18
صبح جي وقت کان ئي ماحول ۾ اداسي ڇانيل، هوش محمد ساٿين سميت اڳيان ٿي وڌيو، جڏهن ته فرنگي پڻ توپن سميت اڳيان ٿي وڌيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ سج سوا نيزي تي لهي آيو هجي. چارليس نيپئر خيمو هڻائي ان ۾ ويٺو، پياده سپاهي، گهوڙيسوار ۽ توپون ميدان جي وچ ۾ هيون، گنجي پاپ سنڌي لشڪر کي اڳيان وڌندي ڏٺو ته حڪم ڪيائين:
”فائر.....“ توپ جو گولو سنڌين وٽ اچي ڪريو، ڌوڙ اٿي، ڪجهه همراهه زخمي ٿي پيا، پر لشڪر اڳيان وڌيو.
هوش محمد جي رڙ چيتي جي چنگار ٿي اڀري:
”حملو ڪريو....“
”نعري حيدري....“ لشڪر منجهان ڪنهن نعرو هنيو.
”يا علي....“ لشڪر بلند آواز ۾ جواب ڏنو. نيپئر دوربين سان نظارو ڏسڻ لڳو، ووڊ سندس پاسي کان ويٺل هو، ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا، هوش محمد ٻن فرنگين کي اک ڇنڀ ۾ ڌڪي وڌو.
”يسوع مسيح،“ نيپئر کان پاڻمرادو ڇرڪ نڪري ويو ۽ ووڊ کي چيائين:
”ڪٿي يوناني ديوتا ايڪيليس ته ٻيو جنم نه ورتو آ...!!“ هوش محمد ٻه ٻيا سپاهي ڌڪي وڌا. ان دوران پنج سپاهين سندس گهرو ڪيو، پر ڪنهن ۾ به هوش محمد تي حملي ڪرڻ جي همت نٿي ٿي، هوش محمد هوا ۾ بُل ڏئي هڪ سپاهي تي وار ڪيو، اهو سپاهي هيٺ اچي زمين تي ڪريو، کيس گهرو ڪري بيٺل سپاهي هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا. شير محمد پڻ ميدان ۾ خوب نڀائي رهيو هو.
هوش محمد جي نظر ڇني ڏانهن وئي هو شير محمد ڏانهن وڌي آيو ۽ چيائنس:
”فرنگين جو سربراهه هن ڇني ۾ آهي آئون ڇني تي حملي لاءِ ٿو وڌان.“
”هوش محمد اڪيلو ڇني ڏانهن وڌڻ خطري کان خالي نه هوندو،“ شير محمد فڪرمندي منجهان چيس.
”اوهان فڪر نه ڪريو، ميدان گرم لڳو پيو آ، وري اهڙو موقعو نه ملندو،“ هوش محمد چيس ۽ اڳيان وڌيو.
”ڇا هو اسان ڏانهن وڌي رهيو آهي؟“ نيپئر دوربين ۾ ڏسندي ڳالهايو، سندس لهجي ۾ بيقيني صاف ظاهر هئي:
”هن کي هر ۾ هيستائين پهچڻ کان روڪيو وڃي،“ هن ووڊ کي حڪم ڏنو. ٻن سپاهين ڇني کان ڪجهه پرڀرو هڪ توپ سڌي ڪري بيهاري. هوش محمد ڀڄندو ٿي آيو، سندس هٿ ۾ ٻه تلوار هيون، توپ جو گلو هليو ۽ هوش محمد جو سينو چاڪ ڪري ويو، هوش محمد هوا ۾ بلاٽيون کائيندو اچي زمين تي ڪريو. نيپئر جي منهن تي مڪار مرڪ اچي وئي.....
”هوش محمد شهيد ٿي چڪو آهي.....هوش محمد شهيد ٿي چڪو آهي.....“ سنڌي لشڪر ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ لشڪر همت هاري ويٺو. منجهند تائين جنگ پوري ٿي هوش محمد کي انگريزن 21 توپن جي سلامي ڏني.
ان کانپوءِ حيدرآباد جي پڪي قلعي تي انگريزن جو جهنڊو لهرايو ويو ۽ سنڌ جي غلام هجڻ جو اعلان ڪيو ويو.