تاريخ، فلسفو ۽ سياست

باک جو آواز

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
Title Cover of book باک جو آواز

پنهنجي پاران

آءٌ نه ڪو وڏو شاعر آهيان، نه وڏو اديب، پر بيگم فقيرياڻي جي لفظن ۾ ”محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري.“
پڙهڻ جو اُتساهه مون کي آريسر صاحب جي لکڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ئي مليو ۽ آريسر صاحب جن به اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جا حوالا پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن، مون ڪوشش ڪري انهن اديبن جي ڪتابن کي پڙهيو آهي.
جڏهن کان آريسر صاحب سان منهنجي ويجهڙائي ٿي، ۽ جڏهن به، جتي به موقعو مليو ته مون سائينءَ جي لکڻين (پوءِ اهي تقرير جي صورت ۾ هجن يا ڪچهري جي) پنهنجي موبائيل فون ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو، پر افسوس آهي جو سائينءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مون کان رهجي به ويون آهن، تنهن هوندي به آءٌ سندس جيڪي به ڳالهيون، ڪچهريون، تقريرون، انٽرويو ۽ مضمون محفوظ ڪري سگهيو آهيان، تن کي ايندڙ نسلن ۽ سنڌي قوم جي امانت سمجهي، ريڪارڊ تي آڻڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، ۽ هي ڪتاب ”باک جو آواز“ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون جڏهن هنن تاريخي تقريرن، انٽرويوئن ۽ مضمونن کي محفوظ پئي ڪيو ته اهو تصور ۾ به نه هو ته، اڳتي هلي آءٌ انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي سگهندس، مون ته صرف سائين جي تقرير ۽ تحرير جي عاشق هُئڻ ڪري مواد گڏ پئي ڪيو ته جيئن واندڪائيءَ جي وقت ۾ ويهي اُنهن کي ٻُڌي ڪجهه حاصل ڪريان، ڇاڪاڻ جو آريسر صاحب ئي اهو واحد ليکڪ ۽ مقرر آهي، جنهن جو هر لفظ مون کي پنهنجو لڳو، غالب جي هن شعر وانگر ته:
بلائے جاں ہے غالب اس کی ہر بات٬
عبارت کیا٬ اشارت کیا٬ ادا کیا۔
هن جو انداز ئي پنهنجو ۽ سڀني کان الڳ آهي، بلڪل غالب جي هن شعر وانگر:
ہیں اور بھی دنیا میں سخنور بہت اچھے٬
کہتے ہیں کہ غالب کا ہے اندازِ بیاں اور۔
مون کي اڄ به ياد آهن اُهي لفظ، جيڪي مون ڪچڙي وهيءَ ۾ پهريون ڀيرو سن ۾ سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ ڪيل آريسر صاحب جي تقرير دوران ٻُڌا هئا ته: ”آءٌ سيد جو پيروڪار ان لاءِ نه ٿيس ته هُو ڪو سيد هو. سيدن جي ته هتي لوڌ پئي آ، پر آءٌ سيد جو پيروڪار ان لاءِ ٿيس، ته هُن اسان کي سنڌ ڏيکاري ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ سيکاريو.“
ائين ئي اسان آريسر صاحب کي پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ کان پوءِ سيد ۽ سنڌ کي سُڃاڻڻ شروع ڪيو. هڪ ڀيري سائين مون وٽ آيل هو، ڪچهري پئي ڪئي سين ۽ ان سان گڏ عمر خيام جي رُباعين جو ورد به جاري هو ته، ان وچ ۾ ماڇڪي جو ذڪر نڪتو، مون پڇيو ته: ”سائين ماڇڪي جي تاريخ ڇا آهي؟ اهو پنجاب جي قبضي ۾ ڇو آهي؟ جڏهن ته هن کي پنجاب جي ڪا به سرحد نه ٿي لڳي!“ ته سائين وراڻيو: ”اها ڀٽي صاحب جي سنڌين تي مهرباني آهي، جنهن 70ع جي ڏهاڪي ۾ ماڇڪي کي انتظامي طور پنجاب جي حوالي ڪيو، جڏهن ته تاريخي طور اهو هميشه سنڌ جو حصو رهيو آهي. سڪندر يوناني سنڌ تي جڏهن ڪاهه ڪئي هُئي، تڏهن راڻو خان ماڇي، جيڪو ماڇڪي ۾ رهندو هو، ان سڪندر يوناني سان ٽڪر کاڌو ۽ ان سان وڙهيو، پر پوءِ سڪندر يوناني ان کي مارائي ڇڏيو. ماڇي اڄ به گهڻي تعداد ۾ ماڇڪي ۾ رهن ٿا، پر هاڻي اُتي ڪو راڻو خان ماڇي نه ٿو رهي، بلڪه افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هاڻي اهي سولنگي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. هڪ ڀيري ڪامريڊ غلام رسول سهتي صاحب چيو ته، مون کي ماڇڪو گهماءِ، ۽ آءٌ، ڪامريڊ کي اتي وٺي ويس، اُتي هڪ نوجوان مليو، جنهن ڪامريڊ کي پنهنجو تعارف ڪرايو، نالو مون کي ياد ڪونهي، پر ان پنهنجي ذات سولنگي ٻڌائي، ان ڇوڪري جو ايترو چوڻ ۽ ڪامريڊ تپي باهه ٿي ويو، پوءِ ان ويچاري سان گهڻي ڪيائين ۽ چيائين ته، ”ماڇين جي سورهيائي سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي ۽ اوهان فخر محسوس ڪرڻ بجاءِ ماڇي سڏائيندي شرم محسوس ٿا ڪريو.“
چوڻ جو مطلب ته انهن سڀني تاريخي حقيقتن کان آريسر صاحب ئي اسان کي واقف ڪيو ۽ اڄ هي اکيون ان محبوب تاريخدان کي سارين ٿيون ۽ مون کي لطيف سائينءَ جو بيت ياد اچي پيو ته:

اَڄ پڻ اَکڙِيَن سَڄڻ پَنهنجا سَاريا،
ڳَلن تان ڳوڙهن جُون، بُوندون بَس نه ڪَن،
سَندي سِڪ پِرين لوڪ ڏِٺي نَه لَهي.
آريسر صاحب به پنهنجي ڪارڪنن سان اهڙو ئي پيار ڪندو هو، جهڙو هڪ پيءُ پنهنجي اولاد سان ڪندو آهي. جڏهن سنڌ جي دوري تي نڪرندو هو ته صرف پنهنجن ويجهن دوستن ۽ ڪارڪنن وٽ ئي ترسندو هو. صالح آريسر مون کي ٻُڌايو ته، آريسر صاحب هڪ ڀيري هُو خيرپور ميرس جي آس پاس پير پاڳاري (اڳوڻي) جي چيف خليفي جي رهائشگاهه تي ترسيل هو ۽ هُن جي خواهش هُئي ته آريسر صاحب رات جو وٽس رهي، پر آريسر صاحب چيو ته آءٌ پنهنجي گهر ويندس، ته ان خليفي چيو، سائين! اوهان جو ڳوٺ منهنجو ڏٺل آهي ڪافي پري آهي، اوهان اڄ رات مون وٽ ئي ترسو، سڀاڻي اوهان ڪنهن وٽ وڃڻا هُئا، ته سائين وراڻيو، آءٌ منصور مزاري وٽ وڃڻو هُئس ۽ رات اُتي رهندس، ڇاڪاڻ جو منصور جو گهر منهنجو پنهنجو آهي.
اهڙو ئي هڪ واقعو سرمد ميراڻي به مون کي ٻڌايو ته: هڪ ڀيري جون- جولاءِ جا ڏينهن هُجن ۽ نوابشاهه جي قهر جي گرمي به. سائين آريسر صاحب ۽ آءٌ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ويٺا هُجون، اُن سائينءَ کي چيو ته، ”سائين رات مون وٽ ترسو، ڪافي گرمي آهي، اوهان جي طبيعت به سهي ناهي، مون وٽ هتي اي سي به آهي، توهان اتي ئي آرام ڪريو.“ پر آريسر صاحب انڪار ڪندي چيو ته، آءٌ سرمد وٽ رهندس ۽ ائين ئي ٿيو. حالانڪه سرمد وٽ ڪا به اي سي ڪانه هُئي، ته آريسر صاحب پنهنجي ڪارڪنن سان اهڙي محبت ڪندو هو:
ہمیں یاراں دوزخ٬
ہمیں یاراں بہشت!
آءٌ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته آءٌ ڪو وڏي پايي جو ليکڪ يا اديب ڪونه آهيان، جو آريسر صاحب جهڙي عالمي پايي جي دانشور تي ڪجهه لکان ۽ ساڻس انصاف ڪري سگهان! هُو ته اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي تابع لفظ پوري زندگي رهيا، ان ڪري مان ٽٽل لفظن سان صرف ان جي يادگيرين کي سهيڙڻ جي ڪوشش پيو ڪريان ۽ هُو ماڻهو به ته اهڙو مٺو هو، جو سندس ڳالهيون ڪڏهن به وسري نه ٿيون سگهن، ۽ مون کي لڳي ٿو ته نياز همايوني هي شعر آريسر صاحب جهڙن ماڻهن لاءِ ئي لکيو آهي ته:
پنهنجو نينهن نباهه نشانبر، مستن ۾، ميخاني ۾،
يار ”نياز“ اسان جون ڳالهيون، رهنديون ياد زماني ۾.
مون کي ياد آهي ته 3 مئي 2015ع تي آريسر صاحب جي آخري سفر ۾، ان سان جڏهن ڪراچيءَ کان امرڪوٽ پئي وياسين ته پوري رستي ۾ منهنجون اکيون ڪٿي به نه سُڪيون ۽ مسلسل ماضيءَ جون يادگيريون، منهنجي ذهن تي ترنديون رهيون ۽ مون کي ياد آيو ته آريسر صاحب ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته: ”منهنجي خواهش آهي ته منهنجي جنازي ۾ ’ياسين‘ پڙهڻ بدران شهيدِ سنڌ الهه بخش سومري جي اها تقرير پڙهي وڃي، جيڪا هن دهليءَ جي ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ ۾ ڪئي هُئي.“ مون پنهنجي ڀِنل اکين سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل ساجن آريسر کي ٻُڌايو ته ،سائينءَ جي هي وصيت هُئي، تنهن ڪري ان تقرير جو بندوبست ڪرايو ۽ اها اتي آخري رسمن ۾ ضرور پڙهي وڃي. پوءِ ساجن، تاج جويي صاحب کي فون ڪري چيو ته، سائين! اُها تقرير هٿ ڪريو ۽ اُتي پڙهائجو، پر افسوس! جو ائين نه ٿيو، اُتي ’ياسين‘ ۽ ٻين الهامي ڪتابن جا باب ته پڙهيا ويا، پر اها تقرير نه پڙهي وئي، ۽ اها تاريخي وصيت بس خواهش ئي رهجي وئي.
بهرحال آريسر صاحب سان ته اڻ ڳڻيون يادگيريون آهن، جي قلم ۽ وقت ساٿ ڏنو ته ضرور پنهنجي ساٿين تائين پُڄائبيون.
آخر ۾ آءٌ، پنهنجي دوست واحد ڪانڌڙي جو ٿورائتو آهيان، جنهن جي حوصلي افزائي، محنت ۽ سهڪار کان سواءِ هي ڪتاب شايد نه ڇپجي سگهي ها، ۽ پنهنجي استاد ۽ انتهائي مهربان دوست ارڏي اترادي جا به وڏا وڙ، جنهن مون جهڙي ميرانجهڙي ماڻهو بابت ٻه اکر لکيا.
ٿـــــورا نـــه ٿـــــورا
مون تي ماروئڙن جا.

ــ منصور مزاري
مريد شاخ، گهوٽڪي