آريسر جو عاشق منصور : ارڏو اترادي، ڪنڌڪوٽ
سائين عبدالواحد آريسر صاحب جي علمي آواز ٻڌڻ لاءِ منصور احمد مزاري، سائين عبدالوهاب ڀيي جي پهرين ورسيءَ تي ڪنڌڪوٽ آيو. هن مون کي چيو ته سائين عبدالواحد آريسر صاحب کان مون وٽ رهڻ لاءِ وقت وٺي ڏيو ته رات رهڻ ڪري اڃا وڌيڪ علم پِرايون! سائينءَ جن کي عرض ڪيم ته هي نينگر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد اڳواڻ عهديدار خالد حسين مزاريءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي، هي علم دوست مهذب گهراڻي جا آهن، هن جا ڪک اسان جا پنهنجا آهن، سو هلي اُتي رهڻ جو قرب ڪريو. پوءِ سائين جن سان گڏجي محترم منصور مزاريءَ جي ڳوٺ مريد شاخ آياسين. اُن کانسواءِ سائين عبدالواحد آريسر صاحب جي اتر سنڌ اچڻ لاءِ جڏهن ۽ جتي ٻُڌندو هو، اُتي ڪيئن به ڪري پهچندو هو.
محترم منصور احمد مزاري هڪ ڪالم نگار، صحافي ۽ علم دوست ضرور رهيو آهي، پر ليڊرشپ جي جنونيت جا جيوڙا هن جي جسم ۾ ڪونه آهن. هُو هن وقت تائين مون وانگر سيدِ اعظم ۽ سائين عبدالواحد آريسر جي علم ۽ قلم کي قومن جي دردن جو علاج سمجهي ٿو. هُو هن صوفي منش عظيم انسانيت جي عشق ۽ ايمان جو مداح آهي، ان ڪري منصور احمد مزاري هن ڪتاب کان اڳ سائين عبدالواحد آريسر جي ڪتابن جا چُونڊ ٽڪرا، جيڪي هن وقت تائين هُن پنهنجي ساهه ۾ سانڍيا هُئا، سي سهيڙي ٻه ڪتاب ”مُنهنجي اڱڻ مساڳ جو وڻ“ ۽ ”ورق ورق تاريخ“ اسان عوام جي اڳيان امانت باسلامت کڻي پيش ڪيا ۽ هي ٽيون ڪتاب ”باک جو آواز“ آهي. سائين منصور مزاريءَ جو هي پورهيو انتهائي سُڃاڻپ وارو ۽ ساراهه جوڳو آهي. هن جا هي ٽيئي ڪتاب ادبي انمول خزانا ۽ قومن جو ورثو آهن. ڇاڪاڻ ته ڪتاب قومن جو اُهو پُرامن ۽ پُختو هٿيار آهي، جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. جن قومن ڪتابن جو قدر ڪيو، تن قومن کي ڪوبه دير تائين غلام رکي نه ٿو سگهي.
بقول منصور مزاريءَ جي ته سائين عبدالواحد آريسر صاحب سنڌ جو اُهو ٽئگور جهڙو شاعر ۽ اديب آهي، جنهن چيو هو ته: ”جڏهن هي ڌرتي آزاد ٿيندي، ته مُنهنجو رُوح آسمان جي ستارن ۾ اوهان کي مُرڪندو نظر ايندو.“ مون کي به اهڙي پڪ آهي ته مُنهنجو هي پورهيو اُن جي رُوح کي راحت بخشيندو.
اوهان جي خاطر لکي وڃان ٿو،
لکي اوهان لاءِ رکي وڃان ٿو.
مُنهنجو جياپو اوهان سان ’ارڏا‘
سنيهو لکي سَکي وڃان ٿو.