهري ڏيک کي ظاهر ڪري، ان جي ڪابه ضرورت ناهي. تبديلي اندر ۾ اچڻ گھرجي، پوءِ اُها تبديلي سماج ۾ وڌائڻ گھرجي. صوفي ڏيکاءُ جو قائل نه هئڻ گھرجي، تبديليءَ پسند هئڻ کپي. حرامپائي کي رد ڪرڻ صوفي جو اصل منشور آهي، جيڪو مطلب جو نظريو من ۾ رکي ٿو اهو صوفي ناهي. صوفي گڏيل ترقي جو حاميءَ آهي.

صُوفي سالم سي ويا، جن اڪثر سين اُڏار
بازي بازندن کي، آهي اويسار،
پِريان سندي پهڪار، رَندي رَساڻي ڪيا.

صوفي عوام تي بادشاهيءَ جو خواب نٿو ڏسي، نه ئي صوفي انساني غلامي کي قبول ڪري ٿو! پنهنجا نظريا ٻين تي مڙهڻ جي صوفي خلاف آهي. صوفي ڄاڻي ٿو ته تهذيبون ڌرمن ۾ داخل ٿيل آهن. انسان تهذيبن جي ويڙهه جو به شڪار ٿيل آهي. صوفي ان ويڙهه جو ڳٽ انسان جي ڳچي مان لاهڻ ٿو چاهي. ڪثرت لفظ کي وحدت الوجودي صوفين منتشر ٿي وڃڻ جي معنيٰ ۾ ورتو آهي. وحدت کي هڪ نقطي يا اتحاد جو نالو ڏنو آهي. مقصد اهو ته انسان جو جُز ساڳيو آهي. ان کي نظرين ورهايو آهي. صوفي جو پيغام ڌُر بنديءَ جي بجاءِ گڏيل اتحاد جو آهي. جڏهن ماڻهو گھڻن رستن جا مسافر بڻجن ٿا ته منتشر ٿين ٿا. انهن کي رهبر جي نالي ۾ نقلي رهزن رهبر پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪن ٿا، ڪوڙا قصا ٻڌائي، پاڻ ۾ وڙهائي پنهنجو اقتدار مظبوط ڪن ٿا. انهن جو اقتدار ٻين انسانن جي حقن جو لٽيرو آهي. منتشر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن مداخلت ۾ ضرور پوي ٿو. اهو پوءِ پاڻ کي ئي سڃاڻڻ کان انڪاري ٿي بيهي ٿو. حق تلفيءَ جوسبب پڻ بڻجي ٿو. اهو ماڻهو مخصوص رستن جو سوڙهو مسافر بڻجي ٻين کي به سوڙهو ڪري ٿو، جڏهن ته وحدت جو نظريو سمجھڻ وارو انسان پهرين پاڻ کي سڃاڻڻ جي جاکوڙ ڪري ٿو، اتان ئي انسانيت ڦٽي ٿِي، تضاد ختم ٿين ٿا. دل جي نظر سان دنيا کي ڏسڻ جو نظريو خوبصورت ترين نظريو آهي. جنهن پاڻ کي سُڃاتو، ان اصل سچ کي سُڃاتو! اهو آفاقي نقطو صوفي ازم جو منشور آهي. جنهن کي عام ڪرڻ وارو ئي اصل صوفي آهي. اڄ کان ٽي هزار ورهيه اڳ يونان جي مشهور عبادت گاهه ڊيلفي جي نرڙ تي اهو جملو لکيل هو ته: ”پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو.“
اهو جملو هزارين سال اڳ به صوفي فڪر جو منشور رهيو، هاڻ به آهي. محقق ته اهو به چون ٿا ته صوفي فڪر جا بنياد توڙي جو اوڀر جي يوگين مرتب ڪيا هئا، پر ان نظريي کي منظم شڪل يونان جي ڏاهن ڏني هئي. يونان فلسفي جو گھر سڏيو ويو آهي. ڀٽائي چوي ٿو:

جي ڪلاه رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿِي
وِهه وٽي هٿ ڪري، پُر پيالو پِي،
هنڌ تنين جو هِيءَ، جِن حاصل ڪيو حال کي.

”جي سِرتي صوفي واري ٽوپيءَ رکين ٿو ته، پوءِ هٿ ۾ زهر جو پيالو جھلي، سمورو جام چاڙهه! هِيءُ جاءِ انهن عاشقن جي آهي، جيڪي پنهنجي دؤر ۽ سرمستيءَ کي حاصل ڪن ٿا.“ حيرت ٿي ٿئي ته لطيف جو هِيءِ فڪر اسان کي آڻي هزارين سال پراڻي يونان ۾ بيهاري ٿو. اسين ڄڻ ايٿنز شهر ۾ اچي بيٺا هجون! عظيم ڏاهو ۽ يگانو صوفي سقراط هٿ ۾ زهر جو پيالو کڻي بيٺل نظر اچي ٿو! سقراط باغي فيلسوف هو. هر وقت نوجوانن جا ميڙ گڏ ڪري پنهنجي آزاد خيالن جو پرچار ڪندو هو. هُن تي الزام لڳو ته هي يونان جي ديوتائن جي مخالفت ٿو ڪري، روشن خياليءَ ذريعي نوجوانن کي بگاڙي ٿو، اهو ڪفر آهي! پنج سئو هڪ ماڻهن تي مشتمل پڳدارن ۽ رياستي توڙي مذهبيءَ ٺيڪيدارن جي عدالت سقراط کي (399 ق م) ۾ ڏوهاري قرار ڏيئي اها سزا تجويز ڪئي ته سقراط کي پنهنجي هٿن سان (هيملاڪ) خطرناڪ زهر جو پيالو پيئڻو پوندو! سقراط جي شاگردن اهڙو موقعو پيدا ڪيو هو ته سقراط فرار ٿي جلا وطن ٿي وڃي، پر هن عظيم فلاسفر ۽ صوفي ائين ڀڄڻ کان انڪار ڪيو هو. زهر پي ثابت ڪيائين ته مان پنهنجي روشن خيال فڪر تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهيان! اڄ سقراط جي عظمت زندهه آهي. اهي عدالتون، اهي فيصلا تاريخ جو ڪوڙ ثابت ٿي چڪا آهن! لڳي ٿو ته لطيف جي ذهن ۾ سقراط جو ڪردار موجود هو! صوفي فلاسفر سقراط به ماڻهن کي وحدت جي لاڙي ڏي پئي متوجھه ڪيو. ان ڪري لطيف جڏهن صوفيءِ جي تشريح مرتب پئي ڪئي ته اُهو زهر جو پيالو پيئڻ وارو خيال اڀارڻ ضروري ٿي سمجهيو.

صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀانئيس ڪير،
منجھان ئي مَنجھه وڙهي، تنين ناهِين پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تِنين جو واهِرو.

لطيف چوي ٿو: ”صوفي لا مذهب آهي، هو مذهبن جي ٻنڌڻ کان آجو آهي. کيس ڪوبه نٿو پروڙي. هن جو مذهب انسانيت ۽ محبت آهي. هو اندران ئي اندران ضمير جي جنگ ۾ رڌل آهي! پر ظاهر ذرو به نٿو ڪري! جن جو ساڻس وير آهي، هو تن جو به حامي ۽ مددگار آهي!“ هي عالميءَ فڪر آهي! بيحد وڏو فلسفو آهي. جنهن کي اُهي ماڻهو قطعي نٿا سمجھي سگھن، جن وٽ پرايو عقل آهي. سچ اهو آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪفر جي تشريح صرف انتهاپرستن پنهنجن عقيدن جي ٽڪراءُ ۾ ايندڙ انسانن ۽ انهن جي خيالن خلاف ڪئي آهي، ڪفر جي ڪابه تشريح ان بنياد تي سامهون ناهي آئي ته انسانيت خلاف ٿيل ڪنهن عمل کي ڪفر قرار ڏنو ويو هجي! هيل تائين اُهي ماڻهو ملحد سڏي سزاوار ڪيا ويا آهن، جن کي ڪنهن نه ڪنهن عقيدي يا مذهب جي مخالفت جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي! ائين به ٿيو آهي جو مذهب جي آڙ وٺي ڪنهن ذاتي دشمنيءَ يا مفاد سبب به ڪيترن ئي انسانن کي ڪافر جي فتويٰ هڻي رستي تان هٽايو ويو آهي، ۽ ايستائين جو مظلوم مجذوبن کي به قتل ڪيو ويو آهي! تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. مذهب شروع کان حساس مامرو رهيو آهي. ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۾ دير نٿي لڳي، اهو ئي سبب آهي جو شعور وارن انسانن مذهبي سهپ ۽ رواداريءَ جي ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيئن اڻڄاڻائي يا ڪنهن مفاد تحت ڪي سانحا جنم نه وٺن!
لطيف، صوفي لا ڪوفي واري تشريح هڪ خيال طور پيش ڪئي آهي. اهو خيال تمام اهم ۽ وڏو آهي. اهو خيال ان انسانيت جو ترجمان آهي جيڪا سهپ سان ڀريل آهي. لطيف هتي صوفي ازم ۾ سيڪيولرازم کي چٽو ڪيو آهي. دنيا ۾ هڪ بيحد وڏي نظرياتي ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ رهي ئي رهي آهي. تشدد جي تاريخ پراڻي آهي. مذهبي ٽڪراءُ ظاهر ٿيڻ جو عمل ڪڏهن به بند ناهي ٿيو، ڇو جو دنيا جوهڪ مذهب ڪونهي. مذهبي نظرين جي نالي ۾ انسان، انسان سان وڙهيو آهي. ملڪن جا ورهاڱا ٿيا آهن، قومون ٻه اڌ ٿي جدا ٿيون آهن. احترام وساريا ويا آهن. پاڻ کي اُتم سمجھڻ جي نظرياتي ويڙهه سان تاريخ جا ورق ڳاڙها ٿيا آهن. جڏهن ته سڀ انسان هڪ جُز آهن، برابر آهن واري تعليم کي نظر انداز ڪري نئين تاريخ لکي وئي آهي. لطيف مذهبن جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪوس ۽ انتها پسنديءَ کي روح سان سمجھيو ٿي. هڪ نج صوفيءَ جي حيثيت ۾ هُن سيڪيولر فڪر کي ئي دنيا جي دوا ڄاتو آهي. لطيف انتهاپسندن هٿان صوفين جي شهادت کي نظر انداز نٿي ڪري سگھيو. لطيف ڄاتو پئي ته اهي انسان ڪيترا اهم هئا، جن کي رجعت پرستيءَ رت ۾ ٻوڙيو هو! نتيجي ۾ دنيا کي مذهبي ويڙهه جو محور بڻجڻو پئجي ويو! ان انسانيت کي جيڪو نقصان رسايو آهي، ان جو ازالو ڪري ئي نٿو سگھجي.
لطيف ڄاتو پئي ته وحدت الوجودي نظريو ته سڀ سمجھن ٿا، خدا جي وجود تي ته ڪو جھيڙو ئي ناهي، پر مذهب ڪيئي آهن، هر انسان جو نظريو الڳ آهي. هر ماڻهو پنهنجي مذهب کي صحيح سمجھي ان سان پيار ڪري ٿو. ٻئي جي مذهب جي بقا جو هو زميوار ناهي. اهو ذمو ان مذهب جي پوئلڳن جو آهي. ان ڪري انهن وچ ۾ نظرياتي فرق قائم رهڻا آهن، پر لطيف جو نظريو سهپ جو فلسفو اڀاري ان دوريءَ جو خاتمو چاهي ٿو. لطيف اُن کي صوفي سڏي ٿو جيڪو مذهبي انتهاپسنديءَ کان آجو آهي. لطيف جو نظريو اهو ئي آهي ته صوفي ئي مذهب جي نالي ٿيندڙ ويڙهه جو خاتمو آڻي سگھن ٿا.
صوفي جو مقصد ئي اهو آهي ته انسانيت کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظريو حرف آخر ناهي. پوءِ ڀلي هُن کي لا ڪوفي ڇو نه ٿيڻو پوي. انساني رواداريءَ، برابريءَ، انصاف، احترام، سهپ کي اهو ئي سمجھي سگھي ٿو، جيڪو اندر جو صوفي هجي. جيڪو صرف ۽ صرف انسان سان محبت ڪندڙ هجي. محبت جنهن جو ڌرم هجي. اهو ئي بنياد آهي، جنهن کي لطيف عظيم فڪر سان مرتب ڪري پڌرو ڪيو آهي. لطيف اندر جي اجرائي انسان ذات سان محبت، ۽ انسانيت جي ڪم اچڻ کي صوفي جو مذهب سڏي ٿو.
ٿورو ايڪيهن صدي ۾ بيهي سوچڻ جي ضرورت آهي. هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو زمانو آهي. اڄ واريون سهوليتون ان دؤر جي صوفين وٽ ڪونه هيون. جڏهن نه ريڊيو هو نه سيٽلائيٽ نظام هو. پوءِ به اهي صوفي ان دؤر جي ماڻهن کي رواداريءَ جو درس ڏيندا هئا. فتني فساد کان منع ڪندا هئا. زندگين جي وهنوارن ۾ مداخلت جي صلاح نه ڏيندا هئا. اڄ فتني بازن جي حوصلي افزائي جا ادارا قائم آهن. عدم برداشت جو نظريو عام ڪندڙ کي ڪانه ڪا سرپرستي به ملندي رهي ٿي. عدالت ۾ هڪ ئي مذهب وارن تي مذهبي توهين جا مقدما ٿين ٿا. فرقيواريت جي باهه ۾ ماڻهو سڙن ٿا. ان تناظر ۾ ڏسجي ته صوفي فڪر ڪيترو اهم ڪم ڪيو آهي. صوفي فڪر باهه کي اجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪنهن جو ڪهڙو به نظريو يا عقيدو هجي، صوفي ازم چاهيو آهي ته ان کي احترام جي اک سان ڏٺو وڃي. غم ۽ خوشيون گڏيل ورثي طور قبول ڪيون وڃن. هڪٻئي کي محبت جي نظر سان ڏٺو وڃي. هڪٻئي جي ڏک سُک ۾ ڀائيوار ٿيڻ اصل انسانيت آهي. پر دنيا جو الميو اهو آهي ته جاهل ماڻهو هميشه عقل پسندن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اُهي بنا عقل جي ماڻهن تي ليڊريءَ ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ڪجهه اهڙيون خفيا ڌريون آهن، جيڪي جاهلن جي پنهنجي مفاد لاءِ سرپرستيءَ ڪن ٿيون، جيئن اهڙو ماڻهو ڪڏهن به تيار ڪري وٺجي جيڪو هنن جي حق ۾ هجي. جاهل ماڻهو جلد ڪم ڏئي سگھن ٿا، جڏهن ته عقل وارا انسان سولائي سان استعال نٿا ٿين. ان حوالي سان صوفي ازم جي عظيم ڪردار کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. دنيا جي هر عظيم صوفي اهو ڄاڻي پوءِ ئي صوفي ازم جي پچار عام ڪئي آهي ته، دنيا ۾ “ڊپ ۽ لالچ” جي ڪري نظريا قائم ٿيا آهن. فائدو حاصل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ هي نظريو جائز آهي. اقليت ۾ نه تبديل ٿي وڃون. ان لاءِ فلاڻو نظريو صحيح آهي! اُن ڪري اها ويڙهه ڏسي صوفين محسوس ڪيو ته تبديلي صرف صوفي ازم ذريعي ئي آڻي سگھجي ٿي.

سُرمو سُفيديءَ جو جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏِٺي تِن، اڇائي عالم ۾!

عالم ۾ اڇائي ڏسڻ جو خواب عظيم خواب آهي. ان خواب کي انتهاپسند روين اُڀرڻ ناهي ڏنو. سفيديءَ جو سرمو ماڻهن اکين ۾ پائڻ کان ان ڪري به پاسو ڪيو آهي جو ماڻهو ذاتي مفاد عزيز رکن ٿا. ان ڪري پورو عالم رَت ۾ ڳاڙهو رهيو آهي. سنگمرمرجي عبادتگاهه ۾ رهڻ وارو ماڻهو ڪيئن ٿو ڪنهن بُکئي انسان تي سوچي سگھي؟ هُن کي ڪهڙي لاچار آهي، جو مزدور جي پگھر تي غور ڪري! هُن جو ڇا وڃي اُن انسان جي اگھاڙپ تي، جنهن وٽ رهڻ لاءِ هن دنيا ۾ اجھو ئي ناهي! ها باقي جڏهن ڪنهن انسان کي ڪهڻ لاءِ جواز گھرجي ته هو فتويٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي! لطيف جي پيش ڪيل عظيم صوفي جي خوبصورت تشريح ڪندي سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته: ”صوفي جملي مذهبي عقيدن، علمن، سائنس، ۽ فلسفن مان بنيادي وحدت ۽ صداقت جو کوجنا ڪندڙ آهي. هو پاڻ کي ڪنهن محدود دائري ۾ نظر بند نٿو رکي. هُو هر سُٺي ڳالهه کي هٿ ڪري، خراب کي ڦٽو ڪيو ڇڏي. ان ئي سچ تي اعتبار رکي ٿو.
هر سچي صوفي جيان شاهه لطيف جو اهو ئي نظريو آهي، جيڪو شيخ سعديءَ پنهنجي هنن لفظن سان بيان ڪيو آهي ته:
”انسانذات هڪ جسم جي عضون مثل آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي جوهر مان نڪتل آهي، دستور آهي ته، بدن جي هڪ عضوي کي جيڪڏهن ايذاءُ رسي ٿو ته، ٻين عضون ۾ به بيچيني رهي ٿي. تون جي ٻين ماڻهن جي درد کان بي پرواهه آهين ته انسان سڏائڻ جي لائق ئي نه آهين!“ صوفي جي نظر ۾ تشدد ۽ زور زبردستيءَ جائز ناهي. تشدد نفاق کي پيدا ڪري ٿو. صوفي عقيدي ۽ خيال جي آزاديءَ جو حامي آهي. هو اُن کي جنم جو حق ٿو ڄاڻي، تنهن ڪري ڪنهن جماعت يا حڪومت طرفان دست اندازيءَ جي هو مخالفت ڪري ٿو. نه پاڻ ٻين جي عقيدن ۽ راين ۾ مداخلت ڪرڻ گھري ٿو، نه ٻين کي پنهنجي نظرين سان هٿ چراند جي اجازت ڏئي ٿو. هو عدم تشدد ۽ امن جو حامي آهي. هو مذهبي جهيڙي يا خوني انقلاب جي خلاف آهي. هو راڳ، شعر ادب، ۽ هر اُها شيءَ جا انساني ڪلچر کي زرخيز بڻائي ٿي ان جو حامي ۽ عاشق آهي. صوفي مذهب ۽ سياست جي جدائي جو حامي آهي.“
لطيف جي عظيم فڪر جو هڪ وڏو خوبصورت سچ اهو به آهي ته لطيف ”دل جي دشمن کي دسڻ“ جو درس ڏئي ٿو. حقيقي اها آهي ته دل جي دشمن کي دسڻ ئي صوفي ازم جو خواب آهي. دلين جو دشمن سچ ته نفرت جي لائق آهي!
لطيف جي صوفي لاءِ پيش ڪيل نطريي کي سمجھڻ لاءِ پهرين اهو ڏسڻو آهي ته لطيف خود ڪهڙي قسم جو صوفي رهيو، راهبانا يا عملي ۽ علمي صوفي؟ اهو بنيادي نقطو آهي! صاف ڳالهه پئي آهي ته لطيف عملي صوفي هو! هو راهبانا صوفي کي صرف علامت ۾ پيش ڪندڙ رهيو آهي! اندر اجارڻ جي فلسفي جو اهو قطعي مقصد لطيف وٽ ناهي ته دنيا کان ڪٽجي وڃي مراقبي ۾ ويهي رهو! سماج ۽ سياست سان ڪو تعلق ئي نه رکو! ڀلي پيا سرمائيدار ، جاگيردار، پنڊت، ملان ۽ حاڪم جيئن وڻي تيئن ڪن! اوهان عبادت کان سواءِ ڪجھه نه سوچيو! نه، ائين ڪونهي! لطيف جدوجھد جو حامي صوفي آهي، طبقائي جدوجھد ۽ قومي جدوجھد جو نظريو ڏيڻ وارو صوفي آهي. لطيف سسئي کي اها صلاح ڪونهي ڏني ته ڇڏ پنهون کي، ۽ مالا يا ٻُڪ کڻي ويهي اندر کي اُجار! لطيف سسئي کي جدوجهد جو علمبدار ڏيکاريو آهي. لطيف ان منصور حلاج جي عشق جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪو عراق جي گھٽين ۾ گھمندي ڦرندي حڪمران ڌر جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تبليغ ڪندو هو. لطيف جھوڪ جي تباهي تي اشڪبار رهڻ وارو صوفي هو. هن ڀاڪرن سان وڙهڻ جو ۽ سيني ۾ گهاءَ کائڻ جو درس ڏنو آهي. لطيف انسان جي اُٿل پُٿل سان جڙيل اتهاس کي سمجھندڙ شاعر هو. آس پاس ڇا ٿي رهيو آهي. هُن کي سُڌ هئي، لطيف جون اکيون ان وقت کليل هيون جڏهن مسلمانن جي مقدس ماڳ جو نالو اڃا حجاز مقدس هو. ”1740ع ۾ عبدالوهاب نالي همراهه وهابي فرقي جو بنياد وڌو هو. 1744ع ۾ ان کي نجد صوبي جي امير محمد ابن سعود طاقت وٺرائي هئي. ابن سعود عبدالوهاب جي نياڻي پرڻيو هو. اڄ سعودي عرب جو حڪمران خاندان ان ابن سعود جو نسل آهي.“ لطيف ان وقت مڪمل شعوري وجد ۾ هو. جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني قبضا گيري جو سلسلو شروع ڪري چڪي هئي. 1747ع ۾ انگريز پلاسي جي جنگ ۾ بنگال فتح ڪري چڪا هئا، ۽ ٽيپو سلطان شهيد ڪيو ويو هو. ان ڪري اهو سمجھڻ گھرجي ته لطيف راهبانا صوفي وارو فلسفو نه پر عملي صوفي ٿيڻ وارو عظيم نظريو ڏنو آهي. جنهن جو مقصد عوام سان گڏ هجڻ آهي. لطيف انسان جي ڏک سُک کي پنهنجو سمجھڻ واري صوفي جي تشريح ڪئي آهي، لطيف سماجي سُرت کان پري رهڻ واري صوفي جي ڳالهه ناهي ڪئي. لطيف انسان سان عشق ۽ عوامي جدوجھد تي يقين رکندڙ صوفي وارو نظريو پيش ڪيو آهي.