تاريخ، فلسفو ۽ سياست

باک جو آواز

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
Title Cover of book باک جو آواز

حليم باغي جي شاعري

آءٌ ۽ ڄام ساقي هينئر ڏاڍي هڪڙي سنجيده بحث ۾ لڳا پيا هُئاسين، اهو تاريخي به هو، سماجي به هو، مذهبي به هو- پر الائي ڇو مون کي چيو ويو ته تون اچ.
مون هڪ وقت ۾ سوچيو هو، آءٌ ڪجهه ماڻهن تي لکان ته، ”اُهي ماڻهو ڪهڙا آهن ۽ شاعر ڪهڙا آهن.“ حليم باغيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ ايئن پيو محسوس ڪريان، ڄڻ پلصراط تان پيو مَٽان، ڇو ته هن پروگرام جي صدارت نياز همايوني ڪري رهيو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو رُوپ ئي نِرالو آهي:
تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
مون وٽ رُوپ نه ڪو ٻهروپ الا.
(نياز همايوني)
شاعريءَ جو تصور سنڌ جي سياستدانن وٽ الائي ڇا آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ مون وٽ شاعريءَ جو تصور خوبصورت آهي، ڇاڪاڻ جو شاعري، جنگ جي ميدان ۾ نيپولن جي تلوار جو حوصلو بخشيندي آهي، ٽارچر سيلن ۾ ماءُ جهڙو پيار ڏيندي آهي، ۽ آءٌ جڏهن روئندو آهيان ته مون کي پرچائيندي آهي. شاعريءَ لاءِ، عربي جو جملو يا حديث آهي ته: ”الشعراة الاميزالرحمـٰن“ يعني ”شاعر خدا جا شاگرد“ آهن.
شاعري آسان ناهي، شاعري شعلو به آهي، شاعري شبنم به آهي، شاعري آڪاس جا ستارا به آهن، شاعري ڌرتيءَ جو گل به آهي، شاعري بُکن ۾ پاهه ٿيندڙ ٻار جون، مانيءَ جي اوسيئڙي ۾ کليل اکيون به آهي ۽ شاعري بهتر اها آهي، جنهن ۾ درد هُجي، ماءُ جي پيٽ مان ڌار ٿيندڙ ٻار جو ناڙو ڪٽجندي اُن جي چيخ مان جيڪو درد اُڀري ٿو، اُهو درد شاعريءَ ۾ هُجڻ گهرجي ۽ اُهو درد صرف مظلوم قومن جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو، اها پيڙا محمود درويش جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿي، اهو درد شيخ اياز جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو درد نياز همايوني جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو درد حليم باغيءَ جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو ۽ اها پيڙا وينا شرنگيءَ جي آواز ۾ به ٿي سگهي ٿي.
شاعري ڪرڻن کي اُٿاريندي آهي، شاعري، صدين تائين عرب قبيلن ۾ قبائلي دشمنين کي دُکائيندي رهندي هُئي. توهان سڀ مون کان وڌيڪ پڙهيل آهيو، جڏهن انگريز جي فوج ڪابل تي قابض ٿي وئي، اُن وقت صورتحال ڪهڙي هُئي! (هڪڙو واقعو ياد ڪندي) ڊاڪٽر نجيب جي دورِ حڪومت ۾ آءٌ افغانستان ويو هُئس، مون اُتي هڪڙي ڇوڪريءَ جي تصوير ديوار تي لڳل ڏٺي، اُن ڇوڪريءَ پنهنجو رئو ڪنهن ڪاٺيءَ تي ويڙهي هڪ شعر پڙهيو هو، اُن ڇوڪريءَ جو نالو ملالا هو، ۽ اُهو شعر هي هو:
”افغانستان جون مائرون!
توهان ڪڏهن،
اهڙا بزدل پُٽ ڄڻڻ شروع ڪيا آهن.
جن جي ڌرتين تي قبضو ٿي ويو آهي،
پر هو اڃا تائين اسان ڏانهن ڏسن ٿا پيا.
اهڙي شعر لکڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ هُو اُٿيا، سردار ايوب خان جي سربراهيءَ ۾ افعانستان مان انگريزن جي پاڙ پٽي ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن شاعري اُهو ڪم به ڪندي آهي، پر هڪڙي دور ۾ اهو نظريو پکڙيو ته شاعري، شاعر لاءِ هوندي آهي، شاعري جماليات لاءِ هوندي آهي ۽ آءٌ ڇا چوان، نياز همايوني جو مڪلي نظم آهي ته:
ڪوئي محبوب يادن ۾ مشڪي جيئن،
ڪوئي معصوم پينگهي ۾ مُرڪي جيئن،
سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي!
هڪڙو دور هو، جنهن ۾ سياستدانن جي تقريرن کان وڌيڪ شاعريءَ عمل ڪري ڏيکاريو. حليم باغيءَ جي شاعري سڄي واقعاتي شاعري آهي، گهڻي ڀاڱي جيڪا مون پڙهي آهي. مثال طور شهيد احسان ميمڻ تي هن نظم لکيو آهي.
هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم،
مند ملهاري تون رِيسارو!
احسان ميمڻ جي شهادت هڪ واقعو آهي يا سندس هڪ ٻيو شعر آهي ته:
ڪارونجهر جي ڪاري چوٽي،
روپو ڪولهي اڄ به رهي ٿو،
گورا! توکي ڪائي غم ناهي،
تنهنجو سورج ڄڻ لهي ٿو.
شهيد ڪمال راهمون تي يا شهيد رضا محمد بنگلاڻيءَ تي به هن شعر لکيا آهن، مثال طور شهيد رضا تي لکيل سندس هي شعر:
مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو،
هن جُوءِ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو،
تون ڀٽڪيل روح بلاول جو،
هت بان جي ڪپري آيو هُئين!
بي ڏوهه ننڌڻڪو ماريو وئين!
اها سڀ واقعاتي شاعري آهي، جنهن ۾ قوم جو جذبو سمايل محسوس ٿئي ٿو. آءٌ هڪڙي ڀيري گرفتار ٿيس، ان وقت باغي سان منهنجي گهاٽي دوستي هُئي، باغي اُن وقت هڪ شعر لکيو ۽ اهو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي پڙهي ٻڌايائين، جنهن تي ڪامريڊ سوڀي چيو ته: اهڙو شعر برصغير جي سموري مزاحمتي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ناهي لکيو ويو.
هي ڇورواهه جون ڇوليون،
البيليـــــــون اڻموليـــــــون!
حليم باغي جي شاعري واقعاتي آهي، لينن چيو ته تاريخ، پروپيگنڊا ۽ جماليات ٽيئي گڏجي وڃن ته خوبصورت شاعري جنم وٺي سگهي ٿي. ٿرڊ انٽرنيشنل تراني ۾ اهي ٽيئي شيون آهن، ان ۾ تاريخ به آهي، واقعا ۽ جماليات به آهن. بهرحال حليم باغي تي هڪڙي مڪتبِ فڪر جو غلبو رهيو آهي ۽ ان کان کڻي، اڳتي هلي، ٿي سگهي ٿو ته انڪار ڪري ڇڏي، ڇو ته هو گورنمينٽ جو ملازم آهي، هونئن آهي ته سائين جي ايم سيد جو.
اڄ آءٌ دعويٰ سان هيءَ ڳالهه ڪريان ٿو ته 1970ع ۾ پيپلز پارٽي يا ذوالفقار علي ڀُٽو طوفان ٿي اُڀريو، هن سنڌ جا سڀ ووٽ ميڙي ورتا، پر جي. ايم سيد سنڌ جي ساڃاهه پاڻ سان گڏ ڪري ورتي، ڪو اديب، دانشور يا شاعر ڀُٽي سان گڏ نه هو.
ڪنين ميڙيا ماڻڪ موتي، ڪنين ميڙيا ڪک،
پرور ڏي پک، ته اڏامي وڃان اوڏهين!
هوڏانهن ماڻڪ موتي ته نه هُئا، ماڻڪ موتي سڀ هيڏانهن هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين موجود آهن، حليم باغي به ان جو پرتوو آهي ۽ نظر اچي ٿو.
حليم باغي جي شاعريءَ ۾ اسان کي پهريون دفعو احساس ٿيو، (1977-1978ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو- آءٌ وڏن ماڻهن کي ’مرحوم، شهيد ۽ رحمت الله عليه‘ نه چوندو آهيان، آءٌ جي. ايم سيد کي ’مرحوم‘ يا ’شهيد‘ نه چوندو آهيان، آءٌ ڀُٽي کي به نه چوندو آهيان، اياز کي به ناهيان چوندو ۽ يقيناً نياز همايوني کي به نه چوندس، ٿي سگهي ٿو ته آءٌ هن کان اڳي هليو وڃان ۽ نياز کي به اها وصيت ڪريان ٿو ته هُو منهنجي لاءِ به ايئن (مرحوم، شهيد ۽ رحمت الله عليه) نه چوي، ڇو ته هڪڙا ماڻهو ايڏا مٿي ٿي ويندا آهن، جو رحمتون انهن جي پيرن هيٺان پرن جيان هونديون آهن، شهادتون هنن لاءِ ڪائي حيثيتون نه رکنديون آهن، هو تمام مٿانهان ماڻهو هوندا آهن.) جو هن سائين جي. ايم سيد جي فِڪر تحت جيڪا شاعري ڪئي، ان ۾ بي انتها حُسناڪي هئي، آءٌ هميشه ان ڳالهه جو قائل رهيو آهيان ته ادب لکو، ڪي ماڻهو مون تي مختلف قسمن جا الزام هڻندا آهن، پر آءٌ چوندو آهيان ته ادب ۾ جيستائين ترغيب ناهي، تيستائين اهو ڪم جو ناهي، ٻه مايون پاڻ ۾ ملن ٿيون ته ڪهڙي ڳالهه ڪن ٿيون، ٻه مرد پاڻ ۾ ملن ٿا ته انهن جو پسنديده موضوع ڪهڙو آهي، ان قسم جي ڳالهه جيڪڏهن توهان جي ادب ۾ ناهي ته اهو ادب ماڻهوءَ کي ڇڪي نه ٿو سگهي توهان ڏي! حليم باغي جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ شيون آهن، پهريون ڀيرو هن سان مليس ته هن مون کي هڪ شعر ٻڌايو.
مون کي ڀُر ۾ ڀانءِ، آءٌ پکي اڳ جو.
ان وقت هن مئٽرڪ پاس نه ڪئي هئي، ان عمر ۾ به هن جو خيال اهڙو هو ۽ اڄ هو روحل واءِ کان هلي حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ پهتو آهي.
منهنجي ٿر جو حال جي پڇندي، روئي پوندو!
هن نظم ۾ هڪ بند مديني سان به ملايو اٿس، اڳتي هلي ڪٿي متان اقبال جيان مذهب مٿس حاوي ٿي وڃي. حليم باغي اسان جو تمام وڏو شاعر آهي. هن لفظن کي نيون معنائون ڏنيون آهن، پر حليم سان مون کي هڪڙي شڪايت آهي ته سڀ ڪجهه ڄامشورو ته ناهي، ڪجهه ته ڇاڇري جو صبح به آهي، ڪجهه ته اَمراڻي جا پولڪا به آهن، رڳو ڄامشورو ته ناهي، ڄامشورو ته ملمو آهي ۽ ڪٿي ڄامشورو اسان کان حليم باغي ڦُري نه وڃي، (اُسامه بن لادن جي رُوپ ۾) ان ڪري مون کي خوشي آهي جو توهان، اسان جي ٿر جي علائقي سان واسطو رکو ٿا ۽ هتي آءٌ هڪڙي ڳالهه ڪندس ته حليم باغي جو سئوٽ حاجي ساند آهي، ان جي شاعري پڙهبي ته محسوس ٿيندو ته ٿر جو ماڻهو شاعري پيو ڪري، ۽ جي باغي کي پڙهبو ته ان ۾ ٿر نظر گهٽ ايندو. اياز به ٿر تي لکيو آهي، ممڪن آهي ته پليجو صاحب به لکي وٺي سڀاڻي ٿر تي، پر ان ۾ ٿر جو رُوح نه هوندو، باغي به ٿر تي لکي ٿو، پر لڳي ايئن ٿو هي ٿر جو رهاڪو ئي نه آهي، حاجي ساند جو شعر آهي ته:
هي ٽڪڙا تنهنجي چنريءَ جا
۽ ٽانڪيل ڪاوا خوابن جيئن.
حليم باغيءَ جو شعر:
چَتُون پکي چُنريءَ ۾،
هوءَ روز اچي ٿي ڪُنريءَ ۾.
اهو به واقعاتي آهي، کِلندي انڊيا جي فلم جو مشهور گانو آهي ته:
چُنري ڪي پيڇي ڪيا هي،
چولي ڪي پيڇي ڪيا هي.
اياز گل منهنجو پسنديده شاعر آهي، سندس هي شعر ڏاڍو وڻندو آهي ته:
تو در اچڻ جي، ڪيئن هينئڙي وجهان هير،
منهنجا ميرا پير، اڱڻ تنهنجو اُجرو.
يا وري
تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي،
راڻي رنگن جا، سارا ٿڪ لهي ويا.
چُنري لفظ اسان جو آهي ئي ڪونه، بهرحال آءٌ ان ڪري هن کي معاف ٿو ڪريان ته اسان جي ٻن وڏن شاعرن چُنري لفظ استعمال ڪيو آهي، ٻئي جي لاءِ آءٌ نٿو چئي سگهان!
آءٌ سمجهان ٿو ته نياز همايوني جي ٻوليءَ ۾ جوار جي ڪانيءَ جهڙي تشبيهه آهي، نياز تي ته هن وقت ڳالهائڻو ئي ناهي.
خدا حيدرآبادين کي توفيق ڏئي، جو هن سان شام ملهائن، جو آءٌ هن تي تفصيل سان ڳالهايان.
بهرحال توهان دوستن جي وڏي مهرباني جو توهان اسان ٿرين کي، ۽ ڄامشوري جي هن شاعر کي مان بخشيو آهي.

(ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ حليم باغيءَ سان رچايل رهاڻ واري تقريب ۾ ڪيل تقرير)