تاريخ، فلسفو ۽ سياست

باک جو آواز

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
Title Cover of book باک جو آواز

تفصيلي انٽرويو

سوال: ڇا اوهان سمجهو ٿا ته ون يونٽ جو هڪڙو دور گذريو، ايم آر ڊي جو هڪڙو دور گذريو، هن کان پوءِ هي جيڪو سنڌ ۾ سياسي اتحاد سان ڪالا باغ ڊيم خلاف ڪو ٽيون عوامي اڀار، جيئن ايم آر ڊي ۾ ٿيو، ون يونٽ ۾ ٿيو، ڇا هن مهل ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ ان قسم جو ڪو نئون عوامي اُڀار ايندو؟
جواب: ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ ان سطح جو عوام اڀار ناهي، جيڪو ون يونٽ جي خلاف هو، جيڪو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هو، ان جو سبب اهو آهي، ته ون يونٽ جي خلاف به سنڌ ۾ ماڻهن جدوجهد ڪئي، اديبن ۽ دانشورن به ان ۾ حصو ورتو، مجموعي طور ون يونٽ 14 سال هليو، ان ۾ مٿين ڪلاس جي ماڻهن، اديبن ۽ شاعرن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ڳالهه وڏي اها آهي ته، ان دور ۾ ون يونٽ ٽن صوبن جو گڏيل مسئلو هو، سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه صوبو يعني جنهن کي سرحد سڏيو وڃي ٿو. انهن چوڏهن سالن ۾ مجموعي طرح ون يونٽ جي خلاف انهن ٽنهي صوبن مان جيل ۾ ويندڙ ماڻهن جو تعداد 60000 سٺ هزار هو. چوڏهن سالن ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ جي تحريڪ خلاف صرف شهيد هڪڙو ماڻهو ٿيو، اهو بلو پنهور هو، شاهه ڪريم جو ۽ پختونخواهه ۾ هڪڙو به ماڻهو شهيد نه ٿيو، پر بلوچستان ۾ ڪافي ماڻهو شهيد ٿيا، ايم آر ڊي تحريڪ جا ٻه مرحلا آهن، پهريون مرحلو آهي 1983ع وارو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي قيادت وڏيري خلاف اُٿي، توهان ان وقت جي جيل جو رڪارڊ ڏسندؤ ته، غلام مصطفيٰ جتوئي پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر هو، انهيءَ سڀني وڏيرن کي چيو ته، آمريڪا مون کي يقين ڏياريو آهي ته توهان هيترا مهينا جيل ۾ وڃو ته اقتدار اوهان جي حوالي آهي. انهيءَ ڪري اهي وڏيرا سڀ، جيڪي پنهنجا ماڻهو هئا، ميدانن تي ڪڍي آيا ۽ ٻيو ايم آر ڊي تحريڪ جو رائونڊ 86ع هو، جنهن جي قيادت بينظير ڀٽو ڪئي ۽ جنهن بندشون ٽوڙي وڃي لياري ۾ جلسو ڪيو، سموري سنڌ ۾ ريلوي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ته اها تحريڪ ڪي ڏينهن هلي ۽ بينظير گرفتار ٿي، تنهن کان پوءِ اها تحريڪ ختم ٿي وئي. هن وقت صورتحال اها آهي ته پاڻي جي مسئلي تي سياسي پارٽيون مٿين دل سان جدوجهد ڪن ٿيون، سواءِ جسقم جي، عوامي تحريڪ آهي، اها به پنجاب سان اتحاد ڪريو ويٺي آهي يا پيپلز پارٽي آهي، ان کي به اقتدار جو آسرو آهي ۽ ممتاز صاحب آهي، اهو به چئي ٿو ته سياست اقتدار لاءِ آهي، جيڪڏهن مون کي نگران وزيراعليٰ ڪيو ته آءٌ ٿي ويندس. ان ڪري عوامي اُڀار ان سطح جو ناهي پاڻي جي مسئلي تي، ان ڪري ته سنڌ جو ماڻهو اڃا تائين ورڪر جي اثر ۾ ڪونه آيو آهي، اهو اڃا تائين سردار، مير، پير ۽ وڏيري جي هٿ ۾ آهي ۽ وڏو ماڻهو جيڪو آهي، سو پاڻي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي زمين لاءِ حاصل ڪري ٿو ۽ مڊل ڪلاس وارو زميندار يا صفا ننڍڙو آبادگار اهو پاڻي کان محروم رهجي ٿو وڃي ۽ ان جي اثر ۾ وري عوامي قوت آئي ناهي، جنهن کي هو ميدان تي آڻي. ان ڪري ايترو عوامي اڀار هينئر ناهي.
سوال: هي جيڪا سڄي جدوجهد آهي، ان کي اوهان ڇا چوندا؟
جواب: اها منظم ناهي، مثال طور روز اسين اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته اڄ دمبالي شاخ جي آبادگارن ڌرڻو هنيو، اڄ ڍل شاخ جي آبادگارن ڌرڻو هنيو، ان ۾ پاڻي ڪونهي يا ڪنهن ٻين ڌرڻو هنيو ته پوڇڙي ۾ پاڻي ناهي يا نارا ڪئنال جي آبادگارن ڌرڻو هنيو، عمرڪوٽ ۾ مسئلو آهي، يا اها شيءِ هڪڙي جيڪا منظم صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ هڪڙي ئي ڏينهن تي اُٿي ائين ناهي. انفرادي ۽ مقامي طور تي جيئن مسئلا ٿيندا آهن، جيئن سماجي تنظيمون کڻنديون آهن، تيئن ئي هلن ٿا، ان جو ڪارڻ سياسي سطح تي آندو ئي نه ويو آهي ۽ نه ئي سياسي پارٽيون صرف پاڻي جي هڪڙي مسئلي تي گڏ ٿي جدوجهد ڪن ٿيون ته اسان کي پنهنجا سڀ پروگرام، سڀ ڳالهيون هڪڙي پاسي رکي ايتري وقت تائين هيترن ماڻهن جي قرباني ڏيڻي پئي ته ڏينداسين، هيترن ماڻهن کي جيل ۾ رهڻو پوي، تڏهن به وينداسين يا هيترن ماڻهن کي اسين ٻين ملڪن ڏانهن موڪلينداسين، اهڙي قسم جي ڪا به پلاننگ نه ٿي آهي.
سوال: ڇا جسقم وٽ ڪو اهڙو پروگرام آهي، جنهن ۾ اها شيءِ طئه ڪئي وئي هُجي ته اسان هيئن ڪنداسين، جيڪو ٻين پارٽين نه ڪيو آهي؟
جواب: جسقم به رٿابندي نه ڪئي آهي.
سوال: ان جو سبب ڪهڙو آهي؟
جواب: ان جو سبب جدوجهد جي مرحلن کان اڻ واقفيت آهي، جدوجهدون ڪيئن ڪبيون آهن.
سوال: قيادت اڻ واقف آهي؟
جواب: فيصلي ساز ادارا جيڪي آهن ۽ ان ۾ شامل آءٌ به آهيان ته انهيءَ جي اڻ واقفيت آهي ته صرف جسقم ڏانهن ان معنيٰ ۾ ڪريڊٽ وڃي ٿو ته، هن سنڌ ۾ ڌرڻا ڪلچر کي متعارف ڪرايو، نه ته اڳ ۾ سنڌ ۾ ڌرڻا ڪلچر نه هو، پر هاڻي صرف هڪڙي ئي انهي ڪلچر تي به ڳنڍ ٻڌي نه بيهي رهڻ گهرجي، سياسي ليڊر بنيادي طرح شاعر وانگر هوندو آهي، شاعر جيئن شعر ۾ تخليق ڪندو آهي، روز روز نيون نيون تشبيهون اختيار ڪري، هڪڙي ئي محبوب جي لاءِ استعمال ڪندو آهي. ائين ئي سياستدان سياسي جدوجهد جي تخليق ڪندو آهي.
سوال: ته اوهان چئو ٿا ته جسقم جي قيادت وٽ اها صلاحيت ڪونهي؟
جواب: جي ها، آءٌ پاڻ سميت سڀني لاءِ چوان ٿو.
سوال: توهان به آهيو؟
جواب: ها، آءٌ به آهيان.
سوال: هي جيڪي پ پ وارا ۽ مسلم ليگ وارا يا انهن جا جيڪي به ڌڙا آهن، يا پ پ وارن جا ٻه ٽي ڌڙا آهن، هي به هينئر پاڻي پاڻي ڪن ٿا پيا، ووٽ بيڪ لاءِ يا؟
جواب: سنڌ ۾ ووٽ بيڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ ۽ اقتدار جي لالچ ۾.
سوال: هي جيڪا هينئر صورتحال آهي، ڪالا باغ ڊيم خلاف ٿورو گهڻو جيڪو به ميڊيا ۾ ٿيو، عوامي طور تي ٿيو، ڪنهن به طريقي سان ٿيو، بهرحال هڪڙو اعلان ٿيو هو، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اهو سياسي پارٽين جو ڪو پريشر رهيو يا سنڌي ميڊيا؟
جواب: سياسي پارٽين جو هو، ان ۾ آءٌ توهان کي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي هڪڙي بيان جو حوالو ڏيندس، ان حيثيت ۾ نه، ته هُو منهنجي لاءِ آئيڊيل وزيراعليٰ آهي، پر هُو سياستڪار آهي، سياستدان الڳ شيءِ ٿيندي آهي، سياستدان جي. ايم سيد هو، سياستڪار ذوالفقار علي ڀٽو هو. سياستدان ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي، سياستڪار ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي. ان کان پڇيو ويو ته، ڪالا باغ ڊيم جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ چيائين: ”مون کان ڇو ٿا پڇو، سنڌ جون گهٽيون ڳالهائن ٿيون، سنڌ جون ديوارون ڳالهائن ٿيون، سنڌ جون ڀتيون ڳالهائين ٿيون، معنيٰ سنڌ جو آواز اهو ئي آهي، مون کي ان تي ڇا ڪرڻ گهرجي.“ اهو سياسي پارٽين جي جدوجهد جو نتيجو هو.
سوال: اها منظم ڪونهي، وقتي طور ملتوي ٿي آ؟
جواب: ها وقتي طور ملتوي ٿي آهي.
سوال: ارباب غلام رحيم بابت چؤٻول هُئا ته وزيراعليٰ تبديل ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم وارن سان هن جا ڪجهه اختلاف هلن پيا، چيو اهو پيو وڃي ته، ارباب غلام رحيم ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪري، وڏي سرڪار وٽ اهو شو ڪرائڻ چاهيو ته، جيڪڏهن مون کي لاهيندؤ ته مون کي هينئر سنڌ جي حمايت حاصل آهي. هن پنهنجي سنڌ دوستي ۾ نه، پر پنهنجي ڪرسي کي ٿورڙو ڊيگهه ڏيڻ لاءِ فوري طور تي بيان ڏنو آهي؟
جواب: سينسيئر ۽ غير سينسيئر پاليٽڪس ۾ چاچو حفيظ قريشي چوندو هو ته، صرف جي. ايم سيد ۽ لطيف حصو وٺي سگهن ٿا. پاليٽڪس ۾ هر پوليٽيشين جو مفاد هوندو آهي ۽ چاچو مثال ڏيندو هو ته:
پرچن شال پنهوار! ڀٽائي، مارئي جي واتان چورائي پيو، جهڙو ته ڏوهارڻ اُها هُجي ۽ چوي پئي ته: پرچن شال پنهوار.
ڄڻ ڏوهه ئي مارئي ڪيو هُجي. چيائين، بابا، اها سياست شاهه ۽ جي. ايم سيد ڪري سگهن ٿا، پاڻ کان ڪونه ٿيندي، ته اصلي مسئلو ته پاليٽڪس مفاد کان سواءِ هوندي ئي نه آهي، ان ڪري ارباب رحيم جو مفاد به هجي ان ۾، ۽ يقيناً هوندو، ته ان مفاد کي ڪيئن استعمال ٿا ڪن. مطلب ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ آءٌ هن کي جس ٿو ڏيان، ته ٽيون ڏينهن هڪ بيان آيو آهي ته ڏهن سالن جي ڪمزور وزيراعليٰ جي بدران آءٌ هڪڙي ڏينهن جو طاقتور وزيراعليٰ رهڻ پسند ڪندس.
سوال: اهو سنڌي وسندين جي باري ۾ جيڪو هن جو مؤقف آيو آهي؟
جواب: ته اها سنڌ، جنهن ۾ تمام گهٽ، شهيد الله بخش سومري کان پوءِ ڪنهن وزيراعليٰ اهڙي ڪا گفتگو ڪئي هوندي.
سوال: اوهان ڇا ٿا سمجهو ته، هي واقعي هن مهل ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ گُهرن پيا؟
جواب: بنيادي طرح جنرل پرويز مشرف اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو نمائندو آهي، آرميءَ جي اڪثريت پنجاب آهي، جي ايڇ ڪيو کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو کنيو آهي ۽ حالانڪه جن ماڻهن دعوائون پئي ڪيون ته، نواز شريف کان وٺي شوڪت عزيز تائين، ته اسان خيرات وارو ڪشتو ٽوڙي ڇڏيو آهي ته وري به اهي قرض پيا وٺن، اهي ماڻهو ڪالا باغ ڊيم پاڪستان جي بجيٽ مان ٺاهي سگهندا! عالمي ادارن ورلڊ بئنڪ وغيره انهن ڪالا باغ ڊيم جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته پاڪستان واري بجيٽ ۾ ٺاهي سگهن ۽ آمريڪا ڪيسين تائين ڏيندو رهندو خيرات جا ٽڪر، ويتر ڪالا باغ ڊيم ٺاهي بلوچستان کي ويران ڪري، سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيندا، هنن رڳو ڪور ڪمانڊر کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هڪ شوشو ڇڏيو آهي، اردو جو هڪڙو شعر آهي ته:
آگاہ اپنے حوالے سے کئی شہر ہیں٬
سامان سئو برس کا پل کی خبر نہیں۔
تون ڪيئن ٿو چوين ته ڪالا باغ 2016ع ۾ ٺاهي سگهندين!
سوال: اوهان اهو سمجهو ٿا ته سنڌ مان هن مهل پ پ پ جي تڏا ويڙهه ٿي آهي؟
جواب: اڃا ڪونه ٿي آهي، اسان وٽ هوندو هو عبدالحڪيم رباني پ پ جي بانين مان، 1946ع جي اليڪشن ۾ ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو غلام علي تڪن تان مير بنده علي جي مقابلي ۾ بيهندو هو. هُو مسلم ليگي هو، هي ڪانگريسي هو ۽ جواهر لال نهرو جو ٽنڊي الهيار ۾ هن جلسو ڪرايو هو. فضل احمد بچاڻي پنهنجي ڪتاب ”اڳي ايئن هياس“ ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”مولانا صاحب چوندو هو ته، اسان مذهبي ماڻهن جيڪو ڪوڙ ٺاهيو! اهو معنيٰ صدين تائين ڪوڙ ئي رهندو. ماڻهو انهيءَ کي سچ سمجهندا آهن، ڪوڙو ثابت نه ڪري سگهندا آهن، پر هنن جيڪو ڪوڙ ٺاهيو (ڀُٽي جي لاءِ) اهو ته ٻن سالن ۾ ظاهر ٿي پيو.“ ڪوڙ ٺاهڻ لاءِ به دماغ ۽ هنرمندي جي ضرورت هوندي آهي. بهرحال ڀُٽي صاحب ٻيو ڪجهه ڪو نه ڏنو، هُو رڳو شاطر ۽ چالاڪ ماڻهو هو، مرحوم نظير عباسي مون سان گڏ جيل ۾ هوندو هو، اهو چوندو هو ته ڀُٽي چيو ته:
‘‘یہ میری پارٹی نہیں یہ امیروں کی پارٹی نہیں یہ غریبوں کی پارٹی ہے۔’’
سو مطلب ته هُن، پارٽي کي غريب عوام جي چئي، ماڻهن کي ڏاڍو مائل ڪيو. ٽڪيٽون وري به سردارن ۽ وڏيرن کي مليون، نزهت پٺاڻ تي احسان پيا جتائن، ته هُن کي ايم پي اي ڪرايو پيپلز پارٽي، بابا، ايم پي اي ته ڪرايو پيپلز پارٽي، پر ان جي عيوض هن جيڪي جيل ڀوڳيو آهي، هن جيڪي حيدرآباد جي روڊن تي لٺيون کاڌيون آهن، ته هي ڇوڪريءَ جيڪا هرڻي جهڙي هئي، اُن کي بيماري هڻي مائي ڀاڳي بڻائي ڇڏيو آهي، انهيءَ جي قربانين کي ڪونه ٿا ڏسو! بنيادي طرح اڃا تائين خاص ڪري پيپلز پارٽي ۾ اهو آهي ته، سنڌي ماڻهو ڀُٽي جو قرضي آهي، ان ڪري سنڌي ماڻهو اڃا تائين اهو چون ٿا ته اها پارٽي اسان جي آهي، انهيءَ ڪري لڳا پيا آهن هن سان، ان جي ڪري تڏا ويڙهه ڪونه ٿي آهي اڃا.
سوال: هي جيڪو پ پ پ مؤقف رکي پئي، مطلب ڪالا باغ ڊيم جي خلاف؟
جواب: بيشڪ پيپلز پارٽيءَ جو مؤقف سنڌ تي آهي. آيا پنجاب جي پيپلز پارٽي ائين مؤقف ڪونه ٿي رکي. هتي مون جيئن عرض ڪيو ته، هيءَ پنهنجو ووٽ بئنڪ سلامت رکڻ جي لاءِ سياست ڪري ٿي.
سوال: پير صاحب پاڳاري جو، جيڪو سنڌ لاءِ مؤقف آيو، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: آءٌ پير صاحب پاڳاري بابت تبصرو ڪرڻ لاءِ شيخ مجيب الرحمان جا هي لفظ دهرائيندس، هي عوامي ليگ ۾ هڪ وقت ۾ شامل ٿيو هو، ۽ مهيني ڏيڍ کان پوءِ ڇڏي ويو. شيخ صاحب کان مون پاڻ پُڇيو ته: ”سائين! پير صاحب پاڳاري جي باري ۾ توهان جو خيال ڇا آهي؟“ چيائين ته: ”بهادر پيءُ جو مصلحت انديش پُٽ آهي.“ آءٌ به اهو تبصرو ڪندس ته هُو بهادر پيءُ جو مصلحت انديش پُٽ آهي، ۽ ٻي ڳالهه ته پير صاحب کي بنيادي طرح اها شڪايت آهي ته، سنڌي ماڻهن هميشه منهنجي خاندان کي نظرانداز ڪيو آهي، مون کي ڪڏهن پنهنجو ڪيو اٿن؟ اُن جي ڪري آءٌ بس ائين ئي سوچيندس، جيئن منهنجي سوچ آهي، جنهن مان منهنجي مريدن کي به فائدو اچي سگهي.
سوال: ايم ڪيو ايم جي مؤقف کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: ايم. ڪيو. ايم کي آءٌ سنڌ دوست تنظيم سمجهان ٿو، ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته هُو پارٽي اقتدار ۾ آهي. مرڪز ۾ به آهي صوبي ۾ به آهي، اقتدار ۾ هُجڻ جي صورت ۾ هن کي پنهنجو ووٽ بئنڪ به سلامت رکڻو آهي، ۽ ان ڪري هُو ان حد تائين ڪنهن به جدوجهد ۾ شامل نٿي ٿي سگهي، جنهن حد تائين اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڌريون شريڪ ٿي سگهن ٿيون، ۽ ايم ڪيو ايم وارن کي اهو چڱي طرح احساس آهي ته، اسان مرڪزي اسيمبلي ۾ 14 ميمبرن جي حيثيت سان اقتدار حاصل نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال ان ڪري اسان کي هتي جي ماڻهن سان گڏجي رهڻو آهي، ۽ ان ۾ انهن کي جيڪا تنظيم سوٽ ڪري پئي اها جسقم پئي ڪري، ڇو ته پيپلز پارٽي هنن جي رقيب پارٽي آهي، بلڪه پيپلز پارٽي جو سنڌ ۾ نيشنلزم به اينٽي معيار نينشلزم آهي، اينٽي پنجاب ناهي، انهيءَ ڪري شهرن ۾ ووٽ مهاجرن جو آهي، پنجابين جو ناهي، ان ڪري هنن جسقم تي ٽرسٽ ڪيو، هنن اسان ڏانهن هٿ وڌايو، اسان نه وڌايو، انهن پاڻ وڌايو ۽ ٻي بنيادي ڳالهه آهي ته، مفاهمت جو جيڪو فائونڊر هو، اهو سائين امداد محمد شاهه هو، ۽ ڳالهين ۾ اسان به هُئاسين. اسان جي پهرين گڏجاڻي ٿي، ان ۾ اسپوڪس مين مون کي مقرر ڪيو ويو، چيو ويو توکي ئي ڳالهائڻو آهي، ٻين کي نه. اُتي جيڪا ڳالهه ٿي، ان جو بنيادي مقصد سائين جي. ايم سيد هو. ٻي ڳالهه ته ڪن مسئلن ۾ ايم ڪيو ايم جون به خاميون آهن، معنيٰ ته هُو صرف اُنهن وسندين لاءِ چون ٿا بلڊوزر ڪريو، جن ۾ سنڌي ماڻهو اچي ويٺا آهن، انهن کي نه ٿا ڊهرائن، جنهن ۾ پٺاڻ ويٺا آهن. يعني هاڻي پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪراچي آهي، پشاور ناهي، ته اُنهن جي خلاف ڪارروائي ڪن، اها هنن جي به ڪمزوري آهي، ان ڪري ته پٺاڻ قومي جنرلز، جيڪو فوج ۾ آفيسر سطح تي 13 سيڪڙو آهي، اتي پٺاڻ کي هٿ ڪونه ٿا لڳائن، ۽ سنڌي ته معنيٰ برگيڊيئر سطح کان مٿي نه آهي. فوج هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته پاڪستان جي خالق وطن يا قوم جو ماڻهو پنهنجي اولاد جي فوج ۾ برگيڊيئر جي سطح کان مٿي هجي ئي نه، ۽ ماڻهو چوندا آهن ته پاڪستان سنڌ جو ٻچو آهي. آءٌ چوندو آهيان، ها ٻچو آهي، پر اهو ٻچو نانگ آهي، نانگ جو ٻچو جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته، ماءُ جو پيٽ چيري پوءِ نڪرندو آهي، جنهن سان ماءُ مري ويندي آهي، ته پاڪستان جهڙوڪ ماءُ جو پيٽ چيري نڪتو آهي، جو سنڌ کي هن ختم ڪري ماري ڇڏيو آهي. رائو رشيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”ڀُٽي جي زوال جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو هو ته پڇاڙي ۾ هُن عوام سان رابطو ڪٽي ڇڏيو، صرف آفيسرن جي رپورٽن جي آڌار تي هُو فيصلا ڪندو هو.“ اهڙي طريقي سان الطاف حسين به صرف نائن زيرو جي رپورٽن تي خطاب ٿو ڪري، اها به هن جي غلطي آهي، اهو هن جو سنڌ ۾ زوال جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. هُو عام ماڻهن کان رايا گهرائي فيڪس جي ذريعي ننڍن ننڍن سنڌي ڳوٺن ۾ به ٽيليفونڪ خطاب ڪري، انهن ۾ نائين زيرو جا عهديدار نه هُجن، اتان رايا وٺي ته بابا، ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ان سان ئي هُو سنڌي ماڻهن ۾ مقبول ۽ سنڌ جو حصو ٿي سگهن ٿا.
سوال: موجوده بلوچستان جو جيڪو مسئلو آهي، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: بنيادي مسئلو اهو آهي ته، بلوچستان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ڪڏهن فيصلو ئي نه ڪيو، يعني 1947ع ۾ خان آف قلات هو، انهي جي اسيمبلي هُئي، ۽ ان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر غوث بخش بزنجو هو. ان اسيمبلي رزوليشن پاس ڪيو هو ته، ’اسان پاڪستان ۾ شامل نه ٿينداسين‘ ۽ آءٌ ويس ان قلات جو محل ڏسڻ، ۽ مون کي اهو هال ڏيکاريو ويو، جتي غوث بخش بزنجي پاڪستان ۾ شامل نه ٿيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. مون کي اهو به ٻڌايو ويو ته، ملازم سنڌي هندو هُئا. بهرحال انهيءَ کان پوءِ چار دفعا بلوچستان تي حملا ٿيا آهن. پهريون ته زوري جناح صاحب، بلوچستان تي قبضو ڪرايو، ۽ پوءِ ٻيو جيڪو شهزادي عبدالڪريم جي دور ۾ ٿيو. ٽيون ايوب خان جي دور ۾ ٿيو. چوٿون ڀُٽي صاحب جي دور ۾ ٿيو. هي پنجون حملو آهي، بلوچستان تي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته هي پنجون حملو جيڪو بلوچستان تي آهي، اهو پنجابين جو دستڪ پئي ڏي. ها، ۽ بلوچستاني ليڊرن ٻولي جيڪا هينئر استعمال ڪئي آهي، ملائڪن فرشتن جي ٻولي آهي، ۽ ان ڪري پاڪستان جا ڏينهن به ڳڻجي چُڪا آهن، پر بلوچ آزاد ٿيندا. توهان کي حيرت ان ڳالهه جي ٿيندي ته، تاج محمد جمالي جهڙي ماڻهوءَ اخبار کي انٽرويو ڏنو آهي ته، بلوچستان آزاد ٿيڻ وارو آهي، ۽ ان جو وزيراعظم آءٌ هوندس. معنيٰ جمالي خاندان، جيڪي جناح کان وٺي سڀ پاڪستاني ۽ جناحي رهيا آهن، اهي پنهنجي بلوچستان جي آزادي جي ڳالهه ٿا ڪن، ته معنيٰ عالمي طاقتن ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
سوال: اوهان جي ملائڪن مان مراد به اها آهي؟
جواب: هن مان مراد اها آهي ته، اُنهن ڪو فيصلو ڪيو آهي، ته اسان ڇو نه سنڌ ۽ بلوچستان، خصوصاً آمريڪا کي سوٽ ڪن ٿا. مڊل ايسٽ هجي يا افغانستان هجي يا ايران هجي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا ايئربيس آهن ۽ سامونڊي علائقا آهن، اهي اُنهن کي وري سوٽ ڪن ٿا، ۽ ان ڪري جيڪو بلوچستان کي آزاد ڪرائي رهيو آهي، بلوچ ليڊر نواب خير بخش خان خصوصاً ماضي ۾ هُو ڪميونسٽ لابي جو حامي رهيو آهي. ڊاڪٽر نجيب جي دور ۾ هو افغانستان ۾ هو. بدليل حالتن ۾ هو پنجاب کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ آمريڪا سان معاهدو ڪري سگهي ٿو، پر هڪڙي آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ نه، ڪنهن غلام ملڪ جي حيثيت ۾، ان ڪري بلوچن کي ڪجهه نه ڪري سگهندا. شيخ رشيد کان پڇيو ويو ته: ”توهان ڪوهلو ڇو نه ٿا وڃو؟” چيائين: ”هم ڪوئي پاگل هين.“ يعني ڪوهلو ۾ پاڪستان جو ماڻهو داخل نه ٿو ٿي سگهي.
ان ڪري بلوچستان کي هاڻي پنجابي وڌيڪ غلام رکي ئي نه ٿا سگهن، پر اميد ته سنڌ به آزاد ٿيندي، پر مصيبت اها آهي ته، سڄي دنيا جي جاگرافي تبديل پئي ٿئي ۽ خصوصاً ڏکڻ ايشيا جي هن خطي جي، قائداعظم جي حوالي سان اِن وقت سان سنڌي ماڻهن وڃي چاليهه جي قرارداد ۾ پناهه ورتي آهي. آءٌ ان تي اقبال جو هڪڙو شعر پڙهندو آهيان ته:
یہ نادان گر گئے سجدے میں٬
جب وقت قیام آیا!
يعني اسان ان وقت ۾ سجدو ڪيو، جڏهن اٿڻ جو وقت هو، ته هن دور ۾ معنيٰ اسان کي ته اٿڻ کپندو هو. اسان وڃي چاليهه جي قرارداد ۾ پناهه ورتي آهي، جنهن کي سائين جي. ايم سيد ڪيئي ڀيرا مسترد ڪري چُڪو آهي، ۽ بلوچ سواءِ قاضي عيسيٰ جي، قاضي عيسيٰ خان بلوچستان جو هڪڙو ليڊر هو، مسلم ليگي هو، بلوچ ته شامل نه هُئا چاليهه واري قرارداد ۾، ۽ نه ئي پاڪستان جي ٺهراءُ وقت ان دور ۾ بلوچستان جي قلات نيشنلسٽ پارٽي هئي، جنهن جو بزنجو صاحب سربراهه هوندو هو. هنن جو مسلم ليگ يا پاڪستان سان ڪو به تعلق ڪونه رهيو آهي، ان ڪري هُو آزادي چاهن ٿا يا آزادي اُنهن کي ملندي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جي انهن ۾ صلاحيت به آهي. بنيادي شيءِ اها آهي ته، آزادي توهان کي به ملي سگهي ٿي، پر توهان ۾ اها حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿي آهي.
سوال: اوهان سمجهو ٿا ته بلوچن ۾ اها شيءِ آهي؟
جواب: بلوچن ۾ بلڪل آهي ۽ ٻي به بنيادي شيءِ اها آهي، ته بلوچن وٽ مرڪزي شهر ڪوئيٽا آهي، جنهن ۾ پٺاڻ گهڻا آهن ۽ بلوچ اڪثريت ۾ ناهن. نيوز اخبار وارن هڪڙو مذاڪرو رکرايو هو، ”سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ ان جي ناڪامي جا سبب.“ ته مون ان تي ڳالهائيندي چيو ته: توهان قومي تحريڪ چوندا ڇا کي آهيو؟ ڇا ڪجهه مطالبا رکجن؟ قومي تحريڪ اها هوندي آهي، جيڪا سموري ڪلچر کي تبديل ڪري، سموري ادب کي تبديل ڪري، سمورين ريتن رسمن کي تبديل ڪري، نالن ۽ رواجن کي تبديل ڪري، مذهبي ۽ قبائلي دشمنين کي تبديل ڪري. مون چيو بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ڪاميابي جو هي وڏو نانءُ نه آهي ته عطاءُ الله مينگل ۽ محمود خان اچڪزئي ٻئي هڪڙي ڪرسي تي گڏ ويٺا آهن، هو پٺاڻ بلوچستان جو حصو ڪٽڻ جو حامي ۽ هي بلوچ - گريٽر بلوچستان جو طرفدار، اها اڄ بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ڪاميابي آهي، ان ڪري هن شهر ۾ سگهه ته محمود خان جي وڌيڪ آهي، ولي خان وارن جي گهٽ آهي. هو انهن سان گڏ آهي، بلوچن سان، انهيءَ ڪري بلوچن ۾ اها صلاحيت به آهي، اهليت به آهي، عالمي صورتحال به انهن جي فائدي ۾ آهي. ان جي ڪري انهن کي ضرور آزادي ملندي.
سوال: اوهان سمجهو ٿا ته هي جيڪا بلوچستان جي ويڙهه هلي پئي، اهي آزادي لاءِ وڙهن پيا!
جواب: جي ها!
سوال: مطلب گريٽر بلوچستان لاءِ وڙهن ٿا پيا؟
جواب: ها! مطلب ته ٻيا ليڊر کڻي مصلحتن کان ڪم وٺندا هجن، پر آءٌ بلوچستان جو اصلي نيشنلسٽ ليڊر نواب خير بخش مريءَ کي سمجهندو آهيان، هُو ته بنا ڪنهن پردي ۽ رک رکاءُ جي چئي ٿو ته، اسان کي آزادي کپي، ترقي اسين ڪنداسين پنهنجي وسيلن سان، هينئر جيڪي ترقي جي نالي تي روڊ ۽ رستا وڇايا پيا وڃن، اُهي پنجاب آرمي لاءِ وڇايا پيا وڃن، ۽ ان ڪري هي چون ٿا ته بلوچ تعليم جا دشمن آهن.
سوال: پر هي بلوچستان ۾ جيڪا به شيءِ ٿئي پئي، مجموعي طور تي اهو ڏٺو ٿو وڃي ته ڊاڪٽر شازيه جي ڪيس کان پوءِ اها شيءِ ٿي آهي، اوهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اها صرف ڊيرا بگٽي ۾ ٿي آهي، گوادر ۾ نه، ڪوهلو ۽ خضدار ۾ اڳ ئي ويڙهه هلندڙ هئي. مون کي هاڻي سن ته ياد نه آهي، پر ڪنهن وقت ۾ ويو هُئس بلوچستان، ان وقت ڊاڪٽر شازيه جو واقعو ٿيو هو، ڊيرا بگٽيءَ ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. آءٌ پورو هفتو رهيو پيو هُئس ڪوئيٽا ۾، اتي اسان جو هڪڙو واقفڪار هو، ان کي بلوچستان حڪومت ڊي سي ڪري رکيو پئي ڊيرا بگٽي ۾، ان انڪار ڪيو ته هن صورتحال ۾ آءٌ نه ويندس.
سوال: هي شازيه جو ڪيس هڪڙو بهانو هو؟
جواب: بهانو هو، ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا واقعا وڏين تحريڪن کي به جنم ڏئي سگهن ٿا، تنهن جي ڪري اهو کڻي ننڍڙو ئي واقعو هُجي پر سبب بڻيو آهي.
سوال: ته اوهان اهو به چئو ٿا ته بلوچ قومپرستيءَ واري جيڪا تحريڪ هلي پئي، اها سنڌي قومپرستي واري جيڪا تحريڪ آهي، ان کان وڌيڪ مضبوط آهي؟
جواب: عملي طرح وڌيڪ مضبوط آهي، نظرياتي طرح سنڌي قومي تحريڪ وڌيڪ مضبوط آهي، ان ڪري آءٌ به نواب خير بخش صاحب جا اهي لفظ دهرائيندس ته: مون وٽ کڻي ڪيترا به ويڙهاڪ هُجن، پر هوندا مري، سڀ بلوچ نه هوندا. جي. ايم سيد جي ورسي ۾ ٽيهه هزار به ماڻهو اچن، پر اهي سيد ڪونه هوندا، اهي سنڌي هوندا، ان ۾ آريسر به هوندا، ڀيل به هوندا، ڪولهي به هوندا، مينگهواڙ به هوندا، ٻروچ به هوندا، سماٽ به هوندا، اها آهي قومي تحريڪ، صرف هڪڙي قبيلي جي ماڻهن جو ڪنهن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ اها قومي تحريڪ نه آهي. ان ڪري آءٌ چوندس ته سنڌ جي تحريڪ نظرياتي طرح سگهاري آهي ۽ عملي طرح هُو سگهارا آهن.
سوال: سنڌي هن مهل پنهنجي وسيلن لاءِ ڪا اهڙي ويڙهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن.؟
جواب: سنڌي وڙهن پيا.
سوال: ڪيئن؟
جواب: اهو ضروري ناهي ته ڪيئن، سنڌي وڙهن پيا، مون رات شيخ اياز جو شعر وهاب ڀيي جي ورسيءَ جي حوالي سان پڙهيو ته:
اڃان پيو جيئان، اڃان پيو جيئان،
رڙهي رڙهي وڙهان پيو، وڙهي وڙهي رڙهان پيو!
ته معنيٰ سنڌي پنهنجي سگهه آهر وڙهن پيا، ائين ناهي، ها:
درياهه اندر جا دهشت آ، سا ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
تون مان ته رڳو ان سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين.
سا ضرور قيامت ٿيندي، ۽ هينئر جيڪا لهر پيا اڀاريون ته اها قيامت ٿي ويندي، اهي ماڻهو وڙهن پيا، وڙهن ٿا.
سوال: پر چيو وڃي ٿو ته، هي جيڪا بلوچستان ۾ ويڙهه هلي پئي، اهي اڪبر بگٽيءَ جا چند ماڻهو آهن يا خير بخش مريءَ جا چند ماڻهو آهن، جيڪي وڙهن پيا، اهي انهن جا جانثار آهن، انهن کي قومپرستي، قومي حقن ۽ وسيلن جي ڪابه خبر ڪونهي، صرف پنهنجي سردارن جي چوڻ تي وڙهن پيا؟
جواب: يعني ٻئي بلوچ کي خبر ناهي، پر جيڪو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي، توهان به ڊاڪٽر آهيو ۽ جيڪو 1970ع جي اليڪشن ۾ ۽ خان آف قلات جي پُٽ کي شڪست ڏيئي، نيشنل اسيمبلي جو ميمبر بڻيو يا غوث بخش بزنجي جو پُٽ حاصل بخش بزنجو اهو ڪو جانثار آهي؟
سوال: پر هن مهل جيڪا ويڙهه ٿئي پئي، ڊيره بگٽي يا ان جي پاسي وارن علائقن ۾، انهن جو جيڪو ٽارگيٽ اڪبر بگٽي هو؟
جواب: نه، اصلي مسئلو معدني ۽ خصوصاً گئس هو، ان تي هو ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، يعني پنجابين سان بگٽين مزاحمت ڪئي، ان ڪري ويڙهه اتي وڌيڪ ٿي هلي، پر ڪوهلو ۾ ان کان وڌيڪ ويڙهه آهي، بنسبت ڊيرا بگٽي ۽ سُئيءَ جي.
سوال: بلوچستان مسئلي تي وچ ۾ ايم ڪيو ايم وارن جو موقف آيو، انهن جا الٽيميٽم آيا، ايم ڪيو ايم جي موقف کي اوهان ڪيئن ڏسندو؟
جواب: مون ان تي تنقيد ڪئي هُئي. مون چيو ته، هي ڳالهه توهان جي وقار کي نقصان ٿي پهچائي، توهان جي وقار ۾ اضافو ڪونه ٿي ڪري، ۽ رُڳو جيڪڏهن ٺيڪ آهي پرويز مشرف- الطاف حسين کي ٽيليفون تي ڪن ۾ چئي ڇڏيو هجي، ته اسين بلوچستان ۾ آپريشن بند ٿا ڪريون، گهٽ ۾ گهٽ الطاف حسين اها شيءِ ميڊيا ۾ ته لاهي ها، پرويز مشرف ڇا ڳالهايو، ان جي ڪري هي بليڪ ميلنگ به ٿي سگهي ٿي.
[نوٽ: هي انٽرويو 2005 ۽ 2006ع ۾ جڏهن جسقم گڏيل هئي، ان وقت ڊاڪٽر خالد مزاري، عبدالواحد آريسر کان ورتو هو]