6
دٻي ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ جي کليل ميدان تي قمبراڻي قبيلي جا ڪيترا ئي مرد گڏ ٿيا هئا، هي آفريڪي نسل سان ملندڙ جلندڙ انسان خوشيءَ ۾ همبوشيون هڻي رهيا هئا، کين نه گرمي جي ڪا فڪر هئي نه ئي وري سردي جي پرواهه ڪندا هئا. سندن چمڙي جو رنگ گهرو ۽ مٿي جا وار گنگريلا هئا. هو ساليانا ملهه مقابلي لاءِ ڳوٺ ٻاهران کليل ميدان ۾ گڏ ٿيا هئا. نوجوان پٺي اگهاڙي قمبراڻين جا ڇوڪرا گول دائري ۾ نچي رهيا هئا، جڏهن ٻه ٿلها متارا شخص ڳيچيءَ ۾ پاتل دهلن کي ڏنڊين سان ڪٽندا ٿي ويا. هن سال جو مقابلو انڪري به اهم هو جو ان مقابلي ۾ سردار هوش محمد جو 17 سالن جو پٽ ڪريمداد به حصو وٺي رهيو هو. ڪجهه گهڙيون اڳ ئي ڪڪڙن جي بازي ۽ گڏهن جي گوءَ پوري ٿي هئي ۽ هاڻي ڪريمداد سندس زندگي جي پهرئين ملهه لاءِ تيار هو.
”ڪريمداد،“ هڪ نوجوان ڪاري پٺن اگهاڙي ڇوڪري، جنهن جي هٿن ۾ اڇو پٽڪو هو کيس سڏيو ته ڪريمداد ان ڇوڪري ڏانهن ڏٺو، ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪيا، اهو ڇوڪرو سندس ماروٽ گلڻ هو.
”سردار هوش محمد هي تنهنجي لاءِ موڪلي آهي.“ گلڻ چيس، ڪريمداد احترام سان گلڻ کان اڇو پٽڪو ورتو، هن ٻيهر سينو ويڪرو ڪندي ڳالهايو: ”سردار هوش محمد چيو آهي ته سندس پٽ ڪريمداد کي ٻڌايو وڃي ته هي اهو پٽڪو آهي جيڪو هوش محمد جي پيءَ فقيرداد سندس مٿي تي رکندي چيو هو: هاريل مردن لاءِ قمبراڻي قبيلي ۾ ڪا به عزت نه آهي.“ ڪريمداد عزت سان پٽڪي کي چمي ڏيندي چيو:
”سردار هوش محمد کي چئجان ته آئون ڪريمداد هن ڌرتيءَ جي ان بهادر انسان جو پٽ آهيان جيڪو هڪ هٿ سان هاٿي ۽ ٻي هٿ سان ٽي گھوڙا ساڳي وقت ڪرائي وجهندو آهي.“ ۽ پوءِ پٽڪو مٿي تي رکندي چيائين:
”سردار هوش محمد جي پيرن تي هٿ رکي چئجان سندس پٽ موت ته قبول ڪندو پر شڪست نه.“ ڪريمداد صاف آسمان ۾ ڏسي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو ۽ ميدان ڏانهن وڌڻ لڳو، دهل وڄئڻ لڳا ۽ همبوشين جو آواز گجگوڙ ڪرڻ لڳو.
ميدان کان ڪجهه پرڀرو هڪ کٽ جنهن تي ٽڪ جي رلي وڇايل هئي ته 42 سالن جو بُت ۾ ڀريل هوش محمد ويهي ملهه ڏسڻ لڳو، سندس مٿي تي اڇو پٽڪو ٻڌل هو ۽ منهن تي مڇين جي سنهي ليڪ تي آڱر ٿي ڦيريائين. هوش محمد ۽ سندس خاندان سنڌ جي ماڻهن لاءِ بهادر ۽ شجاعت جو نشان هو، سنڌي ته هوش محمد کي ڏاهر، دودي ۽ دلها جو ٻيون جنم به چوندا هئا. هي سنڌ جا اهي بهادر جوڌا هئا جن سنڌ ماتا لاءِ جان جو نظرانو ڏنو هو.
50 سال اڳ هوش محمد جو پيءُ فقيرداد اڃا ٻار هو جو کيس ٽالپرن جي درٻار ۾ آندو ويو هو، سندس ڪم گهڙن جي نگارني ڪرڻ ۽ ننڍڙي شهزادي مير رستم خان کي تربيت ڏيڻ جو هو، سندس اخلاق ۽ سچائي جي ڪري سنڌ جا حڪمران فقيرداد سان پيار ڪرڻ لڳا. جڏهن هو 19 سالن جو ٿيو ته مير فتح خان، جيڪو ان وقت خيرپور رياست جو حڪمران هو، کيس حڪم ڪيو ته حيدرآباد وڃي، ان وقت فقيرداد مير جي خدمت ڪرڻ ٿي گهري پر انڪار به نه ڪري سگهيو هو ۽ حيدرآباد ويجهي مٽياري جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي ٽڪيو، جتي هن مرادي نالي سادي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن جو تعلق خاصخيلي برادري سان هو، هتي هن ڪنڀارڪو ڪم سکيو. 1801ع ۾ جڏهن مرادي پيٽ سان هئي، ته فقيرداد کي مير فتح جو نياپو مليو ته هو مرڻ ڪندي تي آهي. فقيرداد مرادي کي سندس ڀاءُ جي گهر ڇڏي خيرپور ڏانهن نڪري پيو. هو جئين محل ۾ مير جي آرامگاهه تي پهتو ته مير آخري ساهه کڻي رهيو هو. هن مير جي پيرن تي هٿ رکيو ۽ سندس پيشاني چمي.
”فقيرداد،“ مير مرڻينگ آواز ۾ چيس: ”اسان جي گهرواري پيٽ سان آهي ۽ اسان موت جي انتظار ۾ آهيون، اسان جي خواهش آهي ته اسان جي نئين ڄاول ٻار جي سار سنڀال تون ڪر.“
”جي حضور،“ فقيرداد احترام ۾ جواب ڏنو ته مير جي منهن تي هيڊي مرڪ اچي وئي هئي ۽ پوءِ هن هڪ اونهو ساهه کنيو هو.
ان رات جي آخري حصي ۾ جڏهن مير فتح جون اکيون بند ٿيون هيون ته ٻن ڇوڪرن هن دنيا ۾ اکيون کوليون. هڪ کي مير صوبيدار خان جو نالو ڏنو ويو ته ٻئي هوش محمد سڏيو. فقيرداد مير صوبيدار خان کي هٿن ۾ کڻي نرڙ تي چمي ڏني هئي. ٽن ڏينهن تائين محل ۾ رداليون سندن سينو پٽينديون رهيون هيون. چوٿينڏينهن سبحان خاتون سميت مير جون ست ئي زالون عدت ۾ وٺيون هيون. پر مير فتح اها وسعيت ڪئي هئي ته ڇهين ڏينهن تي مير صوبيدار خان جو سنڌي رسمن موجب ڇٽي ڪئي وڃي. ماءُ مائٽاڻيون سونا وٽا کير جا ڀري سبحان خاتون ڏانهن آيون هيون. فقيرداد مولوي عبدالڪريم کي وٺي آيو هو، جنهن مير صوبيدار جي ڪن ۾ آذان ڏني هئي.
ان جي پنج مهينن بعد مير صوبيدار جو عقيقو ڪيو ويو. اها هڪ شاهي دعوت جئي، شهر جا باغ ۽ اوطاقون خوب سجايون ويون هيون. محل جي تلاءَ ۾ بدڪن جو نئون جوڙو ڇڏيو ويو هو، هر طرف خوشيون ئي خوشيون هيون. شاهي بورچي زردو ۽ پلاءُ پچائڻ ۾ مصروف هئا. محل ۾ حجمن جو ٿلهيون متاريون عورتون سهارا ۽ لاڏا ڳائي رهيون هيون. فقيرداد مرادي ۽ هوش محمد کي پڻ گهرائي ورتو هو، شام جو مير صوبيدار ۽ هوش محمد کي گهوٽن جيان تيار ڪري گھوڙن تي ويهاري شهر جو سير ڪرايو ويو هو، هر طرف ناچ گانو ۽ خوشي جا منظر هئا. سج لهڻ مهل ٻنهي کي اوطاق تي آندو ويو هو ۽ هڪ ٿلهي حجم سندن طوهر ڪئي هئي.
ستن سالن تائين مير صوبيدار ۽ هوش محمد ڀائرن جيان گڏ رهيا. کين فقيرداد گهوڙيسواري ۽ جنگي مشقون ڪرايون هيون.
پندرهن سالن جي عمر هوش محمد سان گڏ مير صوبيدار شڪار تي نڪتو، کجين جي وڻن وارو رستو پار ڪري هو ٻيلي ۾ داخل ٿيا هئا، ڪجهه اڳڀرو ٿيا، پر شڪار هٿ نه آين. ان تي مير صوبيدار چيو هوس:
”هوش محمد ڇا خيال آهي هاڻي واپس ورڻ گهرجي.“
”مير سائين،“ هوش محمد جواب: ”خالي هٿين موٽڻ بيعزتي آهي، ٿورو اڳيان هلي ڏسون ٿا.“ ٻئي ٻيلي ۾ اڳيان وڌڻ لڳا هئا. هنن کي هڪ طرف دونهون نظر آيو ۽ هو ان طرف وڌڻ لڳا، هو جڏهن اتي پهتا ته کين هڪ اڇن وارن وارو پوڙهو مليو، جنهنجي اکين جا تارا ڳاڙها هئا، هو نم جي گھاٽي وڻ هيٺان ويٺل هو، منهن تي اڇي گهاٽي ڏاڙهي هوس، سندس جهوپڙي منجهان دونهون ٿي نڪتو. ان وقت سندس اکيون بند هيون ۽ چپن ۾ ڪو ورد ڪري رهيو هو. ٻئي دوست هن ڏانهن وڌيا.
”بابا.... بابا.....“ مير صوبيدار پوڙهي کي سڏيو. پوڙهي اکيون کولي هنن ڏانهن ڏٺو هو، مير صبيدار جي نظر جئين ئي هن جي ڳاڙهين اکين تي پئي ته هو ڏڪي ويو. پوڙهي هڪ نظر مير صوبيدار کي ڏسي هوش محمد ڏانهن ڏٺو ته سندس نظرون هن تي ڄمي ويون هيون. ڪجهه پل هوش محمد کي تڪڻ بعد هن آسمان ۾ نيهاريو هو.
”بابا ڇا ٿيو؟“ هوش محمد گوڏن ڀر ويهي پڇيو هوس.
”ٻچا،“ پوڙهي هوش محمد جي نرڙ ۾ ڏسندي چيو: ”تون ته پنهنجي وطن جي خفاظت ڪرڻ لاءِ ڄائو آهين.“
”پر بابا،“ هوش محمد نرم لهجي ۾ چيس: ”آئون ته ڪو حڪمران نه آهيان، بس پنهنجي پيءَ جيان سنڌ جي اميرن جو خادم آهيان.“
ان تي پوڙهي وڏو ٽهڪ ڏنو هو ۽ پوءِ آسمان ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي چيائين:
”جنهن کي وڻيس حڪومت ڏي ۽ جنهن کي وڻيس عزت ڏي.“
”بابا،“ مير صوبيدار حيرت منجهان پڇيو هوس: ”ڇا هي اسان کي قتل ڪري اسان جي حڪومت تي قبضو ڪندو.“ ان تي پوڙهي وري وڏو ٽهڪ ڏنو هو.
”نه پٽ، هي هڪ سپاهي جيان جئيندو ۽ هڪ سپاهي ٿي مرندو، پر سندس بهادري قيامت تائين ياد رکي ويندي، دشمن به کيس سلامي ڏيندا.“ ٻنهي ڇوڪرن جي اڻتڻ وڌي وئي، هوش محمد خاموشي ۾ اٿيو هو.
”پٽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ پوڙهي هوش محمد کان پڇيو.
”هوش محمد شيدي،“ هن جواب ڏنو هوس، پوڙهي هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو هو ۽ وري اکيون بند ڪيون هئائين. ٻئي يار خيرپور ڏانهن وريا هئا.
اها هڪ طوفاني رات هئي، فقيرداد کي نياپو مليو ته سندس سهرو گذاري ويو آهي، ان ڪري هن مرادي ۽ هوش محمد کي حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو، مرادي جون ٻه ڀينر ۽ ڀاءُ رسول بخش انهيءَ ڳوٺ ۾ رهيل هئا، هي ڳوٺ ٻنين جي وچو وچ هو جنهن ۾ قمراڻين ۽ خاصخلين جا چاليهه کن گهر هئا، ڳوٺ جون ٻنيون قمراڻين کي ميرن طرفان تعفي ۾ مليل هيون. خاصخلين جا ٻه ميهن جا واڙا هئا. گهر ڪچا ۽ ٻاهران لوڙهو ڏنل هئا، ڳوٺ جا مرد رات جو گڏ ٿي ڪچهري تي ويهندا هئا، ڪڏهن پروليون ٻڌائبيون هيون ته ڪڏهن وري لوڪ داستانون، ڪڏهن ته مرد ڳجهارتون ڀڃندي ڀڃندي اڌ رات ڪري ڇڏيندا هئا. ملهه، ڪڪڙن جي ويڙهه ۽ گڏهن جي گوءَ ۾ پڻ مردن کي مزو ايندو هو. مردي سندس ڀاءُ رسول بخش جي گهر ۾ رهي، گهر ۾ ٽي ڪمرا هئا، وڏو کليل پڌر جتي ڪڪڙ سج چڙهي کان سج لٿي تائين پيا ڦرندا هئا. اونهاري جي مند ۾ سج لٿي گهر ڀاتي اڳڻ تي پاڻي جو ڇٽڪار ڪري کٽون ڪڍندا هئا.
ٽئجي واري رات هوش محمد خيرپور ورڻ جو فيصلو ڪيو، پر رات دير سان سندس مامي ڌمي ڪارڻ گذاري وئي، هاڻي رسول بخش جو گهر عورت کان خالي ٿي ويو، هن سان رڳو سندس تيرهن سالن جي زرينه هئي، مرادي ڀاءُ سان رهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي ڪري هوش محمد کي به اُتي ئي رهڻو پيو. فقيرداد کي ان ڳالهه تي ڪوبه اعتراض نه هو، ڏينهن گذرڻ لڳا ۽ زرينه جي جواني نکرڻ لڳي.
اها اونهاري جي هڪ گرم شام هئي، هوش محمد گهر ۾ نه هو، رسول بخش اڳڻ ۾ رکيل کٽ تي ليٽيل هو. مرادي رڌڻي منجهان ڪم ڇڏائي ڀاءُ سان اچي ويٺي.
”ادا،“ هن ڀاءُ کي چيو هو.
”جي ادي،“ رسول بخش اٿي وهندي چيس.
”تو زرينه بابت ڇا سوچو آهي؟“ مرادي ڀاءُ کي ڏسندي پڇيو.
”بس ادي جيڪو نياڻي جو نصيب،“ رسول بخش آهه ڀري آسمان کي ڏسندي جواب ڏنو. زرينه هئي ته رڌڻي ۾ پر ڪن پڦيءَ ڏانهن هيس.
”جيڪڏهن توکي خراب نه لڳي ته هڪ ڳالهه چوان،“ مرادي هوريان ڀاءُ کي چيو.
”ها ادي چئو،“ ڀاءُ کيس ڏسندي جواب ڏنو.
”آئون توکان هوش محمد لاءِ زرينه جي ٻانهن ٿي گهران،“ مرادي چيس، ان تي رسول بخش جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
”ادي اها ته ڀلي ڳالهه آهي مونکي باقي ٻيو ڇا گهرجي.“ ٻئي ڀيڻ ڀاءُ خوشيءَ ۾ مرڪڻ لڳا، رڌڻي ۾ ويٺل زرينه جي منهن تي حياءَ به اچي ويو ته خوشي جو احساس به ٿيس. مرادي اٿي رڌڻي ۾ آئي ۽ ڳڙ جي مٺائي جي لپ ڀري ٿالهي ۾ ڀري رسول بخش ڏانهن کڻي آئي هئي. ان بعد مرادي زرينه کي ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏني هئي. ان ڏينهن کان زرينه هوش محمد کي ڏسي ته شرم وچان ڪمري ۾ لڪي وڃي. هوش محمد کي زرينه جي اهڙي ورتاءُ تي تعجب ٿيو هو ۽ سمجهه ۾ نٿي آيس ته هوءَ ائين ڇو ٿي ڪري....!!
اهو منجهند جو وقت هو مرادي پاڙي ۾ ويل هئي، جڏهن تي رسول بخش ٻني ۾ ڪم ٿي ڪيو، هوش محمد موقعو ڏسي گهر ويو.
”امان.... امان......“ هوش محمد ماءُ کي سڏيو. سندس ڪڙڪ آواز ٻڌي زرينه ڏڪي وئي، حياءَ جي هڪ لهر منهن ڳاڙهو ڪري ويس ۽ مٿي تي پوتي رکي ڪمري ڏانهن ڀڄي وئي ۽ در وٽان بيهي نظرون زمين ۾ ڪري چيائين:
”پڦي پاڙي ۾ وئي آهي.“ هوش محمد هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪمري ڏانهن وڌيو، ته زرينه ڏڪڻ لڳي، هو در جي ٻاهران بيٺو ۽ ڳالهايائين:
”زرينه تون مونکي ڏسي ائين لڪي ڇو ٿي وڃي؟“ زرينه کان هلڪڙو ٽهڪ نڪر ويو، پر پاڻ تي قابو ڪيائين.
”ڇا ٿيو؟“ هوش محمد حيرانيءَ منجهان پڇيس. هن رئو ڏندن ۾ ڏيندي چيو:
”ڪجهه به نه.“
”ته پوءِ تون ائين ڇو ٿي ڪرئين؟“ هوش محمد وري پڇيس.
”اسين سنڌي ڇوڪريون شادي کان اڳ پنهنجي ور اڳيان نه اينديون آهيون.“ زرينه هوريان چيس ته هوش محمد جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ تڪڙو گهر کان ٻاهر هليو ويو هو.
شعبان جي 13 تاريخ تي هوش محمد جي شادي لاءِ سڄو ويڙهو گڏ ٿيو، دهل شرنايون ٿي وڳيون، قمبراڻي قبيلي جا جوان نچڻ ڪڏڻ لڳا. زرينه جا هٿ مهندي سان ڳاڙها ڪيا ويا هئا، سندس سس کيس پنج وڳا ڏاج ۾ ڏنا. گهر ۾ عورتون لاڏا ۽ سهرا چئي رهيون هيون:
”راڻا تو مان لک ٿيندا راڻا تو مان راڄ ٿيندا......“
هوش محمد کي اڇي شلوار قميص، اڇو پٽڪو پاريو ويو، پوءِ کيس موڙ ۽ ڳانا ٻڌا ويا، ۽ کيس اوطاق ۾ ويهاريو ويو. مولوي رزاق سندس نڪاح پڙهايو، ٽي وڪيل اندر ويا ۽ جڏهن زرينه ٽي ڀيرا ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ته هر طرف کان مبارکن جا آواز بلند ٿيا، روڙيون ۽ پتاشا ورهايا ويا. دهل ۽ شرنايون وڄڻ لڳيون هيون.
شادي جي ڇهن سالن کانپوءِ کين پٽ ڄائو، جنهنجو نالو هنن ڪريمداد رکيو، جيڪو هاڻي 17 سالن جو ٿي چڪو هو ۽ سندس زندگيءَ جي پهرئين ملهه وڙهڻ وارو هو.
هوش محمد جي نظر پريان کان ايندڙ گهوڙيسوار ڏانهن وئي، جيڪو مٽي اڏائيندو هن ڏانهن ٿي وڌيو، دهل وڄڻ بند ٿي ويا، ناچ گانا ماٺ ۾ ٻڏي ويو، هوش محمد کٽ تان اٿي بيٺو.