تاريخ، فلسفو ۽ سياست

باک جو آواز

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
Title Cover of book باک جو آواز

مهاڳ: باک جو آواز- باک جي ساک

شاعرن جون تشبيهون شاعر سمجهندا آهن، عالمن جي ڳالهين کي عالم ئي پرکيندا آهن ۽ پيغمبرن جي پيغامن کي خلقِ خدا تائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ جي روپ ۾ باک جو آواز ملندو آهي. ان آواز ۾ صبح جي تازگي هوندي آهي، اڀرندڙ سج جي روشنيءَ جا ڪرڻا جڏهن زمين تي پوندا آهن ته محبت ماٺيڻو ڪر کڻندي آهي ۽ هڪ هلڪي آواز ۾ قومن جا فرد پنهنجيون ٻانهون کولي ان جي آجيان ان ڪري ڪندا آهن، جو ’باک جو آواز‘ کين پنهنجو ئي لڳندو آهي.
حضرت نوح عليه السّلام جي 9 سؤ سال عمر هئي، ان سوال مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ عبدالواحد آريسر کي گهڻو پريشان ڪيو ته هن جي ايڏي عمر ڪيئن ٿي. عبدالواحد آريسر اهو سوال پنهنجي رهبر سائينءَ جي ايم سيد کان پڇيو، ان تي سائين جي. ايم سيد ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ ٻڌايو ته، اها عمر موجوده ڪئلينڊر موجب نه سمجهو، ان دؤر جو هڪ سال مهيني جو به ٿي سگهي ٿو، هفتي جو به ٿي سگهي ٿو ۽ پندرهن ڏينهن جو به ٿي سگهي ٿو. حضرت نوح عليه السّلام جي عمر بابت اڄ تائين ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کولي سمجهايو هجي! ته اهڙا راز آريسر جهڙا ’باک جا آواز‘ ئي ماڻهن تائين پهچائيندا آهن.
باک جي آواز کي شيخ اياز ئي سمجهيو هو، جيڪو هن پنهنجي نظم ۾ هن خوبصورت انداز ۾ سرجيو آهي.

باک جو آواز آيو،
ڪير آهين؟

شيخ اياز جي شعر جي هن سِٽ کي سمجهندي منصور مزاري، عبدالواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن، يادگار ڪچهرين ۽ انٽرويوئن کي گڏ ڪري ”باک جو آواز“ نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي آڏو آندو آهي. ريڪارڊ ڪيل مواد جو لفظ لفظ اتارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ۽ اهو ڪم اُهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جن ماڻهن کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ادب، پنهنجي سياست، پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان بيحد پيار هوندو آهي ۽ انهن کي مقصد ماڻڻ لاءِ وڏي تڙپ هوندي آهي، اها تڙپ منصور مزاريءَ جي هن ڪاوش مان ڏسي سگهجي ٿي.حقيقت ۾ اهو عشق ئي آهي، جيڪو کانئس ههڙا ڏکيا ڪم ڪرائي ٿو. اڄ جي موبائيل فون، سوشل ميڊيا، ڪمپيوٽر ۽ مشيني دَور ۾ جتي ماڻهوءَ کي ميسيج پڙهڻ جي به فرصت ناهي، ان ماحول ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ريڪارڊ ڪيل مواد کي ٻُڌي، اُتارڻ تي منصور مزاري جس لهڻي.

’باک جو آواز‘ ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اڻ ڳڻيون ڳالهيون آهن، جن تي جيڪڏهن فرصت سان ويهي لکجي ته هوند ٻيو ڪتاب به اچي سگهي ٿو، پر مون مٿي ڄاڻايل حضرت نوح عليه السّلام جي عمر بابت هن ڪتاب مان چونڊ ڪيل ٽڪرو ڏنو آهي ۽ ٻيو ٽڪرو عبدالواحد آريسر جي تقرير مان حليم باغيءَ جي شاعريءَ بابت هتي ڏيان ٿو.

”ماءُ کان جدا ٿيڻ مهل ٻار جو ناڙو ڪٽجڻ وقت، جيڪا ٻارڙي جي چيخ نڪرندي آهي، شاعريءَ ۾ به اهڙو درد هُئڻ گهرجي.“
ٻارڙي جو جنم ۽ ان جي ناڙي ڪٽجڻ واري ڳالهه ڪيڏي نه گهرائي سان ڪئي اٿائين، سنڌ ۾ آهي ڪو اهڙو سياستدان جيڪو تازي ڄاول ٻارڙي جي چيخ جي درد کي سمجهي، اهو درد ٿر جي ڀِٽن مان واچوڙي جيان قومي تحريڪ ۾ داخل ٿيندڙ عبدالواحد آريسر ئي سمجهي سگهي ٿو.

عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو، هُو هميشه پنهنجن ماڻهن کي جاڳائڻ لاءِ جتن ڪندو رهيو ۽ پنهنجن ساٿين کي سياست جا نوان رُخ ٻڌائي هميشه اُتساهيندو رهيو ۽ مرڪندي کِلندي اسان چوندو ويو ته:

باک جي ساک!
اڄ مان ڏئي ٿو وڃان،
اڄ چئي ٿو وڃان،
سج سنڌوءَ مٿان،
اڀرندو ساٿيو!

ــ واحد ڪانڌڙو
حيدرآباد سنڌ
30 اپريل 2016ع