1
ڪمپني جي نئين حڪمتعملي تحت ڪولنل سيل کي جلال آباد ۾ رابطو ڪرڻو هو، جڏهن ته ليوٽينٽ ناٽ کي ڪنڌار ۾، جنهن بعد ئي انگريز فوج مڪمل طور افغانستان منجهان نڪري ٿي سگهيو. هن کي اهو اطلاع پڻ مليو هو ته افغاني حڪمران ۽ انگريزن جو پيٽو شاهه شجاع مري چڪو آهي ۽ سندس لاش کي ڪابل جي ڪنهن کاهيءَ ۾ اڇلايو ويو آهي. جلال آباد منجهان فوجي نيڪالي بعد لارڊ ايلنڀرگ جو گورنر جرنل طور پهريون ڪم اهو هو ته هو ڪنڌار ۾ ترسيل سپاهين کي حڪم ڏئي ته اهي ڪابل پهچي پالڪ ۽ سيل جي ٽولن جو حصو بڻجن ته جئين دوست محمد جي پٽ وٽ باندي بڻيل قيدين کي آزاد ڪرائي سگهجي.
آڪلينڊ پريشاني ۾ گورنر جرنل جي خوب سنگاريل آفيس ۾ هلندو رهيو. سندس ٻئي هٿ اڃا به چيلهه تي هئا، هن آهه ڀيري هڪ ڀيرو ڇاتي تي لڳل ٻلن کي ڏٺو، جيڪي سندس نيري وردي جو لازمي حصو هئا، سندس منهن جنهن تي ٿلهيون اڇيون مڇيون هيون، ڳاڙهو ٿي چڪو هو. ڪمري ۾ روشني گهٽ هئي، هن هڪ روشني کي ڇڏي باقي سڀ بند ڪري ڇڏيون هيون. هر گذرندڙ پل سان سندس منهن تي ندامت جا آثار وڌندا ٿي ويا، کيس ڏک هو ته هو هندوستان جي سڀ کان طاقتور عهدي تان هٽجڻ وارو هو. هو ڪمري جي وچ ۾ پيل ڪاٺ جي وڏي ميز ڏانهن وڌيو، جنهن تي دنيا جو گولو، برطانوي جهنڊو، فائيل ۽ نقشا پيل هئا، جڏهن ته ڪرسيءَ پٺيان ڀت تي راڻيءَ جي مرڪندڙ تصوير لڳل هئي.
پوڙهي آڪلينڊ کي يقين ئي نٿي آيو ته ڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني جي طاقت اهڙو به ڏکيو وقت ڏسي سگهي ٿي، دوست محمد جي سربراهي ۾ افغاني جاڳي پيا هئا ۽ ويڙهه جو اعلان به ڪري ڏنو هوئين. جئين ته آڪلينڊ جي هندوستان جي ڪيترن ئي حصن تي حڪمراني هئي انڪري هن پٺاڻن کي تباهه ڪرڻ لاءِ فوج اماڻي، جنهن جي لاءِ هن سنڌ جي آزاد رياست جي اميرن سان سنڌوءَ کان لنگهه حاصل ڪرڻ لاءِ امن معائدا ڪيا هئا. آڪلينڊ سندس پونا ۾ ماتحت افسر 60 سالن جي چارلس نيپئر جيان لاچي ۽ بدڪردار شخص هو، ٻئي ان سوچ ۾ وقت گذاريندا هئا ته ڪنهن به نموني سندن انعام ۽ اڪرام وڌندا رهن.
هڪ مهينو اڳ ميجر پونٽيجر کيس هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ کيس صلاح ڏني وئي هئي هو سندس حڪمتعملين تي نظرثاني ڪري هڪ متبادل رٿا جوڙي وٺي. پر هن پنهنجي نااهلي لڪائيندي ڪجهه وقت وڌيڪ ائين هلڻ جي اجازت ورتي. جنهن بعد هن چارلس نيپئر کي پنهنجي سيل وارو خط موڪليو ته جيڪڏهن هو ڪا بهتر رٿا کڻي آيو ته کيس انعام ۾ 60 هزار پائونڊ ڏنا ويندا. اهو خط پڙهي چارلس نيپئر جي وڇن منجهان گگ ڳڙڻ لڳي ۽ بنا هڪ پل جي دير جي هن صلاح لکي موڪلي ته سنڌ تي حملو ڪيو وڃي.
”بيوقوف پوڙهو چريو ٿي چڪو آهي،“ لارڊ آڪلينڊ جو پهريون ردعمل اهو هو. پر نيپئر سندس مڪاري سان هن کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هو. پر اها صلاح به آڪلينڊ جي تقدير بدلائي نه سگهي، هن جو هندوستان ڇڏڻ لازمي ٿي ويو هو.
”يسوع مسيح،“ هن آفيس جي ڇت ۾ نظرون وجهندي همڪلامي ڪئي، کيس هڪ ڪنڊ ۾ مڪڙي جي ڄاري ۾ ڦاٿل مک نظر آئي، هن کي لڳو ته اها مک هو پاڻ آهي ۽ اهڙي ڄاري ۾ اچي ڦاٿو آهي جٿان نڪرڻ ممڪن نه آهي. سندس ڪنن تي ٻاهران کان ايندڙ سخت بوٽن جو آواز پيو، سندس دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳو، هن پنهنجي جذبن تي قابو رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مونکي پنهنجي جذبن تي قابو رکڻ گهرجي،“ هن وري همڪلامي ڪئي. جئين ڪاٺ جو ناسي در وڳو ته هن ڇرڪ ڀريو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون، هڪ لمحي کانپوءِ وري پاڻ تي قابو ڪري ڦري اچي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ نرم لهجي ۾ چيائين:
”اندر اچو.“ ڪمپني جو مڪامي سپاهي جنهن جي چمڙي جو رنگ ڪارو ۽ بدن تي ڳاڙهي وردي پهريل در کولي اندر داخل ٿيو ۽ پٽ تي لت هڻي سيلوٽ ڪيائين. سپاهي ميز ڏانهن وڌيو ان تي هڪ خاڪي لفافو رکي سلوٽ ڪري وري ٻاهر هليو ويو. آڪلينڊ غور سان ميز تي رکيل لفافي کي تڪيو، کيس ائين لڳو ڄڻ اهو سندس موت جو پروانو هجي ۽ ان سوچ ۾ پئجي ويو ته لفافو کولجي يا نه.....!!
هن کي ڄاڻ هئي ته لفافي ۾ افغانسان مطعلق ناڪس ڄاڻ هوندي، سندس نڙي خشڪ ٿي وئي، هو اٿيو ۽ آفيس جي ڪنڊ ۾ رکيل هڪ ٻئي ميز ڏانهن ويو، اها ايتري وڏي نه هئي، ان تي شراب جي اڇي بوتل ۽ گلاس پيل هئا، هن بوتل جو ڊڪ هٽائي ڳاڙهي شراب گلاس ۾ لاٿي ۽ هڪ ساهي ۾ جام پيتو ۽ ڪرسيءَ تي اچي ويٺو، ڪجهه پلن بعد هن خط کولي پڙهيو، اهو آفيسر سيل طرفان جيڪو پٺاڻن خلاف وڙهيو ٿي، لارڊ آڪلينڊ سونهري رسيءَ وارو نظر جو چشمو اکين تي رکي خط پڙهڻ شروع ڪيو. سيل لکيو هو ته کيس مددي فوج جي سخت ضرورتآهي. هن اهو پڻ لکيو هو ته:
”افغاني قابو کان ٻاهر ٿيندا پيا وڃن ۽ اسان جا سپاهي همت هاري ويٺا آهن، هفتو اڳ 15 سپاهي زخمي ٿي پيا، انهن منجهان ڇهه مري چڪا آهن.“ آڪلينڊ مٽ ڀڪوڙي ڪاوڙ منجهان ميز تي وهائي ڪڍي. اهو ڪمپني جي ساک تي بدنما داغ مثل هو، ان کان وڌيڪ سندس قابليت تي پڻ سوال کڄي رهيا هئا، هن پنهنجو ڪنڌ ڪرسيءَ تي رکيو.
ڇا عظيم ايسٽ انڊيا ڪمپني اهڙي بيعزتي برداشت ڪري سگهي ٿي.....!! هن آهه ڀري سوچيو. اها سموري برطانيا جي منهن تي ٿڦ مثل هئي، ڇا برطانوي فوج جنهن جي سلطنت مٿان سج نٿي لٿو کي اهڙا ڏينهن به ڏسڻا هئا.....!! ان ڳالهه جو سندس ٻيون ڪالونيون ڪئين ردعمل ظاهر ڪنديون.... لڳاتار سوچون آڪلينڊ جي ذهن کي جڪوڙي ويون.
کيس اها به اطلاع هئي ته سموري رات جلال آباد جي ديوارن تي توپون گولا وسائينديون رهيون هيون، توتڙيون وڄنديون رهيون هيون. شهر جا محافظ ٿڙڪندڙ چپن سان اهو ئي چئي رهيا هئا ته: هي شهر سندن هٿان نڪري چڪو آهي. ٻئي طرف ڪابل جي جبلن تي انگريز فوج جي سپاهين جا لاشا سجائي رکيا ويا هئا ۽ ڪنهن ۾ انهن کي کڻڻ جي همت نه هئي. ڪابل ۾ باقي جيڪي زندهه بچيا هئا انهن ۾ ليڊي سيل ۽ ليڊي ميڪگهنٽن شامل هئا، جن کي اڪبر خان باندي بڻايو هو، ڪجهه سپاهي جان بچائي پشاور کان اچي نڪتا هئا. غزنوي ۾ ته اڳ ئي انگريز فوج هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا، ۽ نيڪلسن جهڙن آفسرن کي جنگي قيدي طور ڪابل موڪليو ويو هو.
هڪ ڀيرو ٻيهر در وڳو ته آڪلينڊ ڇرڪي ويو هو، هن ڀيري هن اجازت ڏني ته هڪ اڇي چمڙي ۽ نيرين اکين وارو شخص جنهنجي مٿي جا وار ۽ ڀرون اڇا ۽ ٿلها هئا اندر آيو.
”لارڊ آڪلينڊ،“ اندر آيل شخص هٿ وڌائيندي چيو: ”آئون لارڊ ايلنڀرگ آهيان، مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون هندوستان جي نئين گورنر جرنل طور عهدو سنڀاليان.“ اهو ٻڌي لارڊ آڪلينڊ جو منهن هيڊو ٿي ويو ۽ ڪرسيءَ تان اٿي ميز جي ٻئي پاسي آيو ۽ ايلنڀرگ سان هٿ ملائندي چيائين:
”جي هي ڪرسيءَ هاڻي اوهان جي حوالي آهي.“
”مهرباني،“ ايلنڀرگ نرم لهجي ۾ چيو، هو اوجهل قدمن سان ٻاهر وڃڻ لڳو.
”لارڊ آڪلينڊ،“ ايلنڀرگ سڏ ڪيس ته بيهي رهيو: “ڇو نه هڪ جام ٿي وڃي...؟“
”جي ضرور،“ هن هيڊي مرڪ مرڪندي جواب ۽ وڏي ميز جي ٻئي پاسي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. لارڊ ايلنڀرگ ٻه جام ٺاهي آيو هو، هڪ آڪلينڊ کي ڏنائين، ٻئي خاموشي سان جام پئيڻ لڳا ۽ پوءِ لارڊ آڪلينڊ اٿي آفيس کان ٻاهر نڪري ويو.