12
ميرن جي حڪم تي اٺ هزار جي لڳ ڀڳ سنڌين ڇهه توپن سان برٽش رزيڊنسي کي ٽن حصن کان گهري ورتو، ان حملي ۾ ڪريمداد پڻ شامل هو، منجهند تائين سنڌي رزيڊنسي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. رزيڊنسي ۾ ميجر آٽورام جي ريجمنٽ جا سو کن سپاهي هڪ طرف پکڙجي ويا، ڪپتان ڪونوي جي اڳواڻي ۾ لائيٽ ڪپمني آف هر ميجسٽي 22 ريجمنٽ ۽ هڪ ٻئي ريجمنٽ ليوٽينٽ هارڊنگ جي سربراهي ۾ ساڄي حصي ۾ هوشيار ٿي بيهي رهي. انسنگ پينفاڌر، ڪپتان گرين ۽ ڪپتان ويلس جي ٽولن ساڄو پاسو سنڀالي ورتو، جڏهن ته ڪپتان برائون جي ٽولي وچ وارو حصو سنڀالي ورتو.
ڪريمداد سو ماڻهن جي ٽولي سان اڳيان وڌيو ۽ ٻنهي پاسن کان ٽڪاءُ ٿيڻ لڳا، انگريزن جو گولو بارود محدود، سندن سموري فوج چارلس نيپئر سان گڏ مٽياري وٽ پهتي هئي، ان هوندي به هو چئين ڪلاڪن تائين سنڌين کي رزيڊنسي کان ڏور رکڻ ۾ ڪامياب ويا، ان وچ ۾ ميجر آٽورام ساٿين سميت بچندو بچائيندو پلانٽ اينڊ سيٽلائيٽ نالي اسٽيمر تائين پهتو جيڪو، سنڌوءَ جي ڪپ تي بيٺل هو. هن چالاڪي سان ڪجهه سپاهي خشڪي وسيلي نيپئر ڏانهن اماڻيا. رات تائين به سنڌي رزيڊنسي تي حملو ڪندا رهيا ڪيترا ئي سنڌي ٽولا اندر تائين پهچي ويا ۽ فرنگين کي مارڻ لڳا، هاڻي فرنگين وٽ وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو. اطلاع ملڻ شرط ئي نيپئر مياڻيءَ جي ميدان وٽ خيما هڻڻ جو حڪم ڏنو.
16 فيبروري وارو سمورو ڏينهن ايسٽ انڊيا ڪپمني جا سپاهي ڇنن ٻاهران جنگي مشقون ڪندا رهيا. ان رات منشي نائيڪ نيپئر وٽ خيمي ۾ آيو، نيپئر جي هٿ ۾ شراب جو گلاس هو، 45 سالن جي سانوري منشي نائيڪ اندر داخل ٿي سلوٽ ڪيو، نيپئر شرام منجهان سرڪي ڀريندي هن کي ڏٺو.
منشي نائيڪ ڳالهايو:
”سر نائيڪ خبر ملي آهي ته سنڌ جي اميرن جا ٽولا مياڻي وٽ انگريز فوج تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آهن.“ نيپئر زباني ته ڪجهه نه چيو پر سندس ڪرڌ ۽ نفرت سان ڀريل اکيون منشي کي ڏڪائي ويون.
”هو گهڻا آهن؟“ نيپئر جام منجهان آخري سرڪي ڀريندي پڇيس.
”سر نيپئر ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته 28 هزار ويڙهاڪ اڳيان وڌي رهيا آهن،“ منشي احترام ۾ جواب ڏنس. نيپئر کي سندس فوج جو اندازو هو، هن اهو به اندازو لڳائي ورتو جيڪڏهن هن وقت وڌيڪ انتظار ڪيو ته سنڌي حملو ڪري ڏيندا، جنهن سان سندس سپاهين جا حوصلا پست ٿي سگهن ٿا. ان ڪري هن ووڊ ۽ ميجر برائون کي سندس خيمي گهرائي ورتو.
”اسان کي خبر ملي آهي ته سنڌي حملو ڪرڻ لاءِ مياڻي جي ميدان ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ ڪڏهن وقت به اسان تي حملو ٿي سگهي ٿو.“ نيپئر ٻئي ٻانهون پٺيان ٻڌي ڇني جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ڏانهن هلندي چيو. ٻنهي افسرن هڪ ٻئي جي منهن ۾ حيرت منجهان تڪيو.
”اطلاع موجب سنڌين جي لشڪر ۾ اٺاويهه هزار ويڙهاڪ آهن،“ نيپئر کين چيو.
”پر سر،“ ميجر برائون ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
”وچ ۾ نه ڳالهايو،“ نيپئر ڪاوڙ ۾ هن کي ٽوڪيندي چيو.
”جي سر،“ هن چيو ۽ ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو.
”مون فيصلو ڪيو آهي ته اسان وڌيڪ فوج اچڻ جو انتظار ڪرڻ بدران حملو ڪنداسين، اوهان ٻئي ترت ئي سموري سپاهين کي تيار ڪريو.“ نيپئر کين حڪم ڏيندي چيو.
”جي سر،“ ٻنهي هل آواز ۾ چيو ۽ سلوٽ هڻي ٻاهر هليا ويا.
17 فيبروري جي صبح جو 7:00 لڳي کان نيپئر ووڊ، پاپ ۽ برائون سان گڏ ڇني کان ٻاهر نڪري آيو، اهو هڪ صاف ڏينهن هو، سج هوريان هوريان نروار ٿي رهيو هو.
”سر اوهان جي حڪم جي دير آهي سڀ تياريون مڪمل آهن.“ ووڊ کيس ٻڌايو. نيپئر سندس نيري رنگ جي ڪوٽ جي کيسي منجهان سونهري گهڙي ڪڍي ٽائيم ڏٺو ۽ پوءِ چيائين:
”آئون چاهيان ٿو ته حملو دشمن ڪري جئين اسان کي سندن طاقت جو اندازو ٿي وڃي، ان ڪري ڪلاڪ کن انتظار ڪجي.“
”جي سر،“ ووڊ چيس ۽ هو ٽئي سنڌين جي حملي جو انتظار ڪرڻ لڳا. هڪ ڪلاڪ گذري ويو پر هنن تي ڪو به حملو نٿيو، هاڻي نيپئر جي اڻتڻ به وڌڻ لڳي هن وري کيسي منجهان گهڙي ڪڍي ٽائيم ڏٺو، صبح جا 8:15 لڳي چڪا هئا. هاڻي انتظار نيپئر جي وس کان ٻاهر ٿي ويو ۽ ووڊ ۽ برائون جي وچ ۾ بيهي وڏي واکي رڙ ڪيائين:
”سپاهيو! قطارون جوڙيو ۽ حملي لاءِ تيار ٿي وڃو، ياد رهي هر حال ۾ اسان جو نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي، ۽ دشمن جو وڌ کان وڌ نقصان ڪرڻو آهي.“
سپاهين سندن هٿيار تيار ڪيا، ٻارنهن دوپون اڳيان وڌايون ويون، اٺاويهه سو سپاهي نيپئر جي اڳئين حڪم لاءِ تيار ٿي ويا.
”ٻيلي طرف وڌو....“ نيپئر سندس سنهي تلوار مياڻي جي ٻيلي ڏانهن ڪندي حڪم ڏنو، سپاهي خبرداري سان اڳيان وڌڻ لڳا. هڪدم ٻيلي منجهان ”يا علي..... يا علي.....“ جي صدا بلند ٿي ۽ سنڌين جا ڪٽڪ، جيڪي ٻيلي ۾ لڪيا ويٺا هئا، دشمن سان مقابلي لاءِ نڪري آيا، ڪپمني جا سپاهي هيسجي ويا، پر نيپئر حڪم ڏنو:
”گولو هلايو.“ توپ منجهان باهه ڇڏيندڙ گولو نڪتو ۽ اڳئين وڌي آيل ڏهه سنڌي زخمي ٿي ويا، ڪپمني جي سپاهين بندوقون ڀري گوليون هلايون. ٻيلي جي هڪ ڪنڊ ٻه سنڌي جن کي اڇو ويس پهريل ۽ سندن منهن پٽڪي جي پلاند سان ڍڪيل هٿ ۾ تلوارون لوڏيندا ٻاهر نڪتي ۽ دشمن ڏانهن چيتي جي رفتار سان وڌڻ لڳا، انهن منجهان هڪ جيڪو ڪمزور ٿي نظر آيو، ان وڏي واکي رڙ ڪئي:
”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون......“
”سردار هوش محمد جو پٽ ڪريمداد ميدان ۾ لهي پيو آهي،“ سنڌين جي ٽولي منجهان ڪنهن رڙ ڪئي ۽ پوءِ فضا وري هڪ نعرو لڳو:
”نعرا حيدري.....“ سڀني سنڌين هڪ آواز ۾ جواب ڏنو:
”يا علي.....“ ٻه نوجوان دشمن کي للڪاريندا اڳيان وڌيا، سندن پهريون حدف اهو هو ته ڪنهن به صورت مڪار نيپئر تائين پهچي کيس ڌڪجي، ايتري ۾ ڏيهه فرنگي سپاهين ٻنهي نوجوانن کي ورايو، نوجوان گهري ۾، سپاهي هنن ڏانهن وڌيا، ڪريمداد اک ڇنڀ ۾ هڪ گورکا سپاهي تي وار ڪري کيس ڌڪي وڌو ۽ ساڳي رفتار سان ٻن سپاهين ڏانهن وڌيو، اهو منظر ڏسي نيپئر جون نيريون اکيون ٻاهر نڪري آيون، خوف ۾ مٿي تي گهنج اچي ويس ۽ پاسي ۾ بيٺل گنجي آفيسر پاپ جي ڪن ۾ سرگوشي ڪيائين:
”لڳي ٿو سنڌي جنهن جوڌي هوش محمد تي فخر ڪندا آهن، اهو هي نوجوان آهي، ڇا ته ڦڙتي اٿس بُت ۾.....“ ڪريمداد وڙهندو رهيو پر نظر نيپئر تي ٿي رکيائين، کيس بس هڪ موقعي جي ڳولها هئي. سج وچ آسمان تي اچي بيٺو ٻنهي طرفن جا ويڙهاڪ ٻيلي منجهان نڪري مياڻي جي ميدان تي جنگ ڪرڻ لڳا، پريان بيٺل پاپ پستول ور منجهان ڪڍي گهوڙو چاڙهي ڪريمداد جو نيشانو ورتو، هو گهوڙو دٻائڻ وارو هو جو هڪ انگريز سپاهي وچ ۾ آيو ۽ تلوار سان ڪريمداد تي وار ڪيائين، رت..... پگهر...... گولا....... بارود....... زخمي ٿيل سپاهي..... مرندڙ سپاهي.... نعرا..... ۽ ان سڀ کان مٿي سنڌ تي هڪ ٻئي جنگ جو آغاز....... ڪريمداد ان سپاهي تي زوردار وار ڪيو سپاهي زمين تي اچي ڪريو، ڪريمداد ڪاوڙ منجهان نيپئر کي ڏٺو، سندس اکين ۾ اهو ئي هوش محمد وارو جوش، هو نيپئر طرف وڌيو، ايتري ۾ پاپ سندس ڀريل پستول سڌو ڪري فائر ڪيو، گولي ڪريمداد جو سينو چيري وئي، ڪريمداد گوڏن ڀري زمين تي ويٺو ۽ آرمان ڀري نگاهه سان آسمان کي ڏسي چپن ۾ ڀڻڪيو:
”يا خدا منهنجي مٺڙي بابا هوش محمد کي ايتري همت ڏجان جو هو سنڌ کي غلام ٿيڻ کان بچائي سگهي.....“ ايتري ۾ هڪ ڳاڙهي وردي پهريل فرنگي سپاهي ڪريمداد جي سيني تي وار ڪيو، ڪريمداد اتي ئي ختم ٿي ويو. سنڌين ويتر جوش ۾ فرنگين کي مارڻ شروع ڪيو، انسنگ پينفاڌر ڌڪجي پيو ۽ مري ويو. پاپ سندس ٽولو سان گڏ ميدان تي لٿو، جڏهن ته نيپئر جان بچائي ڇني ۾ لڪي ويٺو، پر ڪريمداد جي اکين جو جوش اڃا به سندس پيڇو ٿي ڪيو.
ٻيلي ۾ لڪي ويٺل امير 12:00 لڳي ڌاري ٻاهر نڪري آيا، جنگ چار ڪلاڪ کن هلي چڪي هئي، مير رستم خان، مير نصير خان ۽ مير صوبيدار خان کي خبر پئي ته انگريزن خيرپور واري حويلي تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ان خوف ۾ هنن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان وقت تائين 250 فرنگي مري چڪا هئا، سنڌين جي ٽولون ۾ مڻ مچي ويو، انگريزن ان جو فائدو وٺي پنج هزار سنڌين کي شهيد ڪري وڌو. ميرن نيپئر ڏانهن ماڻهو موڪلي جنگ روڪڻ جي درخواست ڪئي. نيپئر پاپ لاءِ حڪم جاري ڪيو ته هو جنگبندي ڪرائي. ڏيهه انگريز سپاهين ٽن ميرن جو گهرو ڪيو. جنگ بند ٿي وئي، سنڌين ڪيمپ ۾ هٿيار جمع ڪرائڻ شروع ڪيا. نيپئر منشي نائيڪ سان گڏ ڇني کان ٻاهر نڪري آيو، پاپ ۽ ووڊ به هن سان گڏ هئا، هو ميدان تي وکريل سنڌين جا لاشا ڏسڻ لڳا، منشي نائيڪ ٻن سنڌي سپاهين کي وٺي آيو، نيپئر جي ذهن ۾ اهو هو ته هوش محمد هن ويڙهه ۾ شهيد ٿي چڪو آهي، هو ڪريمداد جي لاش وٽ اچي بيٺا، نيپئر حڪم ڪيو:
”هن جي منهن تان ڪپڙو هٽايو.“ منشي نائيڪ هڪ سنڌي ويڙهاڪ کي ائين ڪرڻ جو چيو، هن ڪريمداد جي منهن تان ڪپڙو هٽايو، سڀني جي اکين سامهون هڪ 18 سالن جي نوجوان جو لاش پيو هو.
”ڇا هي هوش محمد آهي؟“ نيپئر سوال ڪيو، منشي اهو سوال سنڌي کي ترجمو ڪري ٻڌايو.
”نه،“ هڪ ويڙهاڪ روئڻهارڪي لهجي ۾ جواب ڏنو: ”هي هوش محمد جو پٽ ڪريمداد آهي.“ منشي نائيڪ انگريزي ۾ ترجمو ڪري نيپئر کي ٻڌايو، نيپئر جي منهن جو رنگ اڏامي ويو ۽ ٿڌو ساهه ڀري چيائين:
”معنيٰ اڃا جنگ ختم نه ٿي آهي.“ ان تي پاپ ۽ ووڊ به حيرت ۾ پئجي ويا.
ٻئي ڏينهن صبح جي وقت نيپئر سندس ڇني ۾ ويهي، هڪ ڪلارڪ کان جنگ جو احوال لکرائي رهيو، منشي نائيڪ ڇهه همراهم سان اندر آيو ۽ زمين تي زور سان بوٽ هڻي سلوٽ ڪيائين، هن سان گڏ اندر آيلن کي نيرو ۽ سائو شاهي لباس پهريل هو. نيپئر هڪ نظر وجهي هنن کي ڏٺو.
”سر هي سنڌ جا امير مير رستم خان، مير نصير خان، مير صوبيدار خان ۽ ٻيا آهن،“ منشي نائيڪ نرم لهجي ۾ چيس، اهو ٻڌي نيپئر جي منهن تي طنز ڀري مرڪ اچي وئي.
”هي اوهان آڏو سندن هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ اوهان کي سنڌ جي نئين حڪمران طور قبول ڪرڻ آيا آهن.“ واري واري سان سڀني ميرن سندن تلوارون نيپئر اڳيان ميز تي رکي سندس هٿ چمي ڪنڊ ٿي بيٺا.
”حضور سنڌ جي اميرن جي چوڻ موجب اڃا ڪجهه سردارن ۽ سنڌ جي بهادر ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن،“ منشي چيس، نيپئر ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ هٿ چيلهه تي رکي ڪاوڙ منجهان چيائين:
”اهي به جلدي هٿيار اڇلائيندا، جيڪڏهن نه ته پوءِ هنن کي مرڻو پوندو.“
”حضور هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هوش محمد ۽ مير شير محمد گڏجي حملي جي تياري ۾ آهن.“ منشي نرم لهجي ۾ چيس، نيپئر جي منهن تي مڪاري جي مرڪ اچي وئي ۽ پوءِ چيائين:
”ڏٺو ويندو.“
رات جو پهريون پهر هو، انگريز فوج حيدرآباد اچي پهتي هئي، پڪي قلعي جا شاهي در انگريزن جي استقبال لاءِ کوليا ويا هئا، نغارن جا آواز فضا ۾ ٿي گونجيا، پر ان هوندي به نيپئر جي من ۾ هوش محمد جي نالي جو خوف ويٺل هو، هن اڃا به قلعي تي برطانوي جهنڊي چاڙهڻ جو حڪم نه ڏنو هو، ووڊ، پاپ ۽ ميجر آٽورام جهڙا افسر ان ڳالهه تي حيران هئا ته سندن ڪمانڊر جهنڊي چاڙهڻ جو حڪم ڇو نه ٿو ڏئي، اهو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پوراڻي ريت رهي آهي، جنهن به علائقي ۾ گهڙندا آهن اتي اول راڻي جو نالو وٺي يونين جيڪ هوا ۾ ڦڙڪائيندا آهن، پر ڪمپني جي ڏيڍ سو سالن جي اهڙي ريت جي سنڌ ۾ ڀڃڪڙي تي خود انگريز سپاهي به حيرت ۾ هئا، تان جو قلعي جي برجن تي به انگريز سپاهين مورچا سنڀالي ورتا هئا. نيپئر قلعي جي ديوانِ خاص ڏانهن وڌڻ لڳو، هي سنڌ جي حڪمرانن جو خاص ڪمرو هو، جتي اول ڪلهوڙا پوءِ ٽالپر حڪمران سڪون حاصل ڪرڻ ايندا هئا، اهو هڪ وڏو ۽ ڪشادو هال هو، جنهن ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جون شاهي تلوارون ۽ پوشاڪ ٽنگيل هئا، ڇت کان لڙڪندڙ خوبصورت فانوس ۽ ريشمي پردا هئا، نيپئر پيٺان سندس زال به داخل ٿي.
”اڄ کان هي شاهي ڪمرو اوهان جو آهي، اوهان هتي راڻي جيان رهو،“ نيپئر مڪار مرڪ مرڪندي چيس، سندس زال جي منهن تي پڻ مرڪ اچي وئي ۽ شاهي پلنگ تي وهندي چيائين:
”مونکي فخر آهي سر نيپئر جهڙو بهادر انسان منهنجو جيون ساٿي آهي.“ ريشمي پردن جي پٺيان نيپئر کي ڪنهن جي کنگهڻ جو آواز آيو، هو هڪدم ديوانِ خاص منجهان ٻاهر آيو، ورانڊي ۾ ميجر آٽورام بيٺل نظر آيس. نيپئر هن ڏانهن آيو، ٻئي هال ۾ هلڻ لڳا.
”سر نيپئر؛“ آٽورام نرم لهجي ۾ چيس: “هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.“
”ڪهڙي ڳالهه ميجر آٽورام....!!“ نيپئر حيرت منجهان پچيس.
”اها ئي ته اسان سنڌ فتح ڪري چڪو آهيون، پوءِ اوهان يونين جيڪ ڦڙڪائڻ جو حڪم ڇو نه ڏنو آهي، جڏهن ته اها ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ريت رهي آهي؟“ آٽورام پڇيس.
”ميجر آٽورام؛“ نيپئر ٿڌو ساهه ڀري جواب ڏنو: ”سنڌ اڃا فتح نه ٿي آهي.“ اهو ٻڌي آٽورام وائڙن جيان کيس ڏسڻ لڳو.
”۽ سنڌ اوستائين فتح نه ٿيندي جيستائين هوش محمد، مير شير محمد ۽ ڄام چاڪر جوکيو هٿيار نٿا اڇلائين،“ نيپئر چيس.
”معنيٰ اسان کي اڃا به جنگ لاءِ تيار رهڻ گهرجي؟“ آٽورام حيرت منجهان پڇيس.
”هر وقت.... ميجر آٽورام هر وقت.......“ نيپئر وري ٿڌو ساهه ڀري چيس. نيپئر جي نظر ڇت ڏانهن وئي ان تي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل هو.
”هي سنڌي به باقي هندوستان جيان آرٽ جا شوقين ٿا لڳن،“ نيپئر چيو. ميجر آٽورام سندس ها ۾ ها ملائي. هو ٻئي هلندا رهيا.
”ميجر آٽورام...“ نيپئر ڪجهه گهڙين بعد چيس.
”جي سر نيپئر،“ آٽورام احترام منجهان جواب ڏنس.
”هڪ ڪم ڪريو، عام اعلان ڪرايو ته جيڪو به انگريز سرڪار اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندو، ان کي انگريز سرڪار عام معافي ڏئي سندس جاگير واپس ڪندو.“ نيپئر چيو.
”جي سر نيپئر،“ ميجر آٽورام جواب ڏئي هليو ويو.
ٻئي ڏينهن کان ميجر آٽورام سندس ريزڊنسي تي ان ڪم کي لڳي ويو، هن عام اعلان ڪرائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ ماڻهو موڪليا، ڪيترن ئي منشين کان ڏينهن رات ڪم ڪرائي سڀني جاگيردارن جي ڄاڻ گڏ ڪئي، ان ڪم ۾ کيس ٻه هفتا لڳي ويا ۽ پوءِ سومر 26 فيبروري 1843ع تي پڪي قلعي ۾ سنڌي جاگيردار گڏ ٿيا، جن کان اهو واعدو ورتو ويو ته هو انگريز سرڪار جا وفادار ٿي رهندا، جنهن بعد کين جاگيرن جون سندون ڏنيون ويون. ان ڪم ۾ آٽورام کي ٻه ڏينهن لڳي ويا. سندس ريڪارڊ موجب مير شير محمد، ڄام چاڪر جوکيو ۽ سيد ڇتن شاهه عام معافي واري ڏينهن غير حاضر رهيا.
27 فيبروري جي صبح جو 10:00 لڳي ميجر آٽورام نيپئر جي آفيس ۾ آيو، نيپئر قلعي اندر هڪ ڪوٺي کي سندس آفيس ڪري ڇڏيو هو. نيپئر ڪلڪتي ۾ ويٺل انگريزن جي گورنر جرنل کي خط ٿي لکيا. آٽورام ڪمري اندر اچي سيلوٽ ڪيس ته نيپئر ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو ۽ مرڪي چيائنس:
”ميجر آٽورام مهرباني ڪري ويهو.“
”جي مهرباني سر،“ آٽورام ٻئي طرف ڪرسي تي ويهندي مرڪي چيس ۽ جاگيردارن وارو فائيل ميز تي رکيائين. نيپئر خط لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ سمورو ڌيان آٽورام ڏانهن ڪيائين.
”سر اسان سنڌ جي جاگيردارن بابت سمورو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي،“ آٽورام ٻڌايس، نيپئر هاڪريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”اسان جي ڄاڻ موجوب شير محمد، ڄام چاڪر جوکيو ۽ سيد ڇتن شاهه جاگيرون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،“ آٽورام نرم لهجي ۾ چيس، اهو ٻڌي نيپئر جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، هو ڪرسيءَ تان اٿيو ته آٽورام به اٿي بيٺو.
”مير شير محمد ۽ ڄام چاڪر جوکيو ته ٺيڪ آهن پر هي ڇتن شاهه وري ڪير آهي؟“ نيپئر ڪڙڪ لهجي ۾ سولا ڪيس.
”سر هي سن جو رهواسي آهي؛“ آٽورام کيس ٻڌايو: ”سندس تعلق حيدر شاهه سنائي جي خاندان سان آهي، هي مخدوم بلاول جا مريد آهن، ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول سيد ميران شاهه جونپوري خلاف هڪ تحريڪ هلائي هئي. جونپوري اها دعوا ڪئي هئي ته هو امام مهدي آهي جنهن جو مسلمان انتظار ڪري رهيا آهن، ثمرقند کان قابل ۽ هندوستان جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن ميران شاهه کي مهدي طور قبولي ورتو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ پهتو ته کيس مخدوم بلاول ۽ سندس مريدن ڪوڙو ثابت ڪري هتان رسوا ڪري ڪڍيو، جنهن کانپوءِ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو نواب دلها دريا خان سان گڏ مخدوم بلاول جي مريدن جن ۾ حيدر شاهه سنائي اهم مريد هو پڻ حصو ورتو ۽ ارغونن جو پهريون حملو ناڪام بڻايو. هي ڇتن شاهه حيدر شاهه جي نسل منجهان آهي ۽ مليل ڄاڻ موجب سن ۾ اثر رکندڙ شخص آهي.“ نيپئر آٽورام کي ڏٺو، آٽورام ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”ڇا هي سنڌي تاريخ جي هر دور ۾ رڳو پنهنجي ڌرتيءَ خاطر وڙهندا ئي رهيا آهن ڇا!!“ نيپئر ٿڌو ساهه ڀري چيو. هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ نيپئر آٽورام کي ڏنو:
”هن شخص ڇتن شاهه تي نظر رکو، مونکي هن منجهان بغاوت جو خطرو ٿو ظاهر ٿئي.“
”جي سر،“ آٽورام چئي ٻاهر هليو ويو. نيپئر اچي ڪرسي تي ويٺو ۽ ڊائيري کولي وري لکڻ لڳو:
”آئون سنڌ ۾ ڇو آيس، ڇا منهنجو هي قدم منهنجي سموري فوجي ڪرئير تي داغ بڻجي ويندو......“ ۽ پوءِ وچ پني تي وڏن اکرن ۾ لکيائين:
”پيڪاوي...... مون سنڌ ۾ اچي وڏو گناهه ڪيو آهي.“