اڻ پوري ڪهاڻي
”ايندڙ صديءَ جا ماڻهو ٽوڪيندا ته، چرئي سياست جي ڪتابن ۾ پکين جو ذڪر ڪيو آهي. چڱو ڪيو اٿم.“
سگريٽ جي ڪوساڻ ڊوهه ڏيڻ سان ڇاتيءَ ۾ گهڙندي محسوس ڪيائين.
”عروضي ۽ سماوي شيون پنهنجو نج نظارو به پسائين ٿيون ۽ احساس به ڏيارين ٿيون.“
نيٽ جي واڻيل ڪرسيءَ جي پٺ تان ٽوال کڻي پگهر سان آلا ٿيل هٿ اگهيائين ۽ٽوال ڪلهن ۽ مٿي تي پٿاري دروازي کان ٻاهر نڪري آيو. وايومنڊل جي ڄَر سندس وجود کي وڪوڙي وئي. هو سڙڪ واري لاڙي تي بيٺل اڪيلي ٻٻر ڏانهن وڌڻ لڳو جتي ڪو مسافر خالي مٿي سان نراس ٿيو، هيڏي هوڏي واجهائي رهيو هو.
”پاڻي ته مون به ساڻ ناهي کنيو، باقي هن ڏانهن وڃڻ جو ڪهڙو ڪارج...“ هو اتي ئي وراڪو ڏئي موٽيو. پلاسٽڪ جي ڪولر مان ٽي گلاس ٿڌو پاڻي جڳ ۾ وجهي هو وريو. سڙڪ ڏانهن ڏٺائين ته مسافر اتان وڃي چڪو هو.
”ڊوڙ پائي کيس ڳولڻ کپي...“ ۽ هن ڊوڙ پاتي. سڙڪ تي پهچي هن کاٻي ۽ ساڄي پاسي گهور ڪري نهاريو. ”ڪٿي آهين مسافر؟“ هن رڙ ڪئي. ٻٻر ۾ لڪي ويٺل جهرڪين ۾ هڪدم ماٺ اچي وئي. ۽ وايومنڊل ماٺ جي ڪن ۾ ٻڏندو لڳس.
هو ٻٻر جي ڇانءَ ۾ اچي بيٺو. جهرڪين وري ماحول کي جئرو ڪري ڇڏيو. هن مٿي تان ٽوال سرڪائي ٻنوڙي تي رکيو ۽ جهاٻڪي هڻي ان تي چڙهي ويٺو.
”پاڻي گرم ٿي رهيو آهي، من ڪو ٻيو مسافر ئي پهچي. پر تڪڙو نه ايندو ته پوءِ ته بي سود آهي.
مان ڪنهن مسافر کي سندس رفتار تان ٿيڙي پنهنجي دلپسند رفتار ته ڏئي نه ٿو سگهان. تاريخ به ته ائين ٿي ڪري. ڪنهن کي تڪڙو ريڙهڻ لاءِ جيستائين سبب پئدا نه ٿي ڪري تيسين...“