پيش لفظ
ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد کان پياري دوست زاهد ٻٻر فون تي حڪم ڪيو ته هو سجاد اختر ٽالپر نالي ڪنهن ليکڪ جو ناول موڪلي رهيو آهي ان تي پيش لفظ لکي موڪل، مان کيس انڪار ته نه ڪري سگهيس، پر ذهن ۾ ناول بابت هزار سوال هئا، سڀ کان وڌيڪ ته ناول بور ڪندڙ ته نه هوندو؟ پر جڏهن ناول جو مسودو ليپ ٽاپ تي کوليم ته اصل تاڪ لڳي ويا ته سجاد اختر ٽالپر جهڙا ليکڪ اڃا تائين لِڪا ويٺا آهن ۽ انهن جي لکڻين کان سنڌ جو عوام محروم آهي ان ڪري شاباس آهي زاهد ٻٻر کي جنهن سجاد اختر ٽالپر جهڙي بهترين ناول نگار کي اسان جي سامهون آڻي نروار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڪثريت اهڙين لکارين جي آهي جيڪي پنهنجي روح جي تسڪين لاءِ لکندا آهن انهن جون لکڻيون پنهنجي ذات تائين محدود آهن پر سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ” لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي.
ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي جنهن ڪري هڪ دفعو ناول هٿ ۾ کڻڻ بعد پڙهي پورو ڪرڻ کانسواءِ هٿ نه ڪڍڻ تي دل چوي ٿي، جيڪا سجاد اختر ٽالپر جي ناول جي ڪاميابيءَ جي چٽي نشاني آهي. ناول جي ٻين پڙهندڙن جي راءِ کانسواءِ مان ان ڪري اڳواٽ ئي اها راءِ ان ڪري ڏيان ٿو جو ناول منهنجي پسنديده صنف آهي ۽ اهو ئي ناول وڙهندو آهي جنهن ۾ تسلسل هجي، روانگي هجي ۽ منظر ڪشيءَ سان گڏ ڪردارن سان نڀاءُ هجي، ائين ئي سجاد اختر ناول جي مرڪزي ڪردارن سانول ۽ راڌا سان ڀرپور نڀايو آهي ۽ انهن کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ۽ غلاميءَ کان نفرت ڪري پورهيت دوست سماج اڏيندڙ جانثارن جي تاريخ آهي جن ٿر جهڙي ڏکئي علائقي ۾ پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي انگريز سامراج سان گڏ سماج جي گندين ريتن رسمن، دين ڌرم جي نفرت ۽ اوچ نيچ خلاف ويڙهه وڙهن ٿا ۽ هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏين ٿا.
سنڌي لکڻين ۾ اڪثريت روئڻ پٽڻ، رومانس، مايوسي ملندي آهي پر سجاد اختر جي ناول جي ڪنهن به سٽ ۾ توهان کي مايوسي، روئڻ پٽڻ نه ملندو جنهن ڪري پڙهڻ سان ماڻهو جي دل باغ بهار ٿيڻ سان گڏ حب الوطنيءَ جو جذبو جاڳي پئي ٿو، رومانس ۾ به پاڪيزگي ملي ٿي ۽ پڙهندڙن کي ڀرپور اُتساهه ملي ٿو، جيئڻ لاءِ جستجو جي نئين واٽ ملي ٿي. سماج جي اوڻائين جي نشاندهي ملي ٿي. سانول سميت موهن، موتي، هنميت، وشني، جيت جهڙا پورهيت دوست ۽ ڌرتيءَ تان سر گهوريندڙ ڪردارن ۽ پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان غداري ڪندڙ سمنگ، نائون مل، ٽيڪ چند جهڙن ڪردارن کي بهترين نموني وائکو ڪيو ويو آهي.
سجاد اختر ٽالپر جو هي ناول هڪڙي ڪهاڻي ناهي پر هڪ تاريخ آهي جيڪا هن ننڍڙي ناول ۾ سموهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي اميد ته سندس ناول پڙهندڙن کي هڪ تاريخ ۽ محب وطن ڪردارن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ سياسي شعور ۽ سمجهه پئدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو.
[b]زاهد راڄپر _ نوشهروفيروز[/b]
03002845176
25_ 04_ 2017ع