تاريخ، فلسفو ۽ سياست

باک جو آواز

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
Title Cover of book باک جو آواز

قومي ثقافت

انقلابي تحريڪن جي تاريخ جي هڪ وڏي ماهر جو چوڻ آهي ته: ’ثقافت تاريخ جو ٿلُ‘ آهي، ان جو مطلب هي ٿيو ته جنهن ملڪ ۾ تاريخ جي جهڙي رفتار رهي هوندي، پيداواري ذريعن جي ڪيفيت هوندي، انساني سڀاءَ ۽ ان تي جاگرافيائي ماحول جيڪو اثر وڌو هوندو، قبيلائي دور، جاگيرداري دور ۽ آخر ۾ بيٺڪي سرشتي جي جيڪا حالت رهندي آئي هوندي، تنهن جو اندازو ان ملڪ جي قومي ثقافت جي ڌار ڌار شاخن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، قومي تحريڪ، آزاديءَ جي ثقافت جي ڪردار ۽ ان جي استعمال جي ڍنگ کان اڳ ۾ ڏسڻو هي آهي ته ثقافت آهي ڇا؟ منهنجي خيال ۾ انساني محسوسات ۽ معلومات جي خارجي اظهار ۽ اعلان جو نالو ثقافت آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته، ڪنهن قوم جي مادي ۽ روحاني ڪوششن جي ظهور ۽ مادياتي ۽ روحاني سانچي ۾ ڍلجڻ جو نالو ثقافت آهي، تاريخ جي هر دور ۾ انساني ذهن پنهنجي چؤگرد پکڙيل وسيع ڪائنات، خوبصورت فطرت جي پيدا ڪيل معاشي، معاشرتي ۽ سياسي ماحول مان جو ڪجهه ۽ ان کي پنهنجي ڍنگ رنگ سان ظاهر ڪيو، تنهن کي ثقافت چئي سگهجي ٿو، انسان جي پيدائشن ۽ اوسر سان گڏ جنهن شيءِ جو آغاز ۽ شروعات ٿئي، سا ثقافت ئي آهي ۽ ڪائنات ۾ صرف ثقافتي ورثو ئي اهڙي وٿ آهي، جنهن جي عمر ڌرتي ۽ انسان جي برابر آهي. زندگيءَ جي ڊگهي، ڏکئي ۽ اڙانگي سفر ۾ انساني قافلو ڪهڙين کڏن ۽ کوپن ۾ ڪِريو ۽ ڪهڙين ڌٻڻين ۾ ڦاٿو؟ ڪهڙن ڏکين جبلن جي چوٽين تي چڙهيو ۽ انهيءَ پوري عرصي ۾ هن پنهنجي سفر نامي ۾ هن قلم نه پر عمل سان هن ڌرتيءَ يا پنهنجي مخصوص وطن تي چٽيو، لکيو ۽ ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ سفر نامي ۾ ڏک ۽ ڏاکڙا، ٽهڪ ۽ مرڪ، لڙڪ ۽ سڏڪا، خوشيون ۽ غميون، محبتون ۽ نفرتون، فتحون ۽ شڪستون، پيار ۽ پڇتاءُ، بزدلي ۽ بهادري، همت ۽ سستي هڪ ڪهاڻيءَ جا ڪردار بڻجي وڃن ٿا، ۽ پوءِ اها ڪهاڻي ڪڏهن شاعري، ڪڏهن موسيقي، ڪڏهن مصوري، ڪڏهن سنگتراشي، ڪڏهن لباس، ڪڏهن پهاڪن، ڳجهارتن، ڳاهن، هلت چلت، شادي مرادي، ميل ميلاپ، لوڪ گيتن، سازن باسڻن جي صورت ۾ هر ويندڙ نسل ۽ ايندڙ نسل لاءِ يادگار ۽ ورثو ڪري ڇڏي ويندو آهي. هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته ايندڙ نسل کي وقت، ماحول، حالتون ۽ تاريخي رفتار ويندڙ نسل کان ڌار ۽ جدا ملنديون آهن، ان ڪري هو پنهنجي اڳئين نسل جي يادگار ۽ ورثي ۾ تبديليون ۽ ترميمون، اضافا ۽ گهٽتايون ڪندو، ڪجهه پنهنجون ايجادون، پنهنجا ڏک ۽ سک جيڪي گذريل نسل کان بهرحال مختلف هوندا آهن، سي ملائيندو، ثقافت جي سلسلي ۾ زنجير کي اڳتي وڌائيندو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ثقافت لاءِ چيو ويندو آهي ته ثقافت وهندڙ درياهه وانگر آهي، جنهن ۾ روز نوان اضافا ۽ واڌارا ٿيندا پيا اچن، ظاهر آهي ته انسان پنهنجي پيدائش کان وٺي هڪ جاءِ تي نه بيٺو ته ان جي محسوسات جي عملي روپ ۾ تبديلي اچڻ ضروري آهي، ۽ ان کي به درياهه وانگر وهندڙ ئي رهڻ گهرجي. ثقافت لاءِ هڪ ٻيو لفظ ڪتب آندو ويندو آهي، جيڪو آهي ”تهذيب“ سنڌ جي عظيم مفڪر محترم سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ ۾ (تهذيب) لفظ کي ثقافت ۽ ڪلچر جو پورو مفهوم ادا ڪرڻ کان قاصر ٻڌايو آهي. جناب سيد جي تحقيق منهنجي لاءِ حرفِ آخر آهي، تاهم جنهن به ماڻهو ثقافت لاءِ (تهذيب) لفظ استعمال ڪيو آهي، تنهن جي سمجهه ۽ سياڻپ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ڇو ته تهذيب جي معنيٰ آهي وڻ مان بيڪار، سُڪل ۽ بي ترتيب ٽاريون وڍي، ڇانگي، صاف ڪري سهڻي بيهڪ ڏيڻ، جيئن ڏسندڙ لاءِ ان ۾ هڪ قسم جي دلڪشي پيدا ٿئي ۽ زمين جي پاڻياٺ بيڪار ٽارين جي ضايع ٿيڻ کان بچي، وڻ جي وڍڻ جو سبب بڻجي، انهيءَ لفظ جي مفهوم مطابق، انسان ۾ پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ، انهن کي بهتر ڪرڻ ۽ خوبصورت بنائڻ، غلط بيڪار، فرسوده ڳالهين، روايتن ۽ رسمن کان پنهنجي ماحول ۽ معاشري کي پاڪ ڪرڻ جي تڙپ ۽ تات دوران جيڪا ثقافت (تهذيب) تخليق ٿيندي رهندي آهي، سا پنهنجي دور وقت ۽ حالتن مطابق جاندار، بهتر ۽ خوبصورت ٿيندي آهي، ايندڙ نسل کي ان ۾ ڪي ڳالهيون، ريتون، رسمون بيڪار ۽ نقصانڪار لڳنديون آهن، ۽ هُو اُنهن ۾ سُڌارا ۽ اصلاحون ڪندو آهي، اهڙي ريت جُڳن گذرڻ کان پوءِ ڪنهن خطي جا ماڻهو هڪ قومي ثقافت تخليق ڪندا آهن ۽ سندن جاکوڙ، جفاڪشي ۽ خيالن جي جهلڪ ان ثقافت ۾ نظر ايندي آهي. فطرت جو قانون آهي ته، انسان پنهنجي محنت ۽ مشقت سان جيڪا شيءِ تخليق ڪندو آهي، سا کيس بيحد پياري ۽ عزيز هوندي آهي، هُو ان جي هڪ ذري تان به دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه ٿيندو آهي.