صحافتي دنيا جو روشن ستارو: هدايت منگي
هڪڙي پٽ جو نالو غلام رسول ۽ ٻئي جو نالو غلام قادر رکيائون. غلام قادر کي قدرت اهڙي ته پُرسوز نڙي ڏني هئي جو، جڏهن ڳائڻ ويھندو هو ته آس پاس جي ماحول تي ماٺار ڇانئجي ويندي هئي. عمر جي پچاڙڪن سالن ۾ هو حمد، نعت ۽ مولود چوندو هو. سندس فن جي هاڪ پري پري تائين هوندي هئي.
غلام رسول منگي پرائمري استاد هيو. نه رڳو هڪ اعليٰ ۽ عظيم پائي جو استاد هيو، پر ان سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، ڊراما هدايتڪار، اداڪار ۽ آدرشي انسان پڻ هيو. سندس تخلص عزيز هيو. هن جا شاگرد سندس ادب ۽ احترام ان حد تائين ڪندا آهن جو، اڄ به سندس اولاد جي اچڻ وقت اٿي بيھندا آهن. پاڻ ڳوٺ حاجي لعل بخش (ٻلھڙيجي) ۾ پنهنجي شاگردن توڙي نوجوانن کي ٻيا علم سيکارڻ سان گڏ شيڪسپيئر جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري اسٽيج تي پرفارم (Perform) ڪرائيندو هو. کيس تاريخ، جاگرافي، سماجيات، عربي، فارسي، گرامر، ثقافت ۽ ٻين علمن تي مڪمل عبور حاصل هو. هن سيپٽمبر 1968ع ۾ وفات ڪئي.
هدايت منگي، ان غلام رسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هو. پاڻ مھين جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ ۾ 18 آڪٽوبر 1946ع تي ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي، جاگرافي توڙي تاريخ وغيره جي علمن تي ٻالڪپڻ ۾ ئي ڪافي دسترس حاصل ڪئي. هن سنڌي ورنيڪيولر فائنل 1963ع ۾ سيڪنڊ ڊويزن سان پنهنجي والد جي نگرانيءَ هيٺ خانگي طور پاس ڪئي. پوءِ فرسٽ اسٽئنڊرڊ ۾ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتائين. تنھن وقت روڊ رستا پڪا ٺھيل نه هئا ۽ اڪثر شاگرد ڪنھن خاص سواريءَ جي اڻھوند ڪري اسڪول پنڌ ويندا هئا. هدايت کي پنهنجي والد سائيڪل وٺي ڏني. جنھن تي هو اسڪول وڃڻ لڳو. اها ڳالهه ڳوٺ جي ٻين پنڌ ويندڙ شاگردن کي نه آئڙي، سو شروع ۾ کيس دڙڪا داٻ ڏئي سائيڪل نه ڪاهي اچڻ لاءِ چيائون. جڏهن هي نه مُڙيو ته سڀني ٻَڌي ڪري هن کي هڪ ڏينهن سائيڪل تان لاهي ڦيھ به ڪڍي ۽ سائيڪل به ڀڃي ڏني. هوگھر واپس اچي ٻيھر ڏوڪري اسڪول وڃڻ کان نابري واري بيٺو. والد کيس ٿرڙي محبت مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جيڪو راڌڻ اسٽيشن کان ٻه ميل پرتي هو. هن اتي پنھنجي چاچي غلام قادر جي وڏي پٽ ۽ سوٽ محمد رمضان منگيءَ سان گڏ پڙهڻ شروع ڪيو. پوءِ مڊل اسڪول ٿرڙي محبت ۽ راڌڻ مان فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ اسٽئنڊرڊ جا امتحان پاس ڪيائين ۽ اتان ئي 1963ع ۾ انٽر ڊرائنگ جو امتحان پڻ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين.
هدايت منگي ۽ سندس وڏي ڀاءُ غلام اڪبر منگيءَ کي 23هين نومبر 1964ع تي پرائمري استاد طور آرڊر مليو. هدايت ساڳئي ڏينهن ئي وارهه تعلقي جي هڪڙي اسڪول ۾ جوائننگ ڪئي ۽ غلام اڪبر ٻئي ڏينهن 24 نومبر تي شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ”بيزاري“ ۾ جوائن ڪيو.
هدايت نوڪريءَ دوران 67-1966ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) لاڙڪاڻي مان P.T.C جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت سنڌ جي نامياري ٻولي ڄاڻڪ ۽ ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي صحبت ۽ سکيا پڻ هدايت جي پلئه پئي. ان کان پوءِ 1968ع ۾ شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان ”اديب سنڌي“ ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ ”اديب عالم سنڌي“ جا امتحان سيڪنڊ ڊويزن سان پاس ڪيا. مئٽرڪ 1970ع ۾ خانگي طور حيدر آباد بورڊ مان ۽ B.A سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سيڪنڊ ڊويزن ۾ 1973ع ۾ پاس ڪيائين. M.A انگريزي ادب ۾ ڪرڻ لاءِ تياري ڪندي Syllabus تي رکيل 57 ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. پر، جڏهن امتحان ڏيڻ لاءِ وڃڻ وارو هيو ته کيس مدي جو سخت بخار ٿيو ۽ سفر لائق نه هو، تنهن ڪري والد صاحب امتحان جي لاءِ ڄامشوري وڃڻ جي اجازت نه ڏنس. هدايت منگي ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. هو پاڻ کان وڏن ۽ سينئر شاگردن کي ڪورسز پڙهڻ ۽ امتحانن جي تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو.
هن 1967ع واري اونھاري جي مند ۾ پنھنجي پڦاٽِ زهره بيگم سان شادي ڪئي، جيڪا بھارالدين منگيءَ جي ڌيءَ آهي. کيس چئن پٽن عبدالعزيز (ليکڪ)، عبدالحفيظ (صحافي)، عبدالسعيد، ۽ اسد علي (مرحوم) ۽ ٽن ڌيئرن شاهده، قرت العين ۽ عزيزه جي اولاد ٿي.
هدايت جا وڏا پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ٻلھڙيجيءَ مان لڏي مُهين جي دڙي جي اولھه ۾ وَهندڙ دادو ڪئنال جي ساڄي ڪَڙ تي قائم ڳوٺ ”بگيءَ“ ۾ آباد ٿيا.
هدايت، پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ٿرڙي هاشم، محرابپور (ڏوڪري) برادي ساريا ۽ بگي ڳوٺ وغيره ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. ماڻهو ۽ سندس شاگرد اڄ به کيس بھترين استاد سڏيندا آهن.
1970ع ۾ هڪ بيٽ آفيسر سندس اسڪول جو تعليمي دورو ڪيو. اهو سندس علمي ۽ ادبي وَلوَلو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب پڙهڻ واسطي گھريائين. مھيني ڏيڍ کانپوءِ اهو هن جي ڪتابن سان گڏ سندس بدليءَ جو آرڊر کڻي آيو ۽ چيائينس ته، ”وڃي لوور سيڪنڊري اسڪول موهن جو دڙو ۾ Deputation تي ڪم ڪر. هدايت منگي 23 نومبر 1964ع کان جون 1974ع تائين پرائمري استاد طور درس ۽ تدريس جي عمل سان سلھاڙيل رهيو.
1974ع ۾ ”روزاني هلال پاڪستان“ اخبار حيدرآباد کان ڪراچيءَ منتقل ٿي چڪي هئي. ان ۾ هڪڙو اشتھار آيو، جنھن ۾ سب ايڊيٽر جي جاين لاءِ درخواستون موڪلڻ جي آڇ ڏنل هئي. هدايت منگيءَ ڪامريڊ سوڀي ۽ انور پيزادي جي اسرار تي اوڏانھن درخواست موڪلي ۽ کيس انٽرويوءَ لاءِ گھرايو ويو. تنھن وقت هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سنڌ جو مشھور ڏاهو ۽ ناول نگار سراج الحق ميمڻ هو. هدايت منگيءَ سان گڏ نامياري صحافي ۽ مترجم سومار علي سومار پڻ انٽرويو ڏنو ۽ ٻئي ڄڻا پاس ڪري هلال پاڪستان اخبار ڪراچي جي عملي جو حصو بڻجي ويا. هدايت کان اول اقبال دل ۽ حسام سومرو سينيئر طور اتي موجود هئا. انھن کان پوءِ هي سينئر بڻيو. اتي کيس سب ايڊيٽر ڪم ٽرانسليٽر ۽ آرٽيڪل رائيٽر جو اضافي عھدو ڏئي مقرر ڪيو ويو. اها 16 جون 1974ع جي تاريخ هئي.
هدايت منگي هلال پاڪستان ۾ ڪل 18 سال نوڪري ڪئي. ڪراچي هيڊ آفيس ۾ 08 سال سينئر سب ايڊيٽر، 04 سال نيوز ايڊيٽر ۽ 06 سال بيورو چيف طور حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. بيورو چيف طور 1984ع ۾ حيدر آباد ۾ رهيو ۽ 1987ع ۾ وري سکر بدلي ٿي آيو. جتان ان وقت جي مئنيجنگ ايڊيٽر عبدالحليم شيخ 25 جون 1988ع تي هڪ آرڊر جاري ڪري، کيس ڪراچي هيڊ آفيس ۾ سينئر سب ايڊيٽر طور مقرر ڪيو. جتي بدليءَ کان بعد 01 جولاءِ 1988ع کان رات واري شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ۾ 1989ع ۾ اپر سنڌ بيورو جي حيثيت ۾ کيس لاڙڪاڻي هيڊڪوارٽر شهر ۾ رکيو ويو. 09 اپريل 1990ع تي کيس ٽئين گريڊ مان ترقي ڏئي ٻئي گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. جيڪو آڪٽوبر 1989ع کان عمل جوڳو هيو. ان وقت ناميارو صحافي ۽ شاعر شمشير الحيدري هلال پاڪستان جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو.
هدايت منگي اخبار لاءِ معمول جون خبرون موڪلڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچر پڻ لکندو رهيو. صحافتي ٻوليءَ ۾ نون لفظن جو واڌارو ڪرڻ سان گڏ و گڏ نيوز ليٽر ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ سنڌي صحافت ۾ هدايت منگيءَ آندو. سندس ڊائريون ايتريون ته مشھور ٿيون جو اخبار جي سرڪيوليشن ۾ ته اضافو ٿيو پر ”هلال پاڪستان“ اخبار پڻ هدايت منگيءَ جي نالي ڪري سڃاپجڻ لڳي. سندس تخليق ”چڱو موڪلاڻي ڪانهي“ ۽ ”ساٿ سلامت“ وارا لفظ اخبارن، رسالن، توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اڄ تائين به اهم ضرورت بڻيل آهن. هلال ۾ ايڊيٽوريل، فيچر ۽ اهم آرٽيڪل پڻ لکندو هو. هن زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ موضوعن تي هزارن جي تعداد ۾ آرٽيڪل لکيا. هلال پاڪستان ۾ اقبال دل، حسام سومرو، عبدالڪريم سعدي، محمد هاشم ميمڻ، ممتاز مھر، نصير اعجاز، فقير محمد لاشاري، بدر ابڙو، شڪور نظاماڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين سان گڏجي خدمت ڪيائين. هُو هلال پاڪستان ورڪرس يونين جو عھديدار پڻ رهيو. جڏهن شيخ سلطان ٽرسٽ وارن اخبار وڪرو ڪري ان جي ورڪرس حوالي ڪئي، تڏهن کيس 30هين جون 1992ع تي رٽائر ڪيو ويو.
1991ع ۾ APNS پاران سنڌي زبان ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ بھترين فيچر رائيٽنگ تي کيس پنجويھه هزار رپيا ۽ ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ اسلام آباد ۾ نواز شريف هٿان ملڻو هو، سو اوڏانھن نه ويو، تنھن ڪري کيس اهو ايوارڊ ۽ رقم لاڙڪاڻي ۾ پھچايا ويا.
28 ڊسمبر 1989ع تي ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن سکر ڊويزن پاران هن کي ڊويزنل ايڪريڊيشن ڪميٽي لاڙڪاڻو جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1992ع جي پڇاڙيءَ کان 1993ع جي آخر تائين ”روزاني عوامي آواز“ ڪراچيءَ جو لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف رهيو. ان ۾ ثقافتي ۽ تاريخي سلسلي جي ڪڙيءَ طور سنڌ جي مختلف قديمي ماڳن مڪانن تي مضمون ۽ آرٽيڪل لکيائين، جيڪي تمام گھڻا مشھور ٿيا. 1994ع ۾ اخبار جھان (هفتيوار اردو رسالي) جو لاڙڪاڻي ۾ نمائندو ٿيو ۽ اردوءَ ۾ پڻ بھترين ليکڪ ۽ صحافيءَ طور مشھور ٿيو ۽ ڪيترائي يادگار مراسلا لکيائين. 14 آگسٽ 1995ع کان جاري ٿيندڙ انگريزي اخبار Daily Sindh Tribune Karachi لاءِ لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ اهو سلسلو ان جي مالڪ يوسف شاهين (ناميارو شاعر ۽ صحافي) جي گرفتاري ۽ اخبار بند ٿيڻ تائين جاري رهيو. هدايت منگي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ سنڌي زبان ۾ پاڻ مڃايو، اخبار جھان ۾ اردوءَ ۾ لکي اتي پاڻ ملھايو ۽ انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪري چيده چيده آرٽيڪل ۽ خبرون لکي انگريزي صحافت ۾ پڻ ڌاڪو ڄمايو.
ستر، اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي ريڊيو تي مختلف پروگرامن ۾ سماجي، ادبي، ثقافتي توڙي معلوماتي فيچر، تبصرا ۽ مباحثا وغيره ڪندو رهيو. جڏهن اتي نثار ميمڻ ادبي پروگرام ”رسالو“ شروع ڪيو ته اهو پروگرام سندن سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ ريڊيو ٻڌندڙن تي ڇائنجي ويو. ان پروگرام جو ايڊيٽر عبدالرحمان نقاش هو ۽ هدايت منگي، فقير محمد لاشاري، انور پيرزادو، بدر ابڙو ۽ ٻيا سنگتي ان پروگرام جي سونھن بڻيا رهيا. بعد ۾ نثار ميمڻ جڏهن لاڙڪاڻي ريڊيو تي بدلي ٿي آيو ته هتي پڻ ”رسالو“ پروگرام شروع ڪيائين. جنھن جو وفات تائين هدايت پاڻ ڪمپيئر / ايڊيٽر رهيو. هن حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ پروگرامن ۾ ڪم ڪيو.
1995ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ FM ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، تڏهن اتي انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر توڙي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ وفات کان هڪ ڏينھن اول يعني 21هين ڊسمبر 1999ع تي پڻ پروگرام ڪري آيو ۽ ڀٽائيءَ جي ”سر سھڻي“ تي مضمون پيش ڪيائين، جيڪو سندس زندگيءَ جو آخري پروگرام ۽ مضمون ثابت ٿيو. لاڙڪاڻي ريڊيو تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، اديبن، شاعرن، دانشورن، فنڪارن، اداڪارن، ڊاڪٽرن ۽ سماجي ڪارڪنن کان ورتل انٽرويو ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. هدايت کي 1996ع ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي طرفان ”بھترين انٽرويوئر“ جو ايوارڊ به مليو.
پنھنجي ڳوٺ بگيءَ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۽ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرڻ ۾ سندس تمام وڏو حصو هو. هن لائبريريءَ لاءِ ڳوٺ واري گھر ۾رکيل سوين ڪتاب ارپڻ ڪري ڇڏيا.
سندس جوانيءَ ۾ بگي ڳوٺ ۾ هڪ ڊراميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي، جنھن جي قيام ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ هو. اها سوسائٽي اسٽريٽ ٿيئٽر جي طرز تي ڳوٺ ۾ ڊراما پيش ڪندي هئي. يعقوب دايو گھڻي قدر هدايتڪار، ليکڪ ۽ پروڊيوسر جون ذميواريون ادا ڪندو هو. ٻئي نمبر تي هدايت منگي خاڪا لکڻ، هدايتون ڏيڻ ۽ خاڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي هوندو هو. ان سوسائٽي ۾ هن سان گڏ پروفيسر عبدالقادر قريشي، غلام رسول قريشي، ممتاز قاضي، علي نواز منگي، علي شير ٿھيم، خان محمد منگي، الھورايو چنو، رمضان گوپانگ، بدر قاضي، سڪندر قاضي ۽ ٻيا شامل هئا.
ڪراچيءَ مان ڳوٺ گھمڻ ايندو هو ته گھر وارن سان ملي پوءِ ڳوٺاڻن سنگتين سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندو هو، جيڪي کيس ڪنھن ٻنيءَ يا واڙيءَ تي يا وري سرون ڪاهيندي ۽ ڍوئيندي ملندا هئا. هدايت منگي انھن جي وچ ۾ ويھي دنيا جھان جون ڳالھيون آکاڻيءَ واري انداز ۾ ٻڌائيندو ويندو هو ۽ کين ڀٽائيءَ جو ڪلام پڙهي ٻڌائيندو هو. کين ڀٽائي پڙهڻ جو انداز ۽ لفظن جون معنائون ڏسيندو هو. سندس سنگتين مان انور ڏنگڙائي، مامو علي شير ٿھيم ۽ مامو ميھر ايترا ته ڪڙهي نڪتا آهن، جو ڀٽائيءَ تي انھن سان ڪو پي. ايڇ. ڊي ئي منھن ڏئي سگھي ٿو. ان سان گڏ هدايت سڀني کي انسان دوستي ۽ سچائيءَ جو درس ڏيندو هو. هڪ ڀيري پھرين مئي تي ڳوٺ موٽيو، اتي گھر جي جاءِ تي اڏاوتي ڪم هلي رهيو هو. هدايت پنھنجي ڀائرن سان ڀاڪر پائي ملڻ بجاءِ الٽو ساڻن ڪاوڙجي پيو ته، اهي پھرين مئي تي مزدورن کان ڪم ڇو وٺي رهيا آهن. ڀائرن ڪم بند ڪرائي مزدورن کي پورِي ڏهاڙي ادا ڪري فارغ ڪيو ۽ هدايت کي راضِي ڪيو.
هدايت کي گھڻو ڪري سڀئي شاگرد ۽ ڳوٺاڻا ”استاد هدايت الله“ ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ آهن. هدايت منگي وهيءَ ۾ والي بال راند ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي. والي بال ۾ تمام وڏي مھارت رکندو هو.
هدايت منگي 70ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. 1983ع ۾ جڏهن مرڪزي سطح تي سنگت جمود جو شڪار هئي، تڏهن بقول انور پيرزادو، ”اهو هدايت هو، جنھن ڪوششون وٺي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇليو ۽ سنگت اندر سرگرمي پيدا ڪئي. ان جي نتيجي ۾ نيون چونڊون ٿيون ۽ سنگت جمود ٽوڙي تحرڪ ۾ آئي.“
ڊسمبر 1989ع کان 1990ع جي آخر تائين هدايت منگي نئين قائم ٿيل سنڌي ادبي سنگت شاخ مھين جو دڙو جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هدايت منگي 1975ع دوران ”عوامي ادبي انجمن ڪراچيءَ“ جو پڻ ميمبر رهيو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو 1990ع ڌاري ميمبر ٿيو ۽ وفات تائين ان جو حصو رهيو.
24 نومبر 1993ع تي مُھين جي دڙي جي پھرين کوٽائي ڪرائيندڙ انگريز آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل جي گاڏيءَ جي مرمت بابت اڳڀرائي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ سب ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. جنھن جو پڻ هو ميمبر بڻيو. موهن جو دڙو آرڪيالاجيڪل، ڪلچرل ائنڊ سوشل ويلفيئر سوسائٽي لاڙڪاڻو قائم ٿي، جنھن جو هن کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان جو سرپرست اعليٰ اياز حسين گاد هو ۽ سرپرست منظور حسين بلوچ (منظور ڪوهيار) هو.
هدايت منگي هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، سنڌ حيدرآباد، عبرت حيدرآباد، نئون نياپو حيدرآباد، ڪچھري حيدرآباد، هفتيوار هدايت حيدرآباد، ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکيو. ماهوار برسات ڪراچيءَ جو هڪ سال تائين اعزازي ايڊيٽر پڻ رهيو.
هدايت منگي، سٺ واري ڏهاڪي کان ئي پڙهڻ سان گڏ ادب سرجڻ پڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون ستر جي شروعات ۾ ماهوار سوجھرو ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيون. پنجاهه کان وڌيڪ ڪھاڻيون ۽ شاعريءَ جون مختلف صنفون شايع ٿيل اٿس. جيڪي هلال پاڪستان اخبار توڙي ٻين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون. ان کان علاوه، اٽڪل 200 کن مختصر (ننڍڙيون) ڪھاڻيون اصل توڙي ترجمو ٿيل ۽ ٻارڙن لاءِ شايع ٿيل اٿس. نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران مشھور شاعر اڪبر الھه آباديءَ جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جو منظوم ترجمو پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل اٿس. ادبي تنقيد ۽ اصلاح سندس پسنديده موضوع رهيا. هن شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، غلام علي الانا، حميد سنڌي، ظفر حسن، طارق اشرف، تنوير عباسي، قمر شھباز، عنايت بلوچ، تاجل بيوس، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، امداد حسيني ۽ ٻين کوڙ نالي وارن شاعرن ۽ اديبن جي لکڻين ۽ ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا توڙي مضمون وغيره لکيا. پاڻ ڪيترو ئي عرصو هلال پاڪستان جي ادبي صفحي جو انچارج رهيو. سندس نگرانيءَ ۾ انتھائي اهم ۽ ڪارائتو مواد ان صفحي ۾ شايع ٿيو ۽ ڪيترائي اهم بحث مختلف اديبن جي قلمي تحريرن جي زينت بڻيا.
هو راڳ ۽ موسيقيءَ بابت پڻ تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. ڀٽائيءَ جو تمام وڏو پارکو ۽ ڄاڻو هو. هن استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال“ ڳائرايو ۽ سندس پسنديده راڳي پڻ استاد منظور علي خان هو.
هدايت منگيءَ جي واندڪائيءَ واري وندر ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان خبرن واريون مختلف سروِسز ٻڌڻ ۽ ڏسڻ هئي. ان کان علاوه مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل خاص خبرون، مضمون ۽ مقالا وغيره، جن جا موضوع سائنس، ڪائنات، سنڌي ادب، ٻولي، آثارِ قديمه وغيره هوندا هئا، سي فائيل ڪندو ويندو هو.
هن جي انگريزي سکڻ توڙي علم، ادب، آرٽ ۽ فنونِ لطيفه ۾ دلچسپي ۽ مھارت جي پٺيان ننڍي کنڊ جي ڏاهي ۽ سندس ڳوٺاڻي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي تربيت شامل آهي. سوڀي جي ڳوٺ ٻنڊيءَ واري لائبريري مطالعي لاءِ هن جي حوالي هوندي هئي. ان کان سواءِ شروع ۾ انور پيرزادي ۽ قربان پيرزادي جي رهنمائي ۽ همت افزائي به هن لاءِ مددگار ثابت ٿي جيڪي کيس ڪتاب ڏيڻ سان گڏ اخلاقي مدد به ڪندا هئا. صحافتي ميدان ۾ وري سراج الحق ميمڻ ۽ علي احمد بروهي سندس رهنما بڻيا ۽ ترجمي جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو سندس سھڪاري رهنما ٿيو.
هدايت منگيءَ جون هونءَ ته سنڌ دوستيءَ جون ڪيتريون ئي ثابتيون موجود آهن پر جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مظفر شاهه هيو ته ان جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ ڪيس فائيل تيار ڪري، ان وقت جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر نثار احمد کھڙي حوالي ڪيائين. ان ڪيس فائيل جي بنياد تي پھريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود هر سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي ميمبر گڏيل مذمتي ٺھراءُ بحال ڪيو ۽ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
سال 1991ع ۾ هدايت کي منظم منصوبي تحت بگي ڳوٺ مان لڏرايو ويو. ان منصوبي موجب اول سندس وڏو ڀاءُ غلام اڪبر ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيو. ٿوري وقت بعد ان جو ٻيون نمبر پٽ غلام مصطفيٰ اغوا ٿيو. بعد ۾ هدايت کي سندس ۽ پٽن جي اغوا جي ڌمڪي ڏني وئي. هدايت ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ به انڪار ڪيو، پر ڀائرن جي شديد اسرار تي لاڙڪاڻي شھر لڏي آيو. هدايت منگي ٻلھڙيجيءَ کان بگي ۽ بگي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي تائين سخت ۽ ڪٺن مرحلن ۾ گذاريو. هن معاشري ۾ ٿيندڙ ويڌن، ايذائن، دردن ۽ پيڙائن کي ميڙي چونڊي پنھنجي ڪھاڻين، شاعري توڙي صحافتي لکڻين ۾ اوتيو. هو کوجنائي ۽ تخليقي رپورٽنگ جو خلقڻھار هو. هو گھڻ پاسائون ۽ هر فن مولا تخليقڪار هو. هن پنھنجي ذاتي محنت ۽ شخصي خيالن جي اپت سان پاڻ کي منظرِ عام تي آندو.
هن جي جواني انتھائي غربت واري ماحول ۾ گذري، ايتري تائين جو ٿالھه ۾ ڪوئلا وجھي ڪپڙا پريس ڪندو هو. سندس وڏي ڀاءُ غلام اڪبر کي هڪڙي سال ته گرمين ۾ به ڪوٽ پاتل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ان جي قميص جون ٻانھون ڏورن هيٺان ڳري ويون هيون. ٻه ڀائر ڪمائڻ وارا اندازن 15 کان وڌيڪ ڀاتين کي پاليندا هئا. ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون به ڪرايائون ۽ اولاد ٿيڻ کانپوءِ انھن جي پرورش به اضافي بڻين.
هدايت منگيءَ جي عملي زندگي آڏو ڪجھه ظاهري عيب شايد ڪا به حيثيت نه ٿا رکن. هو دوستن کي کليل اجازت ڏيندو هو ته، هن تي دل کولي تنقيد ڪن. هو منافقي ۽ ڪرپشن کان سخت نفرت ڪندو هو. کيس صحافتي زندگيءَ ۾ انيڪ ڀيرا لکين رپين جون آڇون ٿيون، پر هن ڪڏهن به اهڙي ڪڌي ڪم ڏانھن تر جيترو به ڌيان نه ڏنو ۽ قلم نه وڪيو. کوڙ ڀيرا سندس لوندڙي لوهن اوزارن (هٿيارن) جو ڇھاءُ چکي چڪي هئي (هڪ واقعي جو اکين ڏٺو شاهد سرڪش سنڌي پڻ آهي) پر کيس هميشه سچائي ۽ ثابت قدميءَ تي ايمان هوندو هو.
هن کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ پروگرام مان هزارين ماڻھن جي آڏو هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو، پر ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ سچ جي ساٿ سان صحيح سلامت گھر موٽيو. هو پنھنجي لاءِ چوندو هو ته، ”مشھور ٿيڻ يا پذيرائي حاصل ڪرڻ ڪو اعزاز نه آهي. اعزاز اهو آهي ته مان ماڻھن جون تڪليفون گھٽائڻ ۾ ڪو ننڍڙو ڪم سرنجام ڏئي سگھان. مان تاريخ ۾ رهڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ذليل ۽ ڪميڻا ماڻھو به رهن ٿا.“
انعام شيخ موجب ته، ”جيستائين هدايت منگيءَ جھڙا صحافي موجود آهن، تيستائين سنڌي صحافت جو ضمير زندهه رهندو. اهڙن صحافين کي سلام آهي، جيڪي پنھنجي ضمير کي چند ڏوڪڙن تي نٿا وڪڻن.“
هدايت منگيءَ جون ڪچھريون ڏاڍايون مزيدار ۽ معلوماتي هونديون هيون. سندس لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ جو انداز ايترو ته اثرائتو هو جو بخيل ۾ بخيل ماڻھو به کل نه روڪي سگھندو هو.
سندس سموري حياتي غربت جي چڪيءَ هيٺ پيسبي رهي، پر پاڻ ڪڏهن به خودداري نه ڇڏيائين. ايستائين جو رٽائرمينٽ بعد مختلف شخصن وٽ هزار پندرهن سئو جون معمولي نوڪريون ڪري يا انھن پاران مختلف ادارن ڏي لک پڙهه ڪري ڪمائيندو هو. آئون سندس وڏو پٽ آهيان پر هن هڪ ڀيرو به مون کان هڪ رپيو سڌو سنئون يا اڌارو نه گھريو.
ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران نومبر 1988ع ۾ پھريون ڀيرو دل جو دورو ٿيس ۽ انھيءَ دل جي عارضي 22 ڊسمبر 1999ع تي رات جو ساڍي ڏهين وڳي سندس جان ورتي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل قبرستان ۾ آهي.
قلم تازو ؛
ايترو عرصو گذرڻ کان پوءِ هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. شروع ۾ گهر جون ذميواريون، ابتر مالي حالت، ننڍي ڀاءُ اسد (زيد) جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ پوءِ سندس موڪلاڻي، ذاتي گهريلو ۽ پيشورانه ذميواريون بابا جا ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا ته بعد ۾ ڪمپوزر جي سيکڙاٽ شاگرد جي ڪوتاهيءَ سمورو ڪمپوز ٿيل مواد ڪمپيوٽر مان اُڏائي ڇڏيو. ٻيهر ڪمپوز ٿيل مواد هارڊ ڊسڪ جي ڪرپٽ ٿيڻ سبب ٻه ٽي سال منجھيل سُٽ جيان گنجريل رهيو. تازو ئي ڪاتب پريس واري دوست غلام مرتضيٰ ميمڻ جي جاکوڙ سان سمورو مواد بحال ٿي ويو آهي ۽ هوريان هوريان اوهان جي هٿن تائين پهچائينداسين. هن ڪم ۾ مون سان سهڪاري ساٿي غلام مرتضيٰ ميمڻ، ڀاءُ حفيظ منگي ۽ عيسيٰ ميمڻ جا ٿورا هميشه ڳائبا رهبا.
هن ۽ ٻين ڪتابن ۾ اهو مواد موجود آهي جيڪو مون وٽ ميسر آهي. هدايت منگيءَ جو گهر ۾ موجود مواد مسلسل لڏپلاڻ ۽ گهر شفٽ ڪرڻ سبب ضايع يا گم ٿيندو رهيو آهي. بهرحال مون هي باقي لکڻيون سنڀالي رکيون آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائبيون. اوهان جون صلاحون، مشورا ۽ رايا اسان لاءِ اتساه ۽ رهنمائيءَ جو وسيلو بڻبا.
[b]عزيز منگي
[/b]لاڙڪاڻو.
15 مارچ 2017ع.