هائيڪا
سچ چڙهيو آ
ڦاهي........!
***
ڍلڙو چولو
ها
لاهڻ ۾ سولو........!
***
ڍونڍ
هو وڃئي ٿو
آخوند.
***
ائي آن ڇا آس؟
خوشبو خوشبو
ڄڻ مينديءَ جي لاس!
***
سک!
ماڻهن ڪان
لک!
***
ڪير؟
تون آئي آن؟
اهڙا ير نه ڀير!
***
جنگ!
گهوڙاڙي
لُٽيا ڪنوارا ننگ!
***
هيڏا مٺا چپ
پي آئي آن
ڇا ماکيءَ جي لپ؟
***
ڪوسڙو هنڌ
مٿان آ سيارو
تنهنجي ٻانهن تي ڪنڌ...!
***
آئينو
تنهنجو هيءُ
اگهاڙو سينو!
[b](ماهوار سوجهرو ۾ آگسٽ 1974ع ۾ ڇپيل)
[/b]